سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1966ع

مضمون

صفحو :10

 

”مهراڻ“ جا موتي

 

آسمان ۽ زمين ۾ بيشمار نشانيون آهن: ليڪن بي سمجهه ماڻهو بيخيال ٿي ڪري، لنگهي وڃن ٿا. ان طرف منهن ئي نٿا ڪن. انهن کي دليون ته آهن، پر بصيرت کان ڪم نٿا وٺن. قرآن شريف

الله· تعاليٰ کان اهي ئي ڊڄن ٿا، جن کي آثار فطرت جو علم ٿئي ٿو. قرآن شريف

بصيرت وارن لاءِ، رات ۽ ڏينهن جي گردشن ۽ بدل سدل ۾ وڏي عبرت لڪل آهي. قرآن شريف

هزارين انقلاب آيا، لکين حادثا گذريا - باوجود ان جي ڪائنات جي عناصرن ۾ جو تناسب ۽ موزونيت ۽ حسن ۽ ترتيب آهي - اهو هڪ شاهد عادل آهي ته اهو سڀ ڪجهه، هڪ ذات پاڪ جي ڪامل قدرت کانسواءِ ناممڪن آهي. اها ”ذات“ سڀ کان زياده علم ۽ اختيار واري آهي. آئزڪ نيوٽن

ڪائنات ۾اهڙا اسرار ۽ رموز لڪل آهن، جن تي جيترو به زياده غور ٿو ڪجي، اوترو وڌيڪ ”حيرت“ پيدا ٿي ٿئي. يقيني طرح سان هيءَ حقيقيت ثابت ٿي چڪي آهي، ته هن ڪائنات جي ساري نظام ۽ ان جي تخليق جي نگرانيءَ ۾ ڪا عظيم، ازلي ۽ ابدي قوت موجود آهي. هربرٽ اسپنسر

قادر - مطلق عجيب غريب تخليقي ڪارنامن سان منهنجي اڳيان جلوه گر آهي. مان سوچيندي سوچيندي حيرت زده رهجي ٿو وڃان، ته ڪيئن نه هڪ معمولي چيز سندس حڪمت ۽ ايجاد جو اثر سان ڇا مان ڇا بنجي پيئي آهي. ليني

طبعيات جو علم، اسان کي رڳو ڪي مادي حقيقتون نٿو ڏيکاري. ان جو اصل مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي عقل ۽ بصيرت جي نگاهه، موجودات جي خالق ڏانهن ڪريون، جو جمال ۽ جلال، ٻنهي جو ڪامل مظهر آهي. فونتل

آءُ تسليم ٿو ڪريان ته ”مان آهيان“. جڏهن ”مان آهيان“، تڏهن ”هو“ به آهي! هيوم

اي خالق، ڪائنات، بي مثيل ۽ بيمثال ذات! مون تنهنجي متعلق ڄاڻي ٻجهي ٿي گناهه ڪيا آهن.

پهريون اهو ته تنهنجي ذات، انسان جي ادراڪ ۽ شعور کان ماورا آهي، عقل ۽ مشاهدي کان بلند آهي. تاهم پنهنجي تسڪين لاءِ، مون توکي صفات سان متصف ۽ موصوف بنايو، ۽ باوجود ”زمان ۽ مڪان“ جي اضافي هئڻ جي، توکي هن ”زمان ۽ مڪان“ جي حدن ۾ محدود سمجهيم.

ٻيو ته تنهنجي ذات، زمان ۽ مڪان، مثال ۽ مظاهر کان ماورا آهي. تاهم تنهنجي لاءِ مندر بنايم. ان ۾ ٺاڪر ۽ بت گهڙيم. تنهن اڳيان ڪنڌ نمايم. تنهنجي اڳيان ڀڄن ڳايم، توکي ستايم ۽ پنهنجو حال سڻايم. حالانڪه تون هر هنڌ آهين، ۽ تنهنجي وجود جو موجود هجڻ منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.

ٽيون ته اضافي صفتن کي بنائي، تنهنجي مدح ۽ ثنا ڪيم. تنهنجي تعريف ۽ اصطلاح ۽ محاورا تراشيم. حالانڪه محسوس ٿو ڪريان ته اها مدح تنهنجي بيمثال ذات جي حق ۾ قدح ۽ هجوَ ته ناهي! ڇو ته تنهنجي ذات اسان جي مدح ۽ حمد جي هر قدر ۽ معيار کان گهڻو ماورا آهي. اي الله·، مون کي اهي ٽيئي گناهه معاف ڪر! شنڪر آچاريه.

اگر اوهان طمع ۽ لالچ کان جند ڇڏائڻ گهرو ٿا، ته پوءِ سڀ کان اول ان جي ”ماءُ“ يعني ”عيش“ جو ڪنڌ ڀڃڻ گهرجي. سسرو

سڀ کان وڌيڪ رحم جي قابل آهي، لالچي ماڻهو. مزنز

غم جي شدّت ۽ عذاب وقت، پنهنجي مٿي جي وارن کي پَٽڻ حماقت آهي، ڇو ته گنجي بنجڻ سان ته غم نٿو لهي. باٽن.

زندگيءَ مان اگر غم هليو وڃي ۽ زندگي سراپا مسرت بنجي وڃي - ته پوءِ اها زندگي ته ”دوزخ“ بنجي چڪي. برنارڊ شا.

”مسرت“ هڪ متواتر ۽ مستقل طرح سان فريب ڏيندڙ چيز آهي. سوفٽ

زمين ايتري ته ”مهربان“ آهي، جو جڏهن سندس سيني کي اوزارن سان ڪتڪتايون ٿا ڪڍون، تڏهن سندس پاڪ چپن تي اناج جو تبسم ٿو ٻهڪي. ڊگلس.

ماڻهو جيستائين ڪنهن شخص، ڪنهن قوم، ڪنهن مذهب، کان ”نفرت نٿا ڪن تيستائين ڪا خوشي محسوس نٿا ڪن! الائي ڇو؟ رسل

بيوقوف جي جنت، عقل وارن لاءِ ”دوزخ“ آهي. (فلر)

شيطان نهايت ”شريف“ آهي. هو انهن هنڌن تي وڃي ئي ڪونه، جتي سندس ساٿي هجن ۽ نه سندس استقبال ڪندڙ هجن. (لنڪن)

تاريخ معمولي ۽ غير اهم واقعات جو اهو دفتر آهي، جنهن کي لکندڙ، ڪڏهن ڏٺوئي ڪينهي! (هربرٽ)

هر شخص تاريخ کي جنم ڏئي سگهي ٿو، پر بيان ڪري نٿو سگهي. (وهائٽ)

اسان تاريخ مان اهو سکيا آهيون، ته اسان کي تاريخ ڪجهه به نٿي سيکاري. (هيگل)

تاريخ جو اهو ”متن“، جنهن تي دروغ گوئيءَ، الزام تراشيءَ، اجائي مدح ۽ غلط قسم جي هجوَ جو حاشيو نه چڙهيل هجي، مون کي ته نه سجهي. (ريناٽول)

تاريخ، انسان جي بدنصيبيءَ جي تصوير آهي. (والٽيئر)

انسان لاءِ، ان احساس ۽ اعتراف کان وڌيڪ ڪا خطرناڪ چيز نه آهي، ته هو ڪو هميشه سچ ٿو ڳالهائي. (گرامي)

انسان جي ڪمال جو اهو معيار نه آهي ته هن وٽ ڇا آهي؟ پر سچو معيار اهو آهي ته هُو ڇا آهي؟ (گرمي)

زياده ڪم نه، پر هڪ ئي ڪم، زياده ڪرڻ گهرجي. (ڪوڪ)

مون اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي جنهن ۾ پنهنجون سڀ صلاحيتون ۽ قوتون صرف نه ڪيون هجنم. (چارلس ڊڪنز)

مان جو ڪم شروع ٿو ڪريان، ان کي ائين جنبي ٿو وڃان، ڄڻ ته منهنجي لاءِ دنيا ۾ ٻيو ڪو به ڪم رهيو ئي ناهي! (چارلس ڪنگسلي)

يڪسوئيءَ ۽ توجهه سان، ڪمزور ماڻهو به ڪونه ڪو ڪم ڪري ٿو وجهي، پر پريشان ۽ منتشر طبعيت وارو، طاقتور هوندي به ڪجهه ڪري نٿو سگهي. پاڻيءَ جو هڪ قطرو لاڳيتو اگر پٿر جي ڇپ تي ڪِرندو رهندو ته اهو هڪ ڏينهن منجهس ٽُنگ ڪري وجهندو، ۽ جلد باز لهرون ٿوري وقت لاءِ ته شور پيدا ڪن ٿيون، پر اکڇنڀ ۾ گذري وڃن ٿيون. (ڪارلائل)

 

*---------*---------*

 

 

 

 

 

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

 

- ”مان اوهان کي، پنهنجن ويچارن جي وهڪ جي موج وٺائڻ ٿو چاهيان، پنهنجي ويچار ساگر ۾ سئر ڪرائڻ ٿو چاهيان. اوهان کي جدا جدا بندر ۽ مندر ڏيکاريندس، جي اميد آهي ته اوهين ڏسي خوش ٿيندا. منهنجو مطلب آهي ته مان اوهان کي ڏيکاريان ته اسين، ”پنهنجي يونيورسٽي“ پاڻ ٺاهي ٿا سگهون.

ماڻهپو، علم، هنر، پاڻ پلڻ، سادي رهڻي ۽ اُوچا ويچار، هر هڪ جا حق آهن. سوال آهي ته انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سهولتون گهڻن کان گهڻن ماڻهن لاءِ ٺاهيون ۽ ورهايون.

اسان مان ڪيئي لڪل سَنت، سچار، سورما، سُکي، سکدائي، شيوڪ، پنهنجي يونيورسٽيءَ جي وسيلي ڳولي، جاڳائي، پاڻ سڌار لاءِ تيار ڪري ٿا سگهجن.

”پوتر پستڪ آهي - دل جو دفتر. اصل کان عارفن کي دل جو ڪتاب ڪافي آهي. هر هڪ انسان کي اندر مان اشارا اچن ٿا. ڪيئن اندر جي ريڊيو کي اهڙو ته اڇو ۽ اُجرو ڪجي، جو سٺي کان سٺا ۽ صحيح کان صحيح اشارا جهٽي سگهي: اهو آهي پيغمبري پستڪ:

”ڏي ٽُٻي لَهه ٽول، تون عين اندر دا کول“

هيءُ سانت ۽ ايڪانت جواسڪول، دل جي اندر، ماٺ جي مندر جو وديالو ته اسين ڪم ئي نٿا آڻيون. انهن يوگ آشرمن، صوفيانه آسٿانن کي ته اسين ڪم آڻڻ ۽ سڌارڻ، ڪو سکيا جو حصو ئي نٿا سمجهون.

عبادت، پرارٿنا، روحاني روشنائي، نفس ملهمئه الهام جي حد تائين روح کي پهچائڻ، اهو آهي انساني ترقيءَ جو وڏو راز. اهو راز به پنهنجيءَ يونيورسٽيءَ جي وسيلي ڳولي ۽ پاڻ سڌاري، ڪم ۾ آڻي سگهون.

”دل را به دل رهيست، در اين گنبَد سفيد.“

دليون دلين سان، بي تار جي تار سان ڳنڍيون پييون آهن. دل جي دفتر ۽ دل جي دنيا جاچڻ وارن لاءِ، اعليٰ ۾ اعليٰ سکيا جو وسيلو آهن. غيب مان اشارا اچن ٿا، پر جي اهي سانت ۽ ايڪانت ۾، پوترتا ۽ پاڪيزگيءَ جي وسيلي جهٽڻ جي ڪوشش ڪريون.

”سکيا ديس ۽ جواهري بندرن جو سئر ڪرائي، هلو ته مان اوهان کي، پنهنجي پستڪ مندر، ڪتب محل بندر جو سئر ڪرايان. اسڪول ۽ ڪاليج ئي فقط سکيا جا ساڌن نه آهن.

وڏا ۽ وسيع ڪتاب ۽ ساڌن، ته آهن ئي ٻيا_ وڏي ۾ وڏو ڪتاب آهي، قدرت جو ڪتاب.

ورڊ سورٿَ ڪويءَ چيو آهي ته بهاري بوستان جي هڪ لهر، اسان کي ڪيترا ڀيرا، انساني چڱائيءَ مندائيءَ جيايرتي سکيا ٿي ڏيئي سگهي، جيتري سوين سياڻا نه ڏيئي سگهن. شيڪسپيئر چيو آهي ته پٿرن ۾ پستڪ اٿَو، وڻن ۾ وائي، ڪسين ۾ ڪتاب، جي ڌان ڏيئي جهٽيو ته. سعديءَ فرمايو آهي ته:

برگ درختان، سبز، درنظر هوشيار،

هر ورق، دفتري ست، معرفتي ڪردگار.

وڻن جا پن، هوش وارن جي نظر ۾ دفتر آهي ڄاڻ جو، مطلب ته اصل کان عالمن کي قدرت جو ڪتاب ڪافي آهي.

”اصل ڳالهه آهي، رب جي اشاري تي هلڻ جي ”يونيورسٽي“، جا آهي سنتن پيغمبرن ۽ خدائي رهبرن جي يونيورسٽي. هن ۾ انسان پنهنجي اِڇا کي ايشوري اِڇا سان هڪ ٿو ٺاهي ڇڏي. هن ۾ سڄو وقت رب کي ياد ٿو ڪجي، ۽ هر وقت کانئس حڪمن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪجي ۽ ان موجب ٿو هلجي.

ان طرح ساهتيه ۽ ادب، علم ۽ سچ، هنر ۽ فهم، پاڻ پلڻ ۽ لاطمع ٿيڻ، صفائي ۽ صحت، صبر ۽ راضپي، خودشناسيءَ ۽ خداشناسيءَ جون ”رباني يونيورسٽيون“، هر هنڌ لهي ۽ سمجهي، سڀني کي سکدائي سکيا لاءِ ڪم ۾ آڻي ٿيون سگهجن.“

 

(”پنهنجي يونيورسٽي“ - لکندڙ: پروفيسر شيوارام اين. ڦيرواڻي. ڇپيل: 1941 ع، ڇپائيندڙ: ڪوڙومل سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد، تان ورتل، چونڊيندڙ: پرڀو ”ناشاد“، حيدرآباد سنڌ.)

 

 

ادبي خط

 

محترمي ايڊيٽر ”مهراڻ

السلام عليڪم: ”مهراڻ“ رسالي جا ٻه ضخيم پرچا، ”ڏهه - ساله نمبر، اشاعت خاص“ جي سلسلي ۾ مطالع ڪيا ويا. بيشڪ ”مهراڻ“ پنهنجي معيار جي لحاظ سان سنڌي ادب ۾، پر ان سان گڏ علاقائي ادب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ”مهراڻ“ جي مواد کي سهيڙيندي ۽ سموهيندي، اوهان ادب ۽ فڪر جي عالمي قدرن کي اڳيان رکي، جيڪو انتخاب پيش ڪريو ٿا: اهو لاجواب به آهي، ۽ دائمي طرح سان زنده جاودان رهڻ جي لائق به آهي.

اوهان هڪ هنڌ ”رسالي“ لفظ جي لغوي ۽ معنوي حيثيت بيان ڪندي لکيو آهي: ”رسالي جي معنيٰ، لغت جي حيثيت سان آهي، پيغام پهچائيندڙ. پر فني خيال کان رسالي جو مطلب ٿيندو، روح، عصر جو پيغام، پنهنجي عوام ۽ اهل علم طبقي ڏانهن - ”رسالو“ هڪ حيثيت سان ڪتاب به آهي. - ڇا لاءِ ته ان جي مواد ۾ ظاهري طرح سان، ”ادب ۽ فن“ جون مختلف صنفون اچي وڃن ٿيون، جن جي انتخاب ۽ ترتيب وقت مرتب ۽ چونڊيندڙ اڳيان هڪ فڪري ۽ شعوري ربط ۽ نظم رهي ٿو .. جنهن سان مواد ۾ روح، عصر جو پيغام لڪل رهي ٿو. ”رسالو“، ٻي حيثيت سان به ڪتاب نه به آهي. - ڇا لاءِ ته ان ۾ مختلف خيالن وارا، مختلف مذهبن وارا، مختلف مقصدن وارا، ۽ مختلف مڪتب فڪر وارا ماڻهو: زندگيءَ ۽ معاشري جي مختلف مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق به ڪن ٿا ته اصلاح لاءِ تنقيد به ڪن ٿا ... ان قسم جون لکيتون نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ ٿين ٿيون. ان طرح رسالو گويا، منطق ۽ ڪلام جي ٻنهي ترجمان حيثيتن - نثر ۽ نظم - جو سنگم به رهي ٿو ۽ ان سان گڏ زندگيءَ جي اهم مسئلن جي تحقيق ۽ تنقيد تي مختلف مڪتب _ فڪر وارن ماڻهن جي مواد تي به مشتمل رهي ٿو.“

(غ. م. گ: مهراڻ ڏهه _ ڏهه سال نمبر 2  - ص634 )

ان علمي اقتباس جي روشنيءَ ۾، اگر غور سان ڏسجي ته پوءِ، ان معيار تي فقط ”مهراڻ“ ئي فائز نظر اچي ٿو، جو واقعي روح، عصر جو پيغام به آهي ۽ پيغامبر به آهي. جنهن جو تعقل عوام سان گڏ، معاشري جي صاحب - فڪر ماڻهن سان آهي. خاص طرح سان ”مهراڻ“ جا هي ٻئي ضخيم پرچا، فڪر ۽ مواد جي حيثيت سان وڏي حيثيت ۽ مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن.

”مهراڻ ڏهه - سال نمبر جي پهرئين حصي (1  - 2  / 1965ع) ۾، هن ڀيري هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو اٿوَ. اُها اِها ته نظم جي حصي کي وڌيڪ افادي ۽ جامع ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ، هڪ شاعر جي هڪ صنف ۾ فقط هڪ چيز ڏيندا هئا. وڌ ۾ وڌ ڪنهن مشهور شاعر جي هڪ کان وڌيڪ چيز به ايندي هئي. هن ڀيري، اوهان هر هڪ شاعر جون مختلف چيزون ڏيئي، هڪ طرف شاعر جي فن ۽ فڪر جي نمائنده حيثيت ظاهر ڪئي آهي، ۽ ٻئي طرف پڙهندڙن لاءِ اها سهولت پيدا ڪئي آهي، جيئن هو هر هڪ شاعر جي فن، هيئت، فڪر، پيغام، بيان ۽ انداز بيان، شاعرانه حيثيت، زبان جي صحت، لفظن جي جوڙجڪ، ڪلام جي رنگينيءَ ۽ شيرينيءَ کي هڪ ئي مطالع ۾ پَرکي ۽ پَروڙي سگهن. ان سلسلي ۾ اوهان سنڌ جي گهڻو ڪري سڀني محب وطن، ۽ مشهور شاعرن جو ڪلام پيش ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اها روايت گهڻو اڳ شروع ٿيڻ کپندي هئي. خير، دير آيد درست آيد جي مصداق، هاڻي به غنيمت آهي.

ان سلسلي ۾ اوهان پورا ٻاونجاهه شاعر پيش ڪيا آهن. ان انداز کي ڏسي دل خوش ٿي ٿئي ته اسان جي مٺڙي سنڌڙيءَ ۾ باشعور جي ايتري آثاٺ ڪانهي.

ذرا نم هو ته يه مٽي، بهت زرخيز هي ساقي.

شاعرن جي نالن تي اگر نظر ٿي وجهجي ته پوءِ ظاهر ٿو ٿئي ته اوهان جو انتخاب، عملي ۽ فني حيثيت سان ڪيل آهي. اوهان قديم ۽ جديد جي فرق ۽ امتياز کان بالا رهي شاعرن کي پيش ڪيو آهي. حتيٰ ڪ، مولوي خير محمد نظاماڻيءَ ۽ مولوي احمد ملاح جو ڪلام به شايع ٿيو آهي. مولوي احمد ملاح جي غزل جو مطلع آهي:

اڄ ته باغن ۾ بهاريون، واه قدرت رب ڪريم،

اڄ به ملڪن ۾ ملهاريون، واه قدرت رب ڪريم!

اهو غزل چوڏهن شعرن تي مشتمل آهي ۽ رب ڪريم جي قدرت جو رنگين ۽ اثر آفرين نقش چٽيل آهي.

ان طرح مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي غزل جو مطلع آهي:

ڪنهن کي ڪنهن جي ياد آهي، آءُ تنهنجي تات ۾،

گفتگو تنهنجي ٿي نڪري، هر گهڙيءَ هر بات ۾،

هي غزل به الله· تعاليٰ جي حمد و ثنا ۾ آهي ۽ نهايت جاذب نگاهه آهي. هڪ شعر واه جو آهي!

شيشهء اوصاف مان ڏسجي، وجود پاڪ پيو،

آهي حيران ۽ پريشان فلسفي ڇو ذات  ۾.

ٻيو شعر آهي:

”تون ئي تون“ آواز آهي، آبر جو ۽ باد جو،

تنهنجو جلوو رونما ٿيو، برق ۾ برسات ۾.

ان پهرئين پرچي ۾، جناب مخدوم محمد زمان صاحب” طالب الموليٰ“ جا ايڪٽيهه بيت ڏنا ويا آهن. اهي بيت، فني حيثيت سان شاهڪار آهن، ۽ روايت جي حيثيت سان جدت پسند. انهن بيتن مان ثابت ٿو ٿئي، ته اسان جي ڪلاسيڪي ۾ به اڃا ترقيءَ ۽ جدت پذير اضافن جي گنجائش آهي.

جناب مخدوم صاحب جن، قديم روايت جي خلاف، ”پيرن“ کي موضوع سخن بنايو آهي. اسان جا فارسي، اردو، سنڌي ۽ هندي شاعر، هميشه چشم و گوش، خدوخال، زلف ۽ اَبرو کي بيان ڪندا آيا آهن. ديدار ۽ ملاقات، وصال يار ۽ زيارت جي سلسلي ۾ اسان جا شاعر، اکين کي وڏي حيثيت ڏيئي چڪا آهن. اوهان فارسيءَ ۽ اردوءَ، عربيءَ ۽ هنديءَ، بلڪ جديد شاعري ۽ مغربي شاعريءَ تائين، ”اکين“ کي وصال يار جي ”علامت“ ڏسندا ايندا. لطيف به ”اکين“ لاءِ چيو آهي ته ”اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان“، يا چيو اٿس ”اک اشهد چاءِ، ته مشاهدو ماڻين، يا ”... ڪڍي ڪانگن کي ڏيان“، يا ”نيڻين جهڙ نه لهي“ وغيره. ان طرح شاعرن جا هزارين مثال گڏ ڪري سگهجن ٿا.انهن جي مقابلي ۾، ان ”روايت“ ۾ جدت پسندانه انداز ۾ اضافو ڪري، مخدوم صاحب جن، ”پيرن“ کي بيان ڪيو آهي. وصال يار لاءِ اکيون اوجاڳا ٿيون ڪن، اکيون ننڊ ڦٽيون ڪن، اکيون برسات وانگر پيون ٽمن، اکيون انتظار ۾ کليل آهن، اکيون در ۾ کُتل آهن، اکيون تارا پيون ڳڻين. اهي مضمون ٻڌي ٻڌي، ڪَنَ ئي پچي پيا آهن. مخدوم صاحب، ان هيئت ۾ فني اضافو ڪري ٻڌايو آهي ته اهي پير ئي آهن، جي وصال يار لاءِ منزلون ٿا هڻن، سنگلاخ واديون ٿا لتاڙين، بَرَ پَٽَ ۽ ڏونگر ٿا جهاڳين، پٿرن ۽ مِٽيءَ مان پار ٿا پون، ڪَنڊن ۽ ڏکين پيچرن کي ٿا طئي ڪن، پاڻ کي پٿون ڪريو ڇڏين. پر اڄ تائين ڪنهن به شاعر، ”پيرن“ جي ان عقوبت ۽ ابتلا کي وزن نه ڏنو آهي. روايت جي اضافي طور ته بيشڪ اها هڪ جديد روايت چئبي، پر ان سان گڏ ڏسڻو اهو آهي ته ان روايت کي ڪيتري حد تائين نباهيو ويو آهي.

ان نباهه ۾ ڪيتري شاعري آهي - آيا شاعرانه انداز به باقي رهيو آهي يا نه؟ آيا رقت ۽ سوز، گداز ۽ ساز جي ڪا رمق به آهي يا نه؟ آيا رنگيني ۽ شيريني به آهي يا نه؟ دلاويزي ۽ دلبري آهي يا نه؟ لفظن جي خوبي ۽ انداز جي خوش اسلوبي به آهي يا نه؟ ٻيو ته ڪلاسيڪي انداز واري هيئت، سادگي، سچائي، رواني ۽ جادو بياني به قائم رهي آهي يا نه؟ ان سلسلي ۾ به اهائي راءِ قائم ٿي سگهي ٿي ته اهي ايڪٽيهه بيت هر لحاظ سان، مثالي شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. انهن ۾ زبان جي صحت ۽ شائستگي به آهي، انداز بيان جي رنگيني ۽ شيريني به آهي، مضمون ۽ فڪر جي آراستگي به آهي، واقعات ۽ حالات جي نقش گري به آهي، ڇندوديا موجب صحت ۽ پختگي به آهي.

ان مان ثابت ٿو ٿئي ته جناب مخدوم صاحب جو فن، مجتهدانه اضافن سان سينگارجي ۽ سنوارجي چڪو آهي. ۽ اسان جي قديم هيئت، روايت جي قديم انداز بيان کان وڌي، هڪ ندرت آميز ۽ جدت پذير رنگ وٺي چڪي آهي. مخدوم صاحب جو اهو اجتهادي انداز  - فڪر اسان جي شاعرن لاءِ تقليد ۽ تتبع جي لائق آهي.

مخدوم صاحب جن جو بيت آهي:

دلبر گهڻو دور هو، ات پُڄايو پيرن،

جن رندن سڀئي رت ڪيا، تن شابسون هجن،

ويچارن وَڙَ ڪيا، مون مٿي ميرن،

مڃيا احسان ان جا، چاهه منجهان چشمن،

سي چميو ۽ چمجن، ”طالب موليٰ“ طلب ۾.

”پيرن“ جي ڪيفيت بيان ڪندي، جا شاعرانه نڪته سنجي ڪئي ويئي آهي، ان مان حظ ۽ سرور ته فن جا ڄاڻوئي وٺي سگهن ٿا. ٻڌايو ويو آهي ته دلبر تائين پيرن ئي پهچايو آهي، پيرن ان سلسلي ۾ رندن تي رت وهايو آهي، ويچارن وڙ ڪيا، تن کي شابسون هجن،  - ان کانپوءِ اها قديم روايت ٿي اچي، جنهن ۾ هميشه اکين کي ديدار يار کان محظوظ بيان ڪبو آهي. پر ان ۾ اها جدت پيدا ڪئي ويئي آهي جو خود چشمن کان اعتراف ڪرايو ويو آهي ته اهي پير نه هجن ها ته هوند، ديدار يار جي نعمت ملي ئي ڪانه ها! ان ڪشمڪش ۽ اضطراب کي هن طرح اکين جي زبانيءَ ۾ اعتراف طور بيان ڪيو ويو آهي:

”مڃيا احسان ان جا، چاهه منجهان چشمن“.

ٻئي هنڌ، ان ڪشمڪش جو موازنو هن طرح ڪيو ويو آهي:

اکيون به آهن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن،

هو رئن ٿيون رت ڦڙا، هي ڦٽجيو ٿا ڦٿڪن،

هو بيوس آهن برهه ۾، هي هيجئون اٿيون هلن،

هو نهارين نجيب کي، هي تِرُ نٿا ترسن،

هو اٻاڻڪيون عجيب لئي، هي رندن منجهه رلن،

احسان ڪيا اکين تي، پرت منجهان پيرن،

”طالب موليٰ“ طلب ۾، چميو، چميو چمجن،

جهلئي نٿا جهلجن، هلندي پنهنجي حبيب ڏي،

ڇا رنگيني ۽ لذت آهي! ڇا شيريني ۽ خوش بيان آهي! ”جهلئي نٿا جهلجن“ چئي، ”پيرن“ جي ڪشمڪش کي شاعريءَ جي بلند مرتبه روايت بنايو آهي.

اکيون اعتراف ڪندي، هڪ هنڌ وراڻين ٿيون:

رويو رويو، اکيون، اچو پيرن مٿي پون،

چميو تن کي چاهه مان، ڌوڙ سندن ٿيون ڌون،

اينهن اشارن ۾، چريون، گونگيون چون،

ته هي سلامت هون، اسان سندا آسرا.

آخر ۾ آءُ جناب مخدوم صاحب جن جي خدمت ۾ ان مجتهدانه روايت جي خالق جي حيثيت ۾ مبارڪون عرض رکڻ کان رهي نٿو سگهان.

اياز جي ڪلام جو انتخاب به نهايت لذيذ آهي. غزلن ۾ ”هيءَ سينَ نه ڏيندي چَين“، پنهنجي انفرادي انداز سان، تاثر جي هڪ والهانه ڪيفيت پيدا ڪئي آهي.

جنهن وقت اسان جي تند تپي، ۽ ساز ٽپي، آواز جهپي،

تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا!

اياز ”ذرا عمر رفته ڪو آواز دينا يا ”صبح هوتا هي شام هوتي هي“ جي روايت کي جنهن جديد ۽ پراثر قالب ۾ پلٽيو آهي، ان جو مثال مشڪل ملندو. اياز عمر رفته کي اجهو هيئن ٿو بيان ڪري:

ڪنهن ڪاريءَ چَڳ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳَلَ تي باکَ ڦُٽي،

اينءَ وقت ڪَٽيو، اينءَ عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا!

زندگيءَ جي مهراڻ مَتَل جي دهشت ۽ دڙڪن ۾ انسان جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ اهو شاعراڻو ۽ صوفياڻو مضمون آهي. اياز ان ۾ جدت آميز اضافو ڪيو آهي، چي:

آ چوڌاري مهراڻ متو، جنهن جو نه پَهي، جنهن جو نه پَتو،

هي روح جزيرو حيرت جو، جنهن منجهه سمايو آ پيارا.

”مهراڻ“ جي لامنتها ۽ وسيع، پُر خطر ۽ دهشت انگيز ڪائنات، جنهن جو نه پَهي نه پتو آهي! ان ۾ انسان، يعني زندگي، جنهن کي ”اياز“ ”روح جي استعاري ۾ بدلايو آهي، چوي ٿو ته ان ”مهراڻ“ ۾ ”روح ويچارو ”حيرت“ جو جزيرو آهي! روح کي حيرت جو جزيرو چئي، ڪائنات ۽ انسان جي ربط ۽ تعلق کي، فلسفيانه توڙي حقيقت پسندانه انداز ۾ آسمان تي پهچايو ويو آهي. دلچسپ امر اهو آهي ته ان خيال کي شاعراڻو لباس پهرائي، هڪ عجيب ۽ غريب ڪيفيت پيدا ڪئي وئي آهي.

زندگيءَ جي شور ۽ شر، اشتعال ۽ فتني، اختلاف ۽ انحراف جي خلاف، هر شاعر احتجاج ڪيو آهي، افهام ۽ تفهيم لاءِ دليل ڏنا آهن. عالمن منصور ۽ سرمد جي زبانيءَ، ڪيئي دفاعي دليل پيدا ڪيا آهن. اياز چيو آهي:

هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجهه ڏاتِ ڏسو، پو بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا!

ان شعر ۾، ابتلا ۽ مصائب جي صاحب کي وڻجارو چئي، هڪ نئون ڪردار پيدا ڪيو ويو آهي، جو پنهنجي افاديت پسند وکر کي ”هيرا چئي ٿو آڇي ۽ سنگباري ڪندڙن کي ڪنهن ”ڏات“ کي ڏسڻ لاءِ وينتي ٿو ڪري. اتي هيرن جي آڇ ۽ پٿرن جي موٽ، عجيب شاعرانه تلازمو پيدا ڪيو آهي، جو لاشعوري طرح بيان ٿيو آهي. ان سان گڏ يقين ۽ اطمينان سان چوڻ ته ”پو بات ڪريو“ منطقي استدلال جو روح آهي. آخر ۾ ”هي شور اجايو آ پيارا شعر ۾ جان پيدا ڪئي آهي. ان شعر ۾ دعوا، دليل، نتيجو، خبر، تسڪين ۽ بيباڪي موجود آهي.

اياز جو هڪ مطلع آهي: وري عشق بازي، اڙي دل اڙي دل!“ ۽ ٻيو مطلع آهي: ”اکيون آرزوئون، اکيون التجائون“، ٽيون آهي: ”ڀري جام پنهنجا پياڪو، اچو“  - اهو انداز بيان غزل جي انداز ۽ روايتي حيثيت ۾ فني اضافو آهي. انداز بيان جي جدت سان گڏ، مواد ۽ خيالات جي ندرت، اياز جي فن کي بيشڪ ممتاز مقام عطا ڪيو آهي.

تنوير عباسيءَ جي ”فن“ پنهنجي سادگيءَ ۽ حقيقت پسندانه حيثيت سان واهه جا ترقي ڪئي آهي. سندس ذوق جمال ته ڏسو:

ڪنهن جيءُ جنجهوڙي جاڳايو، جو روح به پاسو اٿلايو،

ڪنهن سيرانديءَ کان آهه سڏيو، ڪنهن پيار مان ٻهه ٻهه ٻوليو آ.

ڪشمڪش ۽ يافت جي تصوير چٽيندي چيو اٿس:

ڏس واريءَ تي ٿي باک ڦٽي، ڏس اوڀر کي ٿي لاک لڳي،

ڏس مارڳ تي ٿي ماڪ وسي، هي صبح ته ”تو  - مون“ ڳوليو آ.

هن شعر ۾ ”مون  - ڳوليو“ چوي ها ته پوءِ اهو شعر، خيال ۽ حقيقت جي حيثيت سان فقط ”انفرادي تاثر“ رهجي وڃي ها: پر ان ۾ ”مون“ سان گڏ ”تو“ آڻي، ان ۾ تعميمي افاديت پيدا ڪئي ويئي آهي. جا تحسين جي لائق آهي. ان طرح سندس وائي ۽ گيت به سهڻا آهن. ڌرتي، ڪاغذ جو گل، مان، خاموشي، ماڻهو ۽ تارا، پڙاڏو ۽ سڏ، هر لحاظ سان معياري چيزون چئي سگهجن ٿيون.

نظم جي حصي ۾، امداد حسينيءَ جي ڪلام جي چونڊ، پڻ هر لحاظ سان مٿي بيٺي آهي. ”امداد“ جو فن پنهنجي ٿوريءَ حياتيءَ جي حيثيت سان تجربي ۽ مشاهدي جي چوٽيءَ تي پهتو آهي. ڏسندي ڏسندي، هي نوجوان شاعر پنهنجي جوڙ جيس دوستن کان ڪسر کڻي چڪو آهي. ”امداد“ جي فن ۾ جا وسعت آهي، ان جو اندازو تمام ٿورا ماڻهو ڪري سگهيا آهن. آزاد نظم، اگرچ فني حيثيت سان اسان وٽ اڃا تجربي ۽ نومشقي جي دور ۾ آهي، پر ڏسجي ٿو ته ”امداد“ سڀني يارن کان اڳ ۾ ان فن کي ڪاميابيءَ جي منزل تي رسائيندو ۽ بازي کڻي ويندو. ”امداد“ جو نظم ”حملو“ نهايت جذبات انگيز ۽ تاثراتي نقشگري آهي، جنهن ۾ صداقت جي پرستار، محبت جي وفادار، بلڪ محبت جي گنهگار جي انجام کي چِٽيو ويو آهي. ان نظم ۾ زور بيان، لفظن جي چونڊ، ماحول جي ترجماني، افسانوي جوڙجڪ، ڊرامائي سِٽا، خود بياني، نشتر زني، بيباڪي، منطقي موشگافي هر چيز داد جي قابل آهي. مثال طور:

ڪو ته هن شهر جو همدرد ۽ همدم هوندو،

ڪو ته هن شهر جو همراز ۽ ساٿي هوندو،

ڪو ته هن شهر جو معشوق ۽ جاني هوندو،

ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي،

ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي،

ڪو ته هن شهر جي ٻوليءَ جو ترنم هوندو،

سرد ۽ تيز هوائن ٿي ڪڙا کُڙڪايا،

ته ڪو انسان به ٿئي، شهر جي ماتم ۾ شريڪ!

”امداد“ وٽ ڪردارنگاريءَ جي سلسلي ۾ بيشمار علامتون آهن، جي زندگيءَ جي خفيف کان خفيف، نازڪ ۾ نازڪ، مخفيءَ کان مخفي، باريڪ کان باريڪ، حقيقت تان رسائي حاصل ڪن ٿيون. ”امداد“ پوريءَ زندگيءَ جون روشن توڙي ڪثيف حقيقتون، هڪ ئي نظم ۾ بيان ڪرڻ تي جا قدرت رکي ٿو، تنهن سندس مقام ۾ انفرادي امتياز پيدا ڪيو آهي. البت ڪٿي ڪٿي سندس زبان ۽ انداز بيان ۾ جو تشدد ۽ طنزي رنگ ٿو پيدا ٿئي، ان ۾ احتياط ۽ اعتدال جي روش قائم ڪرڻ جڳائي.

”مهراڻ ۾ گهر جي ياد، ماريا، نئون شعر، تاريخ، نهايت ڪامياب چيزون آهن.

”نئون شعر“ جي عنوان سان، سندس غزل نما نظم، يا نظم نما غزل ڇپيو آهي، ان جي بيپناهه رواني جو  ڪو حساب ڪونهي! نهايت سليس ۽ شيرين انداز ۾ ڇا ڇا نه چئي ويو آهي!

”امداد“ جو قلم يا دماغ هڪ قالب بنجي ويو آهي، ۽ سندس شعر سڪه بند، مثالن وانگر پلٽيا ٿا اچن. ٻولي سليس ۽ انداز ڪلاسيڪي، پر ذوق جمال جديد ۽ پيشڪش لذيذ چوي ٿو:

رات جو پوئين پهر، چنڊ جيان، منهنجي جهوليءَ ۾ جهُلي پيو آهين.

مون تي ڪنهن بند ٿيل در وانگي، پاڻ ئي پاڻ، کلي پيو آهن

ٺوٺ ڌرتيءَ جي کليل سيني تي، ڇولين وانگي ڇُلي پيو آهين.

ان ۾، جُهلي پيو آهين، کلي ...، ڇلي ...، گهلي ....، پي، ويو آهن، ۾ عجيب رواني ۽ لطافت آهي. معاف ڪجو، ”امداد“ جي ان چيز کي اگر اڌو اڌ ڪجي ۽ سندس پويان بند گڏي پڙهجن ته پوءِ مخمس جو هڪ بند بنجي ٿو پوي. پر جي، اهي شعر، مصرع ثانيءَ وارا، مصرع اول بنائجن ته هوند آزاد نظم بنجي پوي. مثال طور:

پاڻ ئي پاڻ کُلي پيو آهين، مون تي ڪنهن بند ٿيل در وانگي،

منهنجي سڀ زهر کي پي ويو آهين، مون تي امرت جا پيالا اوتي.

آخر تائين ان رعايت سان، ايترو عرض ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان، ته اڄڪلهه آزاد نظم ۾ رڪنن جي گهٽ وڌائيءَ ڪري، بعض وقتن تي جا شڪستگي ۽ ڪرختگي ٿي پيدا ٿئي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ، جيڪڏهن ”بحر ۽ وزن“ جي پابندي ڪئي وڃي، سا به رڳو ”بحر“ تائين (قافيه ۽ رديف جي تلازم کانسواءِ) ته پوءِ منهنجي خيال ۾ آزاد نظم جو حسن دوبالا ٿي وڃي. افسوس ته اهو آهي ته اسان جي يارن، آزاد نظم، نظم معريٰ، بلينڪ ورس، غير مقفيٰ، ۽ غير مردّف، ناموزون ۽ پابند شاعريءَ توڙي نثر مرصع جي لطيف ۽ فني فرق ۽ امتياز کي به اڃا نه سڃاتو آهي.

ان سلسلي ۾ نارائڻ شيام جو فن اسان جي ادبي ماحول ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي. مهراڻ ۾ آيل ٻه وايون نهايت سهڻيون آهن. انهن ۾ فني پختگي به آهي ۽ خيال جي گهرائي به آهي، ترنم ۽ رواني به آهي، اثر آفريني ۽ جذب به آهي.

منهنجي ناچيز خيال ۾ وائي سڀني شاعراڻين صنفن ۾ سڀني کان وڌيڪ اثرائتي پر روان دوان صنف آهي. هڪ ته ان جو وراڻو، نهايت ڇپندڙ ۽ اثر انگيز ٿو ٿئي. ڳالهه اها آهي ته وراڻو ته هرحال ۾ قائم دائم رهي ٿو، پر ان جو ٻيو ساٿي اهڙو ته تز ۽ صاف، سليس ۽ سادو هئڻ گهرجي، جو ڏسڻ سان تير وانگر هنئين ۾ کپي وڃي. ان جي سمجهڻ لاءِ نه دماغ تي زور ڏيڻو پوي ۽ نه شاعرانه فن جو دفتر اٿلائڻو پوي ته هي ڇا چيو ويو آهي؟

شيام جي پهرين وائيءَ جا پهريان ٽي بند واه جا آهن، ۽ ”ڪيئن نه چمي رابيل کي“ سهڻي ٻَڌڻي آهي. ڏسو:

ڏسندي ئي هرکيو هينون، نيڻن جو ويساهه ... ڪيئن نه چمي رابيل کي!

هلڪيءَ جنبش سان هوا، واسيندي وڻراهه ....

باقي بند سندس زور طبع جي پيداوار آهن.

ان طرح هري دلگير، هيمشه وانگر هن ڀيري به پاڻ موکيو آهي. سندس ڇپيل چيزون سندس فني پختگيءَ جو دليل آهن. سندس وايون ۽ بيت، نهايت رنگين مثال چئي سگهجن ٿا، جن ۾ نرمي ۽ رواني به آهي، حال ۽ خيال به آهي، ۽ ٻوليءَ جو پڻ عمدو مثال آهي. ”ڪير ته آهي!“ ۾ ڏسو:

ڪير اڪيلائيءَ ۾ مون سان پيو  ڳالهائي - ڪير ته آهي!

دور افق مان ويٺو يڪر ليڪا پائي  - ڪير ته آهي!

ڪير ڪويءَ کان گيت نوان ٿو روز چوائي  - ڪير ته آهي!

ان طرح ٻي وائي ڏسو:

”مان ته چوان ٿي آءُ، سڄڻ تون آءُ  - مگر تون آنهه ڪٿي؟“

ساري وائي سهڻن خيالن سان سينگاريل آهي.

هي آهن اهي شاعر جن جي شاعريءَ جي شهرت آهي. في الحال، شعر و شاعري تي نگاهه وارو حصو هتي ختم ٿو ڪريان. ائين نه سمجهڻ گهرجي ته باقي شعرن جو فن ۽ ڪلام ڪو اهڙو غير اهم آهي. ٻين شاعرن ۾ شمشير الحيدري، گوورڌن محبوباڻي، گدائي، نياز همايوني، بردو سنڌي، محسن عباسي، ذوالفقار راشدي، قمر شهباز، شاد، وفا آثم، راز ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، استاد بخاري، ڊاڪٽر خادم سدارنگاڻي، موتي پرڪاش، نشتر ۽ سليم ڳاڙهوي سام جئنگاڻي، قيوم طراز، تاج بلوچ، پروانو ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ ٻيا صاحب، قدر جي لائق آهن. انهن جو منتخب ڪلام، هر خيال کان تعريف جوڳو آهي. ٻئي ڀيري انهن جي فن تي به عرض ڪندس.

ان طرح مهراڻ 1   - 2  / 1965 ع ۾ هن ڀيري ”غير ملڪي ٻولين جي شاعريءَ“ جي سلسلي ۾ ميدان جنگ ۽ خليل جبران جا ست گيت سنڌيءَ ۾ ڏنل آهن.

”ميدان جنگ“، سنڌي ادب جي مشهور ليکڪ رسول بخش پليجي جو انگريزي تان ترجمو ڪيل آهي. شاعر، ڪرسٽاف ٽيج، (4 5 7 1   - 1841 ع) ستن سالن واري جنگ جي هيبتناڪ تصوير چٽي آهي. مسٽر پليجي، ترجمي ۽ اصليت ۽ حقيقت وارو روح پيدا ڪيو آهي ۽ ترجمي جي فن کي هر لحاظ کان نباهيو آهي.

ان نظم ۾ جنگ جي وحشتاڪ نقشگري ڪري، انسان کي پنهنجي جنگ جو ۽ خون آشام روش کان نفرت ڏياري ويئي آهي. ميدان جنگ ۾ ڇا هوندو! تڙيندڙ لاشا، ڦٿڪندڙ ۽ زخمي زندگي، مرڻينگن جون آهون ۽ دانهون، وڍيل عضون جا ڍير، هزارين اکيون ۽ ٻانهون، لکين کوپريون ۽ منڍيون! لاتعداد ڌڙ! جنگ، موت جو وحشت پسند مظاهرو آهي. جنگ امن، ايمان ۽ انسان جي دشمن آهي. جنگ، انتقام جي آگ آهي، جا سُڪن گڏ آلن کي به جلائي ٿي. جنگ هزارين جهڳا جلائي ٿي، لکين رنون زالون، ڪروڙين يتيم ٻار، مانيءَ جي گرهه لاءِ تاحيات تڙپندي گذارن ٿا.

هن نظم ۾ ان جنگ تي ۽ جنگ جي امن سوز ۽ انسان دشمن پهلوءَ تي نفرت آفرين رنگ ۾ نشتر زني ڪندي، هن طرح جذبات انگيز نموني ۾ اختتام ڪيو ويو آهي.

دنيا کي تهه و بالا ڪندڙ، اڄ هيچ آهي، فريڊرڪ اعظم سوڙي تابوت ۾ پيو آهي.

سڪندر اعظم هينئر ڌوڙ جو ٻڪ آهي.

ڪڪرن جو گجگوڙ وانگر، سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو: ....

انساني خوشي، فاتحن ۽ سورمن جي نالي ۽ ناموس کان بالاتر آهي.

اي قوم جا رهبر، هتي  - هنن سڪل هڏن مٿان هٿ رکي، قسم کڻ:

آءُ پنهنجي عوام جو صلح پسند اڳوان ٿيندس!

ان نظم جي مطالع ڪرڻ کانپوءِ، ڪو به انسان جنگ کي پسند نه ڪندو، جو آهي انسانيت جو عظيم مقصد.

باقي سڀ ڪالم، روايتي حيثيت سان تعريف جي لائق آهن. افسانا ۽ ناٽڪ وغيره.

مقالن ۾ ”جديد دور ۾ بين الاقوامي تعاون جو مسئلو“، عالمي نظريات جي ڇنڊ ڇاڻ تي مشتمل آهي. بروهي صاحب جي هن فڪر انگيز تقرير کي مطالع ڪرڻ، هر صاحب فڪر تي فرض آهي. اها تقرير ڪنهن به تعارف ۽ حاشيه آرائيءَ جي محتاج نه آهي.جويي صاحب ۽ سومار عليءَ جنهن انداز سان ترجمو ڪيو آهي، سو انداز اصليت جون سڪون ٿو لاهي. ”سامي زبانون“ لسانيات جي عميق مطالع جو شاهڪار آهي. پروفيسر واءِ . ايس . طاهر علي، مبارڪ جو مستحق آهي. باقي سڀ ڪالم  - مهراڻ جا موتي، ۽ تبصرا وغيره، مهراڻ جي روايت کي قائم رکيو ٿا اچن.

هن ڀيري اوهان کي گذارش ۾ فقط ٻه مسئلا پيش ڪيا آهن. هڪ جشن ڏهه سالا جي التوا جو مسئلو: ۽ ٻيو مهراڻ جي علمي ۽ ادبي ترتيب ۾ اصلاح جو مسئلو، جنهن موجب آئنده حصه نظم ۽ افسانا نه شايع ٿيندا. جشن مهراڻ لاءِ اوهان لکيو ته

”اميد آهي ته مهراڻ جي ڏهه سالا جشن جي التوا ۽ ان جي باقي سڀ تقريبات جو نعم البدل، ”مهراڻ“ جا هي ٻه ضخيم نمبر ٿيندا، جي پنهنجي علمي ۽ فني معيار جي لحاظ سان اڳتي هلي، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نمايان حيثيت حاصل ڪندا.

بيشڪ، مڃيوسون  -  مهراڻ جا ٻه ضخيم نمبر، ڏهه سالا جشن جو نعم البدل ٿيا. پر سوال اهو آهي ته، سنڌي ادب ۾ شعر و شاعريءَ، پنهنجي علاقائي حيثيت سان گهڻو بلند ٿي چڪي آهي. اوهان ڏهن سالن کان سنڌي شاعرن جي تخليقات کي معاوضو ڌاران شايع ڪندا آيا آهيون. ”مهراڻ“ جي تربيت ۽ حوصله افزائيءَ سان، ڪيترا ناليرا ۽ قابل فخر شاعر پيدا ٿيا آهن. آخر انهن جي جذبات ۽ خيالات جو قدر ڪير ڪندو؟ اسان وٽ باقي ٽي رسالا وڃي رهيا آهن: نئين زندگي، روح رهاڻ ۽ بادل! ته ڇا، اهي ٽي رسالا، سنڌي شاعريءَ کي پيش ڪري سگهندا، جي نڪي ضخيم آهن، ۽ نڪو منجهن ايتري گنجائش آهي.

ان سلسلي ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جي خدمت ۾ پُرخلوص التماس ٿو ڪريان ته جڏهن ته پاڻ چوٽيءَ جا سخن سنج ۽ شاعر آهن، ”مهراڻ“ ۾ دوباره حصه نظم ۽ افسانن واري باب کي کولائين. اهو مٿن شاعرن جو حق آهي. ان ڪالم ۾ اصلاح ڪرڻ بهتر آهي، بمقابلي بند ڪرڻ جي. ان طرح بورڊ جا لائق ۽ فائق ميمبر به توجهه فرمائيندا.

ان کانپوءِ، جشن مهراڻ جي سلسلي جو ٻيو ضخيم نمبر آهي. اهو نمبر ڏهن سالن 1955 ع  - 1965 ع تائين، جي مواد جو انتخاب آهي. ان ساري ضخيم نمبر کي مطالع ڪرڻ کانپوءِ اهو واضح ٿو ٿئي ته ان نمبر کي، ”سنڌي زبان نمبر“ چئجي، يا لسانسات نمبر ڪوٺجي.

سڀ کان اول، اوهان گذارش ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“، جي تشڪيل ۽ تعمير جي سلسلي ۾ تفصيل سان گفتگو ڪئي آهي، ۽ بورڊ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر ڪيو آهي. بيشڪ ”بورڊ“ علاقائي ادبي ادارن کان هر حال ۾ ممتاز به آهي ۽ قابل ستائش به آهي. سندس علمي ڪار گذارين کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. ان گذارش پڙهڻ کانپوءِ، بورڊ متعلق ڪنهن به غلطفهميءَ جي گنجائش نه رهي آهي. اسان کي ۽ سنڌي ادب کي ته بورڊ تي فخر ڪرڻ سونهي ٿو.

مواد جي سلسلي ۾ اوهان سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ۽ ڪلاسيڪي ادب کان وٺي لساني ۽ فني پهلوءَ تائين، وڏن وڏن عالمن جا مقالا ڏنا آهن، جن ۾ علامه دائود پوٽي، علامه آءِ . آءِ قاضي، مولانا وفائي، ڊاڪٽر بلوچ، عثمان علي انصاري، علامه ڪربلائي، ڀيرومل مهرچند، جا نالا قابل ذڪر آهن. ان طرح خالص لساني فن تي، ”ٻوليون ۽ سندن سٽاء ۽ ڦهلاءَ“، مسٽر محمد ابراهيم جويي جو مقالو آهي، جو ان موضوع تي هڪ ئي ڏنو اٿَو، اهو پنهنجي جاءِ تي معلومات افزا فني مسئلو آهي. ”تعليمي زبان“ جي عنوان هيٺ، سنڌي ٻوليءَ جي عظمت ۽ حفاظت، اشاعت ۽ خدمت جي سلسلي ۾ وقت بوقت ٿيل ڪارگذارين کي ورجايو ويو آهي، جيئن ايندڙ نسل، پنهنجي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ ارتقا لاءِ ڪجهه ڪري سگهي.

”ٻوليءَ جي اصلاح“ جي عنوان هيٺ، پڻ تعريف جوڳا مضمون آيل آهن. ان طرح ادب، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ جديد شاعريءَ تي پڻ مستند عالمن جا مقالا ڏنل آهن. ساڳي طرح ”مهراڻ جا موتي“ ۽ ”علمي فڪري اقتباس“ به نهايت فڪر انگيز پهلوءَ تي مشتمل آهن.

سڀ کان وڌيڪ علمي ۽ فڪري پهلو اهيو آهي ته 1955 ع  - 1965 ع تائين ”گذارشون“ ڏنيون ويون آهن، جن ۾ زبان، ادب، فن، تاريخ، تنقيد ۽ سوانح تي نهايت معياري بحث ڪيل آهي. اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ مستقل ڪتاب ٿي سگهي ٿو، جو جيڪر بورڊ ڇپائي ته بهتر. ان طرح ”انڊيڪس“Index) ) به هڪ علمي آئينو آهي.

ٻيو عرض آهي ته ڇو نه مهراڻ جي حصهء نظم، افسانن ۽ مقالن جي چونڊ به ڪئي وڃي ۽ اهي ڪتاب ڇپايا وڃن؟

- راڄ محمدپَلِي

 

*--------*-------*

 

 

پڙهندڙن جا پيغام

 

.... پرچو  - ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سِٽا ساٿ جي“  - جو مصداق آهي. بورڊ جي روايت  - حسنِ طباعت ۽ صحتمند مواد جي چونڊ  - هن ڀيري به قائم رهي آهي. اوهان جي گذارش ۾ ”بورڊ“ جي ڪارڪردگيءَ متعلق تفصيل پڙهي، خوشيءَ گاڏڙ عجب لڳو ته ايترو ڪم، ايتري قليل عرصي ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت ٿيو! ماڻهوءَ جي وَسَ کان ڪا ڳالهه ٻاهر ته ڪانهي، پر بورڊ جي ڪم ڏانهن ڏسي ڀانئجي ٿو ته بورڊ جا ڪارڪن ڪي ”جِن“ نه، ته ”جن صفت“ ضرور آهن. ڪم جي سچي لڳن، مقصد لاءِ تڙپ، ۽ خلوص جي شدت، وڏي شئي ٿئي ٿي: ۽ بحمدالله· اوهان همه تن موصوف آهيو. اگر انهيءَ هوندي به ڪوئي نه مڃي ته شابس هجيس!

1955 ع کان 1964 ع تائين پرچن ۾ آيل مواد جي مڪمل وچور وڏي ڪشالي جو ڪم هو، ۽ ان وچور جي افاديت پنهنجي جاءِ تي مسلم رهندي. بهرحال، منهنجي خيال ۾ هيءُ پرچو پنهنجي افاديت جي لحاظ کان هڪ ”عظيم تحفو آهي، ۽ عظيم تحفا ساهه ۾ سانڍيا ويندا آهن .......

-  سيد نياز علي شاهه ”محسن“، ڪڪڙائي،

خير پور ناٿن شاهه، (دادو)

... ”مهراڻ“، هن دفعي اهو درياءُ آهي، جنهن جو ڪنڌي ڪنارو ئي نظر ڪونه ٿو اچي. (راءِ موڪلڻ لاءِ ته ان جو گَهرو مطالعو ئي ضروري آهي. سطحي مطالعي سان راءِ لکڻ، ڪيتريقدر ڪارگر ٿيندي، اهو مان ئي ڄاڻان ٿو، ۽ گَهري مطالعي لاءِ ڪافي وقت گهرجي. شايد ان وقت تائين راءِ موڪلڻ جي ضرورت نه رهي.) تنهن ڪري درياءُ جي هن ڀَر تي بيهي ٻيءَ ڀَر تائين فقط نظر ئي اڇلائي وڌي اٿم  - سندس پيٽ ۾ هيٺيان ڏيک ڏسڻ ۾ پيا اچن: مانجهي، سڙهه سنوان ڪري، ڪناري طرف وڌي رهيا آهن  -  سامهون ڪُنَن جا ڪڙڪا، ڇولين جون گوڙيوُن، سيُرن جا سوساٽ، ٻڌڻ ۾ پيا اچن: پر مانجهي ويران وير وَڌ آهن! ٻيڙيون لڏنديون ڏسڻ ۾ پيون اچن: پر ٻُڏنديون، سو دل نٿي مڃي. ”سچ“ جون ٻيڙيون“ به ڀلا ڪڏهن ٻُڏنديون آهن؟ ”سهڻيون“ سر جو سانگو لاهي، سيُرن ۾ ڪاهي پيون آهن، ميهار ڪُنڍيون ڪَڙايو ڪنارن تي بيٺا آهن. هوڏانهن ”سهڻين“ جي سِرن کي ڪو جوکو ڏسڻ ۾ آيو: هيڏانهن ڪڍيون، ميهارن جي اک جو اشارو پَسي، کين تاري ڪناري پهچائڻ لاءِ آتيون پيون ڏسجن. اهو وقت گذري چڪو جڏهن ”سهڻي“ سير ۾ ٻڏندي رهي ۽ ”ميهر“ ڪناري تي خاموش بيٺو ڏسندو رهيو  -  هينئر ڪا به ”سهڻي“ ٻڏڻ نه ڏني ويندي!

مهراڻ“ جا موضوع ۽ مضمون، ايندڙ ادب ۾ حوالن جو ڪم ڏيڻ وارا آهن. مستقبل جي محقق ۽ مورخ کي ”مهراڻ“ ۾، ڏهن سالن جي اندر ڇپيل مواد کي ڳولڻ نهايت ڪٺن ڪم هو. اوهان منجهانئس خاص خاص مضمون ۽ شعر چونڊي، هڪ هنڌ (ٻن حصن: 1   - 2 / 1965ع ۽ 3  - 4 / 1965ع  ۾) گڏ ڪري، انهيءَ مشڪل کي آسان بنائي ڇڏيو آهي. بهرحال منهنجي نظرن ۾ جيڪو ادب جو اٿاهه سمنڊ آهي، اهو اوهان هڪ پيالي ۾ اٿلائي وڌو آهي ....

- ”آثم“ ناٿنشاهي، خيرپور ناٿن شاهه، (دادو).

.... جهڙيءَ طرح مئو متو ”مهراڻ“ پنهنجي هر موج سان وادي سنڌوءَ جي چپي چپي جي آباديءَ کي اوج تي آڻيندو رهي ٿو، اهڙيءَ طرح رسالو ”مهراڻ“ به سنڌ جي علم و ادب جي سرزمين کي سرسبز ۽ شاداب ڪندو رهي ٿو. هونءَ ته سندس هر پرچو ناياب نمبر جي نموني ۾نڪري نروار ٿيندو آهي، پر جو به خاص نمبر ڪڍو ٿا، اهو افاديت ۽ اهميت جي لحاظ سان، ”تاريخي دستاويز“ بنجي وڃي ٿو. هن ”خاص اشاعت“ به سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. بيشڪ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي هي مَستَند مواد، آمر رهڻو آهي.

سر ورق جي ٻنهي پاسن تي گذريل سالن جي سڀني پرچن جا سر ورق سمو هي سهيڙي، هڪ هنڌ محفوظ ڪيا ويا آهن. نقش و نگار جو هيءُ حسين امتزاج آهي، جنهن ۾ ”مهراڻ“ جي تاريخ سمايل آهي.

گذارش ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو مڪمل تعارف ڏنو ويو آهي. اهو مضمون جيڪڏهن ”اسان جو سنڌي ادبي بورڊ“ جي عنوان سان الڳ ڇاپرائي تقسيم ڪيو وڃي ته هوند، مخالف توڙي  موافق احباب، بورڊ جي ڪار گذاريءَ کان واقف ٿي مطمئن ٿي وڃن. باقي مواد جو ان طرح ”انتخاب“ ۽ ان جو هرعنوان قدر جي لائق آهي.

”مهراڻ“ بيشڪ سنڌي ادب ۽ بورڊ جي حسن ۽ ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال آهي.

- احمد خان ”آصف“ ڪَڪُڙ (دادو).

*-----------*---------*

 

 

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

جشن لطيف

(ٽنڊو محمد خان: 8   - اپريل 1966 ع)

”بزم ادب“ ٽنڊو محمد خان جي زير سايه، 8  - اپريل 1966ع  تي ٽالپر ٽيڪسٽائيل ملس جي احاطي اندر ڪشادي ميدان تي، شاندار طريقي سان ”جشن لطيف“ ملهايو ويو، جنهن جي صدارت پروفيسر الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن، ڪئي. جلسي ۾ هر طبقي جي مقامي باشندن، آفيسرن، وڪيلن ، شاگردن، صحافين، معزز شهرين، ٻاهرين اديبن ۽ ڀٽائي بادشاهه جي شيداين، اٽڪل چئن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ”بزم ادب“ جي صدر ۽ ٽنڊي محمد خان جي ادب ذوق اسسٽنٽ ڪمشنر، مسٽر يوسف جمال سي ايس بي، جي سرجوشيءَ سان، ”جشن لطيف“ جو انتظام ڏاڍو سهڻو رکيل هو.

ٻاهران آيل سڀني اديبن، شاعرن، فنڪارن کي ماني کارائڻ کانپوءِ، رات جو نوين بجي جشن جي ڪارروائي شروع ٿي. پروگرام موجب شاهه صاحب مسند صدارت والاري. قادر بخش زيب ڀٽي، رسول بخش پليجي، پروفيسر خواجا غلام علي الانا، لاکيڻي لطيف تي مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. آخر ۾ مولانا غلام محمد گرامي، لطيف جي فلسفه حيات ۽ فن تي ولوله انگيز ۽ وجد آور انداز ۾ تقرير ڪئي، جا نهايت پسند ڪئي وئي. مولانا گرامي صاحب، علم جي صحيح حيثيت، ۽ تعليم جي صحتمند طريقن تي زور ڏنو ۽ ٻڌايو ته ”صالحن جي صحبت، غور ۽ مراقبي، مطالع جي وسعت، ذڪر و فڪر، ڪردار جي پاڪيزگيءَ سان انسان جي شخصيت بنجي ٿي. لطيف جو ڪلام ۽ فن، انسان جي سيرت سازيءَ جي باب ۾ هڪ مثالي چيز آهي. لطيف ۽ ان جي فن تي اسان کي پورو فخر حاصل آهي. سندس بين الاقوامي پيغام، مساوات ۽ اخوت، برادري ۽ برابريءَ تي مشتمل آهي. لطيف، امن ۽ ايمان جو پيغامبر آهي. سندس ڪلام جي افدي ۽ صحمتند پهلوءَ کي هر خيال کان ترجيح ڏيڻ جڳائي.“

صدارتي تقرير کان پوءِ ”محفل مشاعره“ شروع ٿي. هن يادگار مشاعري ۾ مقامي توڙي ٻاهرين، چوٽيءَ جي ۽ چونڊ شاعرن شعر پڙهيا. چند نالا اهي آهن: عبدالڪريم گدائي، شمشير الحيدري، ”خواب“ حيدرآبادي، علي محمد ”مجروح، ”بردو“ سنڌي، امدا حسيني، حافظ حسيني، محمد خان مجيدي، شبير ”هاتف“ ، ”راز“ ناٿنشاهي، ”راز“ بلڙائي، ”محسن“ عباسي، ”انيس“ مهيري، ”استاد“ بخاري، تاج بلوچ، ابراهيم منشي، ”سرويچ“ سجاولي، برڪت علي ”آزاد“، قلندر لڪياري، ”الطاف“ عباسي، ”سوز“ ٽکڙائي، ”نور“ عباسي، مقبول ڀٽي ”دانش“، ”انور“ هالائي، پروانو ڀٽي، ”فدا سرهيو، ”شوق“ سنڌي، دائود جات، ”مسڪين“ ملاڪاتياري، ”ڪيف“ ميرانپوري، نذير قاضي، پير بخش ”پياسي“.

مشاعري جي محفل انتهائي ڪاميابي رهي، ۽ سامعين ڏاڍي صبر ۽ سڪون سان ٻڌو. ان بعد راڳ جي محفل شروع ٿي، جنهن ۾ مقامي فنڪارن کانسواءِ، ريڊيو آرٽسٽن، جشن ۾ اهڙي ته رونق پيدا ڪئي، جو جلسو رات جو ٽين بجي تائين ڄميو رهيو. زرينه بلوچ، فقير عبدالغفور، محمد جمن، محمد يوسف، فقير يار علي، يوسف الغوزي وار، اقبال جوڳي خان، مٺا خان بلوچ سامعين کي مسرور ڪيو. ”جشن لطيف“ جي ڪاميابيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر يوسف جمالي کانسواءِ، مير پير بخش ٽالپر، حافظ شاهه حسيني ۽ پرواني ڀٽيءَ جون دلچسپيون شامل رهيون. جشن جي ڪارروائي، ريڊيو پاڪستان طرفان ٽيپ ڪئي ويئي، جنهن جي رپورٽ هفتي کن کانپوءِ حيدرآباد اسٽيشن تان نشر ٿي.

جشن روح رهاڻ

 

(بسنت هال، حيدرآباد، سنڌ: 0 1   - اپريل 1966 ع)

 

حيدرآباد کي تاريخي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ تمدني حيثيت سان مرڪزي اهميت حاصل آهي، اهڙيءَ طرح هن شهر جي ”بسنت هال“ سان به سالن کان وٺي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تهذيبي يادگيريون وابستا آهن، جن جا جلسا، ميڙ، محفلون، مشاعرا، گذريل اڌ  - مُني صديءَ کان منعقد پئي ٿيندا رهيا آهن.

حيدرآباد مان گذريل پنجن سالن کان مسلسل شايع ٿيندڙ، ”زندگي پبليڪيشن“ جي ماهوار ”روح رهاڻ“ جي پنجين سالگرهه جي مسرت ڀرئي موقعي تي، ”جشن روح رهاڻ“ وڏي اهتمام ۽ جوش و خروش سان، اڳين سال جيان، 0 1   - اپريل 1966 ع تي بسنت هال ۾ ملهايو ويو. هڪ ڏينهن جي جشن جي مختلف نشستن ۾ سڄيءَ سنڌ مان آيل اديبن، عالمن، شاعرن، فنڪارن، افساني نگارن، تعليمي ماهرن، پروفيسرن، شاگردن، صحافين، معزز شهرين شرڪت ڪئي. جشن جي سلسلي ۾ بسنت هال کي خوب سينگاريو ويو هو ۽ شايان شان انتظام رکيو ويو هو. پروگرام مطابق صبح جو نوين بجي، سامعين اچڻ شروع ٿيا.

افتتاح

هن عظيم الشان ادبي اجتماع جو افتتاح صبح جو ڏهين بجي، سنڌ جي مشهور افساني نگار، محترم جمال ابڙي، پنهنجي مختصر لفظن سان ڪيو.

نمائش

پروگرام مطابق، ”زندگي پبليڪيشن“ جي طرفان، هال جي ڀرواري ڪمري ۾ منعقد ڪيل نمائش هئي، جنهن ۾ اداري جي ڇپايل ڪتابن کانسواءِ ”روح رهاڻ“ جا پراڻا پرچا، جشن جي موقعي لاءِ ڇپيل ”روح رهاڻ“ جو خاص نمبر، ۽ ڪئلينڊر رکيل هئا. محترم جمال ابڙي رسالو خريد ڪري نمائش جو افتتاح ڪيو. ڪلاڪ کن سڀني نمائش ڏٺي ۽ ساراهي.

افسانن جي نشست

افسانن جي نشست جي صدارت، سنڌيءَ جي مشهور اديب، محترم محمد ابراهيم جويي ڪئي، جنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، نظير شيخ، عبدالقادر جوڻيجي، غلام نبي بهراڻي ۽ شوڪت راهي افسانا پڙهيا. جويي صاحب پنهنجي تقرير ۾ ڪيئي مفيد مشورا ڏنا. چيائين ته ”افسانو، زندگيءَ جي ڀرپور ترجماني ڪندڙ صنف آهي. ان جو ٺني پسمنظر، حقيقت تي بنياد رکي ٿو. افساني جي زبان ۽ ادائگيءَ جو طريقو، وڻندڙ ۽ دلنشين هئڻ گهرجي، ۽ ان ۾ مبالغي ۽ غلط خارجي اثرن کان بچي ڪري حقيقت کي حقيقت جي حد اندر بيان ڪرڻ گهرجي.“

مذاڪرو

پروگرام موجب شام جو پنجين بجي، محترم خانصاحب عبدالله· چنا جي صدارت هيٺ مذاڪري جي نشست شروع ٿي. رٿيل عنوان  - ”روح رهاڻ ۽ جديد لاڙا تي مقررين هئا، مولانا غلام محمد گرامي، پروفيسر خواجا غلام علي الانا، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، پروانو ڀٽي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي، مذاڪري ۾ ڳالهائيندڙ صاحبن، موضوع جي مناسبت سان، سامعين کي گهڻو ڪجهه مواد ڏنو. آخر ۾ گرامي صاحب جي تقرير، وقت جي فني مسئلن ۽ انهن جي تنقيدي جائزي تي مشتمل هئي. مولانا گرامي صاحب چيو ته ”هن قسم جون ثقافتي ۽ تهذيبي محفلون، اسان جي ادب لاءِ مقدس روايت جي حيثيت رکن ٿيون. اسان جي تهذيب، روايت، ادب ۽ فن جي روشن مستقبل جو دارومدار، نوجوانن جي صالح ۽ صحتمند شخصيت ۽ سندن مخلصانه جدوجهد تي آهي. اهو غلط آهي ته اسان جي زاويه نگاهه ۾ رجعت آهي، يا اسان جديد فڪر جي غير صالح قدرن ۾ مبتلا ٿي چڪا آهيون. اسان جو نقطهء نظر ”اسلام“ جو اهو انقلابي نظام آهي، جو اخلاق ۽ ڪردار جي معراج تي پهچائي ٿو. اسان ۾ نڪي ملحد ۽ دهريا آهن، ۽ نڪي لادينيت جا مبلغ آهن. اسان وٽ ڪا به اهڙي نظرياتي تنظيم ڪانه آهي. هر ڪو اديب انفرادي طرح سان خدمت ڪندو رهي ٿو.“

آخر ۾ چنا صاحب پنهنجا تاثرات بيان ڪيا ۽ پوءِ مهمانن ۽ حاضرين، ”زندگي پبليڪيشن“ جي چانهه پيتي.

انعامن جي  ورهاست

سنڌي جديد ادب جي تخليق کي همٿائڻ لاءِ گذريل سال انهيءَ جشن جي موقعي تي، خانصاحب عبدالله· چنا، افسانه نگارن ۽ شاعرن کي ”اياز ادبي انعام“ (اديبن لاءِ)، ۽ ”مارئي انعام“ (اديبائن لاءِ)، هر هڪ سئو رپين جو، ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. سال 5 6 9 1 ع جي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل افسانن ۽ نظمن کي انعامي ٺهرائڻ لاءِ ڪاميٽيون مقرر ڪيل هيون. ”اياز ادبي انعام“ لاءِ جج صاحبان هئا: محترم غلام محمد گرامي، محترم محمد ابراهيم جويو ۽ محترم تنوير عباسي. ”مارئي انعام“ لاءِ جج هئا: محترمه بيگم زينت عبدالله· چنا، محترم جمال ابڙو ۽ محترم فتاح ملڪ. ججن جي فيصلي موجب انعام کٽندڙ اديبن ۾، محترم بيگم چنا، انعام تقسيم ڪيا. ورهاست هن ريت هئي.

 

اياز ادبي انعام

افسانا  پهريون انعام  - سراج (”موکي ۽ متارا)

ٻيو انعام      - امر جليل (”اروڙ جو مست“)

ٽيون انعام    - نسيم کرل (”گٽس“)

شعر    پهريون انعام  - امداد حسيني (نظم: ”ماحول“)

ٻيون انعام    - شمشير الحيدري (ڪافي: ”ڀري پي جام محبت وارو!“)

ٽيون انعام    - فتاح ملڪ (نظم: ”مون کي آءُ سڃاڻ“)

مارئي انعام

افسانا  پهريون انعام  - مس اقبال پروين سومرو(”حادثي کان اڳ“)

ٻيو انعام              - نسيم ڪوثر (”شيما)

ٽيون انعام    - مس ايس . تبسم (”معصوم ڏوهاري“)

شعر    - زرينه بلوچ (گيت: ”من مندر ۾ توکي وهاريان!“)

مشاعرو

رات جو نوين بجي، سنڌي مشاعرو شروع ٿيو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ جيڪب آباد کان سجاول تائين، سڄيءَ سنڌ مان پهتل شاعر حاضر هئا. پروگرام موجب، محترم تنوير عباسي، صدارتي ڪرسي سنڀالي، تقرير سان مشاعري جي شروعات ڪئي. (اها تقرير، ”روح رهاڻ“ جي مئي 1966 ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل آهي). مشاعري ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ مروج سڀني صنفن کي پيش ڪيو ويو. شعراء ڪرام هئا: شيخ ”اياز“، ”تنوير“ عباسي، عبدالڪريم ”گدائي“، شمشمير الحيدري، ”امداد“ حسيني، ”تاج“ بلوچ، فتاح ملڪ، الطاف عباسي، ”راز“ ناٿنشاهي، ”محسن“ عباسي، نذير قاضي، ”سيف“ ٻنوي، ”محسن“ ڪڪڙائي، پرڀو ”ناشاد“، ”آثم“ ناٿنشاهي، ”وفا ناٿنشاهي، ”پروانو“ ڀٽي، مقبول ڀٽي، عبدالحڪيم ”ارشد“، رجب علي ميمڻ ”ضيا، عبدالغفار ابڙو، غلام حسين رنگريز، محمد هوت ”مجرم“، محمد حنيف ”ملزم“، اقبال احمد شيخ، علي احمد عباسي، عبدالفتاح ”عبد“، محمد مراد بلوچ ۽ ”رهبر“ ڀٽي وغيره.

راڳ رهاڻ

جشن جي سلسلي ۾ آخري پروگرام هو  - راڳ رهاڻ، جنهن جي صدارت محترم غلام محمد گرامي صاحب ڪئي. راڳ جي محفل ۾ ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام سان گڏ، جديد شاعرن جو ڪلام پڻ ڳايو ويو، آخر ۾ ”هو جمالو“ سان جشن جو اختتام ٿيو.

سنڌي ادبي ڪانفرنس

(جهول، ضلعو سانگهڙ: 6 1   - اپريل 1966 ع)

16 - اپريل 1966 ع تي جهول ۾، اتي جي ”سنڌي ادبي سنگت“ جي اهتمام سان وڏي پئماني تي، ”سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ٿي گذري، جنهن جي صدارت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، تمغه پاڪستان، (چيئرمين ”سنڌي ادبي بورڊ“: ميمبر، قومي اسيمبلي پاڪستان، سجاده نشين، درگاهه حضرت مخدوم نوح سرور رحه هالا نوان) جن ڪرڻ فرمائي. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد، ڪراچي، نوابشاهه، ٺٽي، هالا، سانگهڙ، شهدادپور ۽ ميرپور ساڪري مان شاعر ۽ اديب پهتل هئا. ڪارروائي رات جو نوين بجي شروع ٿي. اول، مخدوم صاحب جي خدمت ۾ سپاسنامو پيش ڪيو ويو. مخدوم صاحب جن، سپاسنامي جو جواب ڏيندي، پنهنجي طرفان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. مشاعري جي محفل ۾: شمشير الحيدري، ”پروانو“ ڀٽي، عارف المولا، تاج بلوچ، ”انور“ هالائي، سروپچندر ”شاد“، پرڀو ”ناشاد“، ”سيف“ ٻنوي، ميوو خان ”موج“، حسين بخش ”خادم“، مصري ”مائل“ سروري، محمد عمر چنڊ، ”شهنشاهه“ هالائي، نبي بخش ”همدرد“، الهورايو ”اداسي“، معصوم قاضي، عبدالغفار ”عابد“، عبدالستار ”انصار“، ڪرم علي ”وفا، گل محمد خوشتر“ ۽ ٻين مقامي شاعرن حصو ورتو. آخر ۾ مخدوم صاحب جن پنهنجي ڪلام سان سامعين کي محظوظ فرمايو. ان بعد راڳ جي محفل شروع ٿي، جنهن ۾ مقامي فنڪارن کانسواءِ حسين بخش خادم ۽ مصري فقير، مخدوم صاحب جو ڪلام ڳايو ۽ ساري محفل ۾ سرور پيدا ڪيو.

سنڌي مشاعرو

(شهدادپور آرٽس ڪاليج، شهداپور: 7 1  - اپريل 1966 ع)

17 - اپريل 1966 ع تي، شهدادپور آرٽس ڪاليج جي ”بزم لطيف“ جي اهتمام سان، ڪاليج جي حاطي اندر، محترم شمشير الحيدريءَ جي صدارت هيٺ سنڌي مشاعرو ٿيو. سامعين ۾ شهر جا ڪافي معزز، استاد، شاگرد ۽ ادب ذوق حاضر هئا. شروع ۾ مسٽر گل محمد گلاڻي (سنڌي ليڪچرار ۽ صدر ”بزم لطيف“)، ڪاليج جي بزم جو تعارف ڪرايو ۽ ادبي محفلن جي اهميت تي روشني وڌي. ان بعد مسٽر شمشير الحيدريءَ جي صدارتي تقرير کانپوءِ مشاعرو شروع ٿيو، جنهن ۾ شمشير الحيدري، ”پرواني“ ڀٽي، ”انور“ عباسي، پرڀو ”ناشاد“، ”نظر“ سنڌي،گل محمد گلاڻي، ”سيف“ ٻنوي، نبي بخش ”همدرد“، ميوي خان، موج“، الهورائي ”اداسي“، سليم لغاري، ڪرم علي ”وفا، ڌڻي بخش ”خاموش“، عبدالستار ”انصار“ ۽ ٻين شعر پڙهيا.

سنڌي مشاعرو

 

(سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان: 7 1   - اپريل 1966 ع)

 

گذريل اپريل 1966 ع ۾، سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان، جي ساليانه تقريبن جي سه روزه پروگرام ۾ 7 1  - اپريل 1966ع تي هڪ سنڌي مشاعرو، زير صدارت جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ تمغهء پاڪستان (چيئرمين ”سنڌي ادبي بورڊ“، ۽ ميمبر قومي اسيمبلي پاڪستان) جن جي منعقد ٿيو، جنهن ۾ مخدوم زاده محمد امين ”فهيم“ کانسواءِ“ شهر جي معززن، استادن، شاگردن، صحافين ۽ ادب ذوق دوستن ججهي انداز ۾ شرڪت ڪئي. ڪاليج جي ڪشادي ميدان تي شاندار اسٽيج جو انتظام ڪيل هو ۽ مقامي شاعرن کانسواءِ ٻاهريان شاعر به مدعو ڪيل هئا. مشاعري ۾ هيٺيان شاعر پيش ٿيا: شمشير الحيدري، امداد حسيني، ”بردو“ سنڌي، ”نور“ عباسي، ”پروانو“ ڀٽي، ”سليم“ هالائي، ”انور“ هالائي، ”نظر“ سنڌي، پرڀو ”ناشاد“، ”سيف“ ٻنوي، ”محبوب“ سروري، ”خواب“ حيدرآبادي، عبدالطيف ”قمر“، محمد عمر ”چنڊ“، شهشناهه“ هالائي، حسين بخش ”خادم“، مصري ”مائل“. آخر ۾ جناب مخدوم صاحب جن پنهنجي ڪلام سان سامعين کي محفوظ ڪيو.. مشاعري کانپوءِ، خادم ۽ مائل، مخدوم صاحب ۽ مخدوم زاده فهيم صاحب جو ڪلام ٻڌايو. شاگردن جي فيچرن ۽ آصف لطيف جي چنگ سان رات هڪ بجي محفل جو اختتام ٿيو.

لطيف جي ورسي

 

(سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس، ڄامشورو: 8 1  - مئي 1966ع)

 

18 - مئي 6 6 9 1 ع تي، سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس ڄامشورو ۾، اتي جي هاسٽلن ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن، ”لطيف جي ورسي“ ملهائي، جنهن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش ڪئي. جلسي ۾ سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين ڪاليجن جا پروفيسر ۽ ليڪچرر، شاگرد، صحافي ۽ اهل علم ڪافي تعداد ۾ موجود هئا. سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لطيف تي تقريرون ٿيون، جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي (اها عالمانه ۽ فاضلانه تقرير، روزانه ”عبرت“ جي چوٿين، پنجين ۽ ڇهين جون 1966 ع جي اشاعتن ۾، ”پلئه پايو سچ ....!“ عنوان سان ڇپيل آهي)، پروفيسر خواجا غلام علي الانا، پروفيسر آمنه خميساڻي، ڊاڪٽر قاضي نبي بخش ۽ شاگردن ڳالهايو.

مولانا گرامي تقرير ۾ چيو ته ”زندگي بيمقصد نه آهي، علم ۽ تعليم جو مقصد آهي ”مقصد حيات“ کي ڳولڻ، ۽ ان تي غور و فڪر ڪرڻ. تصوف، انسان جي باطني بصيرت کي تيز ۽ روشن ڪري ٿو. انسان ۾ اخلاقي نصب العين سان وابستگي پيدا ڪري ٿو، انسان جي زندگيءَ کي هڪ روشن ۽ تابناڪ مقصد سان وابسته ڪري ٿو. علم ۽ تعليم محض ذريعا آهن، جي انسان جي ”مقصد حيات“ کي سمجهڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ تائين رهنمائي ڪن ٿا. لطيف، ”مقصد حيات“ کي پروڙڻ ۽ عملي نصب العين پيدا ڪرڻ جي دعوت ٿو ڏئي.“

پروفيسر خواجه غلام علي الانا، شاهه جي لساني پهلوءَ تي تقرير ڪندي، رسالي ۾ آيل ڪيترن لفظن جو نئون مفهوم پيش ڪيو ۽ ان تي زور ڏنائين ته شاهه جي زبان کي درست سمجهڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا ۽ معنائون سمجهڻ گهرجن.

پروفيسر آمنه خميساڻي صاحبه، شاهه جي حب الوطنيءَ کي ”سُر مارئيءَ“ جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪيترن مثالن سان، مارئيءَ جي پاڪيزه خيال ۽ عمل کي پيش ڪندي مارئيءَ جي آدرش تي هلڻ لاءِ زور ڏنائين.

هڪ مقرر، انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندي، مولانا گراميءَ جي خيالات جي تائيد ۽ تعريف ڪندي، ٻڌايو ته ”بيشڪ رڳو ظاهري علم جي تحصيل سان ڪو مقصد حيات حاصل نٿو ٿئي.“

آخر ۾ صدر، پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، شاهه جي پيغام تي ڳالهائيندي چيو ته ”شاهه جو پيغام انسانيت ۽ اخوت جو پيغام آهي. شاهه جو ڪلام رقت انگيز آهي، هو انسان جي جذبات ۾ رقت انگيز اثر پيدا ڪري ٿو. اسان کي گهرجي ته شاهه جي ڪلام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ سندس ڏَسيل راهه تي عملي طرح هلڻ سان پنهنجي زندگيءَ کي ڪامياب بنايون.“

ان بعد مشاعري ۾ شمشير الحيدري، پرواني ڀٽي ۽ ٻين شاگردن بهرو ورتو. راڳ جي محفل ۾ ريڊيو فنڪارن، لطيف جو ڪلام پيش ڪري، روحاني رنگ پيدا ڪيو.

يوم لطيف

 

يدرآباد سنڌ لا  - ڪاليج، حيدرآباد: 9 2  - مئي 1966ع)

 

9 2  - مئي 1966 ع تي، حيدرآباد سنڌ لا - ڪاليج جي شاگردن جي يونين ”لطيف مجلس“ طرفان، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ڪشادي ميدان تي، وڏي پيماني تي ”يوم لطيف“ ملهايو ويو، جنهن جي صدارت، پاڪستان جي سابق مرڪزي وزير، ۽ مشهور قانوندان محترم اي ڪي بروهي صاحب ڪئي. جلسي ۾ ڪافي معزز شهري، قانوندان، شاگرد، پروفيسر ۽ اديب موجود هئا.

شروع ۾ ”لطيف مجلس“ جي سيڪريٽريءَ، ممتاز ميمڻ جي مرحبائي تقرير کانپوءِ، ڪاليج جي پرنسپال، محترم آخوند الهبچايي، معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. تقريرن جي سلسلي ۾، مولانا غلام محمد گرامي، رسول بخش پليجي، پروفيسر شفيق پراچه (اردوءَ ۾) ۽ سيد علي اڪبر شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن تي تقريرون ڪيون.

مولانا گرامي صاحب ٻڌايو ته ”تصوف ۽ ان جي تعليم ۾ فراريت ڪانه آهي. صوفي ته هر دور ۾ ”انقلاب“ جو پيغامبر ٿي رهيو آهي. صوفيءَ ڪڏهن به استبداد ۽ جبر اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو آهي. صوفي، ايمان ۽ امن جو داعي، ڪردار ۽ اخلاق جو مبلغ رهيو آهي، ۽ صوفيءَ محبت ۽ اخوت جو پيغام پهچايو آهي. صوفيءَ جي تاريخ ڏسو ... کيس سوريءَ تي چاڙهيو ويو، جلادن کان مارايو ويو، مٿس ”ڪفر“ جي فتوائن سان وار ڪيا ويا، ۽ مٿس الزام ڌريا ويا ... پر صوفي پنهنجي منصب ۽ دعويٰ تان ڪڏهن به نه هٽيو. اڄڪلهه جي رسم پرست پيرن ۽ انهن جي خليفن کي تصوف جي تاريخ ۽ عمل ۾ شمار ڪرڻ نه گهرجي.“

رسول بخش پليجي نهايت لذيذ ۽ دلنشين پيرايي ۾، لطيف جي فن ۽ شاعريءَ تي تقرير ڪئي.

سيد علي اڪبر شاهه، لطيف جي ڪلام ۾ مذهبي ۽ روحاني پهلوءَ تي ڳالهايو، ۽ مثالن سان ٻڌايو ته لطيف، ”اسلام“ جو فلسفو پيش ڪيو آهي.

آخر ۾ محترم بروهي صاحب چيو ته ”شاهه، الله· ۽ رسول ﷺ جي تعليم جو ترجمان آهي. سندس روحاني پيغام، هن مادي زندگيءَ لاءِ بهترين نصب العين پيدا ٿو ڪري.“

ان بعد مشاعري جي محفل ۾ شمشير الحيدريءَ، امداد حسيني، پرواني ڀٽي ۽ عبدالطيف ”قمر“ بهرو ورتو، ۽ راڳ جي محفل ۾ ريڊيو پاڪستان جي فنڪارن سامعين کي مسرور ڪيو. ”يوم لطيف“ جي انعقاد ۽ ڪاميابيءَ ۾ ڪاليج جي شاگردن جي يونين جي نائب صدر مسٽر مظهرالدين ميمڻ ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالواحد بروهيءَ جون خصوصي دلچسپيون رهيون.

سنڌي مشاعرو

(سانگهڙ: 0 3  - مئي 1966ع)

30 - مئي 1966 ع تي، ”جشن سانگهڙ“ جي هفتيوار پروگرامن ۽ نمائش (زير اهتمام بنيادي جمهوريت ۽ ضلع ڪائونسل) جي سلسلي ۾، نمائش پنڊال ۾، سنڌي مشاعري جي نشست رکي ويئي. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ، مسٽر صلاح الدين قريشي سي ايس پي ڪئي. وقت جي تنگي ۽ شاعرن جي محدود تعداد سبب، شمشير الحيدري، ”امداد“ حسيني، ”پرواني“ ڀٽي، پرڀو ”ناشاد“، ميوي خان ”موج ۽ الهورائي ”اداسي“ بهرو ورتو. بنيادي جمهوريت جي ترقياتي آفيسر مسٽر آغا شهاب الدين جي دلچسپي ۽ ڪوشش سان مشاعري جي نئين روايت جو بنياد پيو. توقع هي ته اڳتي هلي. ان کي مضبوط بنايو ويندو.

ثقافتي ڪانفرنس ٺٽو

(ٺٽو: 3 2  - جون 1966ع)

سنڌي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ ادب جي خدمت ۽ اشاعت جي نيڪ مقصدن سان، سيد عالي شاهه شيرازي عليه الرحمت جي عرس ۽ ميلي جي موقعي تي، 3 2  - جون 1966ع تي، ٺٽي ۾ اعليٰ پئماني تي ثقافتي ڪانفرنس ٿي گذري. ڪانفرنس ۾ سنڌ جا مشهور محقق، عالم، اديب، شاعر ۽ فنڪار شريڪ ٿيا، جن مان جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، الحاج محمد هاشم گذدر، قاضي فيض محمد، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني، پروفيسر خواجا غلام علي الانا، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ شمشير الحيدريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

هن عرس شريف ۾ پير عالي شاهه شيرازي جي معتقدن ۽ مريدن جو پڻ ڪافي تعداد موجود هو. ڪانفرنس ۾ تقريرون، مشاعرو ۽ راڳ، ٽي مکيه نشستون هيون. هن ڪانفرنس جو افتتاح محترم جي ايم سيد ڪيو ۽ صدارت سيد علي اصغر شاهه شيرازي ڪئي.

تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت شريف کانپوءِ، محترم جي ايم سيد افتتاح ڪيو.

تقريرن جي سلسلي ۾، مشهور محقق ۽ تاريخدان، محترم پير حسام الدين راشدي ”ستاره امتياز“ ۽ ”نشان سپاس“، پنهنجي تقرير ۾ ٺٽي شهر ۽ ان تي سندس تحقيق جي طويل وابستگيءَ جي سلسلي ۾ فخر جو اظهار ڪندي فرمايو ته: ”منهنجا والدين ۽ وڏا لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آرامي آهن، تاهم اگر مون کي ”مڪليءَ“ جي مٽي نصيب ٿيندي ته اها منهنجي روح لاءِ باعث تسڪين بنبي.“ پير صاحب، تاڙين جي گونج ۾ ٺٽي جي مختلف دورن ۽ ان جي ٻَڌجڻ ۽ آباد ٿيڻ متعلق فرمايو ته ”ائين نه آهي ته ڪو ديبل جي ڦٽل کنڊرن تي ٺٽو آڏيو ويو. ٺٽو ان وقت هر لحاظ کان پوري اوج تي هو، ان جي شاهدي امير خسروءَ جي شعر مان ملي ٿي.“ ٺٽي سان عقيدت جو اظهار ڪندي پير صاحب فرمايو: ”ٺٽو، اسان جي لاءِ متبرڪ ۽ اکين جو نُور آهي، ۽ ٺٽو اسان جي قديم ثقافت جو روح آهي. تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ، ٺٽي جي هنن ويران کنڊرن ۾ مدفون آهي، ۽ جنهن وقت سنڌ جو نالو زبان تي اچي ٿو  - ان وقت ٺٽو به ياد اچي ٿو.“ هن مسرت ڀرئي انڪشاف تي پوري محفل ۾ زندگيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي  - پير صاحب فرمايو: ”شهنشاهه اڪبر جي عمر ڪوٽ ۾ تولد ٿيڻ بعد، جيڪو ڪپڙو مٿس وڌو ويو، اهو سيد عالي شيرازيءَ جي چولي جو ٽڪرو هو.“

ان کانسواءِ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي عالمانه فاضلانه تقريرن سان سامعين کي محظوظ ڪيو.

ان بعد مشاعري ۾ شمشير الحيدريءَ، ”پرواني“ ڀٽي، ”تاج بلوچ، پرڀو ”ناشاد“، ”سيف“ ٻنوي، ”خادم“ سروري، رجب علي ”ضيا، ”محسن“ عباسي، ”خاموش“ عباسي، ”راغب“ ٺٽوي، محبوب شاهه، عبدالله· ”شرر“، ”ناز“ ڀٽي، محمد جمن ”هالي“ شعر پڙهيا، آخر ۾ جي ايم سيد ۽ پير صاحب ۽ ٻين معززين کي بيحد اصرار تي مولانا گرامي صاحب پنهنجي نظم ”جاودان منهنجو وطن“ سان سامعين کي محظوظ ڪيو. آخر ۾ راڳ جي محفل شروع ٿي. فقير عبدالغفور، حسين بخش خادم ۽ مٺا خان پاڻ ملهايو. ۽ ان کانسواءِ مقامي فنڪار به پيش ٿيا. ٺٽي جي ادب ذوق ۽ باهمت نوجوانن جي سرجوشيءَ سان ڪانفرنس ڪامياب رهي.

- (پرڀو ”ناشاد“)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com