اي
دل تون ڪيستائين هن مجاز جي ماڙي( دنيا) ۾ ٻالڪن
وانگر ويهي مٽي مان راند کيڏندين. تون اهو هٿ جو
پاليل گستاخ پکيئڙو آهين، جنهن جو آکيرو هن مجاز
جي ماڙيءَ کان گهڻو پرڀرو آهي. ڇو پنهنجي انهيءَ
اصلوڪي آکيري کي ڇڏي ويڳاڻو ٿيو، چٻري وانگر هن
دنيا جي ويرانيءَ ۾ پيو ڀٽڪين؟ هن دنيا جي دز
پنهنجن پرن تان ڇنڊي پر واز ڪري، وڃي عرش جي
ڪنگرن مٿان ويهه.
تصوف
تي ڪيل مٿئين تفصيلي بحث مان هيٺيون مکيه ڳالهيون
ظاهر ٿين ٿيون.
(1)
اوائلي اسلامي سماج ۾ تصوف جي نالي جهڙي ڪا به
شيءَ ڪا نه هئي. نڪي سلسلا هئي، نڪي سماع هئا،
نڪي يڪتارا هئا.
2.
پوئين زمانن ۾ جڏهن مسلمانن ۾ روتو ڇاڻ ۽ جنگيون
جهيڙا وڌي ويا، ماڻهو سياسي اقتدار ۽ زربسيار جي
هوس ۾ ڦاسي پيا ۽ اخلاقي اقتدار ناپيد ٿيڻ لڳا،
تڏهن ڪن نيڪ شخصن پنهنجي عاقبت بچائڻ لاءِ دنيا
وارن کان ڪجهه پري رهي. عبادت، رياضت، زهد ۽ ترڪ
لذات وارو طريقو اختيار ڪيو. سادگيءَ ۽ مسڪيني جي
ڪري جيئن ته اهي ماڻهو کَهرا اوني ڪپڙا پهريندا
هئا تنهن ڪري ٻئي ڪنهن امتيازي خصوصيت جي نه هئڻ
ڪري ماڻهو کين صوفي يعني اوني لباس ڍڪيندڙ جي نالي
سان سڏڻ لڳا، هنن شخصن رسول الله صلي الله عليه
وسلم ۽ سندن اصحابن سڳورن جي زهد، تقويٰ،
پرهيزگاري، رياضت، ترڪ لذات، اخلاص، ايثار، صدات ۽
فقر واري زندگيءَ جي تقليد ته ڪئي، پر سندن
مجاهدانه زندگي، جنهن موجب دنيا جي طاغوتي طاقتن
سان برسرِ پيڪار رهي شر جي پاڙ پٽيِ ٿي ويئي، ۽ هڪ
انقلابي ۽ عالمگير، معاشي، اخلاقي، سياسي ۽
اقتصادي نظام کي دنيا ۾ جاري ڪيو ويو ٿي، تنهن
کان پاسيرا ٿي ويا. مجاهدانه طرز زندگيءَ کي ترڪ
ڪرڻ،دنيا جي بکيڙن، سياسي فتنن، مذهبي تفرقي
بازين، ذهني ڪوفتن ۽ روحاني اذيتن کان بچڻ لاءِ
هزارن نيڪ ۽ شريف النفس ماڻهن سان گڏ سوين ڪم چور،
گيدي، ڪانئر ۽ ڪم ظرف شخص به صوفين جي ٽولي ۾ شامل
ٿي ويا، ڇو ته ائين ڪرڻ سان هو نه فقط جهاد جي
ذميواريءَ کان آجا ٿي ويا ٿي، پر سکيو ٽڪر، عافيت
جو گذر ۽ عوام الناس ۾ مان ۽ مرتبو به کين خانقاهه
۾ ويٺي ”هُو هُو“ ڪرڻ سان حاصل ٿيو ٿي.
3.
وقت گذرڻ سان جيئن جيئن اسلام جو دائرو دنيا جي
چئن ڪنڊن تائين وڌڻ لڳو، تيئن صوفي سڳورا به
پنهنجا پر ڦهلائڻ لڳا، هنن جي درويشي، سادگي،
رياضت، ۽ صداقت ڏسي غير مسلمانن جا ڪٽڪ اسلام ۾
داخل ٿيڻ لڳا. پر ساڳئي وقت اجنبي ماحول ۾ اچي رهڻ
جي ڪري، اتي جي ماڻهن جا درويشاڻا خيال ۽ فلسفياڻا
ويچار به مسلمان صوفين جي طريقن ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
تنهن ڪري يوناني ناستڪ متا، عيسائي رهبانيت جا
طريقا ۽ هندو ويدانت جا جوڳ ۽ آسڻ به هن جي
معمولات ۾ داخل ٿي ويا. ياد رکڻ گهرجي ته هي اهي
جوڳين جا جوڳ آهن، جن جي بي سودگي يا بيهودگي بابت
اسان جي ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته :
جهونا ڳڙهه جي جوءَ ۾، جوڳين جوڳ اجوڳ،
ڀوڳن
ڀوڳ اڀوڳ، ڪلجڳ سندا ڪاپڙي.
ايران جي زردشتي خيالن، مالويت جي متن ۽ ٻڌ ڌرم
جي طور طريقن به مسلمانن جي صوفي حلقن کي ضرورت
کان وڌيڪ متاثر ڪيو؛
ايتري قدر جو پنجين- ڇهين صدين جي بيروني آميزشن
کانپوءِ صوفين وٽ اسلام جو فقط نالو وڃي رهيو ۽
ٻيا سڀ طور طريقا، جهڙوڪ خانقاهون، سماع، گهنڊ،
نقارا، يڪتارا، طنبورا، ناچ، الفيون، ڀنگ، چمٽا،
جسماني رياضتون، چلا، عُرس پِنَ، تسبيحون، ورد
وظيفا، پير مغان، سلسلا، مقامات، مينديون، پڙَ،
سُکائون، نذر نياز جي صوفي حلقن ۾ عام طور تي ڏٺا
ويندا آهن، سي سڀ ٻاهرين اثرن جي مرهون منت آهن ۽
اصل اسلامي اطوار سان انهن خرافقتن جو دور وارو
واسطو به نه آهي، بلڪ اهي سمورا ناٽ ۽ ٽڪساٽ جي
اسلامي تصوف جي نالي سان اسان ۾ رواج پذير آهن،
سي ديني خيال کان هاڃيڪار ۽ دينوي خيال کان
زيانڪار آهن. مروج صوفياڻن طور طريقن مان ٿي سگهي
ٿو ته ڪن تمام محدود شخص کي ذهني سڪون ۽ روحاني
سرور ۽ تصرف حاصل ٿيندو هجي پر مجموعي ۽ قومي
نڪته لحاظ کان اهي بنهه بي سود بلڪ نقصانڪار آهن.
موجوده زماني جي صوفياڻي رنگ يا ڍنگ يا ڍونگ کي
ڏسندي اقبال پنهنجي ساقي نامه ۾ چيو آهي ته:
وه
صوفي ڪه ٿا، خدمت حق مين مرد
محبت
مين يڪتا حميت مين فرد
عجم
ڪي خيالات مين کوگيا
يه
سالڪ مقامات مين کوگيا
بجي
عشق ڪي آگ انڌهير هي
مسلمان نهين راک ڪا ڊهير هي
ٻاهرين اثرن جي ڪري اسان جو فقط تصوف متاثر نه
ٿيو آهي، بلڪ اسلام جي هر اها شاخ جنهن ٻاهر کان
روصي، عجمي ۽ هندي اثر ورتا، سا گهڻو متاثر ٿي
پنهنجي غرض، غايت ۽ افاديت کان محروم ٿي ويئي.
انهن سمورن شعبن جي باري ۾ به اقبال فرمائي ٿو ته:
تمدن
تصوف شريعت ڪلام
بتانِ عجم ڪي پُجاري تمام
حقيقت خرافات مين کوگئي
يه
اُمت روايات مين کو گئي،
لُڀاتا هي دل ڪو ڪلام خطيب
مگر
لذتِ شوق سي هي نصيب
اصل
۾ ڏٺو ويندو ته تصوف ڪنهن مذهب جو نالو نه آهي،
دنيا ۽ ان جي معاملن، خدا ۽ سندس بندن جي لاڳاپن
کي خير خوبيءَ سان نڀائڻ کي تصوف جو نالو ڏنو ويو
آهي. ان صورت ۾ تصوف هڪ
Attitude
يعني نڪته نظر، زاويه نگاهه يا مخصوص سوچ جو نالو
آهي. جا لِلّهيت، عبوديت، اخلاص ۽ ايثار جي
جواهرن سان سينگارجي بزم جهان کي روشن ڪري ٿي. ان
سادي سودي صورت کان سواءِ تصوف جون ٻيون جيڪي به
شڪليون آهن، سي اسلام جي دائري کان خارج آهن، توڙي
انهن مان ڪيڏيون به وڏيون ڪرامتون ۽ ڪيڏا به وڏا
نالا وابسته هجن، سنڌ جي سداحيات شاعر حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي سادي سودي ۽ دل لڀائيندڙ
نموني ۾ سچي صوفي جي تصوير هن طرح ڪڍي آهي:
سڀئي
سبحان جي ڪر حوالي ڪم،
ٿي
تحقيق تسليم ۾، لاهي غم وهم،
ته
قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري هاج تو
.(سريراڳ)
ساري
رات سبحان، جاڳي جنين ياد ڪيو،
ان
جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي.
(سريراڳ)
سيوئو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين
توبهه جي تاثيرَ سين، تري ويا طوفان،
ڏيئي
توڪل تڪيو آر لنگهيا آسان،
ڪامل
ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.
(سريراڳ)
ٻانهپ جا ٻيڙن ۾ وکر وڌائون،
موتي
معرفت جا سچا سوديائون،.
کٽ
”التائب من الذنب“ اي کٽيائون،
انين
جي آئون، برڪت پار لنگهائيان!
جنين
سوچي سچ جو، وکر وِهايو،
نخرو
”لَهَمُ البشريٰ“ جو اُني لاءِ آيو،
اُن
کي لالن لنگهايو، ساندارو سمونڊ جوو.
(سريراڳ)
اسلام خود هڪ سادو سودو مذهب آهي. ان ۾ ٻين مذهب
وارا ڏيک ويک جُبا ۽ دستارون، گوپيون ۽ غلمان،
معافي گهرندڙ امير ۽ معافي ڏيندڙ تاج پوش عصا
بردار ڏٽا مٽا پير ڪين آهن. جيڪڏهن مٿين ڏيکاون
مان ڪي ڏيکاوَ اسلام جي سرشتي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ته
اهي ٻاهران آندل خرافات آهن. اسلام تسليم ۽ رضا،
اطاعت ۽ عبادت، اخلاص ۽ ايثار، دائمي سعيي ۽ نيڪ
عمل جو ٻيونالو آهي، اسلام عالمگير اخوت ۽ مساوات
جو علمبردار آهي؛ مسڪينن، مظلومن، پورهيتن ۽
ڏتڙيل عوام جي ٻيهر اسرڻ جو پروگرام آهي ۽ پرماري
طاقتن جي پاڙ پٽڻ لاءِ انقلابي پيغام آهي. اسان جو
رسول مقبول پاڻ دنيا جو وڏو انقلابي رهنما هو.
اسلام دنيا کان ڀاڄ اختيارڪرڻ جي تعليم هر گز ڪو
نه ٿو ڏئي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته حقوق العباد، جي
دين جو پورو اڌ حصو والارين ٿا. سي ساقط ٿي وڃن
ها. البت اسلام دنيا ۾ غلطان ٿي وڃڻ کان منع ڪري
ٿو، ڇو ته دنيا جي معاملن ۾ موهجي وڃڻ سان حقوق
الله ۽ حقوق العباد جي ادائگيءَ ۾ رنڊڪ پوڻ جو
کٽڪو رهي ٿو. دنيا جي موهه ميراڻ جي مثال آهي،
ميري ڪپڙي مان نماز ٿي وڃي ٿي. پر ان ۾ پليتيءَ جو
هميشه احتمال رهي ٿو، ڇو ته ميري ڪپڙي ۾ پليتيءَ
جو پتو ڪو نه پوندو آهي، اهڙي طرح دنياداريءَ ۾ حد
کان زياده انهماڪ فسق ۽ فجور، فخر ۽ غرور،طغيان ۽
عِصيان تائين پهچائي سگهي ٿو. سيد نا عبدالقادر
جيلاني، خواجه اجميري، حضرت سيد علي هجوري، امام
غزالي، امام رباني مجدّد الف ثاني، شاهه ولي الله
دهلوي ۽ ڪيترن ٻين اسلام جي ”مفڪرن“ تصوف کي
ٻاهران اثرات کان پاڪ ڪري ان کي ان جي اصلوڪي صورت
۽ اسلام سان مطابقت ۾ آڻڻ لاءِ تحسين جوڳيون
ڪوششون ڪيون آهن ڪيترا ٻالا ڀولا ماڻهو ڪن صوفين
سڳورن کان خرق عادات يا ڪرامت جهڙن ڪرتبن صادر ٿيڻ
جي ڪري حيران ٿي ويندا آهن. هن ۾ حيران ٿيڻ جي ڪا
به ڳالهه ڪا نه آهي، مولانا جلال الدين رومي
پنهنجي مشهور و معروف مثنوي ۾ فرمايو آهي:
آئينه دل چون شود صافي و پاڪ،
نقشها بيني برون ز آب و خاڪ
اي
انسان جيڪڏهن تون دل جو آئينو پاڪ ۽ صاف رکندين ته
ڪائنات جا عڪس يعني ماضي، حال ۽ مستقبل جا منظر
پنهنجي اکين جي اڳيان نمودار ٿيندا. هر ڪنهن کي
خبر آهي ته ابد کان ازل تائين ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه
ٿيو يا ٿيڻو آهي، تنهن جي اصلي صورت عالم مثال جي
تختيءَ تي نقش ٿيل آهي ته ساڳئي طرح سان ڪائنات
جون ڪيتريون ئي مخفي قوتون انسان جي روحاني تصوف ۾
ڏنل آهن. جيڪڏهن ڪو انسان حقيقتن صادق ۽ مخلص
آهي، تارڪ الشهوات آهي، انسانذات جي لاءِ ڀلائي جو
ڀنڊار آهي، عبادت گذار ۽ پرهيزگار آهي، دنيا جي
موهه، ڪام ڪروڌ ۽ لوڀ کان آجو آهي ته خود بخود هن
جي دل ۾ ايتري صفائي اچي ويندي جو هو ماضي، حال ۽
مستقبل جون اهي صورتون ڏسي سگهندو جي اسان ظاهر
بين دنيا سازن کان مخفي ۽ مستور آهن. دل جي انهيءَ
ساڳئي صفائي جي ڪري هن کي عناصر قدرت تي ڪجهه تصوف
به حاصل ٿي وڃي ٿو. هتي انهي ڳالهه جو ويچار نه
آهي ته پانڌيئڙو هندو يا مسلمان ٻڌ يا ڪرستان آهي.
ڌوٻي ڪهڙي به مذهب جو هجي پر هو جيڪڏهن محنت سان
ڪپڙن کي ڌوئيندو ته اهي ضرور صاف ۽ نماز پڙهڻ جي
لائق ٿي ويندا.
”ڏات
ناهي ذات تي جو لوچي سو لهي.“
پانڌيئڙو يا سانگيئڙو، سالڪ يا طالب جيڪڏهن مومن
مسلمان آهي، لِلّهيت جو عامل، عابد پرهيزگار ۽ شب
بيدار آهي ته هن کي خداوند عالم وٽان اهو لقاءُ
حاصل ٿئي ٿو، جو ٻئي ڪنهن مذهب جي پانڌيئڙي کي
ڪداچت نصيب ڪونه ٿيندو. اهو لقاءُ ۽ اها نعمت
عظميٰ آهي، حضرت رسول ڪريم جن جو خواب ۾ ديدار.
جڏهن ڪنهن مسلمان کي اهو رتبو حاصل ٿئي ٿو جو هو
رسول مقبول جو ديدار ڪري سگهي ٿو ته هن کي سمجهڻ
گهرجي ته الله تعاليَ جي جاوِداني نعمتن جا دروازا
هن تي کلي ويا آهن. بارگاهه خداوندي ۾ مقبوليت جي
اها صورتحال آهي، جنهن جي لاءِ ڀٽائي گهوٽ سر سهڻي
۾ فرمائي هو ته:
واهڙ
وهن نوان، اڃا وهه اڳي ٿيو.
گهر
ويٺي گهڻا ڪريو سرتيون سنڱ سنوان،
صورت
جا ساهڙ جي سا جي ڏٺي آن،
هوند
نه پليو مان، گهڙو سڀ گهِڙا کڻي،
حضرت
رسول مقبول جو خواب ۾ ديدار هڪ مسلمان سالڪ جو
منزل مقصود هرگز نه آهي. پر اها هڪ نشاني آهي جنهن
مان هن کي خاطري ٿئي ٿي ته هو صحيح سمت ۾ وڃي رهيو
آهي، ۽ هن جو سعيو مشڪور ٿيڻ جي ويجهو آهي معرفت
جي منزل جتي لقاءَ پسبا آهن وجد ۽ حال، فنا ۽
استغراق جا مرحلا اڃا اڳڀرا آهن. سالڪ سلوڪ جي
ڪهڙي به منزل تي هجي، شرعي احڪام جي پابندي هن
لاءِ لازمي آهي. صوفي سڳورا قال کان وڌيڪ حال ڏي
مائل هوندا آهن، سندن حال جي بلندين موافق ئي سندن
درجي بندي ڪئي ويندي آهي. جن حقيقتن سان هنن جو
واسطو رهي ٿو سي زبان سان ٻولي ۾ بيان ڪري نه ٿيون
سگهجن، بس هڪ حال آهي، جنهن ۾ هو مگن رهن ٿا.
”جيئن گنگو کائي ڳڙ ڪشڪي مشڪي ڪين ڪي.“ –(سامي)
حال
جي لمحات ۾ جيڪي لقاءَ هو پسن ٿا، ۽ جيڪي وارداتون
هنن جي لقب سان لاڳو ٿين ٿيون. سي پهريائين ته
اسان رواجي انسانن جي ٻوليءَ جي احاطي کان ٻاهر
آهن، پر جيڪڏهن بي احتياطي ڪري ڪو سالڪ سڳورو انهن
کي بيان ڪرڻ جي جسارت ڪري ٿو ته ظاهر بين عالمن
جي طرفان هن تي يڪدم ڪفر جي فتوا لڳي وڃي ٿي.
منصور حلاج ۽ سرمد سان هن سلسلي ۾ جيڪي تعزير
لڳايا ويا، سي عالم آشڪار آهن. سر زمين سنڌ ۾ سچل
سرمست درازن وارو پنهنجي صاف گوئي ۽ بيباڪي کان
مشهور آهي، جنهن ڪري ئي کيس منصور ثاني جي نالي
سان ياد ڪيو ٿو وڃي. حضرت خواجه بايزيد بسطامي
لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته استغراق جي عالم ۾ هن جي
زبان مان بي اختيار ”سبحاني ما اعظم شاني“ جهڙا
ڪفر سان متقارب لفظ نڪري ويندا هئا. اسان جي لطيف
سائين جو معرفت جي ميدان ۾ تمام اتاهون مقام آهي.
پر عوام الناس کي گمراهي کان بچائڻ خاطر پنهنجي
قلبي واردات جي ڪما حقہ اظهار کان پاسو ڪيو اٿس.
ان جي باوجود مشڪِ ختن وانگر سندن حال ۽ استغراق
جون جهلڪون سندن شهره آفاق رسالي جي سٽِ سِٽَ مان
نمودار آهن، نموني خاطر چند بيت ملاخطه هجن:
1-
ڪيو مطالعه مون هو جو ورق وصال جو
تن ۾ تو ئي تون ٻي لات نه لحظي جيتري.
2-
اسين سڪون جن کي سي اسين پاڻ،
هاڻي وڃ گمان، آ سهي سڃاتا سپرين.
3-
هو پڻ ڪونهي هن ريءَ هي نه هنهان ڌار،
”الانسان سِرّي وانا سِر پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار عالم عارف اهڙي.
4-
سو هي سوهو سو اجل سو الله.
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
5-
ڪين ماپندا من ۾ خودي ۽ خداءِ.
ٻن ترارن جاءِ، ڪانهي هيڪ مياڻ ۾.
-سر(يمن ڪلياڻ)
سريمن ڪلياڻ ۾ وري فنا جو لفظ پوري وضاحت مان ڪم
آندو اٿس،
عاشق
زهر پياڪ، وهه ڏسيو وهسن گهڻو،
ڪڙي
۽ قاتل جا، هو هميشه هيراڪ،
لڳين
لنو لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڙي
چڪن چاڪ ته به آهه نه سلين عام کي.
مٿين
ٻن بيتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه صاحب سالڪ جي
هستيءَ کي مڪمل طرح سان فنائيت جي آخري حد تي ڏسڻ
گهري ٿو، جيئن سر سهڻيءَ ۾ فرمايو اٿس ته:
گهڙو
ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا وئا،
تها
پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا،
هاڻي
سوال اٿي ٿو ته سالڪ جيڪڏهن مڪمل طرح سان جسماني،
ذهني ۽ روحاني طرح سان فنا ٿي ويندو، يعني مري ختم
ٿي ويندو، ته پوءِ هو ڪيئن بقا جو ويس ڌاري، محبوب
حقيقي خدا جو وصل ماڻيندو؟ ڇا هو مري وڃڻ کان پوءِ
ٻيهر موٽي دنيا ۾ ايندو؟ ٻي جُوڻِ اسان مسلمانن جي
عقيدي موجب ممڪن نه آهي ۽ نه ئي وري حلول يعني
ڪنهن ٻيءَ شئي ۾ پنهنجي وجود کي سميٽي ڇڏڻ ممڪن
آهي. شاهه صاحب به فرمايو آهي ته:
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لهه.
اسان
جيڪڏهن پاڻ کي وڃائي ڀسم ڪري ڇڏينداسون ته باقي
اسان ۾ ڇا بچندو، جو ”هوءُ“ لهي سگهنداسون. ظاهر
آهي ته ”پاڻ، انساني وجود جي سفلي صورت آهي، جنهن
کي ناس ڪرڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ ته ”هوءُ“ واري
انسان جي آفاقي صورت حاصل ٿي سگهي. هن ڳالهه کي
سيد فاضل شاهه حيدرآبادي به ڏاڍي سهڻي نموني ۾
نڀايو آهي، فرمائي ٿو ته:
ٿي
فنا في الله فاضل، لنگهه بقا باالله ڏانهن،
امر
موتوا جو مڃي ڏي هن جيئڻ کي تون جواب.
هن
بيت مان به ظاهر ٿئي ٿو ته بقا با الله ٿيڻ واري
هستي ڪا، نئين يا ٻاهرين ڪانهي، بلڪ ”هوءَ“ اها ئي
آهي، جنهن کي فنا في الله ڪيو وڃي ٿو. تنهن جي
معنيٰ ته اصلوڪي سفلي هستي کي رياضتن، ڪشٽن،
ڪشالن، بکن، ڏکن ۽ ٻين انيڪ طريقن سان مات ڪري، ان
مان نئين ۽ اعليٰ هستي جو اخراج ڪيو وڃي ٿو. جيئن
لطيف سائين پاڻ هڪ هنڌ سُر سسئيءَ ۾ فرمايو آهي
ته:
جان
پيهي ڏٺم پاڻ ۾ ڪري روح رهاڻ،
تان
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
هن
بيت مان به ظاهر ٿيو ته پنهون سسئيءَ کان علحده ڪا
ٻاهرين هستي ڪا نه آهي، بلڪ اها سسئي جي روحانيت
سان ڀريل، سراپا صاف ۽ شفاف شخصيت آهي، جا نفسياتي
خواهشن جي ڪورجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي پوري تجلي ۾
نمودار ٿئي ٿي. رنگ آلود ڌاتو کي باهه يا تيزاب ۾
وجهي، ان کي اجارڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. علم ڪيميا
۾ اهو عمل هزارن سالن کان جاري آهي. ارتقا جي
عالمگير جنسار جو به اهو قاعدو رهيو آهي ته هر
سفلي شئي جي رک مان ان جهڙي يا ان کان مٿڀري سطح
تي بهتر شئي پيدا ٿئي ٿي. هن باري ۾ قرآن شريف ۾
فرمايل آهي ته؛
”ماننسَخُ مِن آيت او تُنسهِا ناتِ بِمِثلُها او
خير مِنَها“
(اسين ڪا به شئي نٿا مٽايون، سواءِ ان جي ته ان
جهڙي يا ان کان بهتر شئي ان جي جاءِ تي آڻيون ٿا.)
هاڻي
سمنڊ جي پاڻيءَ جو ئي مثال وٺو. اهو عام طرح سان
انسانن لاءِ بيڪارآهي، پر اهو جڏهن اُس ۾ ٽهڪي ٿو
۽ ٻاڦ ٿي بادلن جي صورت ۾ ملڪ مٿان مينهن وسائي
ٿو ته اهو ساڳيو اڳ وارو کارو پاڻي نباتاتي ۽
جاندار زندگيءَ جو محافظ بڻجي وڃي ٿو. ساڳئي طرح
ڪاٺيءَ جي ڪا خاص اهميت ڪا نه آهي، پر باهه ۾ سڙڻ
سان ان مان جيڪا گرمي ۽ روشني نڪري ٿي، سا انساني
زندگيءِ جي معاون ۽ مددگار آهي. ساڳيءَ طرح سان
ڪنهن ڪاٺ جي خسيس ٽڪر کي وڍي ڪٽي، رندو ۽ پالش هڻي
جڏهن فرنيچر جي صورت ۾ آڻجي ٿو ته ان جو قدر ۽
ملهه تمام گهڻو وڌي وڃي ٿو. گاسليٽ جي ڪا خاص
اهميت ڪانه آهي، پر اهو جڏهين گولي ۾ سڙي، ٻاڦ ٿي
ٻهڪندڙ روشني ڏئي ٿو ته ان جو بهاءُ وڌي وڃي ٿو،
هن ساري بحث مان ظاهر ٿيو ته:
1)
هر ڪنهن شئي جا ٻه وجود آهن، هڪڙو ادنيٰ يا سفلي
وجود ۽ ٻيو اعلي يا اُچو وجود.
2)
هر ڪنهن شئي جو اعليٰ وجود تڏهن ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن
ان جو سفلي وجود ڀڄي ڀُري،سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿو.
انساني وجود سان به ساڳيو قاعدو لاڳو آهي. جڏهين
هن جو سفلي وجود مات ٿئي ٿو، تڏهين هن جو اصلي ۽
اعليٰ وجود پنهنجي پوري جلوي ۽ جوت سان نمودار ٿئي
ٿو. هن صورتحال کي مرحوم آغا حشر ڪشميري اجهو هن
طرح نباهيو آهي:
مٽادي اپني هستي ڪو گر ڪوئي مرتبه چاهي،
ڪه
دانه خاڪ مين ملڪر گل و گلزار هوتا هي،
انسان جي سفلي وجود کي مات ڪرڻ جو سڀ کان اثرائتو
سَڌن يا نفساني خواهشن کي مات ڪرڻ آهي. جيستائين
مَنَ جي سڌن ۽ نفساني خواهشن جي نفي نه ٿيندي،
تيسين تائين اصلوڪي ۽ آفاقي وجود جي جوت ۽ جهلڪ
نصيب ڪا نه ٿيندي. جيسين تائين سڄڻن جي سڪ ۾ نيناڻ
ننڊ اکوڙي، سرتيون ۽ سک ڇڏي، لڳ ۽ لاڳاپا لاهي،
وندر ۽ هاڙهو نه ڏوربا، تيسين ائين آرزوئن جي
آسمان جو درخشده ستارو ”پنهون“ هر گز ڪو نه ملندو.
اسان
جي ڀٽائي گهوٽ انهيءَ صورتحال کي پنهنجي جواب
رسالي ۾ اجهو هن طرح نباهيو آهي:
1-
سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو، نالو نيهن ڳنهن جي.
2-
صوفي چائين سڌ ڪرين صوفن اِيءَ نه صلاح،
ڪاٽي رک ڪلاههَ، وجهه اڇلي آڳ ۾.
3-
وَحده، جي وڍيا، ڪيا اِلالله اڌ،
سي ڌَڙَ پسي سَڌَ، ڪنهن اڀاڳڻ نه ٿئي.
4-
سا سِٽَ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾،
”لا مَقصُودَ في الّدارين“ ان پر آتائون،
سڳرُ سوٺائون، ٿيا رسيلا رحمان سين.
(سُر
يمن ڪلياڻ)
اقبال به اسان جي ڀٽائي گهوٽ وانگر هڪ مسلمان
فلسفي شاعر آهي ۽ انهي ساڳئي سر چشمي سان سيراب
ٿيل آهي، جنهن مان شاهه صاحب خود سيراب ٿيل آهي،
قرآن شريف ۽ رومي. اها ڳالهه سمجهه کان بعيد آهي
ته ڪو اقبال تصوف جي راهه ۾ مولانا رومي ۽ شاهه
صاحب کان علحده راهه اختيار ڪئي هوندي.
ڪلمي
پاڪ جا ٻه حصا آهن. هڪ حصي يعني ”لااِلله، ۾ نفس
جي سمورن لات ۽ منات جي نفي ٿئي ٿي ۽ ٻئي حصي يعني
اِلاّ الله“ ۾ محبوب حقيقي يعني خداوند عالم جو
عڪس من جي اکين اڳيان اچي بيهي ٿو.
اقبال به شاهه صاحب وانگر اسان کي تلقين ڪري ٿو ته
جيڪڏهن خودي يعني خود آگاهي يا معرفت الاهي حاصل
ڪرڻي اٿَو ته من جي سَڌُن ۽ نفس جي خواهشن کي
لااَلله، جي تلوار سان مات ڪريو ۽ دنيا جي غير
ضروري لاڳاپن کان علحدگي اختيار ڪريو. انهيءَ صورت
۾ ئي اوهان جي محبوب حقيقي ”الاالله“ جو اکين کي
خيره ڪندڙ عڪس اوهان جي آڏو اچي بيهندو، چنانچ
ضربِ ڪليم جي صفحه 7 ۾ باب لااِلله الاالله ۾
رقمطراز آهي:
خودي ڪا سِر نِهان لااِللهَ اِلاّاللهُ
خودي
هي تيغ فسان لااِللهِ الااللهُ
يه
دور اپني ابراهيم ڪي تلاش مين هي
صنم
ڪده هي جهان لااِلله الاّاللهُ
ڪيا
هي توني متاع غرور ڪا سودا
فريب
و سود و زبان لااِلله الاّاللهُ
يه
مال و دولتِ دنيا يه رشته و پيوند
بُتان وهم و گمان لاالله الاّالله
نفس
جي نفي ۽ دنيوي علائق جي ترڪ بابت بال جبريل ۾
فرمايو اٿس:
مِٽا
ديا ميري ساقي ني عالَمِ من و تو،
پلا
ڪي مجهه ڪو مئي لاالله الاّ هوُ.
مٿين
سموري بحث مان ظاهر ٿيو ته اقبال ۽ شاهه سلوڪ جي
بنيادي نڪتن تي هڪ ٻئي سان متفق آهن يعني ته:
1)
لااِلله جي تلوار سان سمورين نفساني خواهشن ۽
دنيوي لاڳاپن کي ڪٽي ڇڏجي.
(2)
۽ اِلاّ الله جي آڌار تي اندر کي اُجاري محبوب
حقيقي جي مشاهدي ماڻڻ ۽ جانب جي جلوي جوت ۽ جمال
پسڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪجي.
هاڻي
جڏهن ٻنهي آفاقي شاعرن جو مول متو ۽ مقصد ساڳيو
آهي، ذريعا ۽ وسيلا ساڳيا آهن، طور ۽ طريقا ساڳيا
آهن ته باقي فرق هنن ٻن مشاهيرن جي وچ ۾ فقط لفظ
”خودي“ جي استعمال جو وڃي بيهي ٿو.
شاهه
جي رسالي ۾ لفظ ”خودي“ هيٺين بيت ۾ استعمال
ٿيوآهي:
ڪين
ماپندا من ۾ خودي ۽ خداءِ،
ٻن
ترارن جاءِ، ناهي هيڪ مياڻ ۾،
ظاهر
آهي ته هن بيت ۾ لفظ ”خودي خود پسندي يا خود
پرستيءَ جي معنيٰ ۾ ڪم آندوويو آهي ۽ اها حقيقت به
عيان آهي ته خود پرست ماڻهو خداآگاهه هر گز ڪو نه
ٿي سگهندو. هاڻي ڏسون ته اقبال پنهنجي ڪلام ۾
”خودي“ جو لفظ ڪهڙي مفهوم ۾ ڪم آندو آهي.
هيٺيان بيت ملاحظه هجن:
خودي
ڪو ڪر بلند اتنا ڪه هر تقدير سي پهلي،
خدا
بندي سي خود پوڇي بتا تيري رضا ڪيا هي.
تيري
خودي سي هي روشن ترا حريمِ وجود،
حيات
ڪيا هي؟ اسي ڪا سرور وسوز و حيات.
خودي
تعمير ڪن در پيڪر خويش،
چو
ابراهيم معمارِ حرم شو،
خودي
ڪيا هي راز درون حيات!
خودي
ڪيا هي بيداريءَ ڪائنات!
اقبال جي هنن چئن بيتن ۾ خودي جو لفظ خود آگاهي،
خدا شناسي ۽ قوت قاهره جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو
آهي. ظاهر آهي ته اهي ٽئي وصفون قرب الاهي يا
معرفت نامه کان سواءِ حاصل ٿي نٿيون سگهن ۽ اهو
قرب الاهي يا معرفت نامه ئي آهي جيڪا سمورن صوفين
سڳورن جي شروع زماني کان غرض ۽ غايت، منزل ۽
منتهيٰ پئي رهي آهي.
باقي
رهي خودي بمعنيٰ ۾ خود پرستي، سو ان جي ڪا به نسبت
ان شخص سان لاڳو نٿي ڪري سگهجي. جو پاڻ عجزو نياز
۽ سوزو گداز جو پيڪر هو.
اقبال جنهن معنيٰ ۾ خودي جو لفظ ڪم آندو آهي، ان
ساڳئي مفهوم يعني قوت قاهره ۽ معرفت الاهي جي
ادائگي لاءِ ڀٽائي گهوٽ لفظ ”پاڻ“ يا ”آئون“ ڪم
آندو آهي، جي فارسي لفظ ”خود“ جون سنڌيءَ ۾
معنائون آهن. هاڻي ڏسون ته شاهه صاحب انهن لفظن
کي پنهنجي لاجواب رسالي ۾ ڪهڙي مفهوم ۾ ڪم آندو
آهي. ڪي ٿورا بيت ملاحظه هجن:
جان
پيهي ڏٺم ”پاڻ“ ۾ ڪري روح رهاڻ،
تان
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس، ’پاڻ، سسئي تان سور هئا
سسئي
جڏهن پنهنجي سفلي وجود کي ترڪ لذات وشهوات سان ختم
ڪيو، تڏهن سندس روحاني صفائي انهي حد تائين پهتي،
جو هوءَ پنهنجو پاڻ کي پنهون سمجهڻ لڳي. ۽ اها
منزل معرفت الاهي جي آهي.
عالم
آئون ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري،
پاڻ
نه آهي ڄاڻ، مانڊي منڊ پکڙيو
.-(سر يمن ڪلياڻ)
هتي
لفظ ’آئون، انهي عالمگير قوت قاهره جي لاءِ
استعمال ٿيو آهي جا سڄي ڪائنات جي تحرڪ ۾ ڪارفرما
آهي. اقبال جي فڪر موافق اها هڪ ڪائناتي خودي يا (
Universal Ego) آهي جا
اهو سارو ڪم سر انجام ڏئي ٿي. هن بيت ۾ شاهه صاحب
اسان جي هن سنسار يعني عالم رنگ و بوءِ کي هڪ
اٿاهه مهاساگر يا بحر ذخار سان مشابهه بنايو آهي
جو هميشہ طلاطم ۽ طغيان ۽ موجن ۾ مستان آهي. هاڻي
ڏسون ته شاعر مشرق علامه اقبال ساڳئي مفهوم کي
پنهنجي شاهڪار ’ساقي نامه، ۾ ڪهڙي طرح سان نڀايو
آهي. فرمائي ٿو ته:
دما
دم روان هي يَمّ زندگي،
هر
اک شي سي پيدا رمّ زندگي.
شاهه صاحب واري بيت جي ٻي سٽ، جنهن ۾ مانڊي جي
منڊ پکيڙڻ بابت چيو ويو آهي، تنهن مفهوم کي اقبال
۾ پنهنجي ساقي نامه ۾ اجهو هن طرح نڀايو آهي،
يه
عالمه يہ بتخانه شش جهات،
اسي
ني تراشا هي يہ سومنات.
انهيءَ ساڳئي ساقي نامه ۾ اڳتي هلي اقبال وحدت ۽
ڪثرت جي حيرت ۾ وجهندڙ ڏيکاءُ جو ذڪر هيٺين طرح
ڪري ٿو:
يہ
وحدت هي ڪثرت مين هر دم اسير،
مگر
هر ڪهين بي چگون بي نظير.
وحدت
۽ ڪثرت جي انهيءَ منجهائيندڙ ڏيک بابت شاهه لطيف
پنهنجي رسالي ۾ فرمائي ٿو ته:
وحد
تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق
حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي ۾ ڀُلُ،
هُو
هُلاچو هلّ، بالله سندو سڄڻين.
شاهه
جي رسالي ۽ اقبال جي ساقي نامي جي مقابلي مطالع
مان معلوم ٿيندو ته شاهه صاحب ۽ اقبال جي خيالات
۽ مشاهدات، محسوسات ۽ مڪشوفات جي وچ ۾ ڪمال درجي
جي هڪ جهڙائي آهي. اهو سڀ ان ڪري ٿيو آهي جو ٻنهي
بزرگن جي شعور ۽اِلهام جو سرچشمو ساڳيو آهي، يعني
قرآن شريف، عشقِ، رسول ۽ مثنوي مولانا روم.
چنانچه، اسان جيڪڏهن لطيف سائين جي لفظ پاڻ کي
اقبال جي لفظ خودي وارو مفهوم ۽ مطلب
پهرائينداسون، جيئن لغوي طرح سان اسان تي واجب ٿئي
ٿو، ته پوءِ ڏسبو ته شاهه صاحب پنهنجي لفظ ”پاڻ“
کي اقبال واري لفظ” خودي“ وانگر انسان جي ارفع ۽
اعليٰ، منزه ۽ مُبرّيٰ هستيءَ جي لاءِ ڪم آندو
آهي، جا پنهنجي صورت ۾ سيرت، جلال ۽ جمال ۾ رب
تعاليٰ جي صحيح نموني ۾ ترجمان آهي. رسالي مان ڪي
بيت مطالع لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:
جان
جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود،
وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چو.
اسين
سڪون جن کي سي اسين پاڻ،
هاڻي
وڃ گمان، سهي سڃاڻان سپرين،
پاڻهين جَل جلالہُ، پاڻهين جان جمال،
پاڻهين صورت پرين جي، پاڻهين حسن ڪمال،
پاڻهين پير مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال،
سڀ
سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.
”خودي“ ۽ ”پاڻ“ جي مطابقت ۾ هڪ مشهور ايراني شاعر
جي هيٺين رُبائي ڏيئي اسان اها ڳالهه ثابت ڪري
سگهون ٿا ته فارسيءَ جي شاعرن به لفظ خودي يا خود
اوئي انسان جي اعليٰ ۽ آفافي وجود جي لاءِ ڪم آندو
آهي؛ جو فقط سفلي وجود کي تڪليفن، ڏکن ڏاکڙن، بکن
۽ رياضتن جي وسيلي ختم ڪرڻ کانپوءِ حاصل ٿي سگهي
ٿو.
دِلا
جستم سر تاسر،
نديدم در تون جز دلبر،
مخوان اي دل مرا ڪافر،
اگر
گويم تو خود اوئي. |