فتوحات ۽ ڊوائين حيات بعد الموت جي حقيقتن ۽
ڪيفيتن جي معلوم ڪرڻ جون ڪوششون آهن، اگرچ معنوي
اعتبار سان ٻئي جدا آهن، هڪ عرفاني مشاهدن جي حامل
۽ ٻي علمي، ادبي ۽ سياسي نڪتن جو مجموعو. اگرچ
ٻنهي تصنيفن جو مقصد اخلاق جي برتري آهي. پر صوفي
جو مشاهدو ٻيو آهي. ۽ ڊراما نويس جو فڪر ٻيو.
علامه اقبال جي تصنيف حيات بعد الموت جتي غور ڪرڻ
جي بجاءِ، حيات مطلق يعني حيات انساني جي بقا جي
حامل آهي. سندس تصنيف جو خاص مقصد هي نه آهي، ته
مرڻ کان پوءِ بهشت يا دوزخ ۾ انسانن جي حياتي ڪيئن
گذرندي، مگر جنهن حقيقت کيس هميشه پيچ تاب ۾ پئي
رکيو آهي، اها هيءَ آهي ته موجوده حيات انساني،
موجوده تهذيب ۽ تمدن جي بيرحم هٿن کان ڪيئن بچي،
جنهن تهذيب ۽ تمدن جون واڳون، مغرب جي هٿن ۾ آهن،
جنهن جي غلط ڪارين کان انسانذات هر روز هولناڪ
تباهيءَ جي منتظر ٿي رهي، جاويد نامه ان ڪري
انساني بقا جو علمبردار آهي ۽ ڪتاب تي اهو نالو
بيحد موزون پيو لڳي. هن بحث جي تڪميل لاءِ ضروري
آهي ته جاويد نامه جي ترتيب جو اختصار پيش ڪيو
وڃي، تان جو هي اسان تي ظاهر ٿي سگهي ته نبي، ولي،
شاعر، فلسفي ۽ فلسفي شاعر ۾ ڪهڙو تفاوت آهي. هن
کان اڳ ۾ جو جاويد نامه جي ضروري حقيقتن ڏانهن
متوجه ٿيان، هي ضروري آهي ته ڪتاب جي ديباچي کي
ڏيان، جو نهايت مختصر طرح فقط چئن سٽن ۾ بيان ڪيو
ويو آهي، جنهن مان انساني زندگيءَ جو نصب العين
پڙهندڙن تي ظاهر ٿو ٿئي. شاعر جو خيال آهي ته آخرت
جي منزل ۾ قدم رکڻ کان اڳ ۾ ممڪن آهي ته حيات
انساني زمين وانگر ٻين ستارن کي به آباد ڪري. هي
خيال سائنسدانن جهڙو نظر اچي ٿو، جي مريخ ۽ چنڊ ۾
پنهنجي انساني آبادڪاريءَ جو سلسلو قائم ڪرڻ گهرن
ٿا. اقبال فرمائي ٿو ته:
آسمان جي آ بلندي تي سدا منهنجو قيام
ڪهڪشان ۽ چنڊ جي آغوش ۾ منهنجو مقام
ڇڏ
گمان هي خاڪدان پنهنجو نشيمن ڪين ڄاڻ
آه
هر تارو جهان يا نئين جهان جو اهتمام
ديپاچه محض سائنس جو ڪمال نه ٿو ڏيکاري، مگر معراج
جي روايتن ۾ هيءَ حقيقت موجود آهي ته حضور جنهن
فلڪ تي تشريف فرما ٿيا، اتي ڪنهن نه ڪنهن نبي سان
ملاقات فرمايائون. جيڪڏهن سائنس وارا مريخ ۽ ٻين
سيارن ۾ حياتي جا قائل آهن ته ان جو ذڪر معراج جي
روايتن ۾ به موجود آهي، حضور جن معراج جي سلسلي ۾،
سيارن جي بجا افلاڪ جو ذڪر آهي. علامه اقبال ان
نڪتي کي سامهون رکندي، جاويد نامه ۾ قمر،عطارد،
مشتري وغيره کي فلڪ جو نالو ڏنو آهي.
مناجات:
جاويد نامه، ديباچي کانپوءِ مناجات سان شروع ٿئي
ٿو. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مناجات پنهنجو مٽ پاڻ
آهي. حياتي جي حقيقتن کي جنهن مفسرانه انداز ۾ پيش
ڪيو ويوآهي، ان کي ڏسي هيئن چئي سگهجي ٿو، ته
هرمصرع مان ولايت جو نشان ظاهر آهي.”شڪوه“ جي صاحب
هتي به پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، خدا جي دامن
کي مضبوط ورتو آهي. مناجات جي ابتدا، هفت رنگ جهان
۾، هم نفس جي محروميءَ کان شروع ٿئي ٿي. سڀ کان
اول شڪايت اها آهي. ان ڪري موجوده جهان شاعر کي
پسند نه ٿو اچي، فرمائي ٿو:
آ
طلب ۾ هنفس جي بيقرار
ٿي
سيکاري کيس جا دانهون هزار
پر
جهان هي جو سڄو ئي آب و گل
ڪيئن
چئي سگهجي ٿو واقف ڪار دل
هيءَ
رات ڏينهن جي دنيا بار خاطر آهي، جنهن لاءِ علامه
هڪ هنڌ فرمايو آهي:
اين
چه حيرت خانهء امروز فردا ساختي
”هي
ڪهڙو نه اڄ ۽ سڀان جو حيرت خانه ٺاهيو ٿئي.“
مناجاتي التجا آهي ته هن چئن طرفن جي جهان جي بجا،
جنهن جو وجود، هڪ ٻي سياري جي وجود جو محتاج آهي،
ان کي هو جهان عطا ڪر، جنهن ۾ فنا ۽ بقا جو ڪو به
اظهار نه هجي.
مون
ڏٺو روز جهان چار سو
جنهن
جي تنويرن کان چمڪي ڪاخ وڪو
ان
جو سياري جي گردش کان وجود
پاڻ
ڪجهه ڀي ڪين آ پر رفت و دبود
اي
خوشا او ڏينهن جو ايام کان
بي
تعلق آه صبح و شام کان
اي
خدا ڪنهن ڏينهن ڪر او ڏينهن قريب
وٺ
مون کان بي سوز هي ڏينهن بي نصيب
سڀ
کان وڏي شڪوه هي آهي ته جنهن هستيءَ جي شان ۾
تسخير جي آيات نازل ٿي، جنهن جي ديده جي لاءِ نيرو
آسمان مستانه بڻيو، جنهن کي علم الا سماءِ جو
رازدان بڻايو ويو، گويا سڄي علم کان برگزيده ڪيو
ويو، ان کان پنهنجي ذات کي حجاب ۾ رکيو ويو. تجلي
ذات جي مشاهده جي عاشقانه بيتابي، هن کان زياده ٻي
ٿي نٿي سگهي. فرمائي ٿو.
آيهء
تسخير ڪنهن جو شان آهه؟
ڪنهن
تي نيرو آسمان حيران آهه؟
علم
الاسما جو دانا ڪير آهه؟
مست
ساقي، جام، صهبا ڪير آهه؟
تير
تنهنجي، منهنجي سيني کي چٽيو،
حرف
ادعوني کي ڪنهن ڪنهن لئي چيو
رخ
سندءِ ايمان ۽ قرآن آهه؟
تنهنجو جلوي کان پري ڇو جان آهه.
علم
۽ عقل جون نعمتون ته ڪافي عطا ٿيل آهن، پر هڪ ذات
تجلي آهي، جنهن کان اسان کي دور رکيو ويو آهي. ان
ڪري:
ري
تجلي زندگي مجبوري آهه
عقل
مجبوري ۽ دين مهجوري آهه
عقل،
دين ۽ مشاهده جو ذڪر علامه بار بار هر جاءِ تي
ڪيو آهي. هنن شين کان دور رهڻ سبب، هو دنيا جي هر
چيز کان بيزاري ڏيکاري ايستائين چئي ڏي ٿو:
کول
اڄ هن پرده اسرار کي
يا
ته وٺ هن جان بي ديدار کي
فڪر
جو وڻ منهنجو آهي بي ثمر
يا
ڪهاڙي آڻ يا باد سحر
تمهيد آسماني. مناجات کانپوءِ تمهيد آسماني ۾،
آسمان جي زبان کان زمين کي طعنو ڏنو ويو آهي:
اڀ
نيري هيئن زمين تي طعن ڪٿي،
تو
جيان قسمت نه مون ڪنهن جي ڏٺي
منهنجي اندر تو جيان انڌو نه ٻيو
منهنجي ئي قنديل تو لئي نور ٿيو
خاڪ
جي الوند ٿي، ري خاڪ ناهه
دائما روشن جيئن افلاڪ ناهه
زمين
هي طعنو ٻڌي شرمندي ٿئي ٿي، ۽ پنهنجي محرومي جي
شڪايت خالق سان ڪري ٿي. ان وقت کيس هي تسلي اچي
ٿي:
تون
امانت پنهنجي کان اي بي خبر
غم
نه ڪر، اندر ۾ وجهه پنهنجي نظر
تو
مٽايو پنهنجو ڇو نقش اميد
نور
جان آ، خاڪ کان تنهنجي پديد
عقل
آدم جو جهان تي حمله ور
عشق
ان جو لامڪان تي حمله ور
تهميد زميني: تهميد آسماني کانپوءِ، تهميد زميني
جو حصو بيحد اهم آهي، هتان جي آسمانن جو سير شروع
ٿئي ٿو. حقيقت ۾ تمهيد زميني پهريائين اچڻ گهرجي
ها، ۽ تمهيد آسماني پوءِ . جيئن ته هڪ زميني
آسمانن ڏانهن وڃي رهيو هو، ان ڪري پهريائين آسمان
جو طعنو ڏنو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ زمين جي عظمت
ڏيکاري وئي آهي، ڊانٽي جي خلاف علامه اقبال
درياهه جي سير تي نڪري پوي ٿو، ۽ رومي جو روح، هڪ
ٽڪري جي پٺ کان ظاهر ٿئي ٿو. شاعر ان کان موجود، ۽
ناموجود ۽ معراج جي حقيقت پڇي ٿو، رومي کيس فرمائي
ٿو:
جاءِ
تي پنهنجي رسڻ آ زندگي
ذات
بي پرده ڏسڻ آ زندگي
مرد
مومن کي نه اٽڪائي صفات
مصطفيٰ راضي نه ٿيو الا بذات
نظم
جي هن حصي ۾ شاعر زمان ۽ مڪان جي موجوده تخيل تي
قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ بحث ڪيو آهي، جو نهايت دل
آويز آهي.
فلڪ
قمر: فلڪ قمر سڀ کان پهريائين اچي ٿو. ان جي هڪ
غار ۾ پهريائين هندستان جو هڪ قديم عارف کين ملي
ٿو. رومي ان کي جهان دوست (وشوامتر) جي نالي سان
سڏي ٿو. جهان دوست رومي کان سوال ڪري ٿو، ته عالم
ڇا آهي؟ آدم ڇا آهي؟ ۽ حق ڇا آهي؟ رومي ٻن شعرن ۾
ان سڄي مسئلي جو حل ٻڌائي ڇڏي ٿو:
دمي
شمشير حق، شمشير زن
هي
جهان شمشير لئي سنگ فسن
شرق
حق سمجهو ۽ عالم نا ڏٺو
غرب
عالم ڏي ڏٺو حق کان ڇٽو
جهان
دوست هنن حقيقتن کي قبول ڪري ٿو، ۽ مڃي ٿو ته مشرق
اڄ ڏينهن تائين وجود ۽ عدم جي مسئلن ۾ ڦاٿو رهيو،
پر هي ان جي مستقبل کان نا اميد نه آهي، ٻڌائي ٿو
ته ڪالهه قشمرود (فلڪ قمر جو هڪ جبل) جي چوٽين تي
هڪ فرشتو آسمان کان نازل ٿيو، ان جي نگاهن مان ذوق
ديدار ظاهرٿي ڏٺو، سندس نگاهه فقط اسان جي زمين
ڏانهن هئي. مان پڇيو مانس ته هن خموش خاڪ ۾ تو کي
ڇا نظر اچي رهيو آهي. ڇا ڪنهن حسين جي جمال تي ته
نظر نه اٿيئي؟ هن جواب ڏنو ته:
آه
خاور ۾ چيائين روشني
سج
تازي جي وري اڀري ڪني
وٺ
پڪڙ ۾ آهه ان جو هر ڪنار
لرزي
۾ ان جا ڏسان ٿو ڪوهسار
عرش
وارن لئه گهڙي او صبح عيد
ٿي
ڪنهين ملت جي وا، چشم سعيد
هن
منظر کان پوءِ يرغميد جي وادي ۾ شاعر ۽ ان جو
رهنما داخل ٿئي ٿو. هن وادي جو نالو فرشتن جي زبان
۾ طواسين جي وادي آهي. طس، قرآن ڪريم جي هڪ صورت
جو نالو آهي ۽ حروف مقطعات ۾ داخل آهي. جيئن ته هي
ادب کان پري هو، ته پيغمبر سان دوبدو ملاقات ڪئي
وڃي، ان ڪري شاعر کي ساڻن گفتگو ڪرڻ جي بجاءِ فلڪ
قمر ۾ اهي پٽيون ڏيکاريون ويون آهن، جن جي ڪتبن ۾
هر هڪ جي تعليم جي وضاحت ڪيل آهي. اهي طاسين
چارآهن.
فلڪ
عطارد: ان کانپوءِ شاعر ۽ سندس رهنما فلڪ عطارد ۾
پهچن ٿا، هتي جمال الدين افغاني ۽ سعيد حليم پاشا
جي روحن سان ملاقات ڪن ٿا. افغانيءَ سان تعارف
ڪرائيندي رومي کيس ٻڌائي ٿو ته منهنجي رفيق جو
نالو ”زنده رود“(جيئري ندي) آهي. زنده رود کان
افغاني اسلامي ملڪن جو احوال پڇي ٿو، ۽ هو کيس
جواب ڏئي ٿو، افغاني پوءِ کيس دين ۽ وطن جو صحيح
مفهوم ٻڌائي ٿو ۽ اشتراڪيت ۽ ملوڪيت جو پردو فاش
ٿوڪري.
زندگي هڪ آ خروج ۽ ٻي خراج
ٻن
پڙن ۾ آهه آدم جئن زجاج
سعيد
حليم ترڪن کي هئن ٿو پيغام ڏئي:
جي
مسلمان ڄاڻ تو کي آ جان و جگر
پاڻ
کي ڏس رک قرآن تي نظر
ان
جي هر آيت ۾ آهن سو جهان
آ
لڪل هر لفظ ۾ ان جي زمان
عصر
حاضر ليءَ جهان هڪ آهه بس
وٺ
اگر سيني ۾ ٿي دل نڪته رس
بندهء مومن آ، آيات خدا
هر
جهان جي ٿي لهي ان تي قبا
هڪ
جهان ان وٽ پراڻو جئن ٺهي
ٿو
جهان قرآن ٻيو ان کي ڏئي
زنده
رود کي شڪايت آهي ته قرآن ته موجود آهي پر ڪو به
نٿو ڄاڻي ته قرآن جو جهان ڪٿي آهي؟ افغاني هن نڪتي
کي حل ڪرڻ لاءِ محڪمات عالم قرآني کي بيان ڪري ٿو،
جي آهن:
1.
خلافت آدم.
2.
حڪومت الهيٰ.
3.
زمين خدا جي ملڪيت آهي.
4.
حڪمت خير ڪثير آهي.
هنن
عنوانن هيٺ جو بحث آيو آهي، اهو ايڏو ته وسيع آهي
جو جيڪڏهن مفصل لکيو وڃي ته هڪ وڏو ڪتاب مرتب ٿي
وڃي. اڳتي هلي اشتراڪي نقط نگاهه کان قرآن جون ڪي
حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن، جيئن ته بادشاهن جي
ملڪ ويراني، ربا جي منع، الارض الله ۽ لن تنا
لواللبير جي تشريح فرمائي ٿو:
ڇاه
قرآن؟ موت خواجي جو پيام
چمڪي
ان کان بي سرو سامان غلام
خير
زردارن ۾ ڳولهج ڪين تو
لن
تنالواللبر حتيٰ تنفقو
فتني
کي پيدا ڪري آخر وياج
قرض
حسنيٰ کي ٿو ڄاڻي ڪو مزاج
ٿي
ربا کان جان ڪري دل پهڻ
آدمي
بڻجي وڃي ٿو ديو ڄڻ
وٺ
زمين کان رزق پنهنجو آ روا
هي
متاع بنده آ، ملڪ خدا
آهه
مالڪ حق ۽ مومن آ امين
آهه
مالڪ غير حق جيڪي ڏسين.
پنهنجي کاڌي لاءِ هڪ آماده
دوده
آدم ڪنفس واحده.
فلڪ
زهره: شاعر جي جان پاڪ طرف کان ٻي طرف ڏانهن پر
واز ڪندي وڃي ٿي، هڪ جهان مان گذري ٻئي ۾، ٻئي مان
گذري ٽئين ۾ وڃي نڪري ٿو. سندس فطري بيتابي جي
انتهائي آهي:
ٿو
ڪري پرواز اندر ملڪ نور
ان
جي چنبي کي وٺي جبريل و حور
آهه
مازاغ البصر ان جو نصيب
ٿي
مقام عبده. جو هو رقيب
مقام
عبده جي رقابت جو مسئلو هڪ نعتيه شعر ۾ ڪيئن نه هڪ
شاعر هيئن هل ڪيو آهي:
موسيٰ زهوش رفت، بيک جلوه صفات
توعين ذات مي نگري در تبسمي(13)
فلڪ
زهري ۾، پهريائين قديم خدائن جي محفل جو منظر ٿو
اچي، ڪي نالا حقيقي آهن،ته ڪي شاعر جا پنهنجا ڏنل
آهن، انهن مان هر ڪو پنهنجي وري زنده ٿيڻ جي امڪان
تي زور ڏئي رهيو آهي، هنن جي وضاحت آهي، ته هي دور
وري بي خليل بڻجي ويو آهي، ۽ ڪو به بت مشڪن باقي
نه رهيو آهي.
پنهنجي هستي جو وري آڻن دليل
آ
مزاج دور حاضر بي خليل
بت
بعل هڪ نغما ڳائي ٿو، هي نغمو ابو جهل جي نوحه جو
جواب سمجهڻ گهرجي، ڪعبي جي بتخاني کي حرم ۾ تبديل
ٿيندو ڏسي، ابوجهل جي فرياد هئي ته:
آ
محمد کان هي سينو داغ داغ
گل
ويو ٿي ان کان ڪعبي جو چراغ
قيصر
و ڪسرا ٿيا ان کان هلاڪ
نوجوانن کي ڇڪيو ان دست پاڪ
اسلام جي موجوده پستيءَ کي ڏسي، ابوجهل ڪائنات کي
اپيل ٿو ڪري ته حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم کان
هاڻي بدلو ورتو وڃي.
ان
جو مذهب قاطع ملڪ و نسب
منڪر
قرش آه ۽ فضل عرب
آ
نظر ۾ ان جي هڪ بالا و پست
ٿي
غلامن سان سندس يڪجا نشست
قدر
احرار عرب کان ٿي پري
بد
اصل حبشي سان صحبت ٿو ڪري
بعل
جو نغمو آهي ته بت نه فقط بت پرست کي تسلي ٿو ڏئي
پر پنهنجي ساٿين کي خوشخبري به ٿو ڏئي ته هاڻي
آدم وري بت پرستيءَ جي طرف رجوع ٿي رهيو آهي. وقت
آيو آهي، ته اٿو ۽ دنيا ۾ پنهنجا پرستار پيدا
ڪريو، هن ماده پرستي کي زنده ڪرڻ لاءِ هو خصوصن
فرنگين جو شڪر گذار آهي:
هو
فرنگي خوش رهي مشرق شناس
جنهن
اسان کي قبر کان ٻاهرنيو
زياده عمدو موقعو هن ڪري به بڻيو آهي ته ابراهيم
جو قائم ڪيل اتفاق منتشر ٿي ويو آهي ۽ آل ابراهيم
خود بي ذوق آهي. ملڪ ۽ نسب جي نون نون نظرين، دين
۽ مذهب کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اسلام سڀ کان وڏو
پهاڙ هو، جو اسان جي رستي ۾ روڪ هو، پر اڄ هزارين
بولهب هن چراغ جي وسائڻ جي پوئتان آهن.
هن
کانپوءِ مسافر، فرعون ۽ لارڊ ڪچنر جي روح کي ڏسن
ٿا، ڪٿي؟ زهره جي هڪ درياهه جي تهه ۾ ڇا ڪاڻ ته
ٻنهي جو انجام، سمنڊ جي تهه ۾ ٿيو هو. سمنڊ جي
اندر سندن مجلس جاري آهي. رومي اقبال کي چوي ٿو ته
”ڊڄ نه، مون کي هٿ هٿ ۾ ڏي. مان موسيٰ وانگر
دريا جي سيني کي چيرڻ ڄاڻان ٿو،“ ٻئي سمنڊ ۾ قدم
رکن ٿا، ۽ سمنڊ پنهنجو سينو کولي ٿو ڏئي، هن حيرت
انگيز منظر جي تصوير شاعر هيئن ٿو ڪڍي:
پنهنجو سينو هن اسان لئي کوليو
ڄڻ
هوا پاڻي کي چيري ڇوليو
ڪن
سندس هو واديءَ بي رنگ وبو
واديءَ تاريڪ ان جي بي نمو
پير
رومي سوره طاها پڙهي
زير
دريا چنڊ ڄڻ آيو لهي
ٿي
جبل عريان ڏٺا ۽ خشڪ و سرد
تن
جي اندر دربدر، حيران ٻه مرد
اقبال جي هن تخيل جو مثال، ڊانٽي ۽ ابن عربيءَ جي
ڪلام ۾ مشڪل سان ملندو. فرعون ۽ ڪچند حيرت ۾ هڪ
ٻئي کي ڏسن ٿا. آخر فرعون مسافرن کان پڇي ٿو ته،
سمنڊ جي تهه ۾ صبح جو هيءُ نور ۽ ظهور ڪٿان آيو،
رومي ٻن لفظن ۾ هيءَ حقيقت انهن کي ٻڌائي ٿو،
فرعون جي سوال جو جواب فقط هي شعر آهي:
هر
لڪل شئي مان ئي جلوه جو ظهور
هي”بديضن“ جو اصلي آهه نور
روايت آهي ته فرعون آخري وقت ۾، ٻڏڻ کان اڳ ايمان
جو اعلان ڪيو هو. مسلمان جو عقيدو آهي ته ايمان ان
وقت جو قبوليت جي لائق ٿي نه ٿو سگهي. حقيقت شاعر
جي سامهون آهي، روميءَ کان فرعون هي لفظ ٻڌي افسوس
ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته:
آه،
عقل ۽ دين منهنجو ٿيو فنا
مان
ٿيس ان نور کان نا آشنا
پنهنجي موت، شهنشايت ۽ فرعونيت جي انجام تي رت جا
ڳوڙها وهائيندي چوي ته:
ٿو
پڇين تقدير شاهي؟ دشمني
ڏس
نفاق ان کان وٺي ٿو محڪمي
سمنڊ
جي تهه ۾ موت جي ڏينهن کان وٺي، اڄ تائين فرعون
انهي حسرت ۾ گم آهي ۽ پنهنجي پشمانيءَ جو اظهار
هئن ٿو ڪري:
جي
ڏسان موٽي ڪليم الله کي
مان
گهران ان کان دل آگاهه کي
فرعون کان پوءِ لارڊ ڪچنر ۽ مهدي سوڊانيءَ جو
تفصيل سان ذڪر ٿو اچي. مهدي عرب جي روح کي بيدار
ڪرڻ لاءِ، عربي قومن کي خطاب ٿو ڪري.
فلڪ
مريخ؛ زهري جي سير کانپوءِ، شاعر رومي جي رهبري
هيٺ فلڪ مريخ ڏانهن اسهي ٿو، شاعر جو تخيل هن
ستاري ۾ هڪ فلاسفر ٿو ڏيکاري، جنهن کي حڪيم، مريخ
ٿو سڏي. هو انجم شناس آهي ۽ دنيا جي مسافرن جي
حالات کان پوريءَ ريت واقف آهي، بلڪ ڪنهن زماني ۾،
دنيا جو سير به ڪري چڪو آهي. شاعر کي ٻڌائي ٿو ته
هو جتي پهتوآهي. ان کي مرغدين شهر جي پسگردائي
سڏبو آهي. مرغدين جي حالات ۾ هو ٻڌائي ٿوته:
هت
سوالي يا ڪوئي محروم ناهه
عبد
و مولا، حاڪم و محڪوم ناهه
هتي
زنده رود ۽ حڪيم مريخي جي وچ ۾ تقدير ۽ تدبير جي
مسئلي تي گفتگو ٿئي ٿي. زنده رود تقدير جي متعلق
پنهنجو نئون خيال پيش ڪري ٿو. جنهن مذهب، تقدير کي
تقدير قناعت، سڪون ۽ بي علمي سمجهي عقيدي وانگر دل
۾ جاءِ ڏني آهي، انهن لاءِ چوي ٿو ته:
ڇا
ڪبو ان دين کي جو ننڊ ڏي
پوءِ
گهري ننڊ ۾ تو کي وجهي
سحر
افسون آهه يا دين آهه هي
حب
افيون آهه يا دين آهه هي
فلڪ
مريخ ۾ هزارين محلاتن کان گذرڻ بعد شاعر هڪ شهر ۾
پهچي ٿو، جنهن جي ٻاهران هڪ وسيع ميدان آهي. اتي
مرد ۽ زالن جو وڏو هجوم آهي، جن جي وچ ۾ هڪ عورت
تقرير ٿي ڪئي. ان جو ظاهري چهرو خوبصورت هو. پر
باطن بي نور هو، ان جو گفتگو بي سوز ۽ اکيون بي نم
يعني محبت جي سرور کان بي نصيب. هيءَفيشن ۽ آزادي
تي مست ۽ محبت جي دستور کان قطعي نا واقف، مرد ۽
عورت جي تعلق کي برو سمجهندڙ، بلڪل اهڙي ريت، جيئن
يورپ جون عورتون، جن جي تقليد ۾ مشرق جون عوتون به
پنهنجو رنگ مٽائي رهيون آهن. حڪيم مريخي مسافرن
کي ٻڌائي ٿو ته ”هي نوجوان ڇوڪري، مريخن مان نه
آهي، پر هڪ بد ڪردار مريخي ان کي يورپ کان کڻي هتي
آيو آهي، تان جو مريخن جي عورتن ۾ فساد ۽ انتشار
پيدا ڪري. فرامرز کيس تبليخ جي فن ۾ پختو ڪيو آهي
۽ هوءَ دعوا ٿي ڪري ٿو ته مان آسمان کان نبيه ڪري
موڪلي وئي آهيان ۽ سندس دعوت، دعوت آخر زمان آهي.
سندس فن آهي:
آ
مقام مرد و زن ان جو سخن
ٿي
چوي هي فاش اسرار بدن
هن
آزاد عورت جو پيغام ڪيڏو نه دليرانه آهي:
عورتو، اي مائرو، اي ڀينرو،
دلبرن وانگر جيئڻ هي آهه ڇو؟
دلبري اندر جهان مظلومي آهه
دلبري محڪومي ۽ محرومي آهه
چوٽين کي ڏئي ڦڻي ويڙهي ڇڏيون
مرد
کي نخچير پنهنجو ٿا ڇڏيون
مرد
پر نخچير تي کيڏي شڪار
تنهنجي چوڌاري وجهي مضبوط ڄار
ان
سان گڏ گهارڻ ٿي آزار حيات
وصل
زهر آ ۽ فراق آهي نبات
علامه اقبال، هن مضمون ۾، يورپ جي طرز زندگي تي
بيباڪ تنقيد ڪئي آهي.
فلڪ
مشتري: فلڪ مشتري ۾، شاعر سان جليل ارواح، منصور
حلاج، غالب ۽ ايران جي مشهور شاعره قرته العين
طاهره ملن ٿا، نواءَ حلاج، نواءِ غالب ۽ نواءِ
قرته العين کانپوءِ، زنده روح پنهنجي مشڪلات انهن
بزرگ روحن جي سامهون رکي ٿو ۽ سندن جواب ٻڌي ٿو.
سوال: مومنن کان جاءِ تنهنجي دور ڇو؟
يعني
جنت کان آهين مهجور ڇو؟
حلاج
جو جواب شاعر هيئن ٿو ڏئي:
جنت
ملا مي و حور و غلام
جنت
زآ ادگان سير دوام
عشق
شڪوه کان سندم بيگانه آهه
گرچه
ان کي گريه مستانه آهه
هي
دل مجبور ڪجهه مجبور ناهه
هن
کي ماريو ڪنهن نگاهه حور ناهه،
آگ
پنهنجي کي اٿاري ٿو فراق
جان
پنهنجي کي سنواري ٿو فراق
بي
خلش جيئڻ، اجائي آ حيات
زندگي کي آهه پڄرڻ سان ثبات
هي
جواب واقعي منصور کي ئي ٺهي ٿو. ان بعد هو
”اناالحق“ جي معنيٰ سمجهائي ٿو. جنهن لاءِ هن جو
چوڻ آهي ته اناالحق چوڻ ڪفر نه هو، پر خودي جو
انتهائي مظاهرو هو، هو شاعر کي تنبيهه ٿو ڪري ته
تون به ائين ڪري رهيو آهين، متان تو کي به ان جو
عيوض ڏيڻو پوي:
مون
ڪيو هو جو، ڪرين ٿو تون به ڊڄ
مرد
تي محشر ڌرين ٿو تون به ڊڄ
غالب
کان پهريائين سندس هڪ شعر جي معنيٰ پڇي وڃي ٿي،
جيئن ته هي شعر اردو ۾ آهي، ان ڪري علامه اقبال
ان کي ٿورن لفظن ۾ تبديليءَ سان فارسيءَ ۾ آندو
آهي:
قمري
ڪف خاڪستر و بلبل قفس رنگ
اي
ناله ء نشان جگر سوخته ڪيا هي؟
علامه ”سوخته ڪيا هي“ ڪي ”سوخته چيست“ سان تبديل
ڪيو آهي. ان بعد اقبال ۽ غالب جي درميان ڪيترن
مسئلن تي گفتگو ٿئي ٿي، جن مان رحمته اللعالمين جو
مسئلو گهڻو اهم آهي. غالب پنهنجي هڪ مثنويءَ ۾
هيٺيون شعر ڏنو آهي، جنهن کي علامه اقبال پنهنجي
تصنيف ۾ سانڍي ٿو؛
آ
بپا هنگامهء عالم جتي
رحمته اللعالمين آهي تتي
منصور هن مسئلي کي هن طرح صاف ٿو ڪري:
جت
ڏسين جي ڪو جهان رنگ وبو
جا
مٽي ان جي مان اسري آرزو
يا
ته نور مصطفيٰ ان جي بها
يا
اڃا اندر تلاشِ مصطفيٰ
هن
سوالن ۽ جوابن جي پڇاڙيءَ ۾ ابليس ظاهر ٿئي ٿو،
جنهن کي شاعر ”خواجهء اهل فراق“ سڏي ٿو. ناله
ابليس ۾ هو دانهون ڪري ٿو ته؛
اي
خدا هڪ زندهه مرد حق پرست!
آهه
منهنجي لاءِ بهتر هڪ شڪست!
شيطان جي هن دعويٰ کي علامه پنهنجي تصنيف ”ارمغان
حجاز“ ۾ هيئن ٿو پيش ڪري:
هي
عناصر جو پراڻو کيل، هي دنيا ئي دون
عرش
تي جي ٿا رهن، تن جي تمنائن جو خون
هن
جي بربادي تي راضي آهه اڄ هو ڪار ساز
جنهن
سڏيو هن کي محبت کان جهان ڪاف ونون
مان
ئي ڏيکاريو فرنگي کي ملوڪيت جو خواب
مان
ئي ٽوڙيو مسجد و مندر، ڪليسا جو فسون
مان
ئي محتاجن کي سيکاريو سبق تقدير جو
مان
ئي منعم کي ڏنو سرمايه داري جو جنون
اگ
جلندڙ آهه هيءَ، هن کي ڪري ٿو ڪير سرد
جنهن
جي شور ۽ شر ۾ ابليس جو سوز درون
جنهن
جي ٽارين کي ڏئي، پاڻي ڪيو سين سر بلند
ڪير
آهي، جو پراڻو وڻ ڪري هي سرنگون؟
ڪيڏو
نه ابليس پنهنجي دعوا ۾ محڪم آهي، دنيا وارن جي
پستيءَ جو هن کان زياده ٻيو مظاهرو ٿي نٿو سگهي.
فاعتبر وا ياوالي الابصار.
فلڪ
زحل: فلڪ زحل ۾ هندستان جي سياسي مسئلن جي وضاحت
ڪئي ويئي آهي. هن منزل کي شاعر انهن غدار روحن جو
مقام ڏيکاريو آهي، جن پنهنجي ملڪ ۽ ملت سان غداري
ڪئي ۽ مرڻ کان پوءِ قبر به کانئن بيزار رهي. انهن
غدارن مان علامه اقبال ٻن بتن کي پيش ٿو ڪري:
جعفر
آ بنگال کان، صادق دکن
ننگ
آدم، نننگ دين، ننگ وطن
جنهن
عذاب ۾ هي ٻه غدار مبتلا آهن، ان جي هيبتناڪ نقشي
ڏيڻ کان پوءِ شاعر هندستان جي روح کي هڪ پاڪ حور
جي صورت ۾ ٿو ڏيکاري. سندس دانهن ۽ فرياد جي تصوير
پنهنجي خاص انداز ۾ پيش ٿو ڪري. هندستان (تقسيم
کان اڳ) جي غلاميءَ جي اسباب تي نهايت حڪيمانه
انداز ۾ بحث ٿو ڪري. هو غلاميءَ ۽ محڪوميءَ کان
بيد بيزاري ٿو ڏيکاري. هي نقش بعد جي تصنيف
”ارمغان حجاز“ ۾ هيئن ٿو ڪڍي:
قبر
پنهنجي ميت کي
آه
ظالم تون، جهان ۾ بندهء محڪوم هئين
مون
نه سمجهيو ٿي ته ڇو آقبر منهنجي سوزناڪ
تنهنجي ميت کان سندم اونداهيون تاريڪ تر
تنهجي ميت کان زمين جو پردهء ناموس چاڪ
الحذر محڪوم جي ميت کان سو بار الحذر
اي
سرافيل اي خدائي ڪائنات، اي جان پاڪ
آسمان جي هن طرف شاعر جي آخري پرواز افلاڪ کان
پري وڃي ٿي، انهيءَ کان اڳي جو هو اتي پهچي، هڪ ٻي
جهان ۾ پهچي ٿو، جتي کيس هڪ مجذوب مرد نظر اچي ٿو،
رومي کيس ٻڌائي ٿو ته هو جرمن فلسفي نيٽشا آهي.
جنهن بابت علامه اقبال” پيام مشرق“ ۾ لکيو آهي
ته:
قلب
او مومن دماغش ڪافر است
جاويد نامه ۾ کيس منصور حلاج جي منزل ڏني وئي آهي،
شاعر فرمائي ٿو:
مست
هو؛ هر شيشي کي ان ٿي ڀڳو
ٿي
خدا کان دور ۽ خود سان لڳو
او
پيو لا ۾ نه الا کي رسيو
عبده
جي جاءِ کان بيگانه ٿيو
اقبال جوخيال آهي ته جيڪڏهن کيس ڪنهن مرد ڪامل جي
صحبت نصيب ٿئي ها ته، هو پنهنجي مقصد تي پهچي وڃي
ها:
جي
ملي اها ان کي عصر احمدي
تان
وٺي ها هو سرور سرمدي
هاڻي
مسافر ڪائنات جي حدن کان ٻاهر وڃي، ان منزل تي قدم
رکي ٿو، جنهن کي ”جهان بي حيات“ سڏي ٿو. هتي
زمان ۽ مڪان، بهشت ۽ دوزخ جي مسئلن تي، بحث ٿئي
ٿو. رومي کيس دوزخ ۽ بهشت جي حقيقت هيئن ٿو
سمجهائي:
هيئن
چيو رومي گرفتار قياس
ڀروسي کان دور تنهنجا هت حواس
آ
عمل کان پنهنجي هي سڀ خوب وزشت
هو
ٿئي دوزخ ۽ هي بڻجي بهشت
هي
ڏسين ٿو ماڙيون جي رنگ رنگ
اصل
آ عمال، ناڪي سر سنگ
جي
چوين ٿو ڪوثر و غلمان وحور
آهه
جلوه عالم جذب وسرور
زندگي هن جاءِ جي ديدار آهه
ذوق
ديدار آهه ۽ گفتار آهه
سڀ
کان پهريائين جنت ۾، کيس شرف النسا جي قصر نظر ٿي
اچي. شرف النسا جو ذڪر، مون تفصيل سان، سندس باب
جي فوٽ نوٽ ۾ ڏنو آهي، علامه اقبال سندس تعريف
هيئن ٿو ڪري:
بحر
پنهنجو ڪٿ اهڙو گوهر ڄڻي
ماءُ
اهڙي ٻي نه ڪا دختر ڄڻي
قبر
کان لاهور ان جي آسمان
ڪين
ڄاتو راز ان جي کي جهان
قصو
شرف النسا جي زيارت کانپوءِ، حضرت سيد علي همداني
۽ غني ڪشميريءَ سان مسافرن جي ملاقات ٿئي ٿي. سندس
مڪالمه ۾ ڪشمير جي حالت تي بحث ٿئي ٿو. هن فردوس
منظر جي رهڻ وارن جي بيڪسيءَ تي شاعر هيئن ٿو
فرمائي:
ناله
مستان نه ڳولهج هت، لنگهج خاموش تو
شاخ
گل کان ڪر گذر، هي آ طلسم رنگ وبو
غني
جو روح پڪاري چوي ٿو:
اي
صبا ٿي جيڪڏهن، تنهنجو جنيوا کان گذر
مجلس
اقوام سان ڪج، منهنجي ويندي گفتگو
کيت
ڪڙمي، واهه سان گڏ پڻ خيابان هن وڪيو
قوم
کي سودي ۾ ڪيڏو آهه ارزان هن وڪيو
شاهه
همداني جي زباني فقيري ۽ شاهي، تخت ۽ تاج جي
متعلق، اسرار۽ حقائن کي شاعرظاهر ڪري ٿو. جن جو
ڄاڻڻ جي هر قوم جي سياست لاءِ ضروري آهي. هن
کانپوءِ شاعرجي ملاقات، هندستان جي مشهور هندي
شاعر ڀرتري هريءَ سان ٿئي ٿي ۽ سندس هڪ خاص نظم جو
ترجمو ڏنو وڃي ٿو، هن نظارن جي ڏسڻ کان پوءِ شاعر،
مشرق جي سلطانن جي ماڙين کان گذري ٿو.
سلاطين مشرق جون ماڙيون: هنن ماڙين ۾ مسافر نادر
شاهه ابدالي ۽ سلطان ٽيپو سان ملن ٿا، هر هڪ سلطان
پنهنجي ملڪ جون حالتون شاعرکان پڇي ٿو. شاعر کين
سموري حالات کان با خبر ڪري ٿو. واقعي هي باب
نهايت ئي اهم آهي، جنهن جو مطالعو هر مسلمان خاص
طرح، ۽ قوم لاءِ عام طرح ضروري آهي. فردوس برين
کان موڪلائي، شاعر عين حضور۾ حاضري ڏئي ٿو. جلال
جي تجلي ظاهر ٿئي ٿي، زمين ۽ آسمان شفق جي نور ۾
گم ٿي وڃي ٿو، ۽ شاعر ڪليم الله وانگر مست ٿي ڪري
پوي ٿو.
ڪتاب
جو آخري حصو، جاويد کي خطاب آهي، جنهن ۾ موجوده
زماني جي نوجوانن کي، موجوده حالتن جي روشنيءَ ۾
نصيحتون ڪيون ويون آهن. هر شعر سراپا پيغام آهي.
(5)
اڳئين صفحن ۾ مان ڊوائين ڪاميڊي ۽ جاويد نامه جو
مختصر تعارف ڏنو اٿم. ٻنهي ڪتابن جي مختصر تفصيل
کي پڙهڻ بعد معلوم ٿيندو، ته ٻنهي ڪتابن جي وچ ۾
ڪي ضروري امتياز آهن، جي هن هيٺ درج ڪريان ٿو؛
(1)
ڊانٽي جي ڪتاب جي تصنيف جي محرڪ سندس محبوبه بيٽرس
هئي. جيڪڏهن هو ان ڪتاب کي نه لکي ها ته اڄ بيٽرس
کي ڪو به ياد نه ڪري ها،هوءَبه ائين ئي دنيا کان
وسري وڃي ها، جيئن انهن هزارن عورتن جا نالا دنيا
کان مٽجي ويا آهن، جن سان ڪن شاعرن ان زماني ۾
محبت ٿي ڪئي، اهڙيون ڪي خوش نصيب عورتون ٿوريون
ملنديون، جن کي شاعرن زنده ڪيوآهي، مغرب ۾ بائرن،
شيلي، ڪيٽس، سوفٽ ۽ برائونگ اگرچ پنهنجي شعر ۾
پنهنجي محبت کي زندهه ڪيو آهي. پر عرب شاعرن کان
سواءِ مشرق ۾، ٻين شاعرن، هن طرف قدم رکڻ جي جرات
ئي نه ڪئي آهي.
علامه اقبال جي تصنيف ئي انفرادي آهي. هن بني آدم
جي بهبودي کي پنهنجي سامهون رکيو آهي. ڊانٽي ۽
غلام اقبال ٻنهي وٽ جگر جو سوز موجود آهي. پر انهي
جون صورتون جدا جدا آهن.
(2)
ڊانٽي پنهنجي تصنيف ۾، تثيلث، تجسم ۽ ڪفاره جو ذڪر
ڪيو آهي، مگر هن اهو ڪٿي به اشارو نه ڏنوآهي ته
عيسائيت دنيا ۾ ڪهڙو نظام قائم ڪرڻ ٿي گهري، ان جي
بر عڪس علامه قبال جي تصنيف هڪ وڏو ديني ڪارنامو
آهي. هن اخلاقي، سياسي ۽ عمراني نظام جو ذڪر ڪيو
آهي، جو قرآن حڪيم دنيا ۾ قائم ڪيو. جاويد نامه جي
پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته اقبال نه فقط وڏو
فلسفي ۽ عظيم شاعر آهي، پر اسلام جو وڏو مبلغ به
آهي،وٽس دنيا جي ابدي زندگي جو پيغام آهي، اهو
پيغام جنهن تي عمل ڪرڻ سان، دنيا جي در مانده
انسانن جي مشڪلڪشائي ٿي سگهي ٿي. ڪتاب جي هر بيت
مان عشق رسول صاف نظر اچي رهيو آهي، جو هر مسلمان
جي زندگيءَ جو سرمايه حيات آهي.
(3)
ڊانٽي جي تصنيف ۾، اسان کي سياسي، عمراني ۽
اخلاقي مسئلا منجهيل ۽ تشنه تڪميل نظر ايندا آهن.
مگر علامه اقبال، هر مسئلي کي صاف ڪيو آهي ۽ انهن
جي نتيجن کي عالمانه طرز ۾ لکيو آهي. ڊانٽي شاعر
ته هو پر فلسفي نه هو. مگر علامه ، شاعر سان گڏ هڪ
مستقل فلسفي جو باني به هو. ان ڪري سندس تصنيف ۾
مفڪرانه رنگ پيو جهلڪي.
اگرچ
هنن ٻنهي تصنيفن ۾ ڪي ٻيا به امتياز موجود هوندا.
مگر اهي فروغ آهن ۽ ان ڪري مان انهن کي درج ڪرڻ
ضروري نه سمجهيو آهي.
|