سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1977ع

مضمون

صفحو :3

ڊاڪٽر گل حسن لغاري

”اسرار خودي“ جو مطالعو

 

علامه  ڊاڪٽر محمد اقبال جي فارسي مثنوي ”اسرار خودي“ پهريون دفعو سال 1915ع ۾ لاهور مان شايع ٿي، علامه  اقبال مرحوم  ”اسرار خودي“ لاءِ لکي ٿو:

”هي مثنوي ٻن سالن ۾ لکي ويئي، پر ڪيترن ئي مهينن گذرڻ بعد طبيعت لکڻ لاءِ مائل ٿيندي هئي، هيءَ مثنوي ڪجهه آچر جي ڏينهن ۽ بعضي بيخوابيءِ جي راتين جو نتيجو آهي.“

”اسرار خوديءَ“ ۾ علامه  اقبال پنهنجي فلسفي جي مرڪزي خيال ـــ يعني نظريه خودي کي پيش ڪيو آهي. ”خودي“ مان مراد پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ آهي ۽ جنهن  پاڻ کي سڃاتو، ان  خدا کي سڃاتو.

هن مثنويءَ ۾ علامه  اقبال، حڪيم افلاطون ۽ ان جي هم خيال صوفين جي مذمت ڪئي آهي، ڇو ته انهن عملي زندگيءَ جي فڪر کي حقيقت پسنديءَ جي نگاهه سان پيش نه ڪيو آهي. ايتري قدر جو هن خواجه حافظ شيرازيءِ کي به نه بخشيو:

بي اياز از محفل حافظ گذر

الحذر از گوسفندان الحذر

علامه  اقبال جو مقصد اهو هو ته حافظ  شيرازي جي شاعري، زندگيءَ جي قوت کي ڪمزور ۽ پست ڪرڻ جي رجحان مان ڀرپور آهي ۽ اهو قومي اعتبار کان نقصان دهه آهي! ان ڪري اقبال جي خلاف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪافي ڪجهه لکيو ويو، جنهن ۾ علامه  مرحوم جي دوست خواجه حسن نظامي مرحوم به حصو ورتو. اقبال جي نظريه خوديءَ کي ”انانيت“ ۽ تڪبر سمجهيو ويو: پيرزاده مظفر احمد ”فضلي“ جي مثنوي، ”رازِ بيخودي“ جي نالي سان 1918ع ۾ دهليءَ  مان شايع ٿي. اها مثنوي، 114 صفحن تي مشمتل هئي، جنهن ۾ افلاطون ۽ حافظ شيرازيءَ جي تعريف ٿيل هئي ۽ علامه  اقبال حافظ شيرازيءَ لاءِ (”بُر“ ۽ ”گوسفند“، جا جيڪي لفظ استعمال ڪيا هئا، تن جي جواب ۾ اقبال لاءِ ”شغال“ ۽ ”خر“ جا لفظ استعمال ڪيا. پر ڪٿي ڪٿي ته کيس دشمن اسلام ۽ رهزن اسلام جو خطاب ڏنو ويو. انهيءَ پيرزاده ”فضلي“ جي مثنوي جي جواب ۾ شمس العلماء مولانا اسلم جيراج پوري تنقيدي مضمون لکيو. جيڪو رسالي ”جوهر“ جي اقبال نمبر ۾ شايع ٿيو. فضليءَ  جي مثنوي خود اقبال جي نظر مان گذري ۽ پنهنجي هڪ خط مورخه 20 جنوري 1925ع ۾ ان بابت لکي ٿو.

”پيرزاده صاحب جي مثنوي جو حال مون کي معلوم آهي. هندستان جي مسلمانن جي دل ۽ دماغ تي  عجمي تصوف غالب آهي. اهي عربيت جي تخيلات کي سمجهڻ کان قاصر آهن. آئون ته هڪ معمولي انسان آهيان. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن نبي ڪريم صلي الله و عليه وسلم ٻيهر اچي، هن ملڪ ۾ اسلام جي تعليم ڏين ته هن ملڪ جا ماڻهو پنهنجي موجوده ڪيفيتن ۽ اثرن هيٺ، اسلامي حقيقتن کي سمجهي نه سگهندا.“

1920ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر نڪلسن، علامه  اقبال جي اجازت سان، ”اسرار خوديءَ“ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان تي 52 صفحن جو مقدمو لکيو، جنهن ۾ هن اها وضاحت ڪئي ته:

”علامه  ڊاڪٽر محمد اقبال جو پيغام نه صرف ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آهي، پر عالم اسلام لاءِ پڻ آهي. ان ڪري، هن اردوءَ جي بجاءِ فارسيءَ کي پنهنجي مطلب سمجهائڻ جو ذريعو بنايو، ڇو ته فارسي زبان اسلامي دنيا ۾ تمام گهڻو مقبول آهي ۽ فلسفيانه خيالات، جنهن  خوبصورتي ۽ وضاحت سان، هن زبان ۾ ادا ٿي سگهن ٿا، سي ڪنهن ٻي زبان ۾ ممڪن ئي نه آهن.

”هن جي شاعري  اسان جي دل ۾ Shelly جي ياد کي تازو ڪري ٿي. انهيءَ جي باوجود هن جو هر خيال ۽ هر قول هڪ مسلمان جو خيال ۽ مسلمان جو قول معلوم ٿئي ٿو ۽ انهي جي ڪري وڌيڪ موثر آهي. هو هڪ پرجوش مذهبي مسلمان آهي ۽ هو هڪ نئين مڪي (مرڪز) جو خواب ڏسي ٿو. هن کي هڪ وسيع جمهوري دنيا نظر ٿي اچي، جنهن ۾ سڀ اسلامي رياستون متحد ۽ مشترڪ  هجن.

”اهو ياد رکڻ کپي ته جڏهن هو مذهب جو نالو وٺي ٿو ته ان مان مراد صرف مذهب اسلام آهي، ۽ اقبال جو نظريو هڪ آزاد مخلص اسلامي برادري آهي، جنهن جو مرڪز ڪعبت الله آهي ۽ ان جو تعلق الله ۽ الله جي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن سان هجي. ”اسرار خودي“ ۽ رموز بيخودي، ۾ انهي  مطلب جي وضاحت ٿيل آهي.“

اها حقيقت آهي ته اقبال”اسرار خودي“ ۾ ”عمل“ تي زور ڏنو آهي ۽ مسلمانن کي ”عمل“ جي ترغيب ڏئي، ٻڌائي ٿو ته زندگي ”عمل“ جونالو آهي ۽ ”عمل“ پنهنجي ذات کي سڃاڻڻ مان پيدا ٿيندو. اها ئي ”خودي“ ۽ خودشناسي آهي. عرفان نفس به اهو آهي ۽ عرفان نفس جو مطلب عرفان رب آهي. حضور عليه الصلوات والسلام جن فرمايو آهي ته ”مَن عَرَفَ  نَفسَہ  فَقَد عَرَفَ رَبّہُ“ (جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو، تنهن رب کي سڃاتو). در اصل انسان ۾ پرتو الاهي موجود آهي؛ جنهن ڪري ئي انسان کي ”خدا جو راز، قرار ڏنو ويو آهي ۽ خدا جي ذات، انسان کان جدا نه آهي. اهو انسان جي شہ رڳ کان به ويجهو آهي.

اقبال، انهيءَ نڪتي کي پروڙيندي، ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي بيدار ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لاءِ، پنهنجي شاعريءَ کي وقف ڪيو ۽ اهو ٻڌايو ته ڌارين جي زير اثر رهي، مسلمانن پنهنجي شخصيت ۽ اصليت کي گم ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ مسلمانن پاڻ کي بيگانن جي حوالي ڪرڻ سبب ئي تڪليفون ڏٺيون آهن، ان ڪري انهن کي پنهنجي حقيقت کان آگاهه ٿيڻ گهرجي ۽ غلاميءَ جي عارضي زنجير کي ٽوڙي، آزاديءَ، عدل ۽ ايمان جي قوت سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي. بقول ناصر خسرو:

مسلم  استي بي نياز از غير شو

اهل عالم را سراپا غير شو

پيشِ منعم شکوه گردون مڪن

دستِ خويش از آستين بيرون مڪن

چون علي در ساز بانانِ شعير

گردنِ مرحب شڪن، خيبر بگير

رزق خود را از ڪف، دونان مگير

يوسف استي خويش را ارزان مگير

(تون مسلمان آهين، غيرن کان بي نياز ٿيءُ ۽ هي سارو عالم تنهنجي لاءِ ڌاريون آهي؛ نعمت ۽ مال وارن جي اڳيان پنهنجي مسڪيني جي شڪايت نه ڪر ۽ پنهنجو هٿ، پنهنجي آستين کان ٻاهر نه ڪڍ؛ حضرت علي عليه السلام جي طريقيڪار سان مرحب جي گردن کي ڀڃ ۽ خيبر کي فتح ڪر؛ پنهنجو رزق پست ۽ ڪميڻن کان طلب نه ڪر. تون يوسف آهين ۽ پنهنجو پاڻ کي سستو نه ڪر.)

خوديءَ واري فلسفي ۾ علامه  اقبال، نٽشي سان اتفاق ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته خوديءَ جو انڪار مغلوب ۽ تباهه ٿيل قومن جو نشان آهي. پر زبردست قومون پنهنجي وجود کان غافل نه ٿيون ٿين، اهي تسخير پسند هونديون آهن. ان جي ابتڙ ڪمزور قومون فريب ڪاري ۽ خوشامند سان پنهنجو مطلب حاصل ڪن ٿيون. کين پنهنجي ڪمزوري، ذلت جي بجاءِ فضيلت جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. پنهنجي بي سروساماني کي ”فقر“ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. اها اصل ۾ عيسائي رهبانيت جي تعليم آهي ته جنت ضعيفن ۽ عاجزن کي ملندي ۽ باهمت صاحب ثروت و دولت، انهي ۾ داخل نه  ٿيندا؛ جيئن اقبال فرمائي ٿو!

جنت از ڀر ضعيفان است و بس

قوت از اسباب خسران است و بس

’جستجوي عظمت و سطوت شراست

تنگدستي از امارت خوشتراست

علامه  اقبال ”اسرار خوديءِ“ ۾ عجمي ۽ افلاطوني نظريات کي، اسلامي زندگيءَ ۽ ادبيات تي ڪاپاري ڌڪ قرار ڏئي ٿو ۽ اسلامي سياست جي تاريخ ۾ اهڙا مثال  موجود آهن جن ۾ يهودين، نصارن ۽ عجمي گروهن، اسلام کان مغلوب ٿي، ظاهر ۾ ته اسلام کي قبول ڪيو، پر اندروني طرح سان نهايت لطيف ۽ باريڪ ذريعن سان اسلامي عقيدتن کي ڪمزور بنايو. عام طرح سان اسلامي ادبيات ۾ اهڙا نظريا پيش ڪيا ويا، جن مسلمانن کي زندگيءَ جي جدوجهد کان هٽايو ۽ قناعت پرستي، لذت پرستي ۽ سڪون پرستيءَ جو درس ڏنو ۽ خودداريءَ کان محروم رکيو. افلاطون  جي فڪر لاءِ اقبال چئي ٿو:

راهبِ درينه افلاطون حڪيم،

از گروه، گوسفندان، قديم.

گوسفندي در لباسِ آدم است،

حڪمِ او برجانِ صوفي محڪم است،

فڪر افلاطون زيان را سود گفت،

حڪمت او بود را نابود گفت،

قومها از سُکر او مسموم گشت،

خفت و از ذوقِ عمل محروم گشت،

(يونان جو مشهور فيلسوف افلاطون، قديم زماني جو تارڪ الدنيا درويش ۽ پنهنجي زماني جي رڍن مان هڪ هو؛ هو انسان  جي لباس ۾ رڍ هو، ۽ صوفين تي سندس خيالات ڇانيل آهن. هن جي فلسفي، موجود کي ناموجود چيو ۽ ( نتيجو اهو نڪتو جو) نقصان کي نفعو قرار ڏنو ويو. هن قومن کي اهڙو ته نشو ڏنو جو جن قومن افلاطون جو فلسفو اختيار ڪيو، سي ذوق عمل کان محروم رهجي ويون.)

اقبال چئي ٿو ته عرب جي ڪلام  ۾ حقيقت پروري ۽ همت افزائي هئي. ان ۾ صحرا جي گرمي ۽ بادِ صرصر واري تندي هئي. ليڪن عجمي فڪر ۽ جذبات جو اهو حشر ٿيو جو اسلامي ادب، زندگيءَ جي قوتن کان محروم ٿي ويو. ان ڪري ضروت انهي امر جي آهي ته ٻيهر عرب جي صالح ادب ڏانهن  رجوع ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن ۾ ئي گرمي، تندي ۽ زندگيءَ جي عملي قوت موجود  آهي. فرمائي ٿو:

فڪر صالح در ادب مي بايدت،

رجعتي سوي عرب مي بايدت

از چمن زارِ عجم گل چيده اي،

نو بهار هند و ايران ديده اي.

اند کي از گرميءَ صحرا بخور،

باده  ديرينه از خرما بخور.

سريکي اندر بر گرمش بده.

تن دمي باصر صر گرمش بده.

مد تي غلطيده اي اندر حرير،

خوبہ ڪر پاس درشتي هم بگير.

خويش رابر ريگ سوزان هم بزن،

غوطه اندر چشمہ زمزم بزن.

تا شوي در خوردِ پيکارِ حيات،

جسم و جانت سوزد از نارِ حيات

 (ادبيات ۾ اهڙي فڪر ۽ خيال جي ضرورت آهي، جنهن مان حسين عمل جو جذبو بيدار ٿئي ۽ ان جي لاءِ عربن جي شاعري کي ئي نموني طور ڏسڻ گهرجي يا عرب ڏانهن رجوع ٿيڻ گهرجي، تو  عجم جي باغ ۾ گل چونڊيا، هندوستان ۽ ايران جي نئين بهار کي ڏٺو، هاڻي ڪجهه صحرا جي گرميءَ جو به لطف حاصل ڪر ۽ کجور جي ديرينه مي نوش ڪر؛ تون پنهنجو سر صحرا جي گرميءَ جي حوالي ڪر ۽ پنهنجي جسم کي ڪجهه وقت لاءِ صر صر واري گرمي ڏي؛ تون وڏي عرصي تائين ريشمي لباس ۾ مست رهيو آهين، هاڻي ڪجهه وقت لاءِ سوٽي ٿلي ڪپڙي جو پاڻ کي عادي ڪر؛ پاڻ کي تيز ۽ ٻرندڙ واريءَ  جي حوالي ڪر ۽ زمزم جي چشمي ۾ ٽٻي هڻ؛ جڏهن تون پاڻ ۾ اهي صفتون پيدا ڪندين، تڏهن زندگي جي جدوجهد جي قابل ٿي سگهندين؛ ۽ پوءِ تنهنجي جسم ۽ جان ۾ زندگي  جي حرارت پيدا ٿي سگهندي.)

علامه  اقبال ”اسرار خودي“ ۾ ”خودي“  جي ڪمال جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ فرمائي ٿو ته خوديءَ جو ڪمال محبت آهي ۽ انهي اصليت ۽ حقيقت کان منهن موڙڻ ڪفر آهي:

منڪر حق نزد مُلا ڪافر است،

منکرِ خود نزد من ڪافر تر است.

 

(خدا جو منڪر، مُلا جي نزديڪ ڪافر آهي، پر پنهنجي حقيقت جو منڪر، منهنجي نزديڪ وڌيڪ ڪافر آهي.)

”خودي“ جو ڪمال محبت ۾ انهي ڪري آهي جو  انسان دوستي، ٻين جي خدمت  ڪرڻ، مهر ۽ محبت سان پيش اچڻ، صفت رحماني آهي ۽ خداوند تعاليٰ جي اسماءِ حسنيٰ ۽ ”رحمان“ ۽ ”رحيم“ جي تجلي نمايان آهي، انسان ۾ به اهڙيون صفتون موجود آهن. صرف مهر و محبت واري شناس جي ضروت آهي. علامه  اقبال فرمائي ٿو:

نقط نوري که نامِ او خودي  است،

زير خاڪ ما شرارِ زندگي است.

از محبت ميشود پابنده قر،

زنده تر، سوزنده تر، تابند، تر.

(اها نور واري تجلي يا نقطو، جنهن جونالو ”خودي“ آهي،سو اسان جي خاڪي جسم ۾ زندگي جي هڪ شعلي وانگر موجود آهي؛ اهو محبت سان دوام حاصل ڪري ٿو ۽ زنده تر، دکندڙ ۽ وڌيڪ چمڪندڙ ٿئي ٿو.)

جڏهن انسان پنهنجي حقيقت کان آگاهه ٿئي ٿو ته هن کي تجليات الاهي ۽ جمال خداونديءَ جو جلوو نظر اچي ٿو، ڇو ته ”خودي“ جي ماهيت عشق آهي:

هست معشوقي اندر دلت،

چشم اگر داري ٻيا بنمايت.

عاشقانِ او ز خوبان خوب تر،

خوشتر و زپبا تر وحب و محبوب تر.

(تنهنجي دل ۾ هڪ محبوب لڪل آهي، جيڪڏهن تون بصيرت واري نگاهه رکين ٿو ته اچ ته تو کي ڏيکاريان. اهو اهڙو محبوب آهي، جو ان سان محبت ڪرڻ وارا، حسينن کان زياده حسين، زياده خوش وضع، زياده زيبا ۽ زياده وڻندڙ آهن.)

علامه  اقبال ”اسرار خودي“ ۾ چئي ٿو ته هر شئي ۾ پاڻ کي ظاهر ڪرڻ ۽ پنهنجي جلوه نمائي جو ذوق آهي ۽ اهو فطرت جو قانون آهي ۽ زندگيءَ جي عمل ۾ اها نمايان حقيقت موجود آهي.

پيڪر هستي ز آثار خودي است،

هر چه مي بيني ز اسرار خودي است،

وا نمودن خويش را خوي خودي است،

خفتہ  در هر ذره نير وي خودي است،

(ذات خداوند تعاليَ جو ظهور ”خودي“ جي ڪري آهي ۽  ڪجهه ڏسون ٿا، سو ”خودي“ جو راز آهي. پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ، خوديءَ جي خوءِ آهي (۽) هر لڪل ذرو، خوديءَ جي طاقت جو اهڃاڻ آهي.)

اقبال ”اسرار خودي“ ۾ خوديءَ  جي فلسفي جي تربيت لاءِ ٽي طريقا پيش ڪري ٿو:

1، اطاعت، 2 ضبطِ نفس (3) نيابت الاهي.

1) اطاعت: اطاعت مان مراد خداوند تعاليَ جي فرضن جي ادائگي آهي ۽ هر اها شئي جيڪا حرام ڪيل آهي، ان جي ويجهو نه وڃڻو آهي. انسانيت جي بهترين اخلاق تي هلي، حضور عليه الصلواته والسلام جن جي زندگيءَ کي شعار بنائڻ گهرجي. انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ اسلامي شريعت جي خلاف هر قدم کي روڪڻو آهي ۽ اسلامي آئين ۽ احڪامن جو پاڻ کي پابند بنائڻو آهي. ان بعد ئي حق ڏانهن رجوع ٿي سگهي ٿو ۽ باطل کان ڇوٽڪارو  حاصل ڪري سگهجي ٿو. اقبال فرمائي ٿو:

 

هرڪه تسخير مہ و پروين ڪند،

خويش را زنَجيري آئين ڪند

(اهو ئي چنڊ ۽ پروين تي تسخير حاصل ڪري  سگهندو، جيڪو اسلامي آئين سان پاڻ کي جڪڙي ڇڏيندو.)

2) ضبطِ نفس: هتي علامه  اقبال اٺ جو مثال ڏيئي  چئي ٿو اُٺ، خود پرور، خود پرست ۽ خود سر آهي. انساني نفس جي ساڳي حالت آهي، جڏهن انسان پنهنجي نفس تي پوريءَ طرح ضابطو رکي ٿو ته ”گوهر“ بنجي ٿو  ۽ ان مان دنيا جي اسباب جي محبت يا ان جي وڃڻ جو خوف ختم ٿيو وڃي ۽ هو صرف خدا جي ذات ۾ هڪ ٿيو وڃي:

هرڪه باشد چون جان اندر تش،

خُم نگردد پيش باطل گردنش،

خوف را درسينه اوراه نيست،

خاطرش مرعوب غير الله نيست،

(جنهن جي اندر ۾ حق، جان جي مثل سمايل هوندو، تنهن جو ڪنڌ باطل جي اڳيان ڪڏهن به نه جهڪندو؛ خوف کي ته هن جي سيني ۾ جڳهه ئي نه آهي ۽ سندس دل الله جي سواءِ ڪنهن کان به مرعوب نٿي ٿئي)

3) نيابت الاهي: اطاعت ۽ ضبطِ نفس جون منزلون ڪاميابيءَ سان طيءَ ڪرڻ بعد، ٽي منزل نيابت الاهي يعني خلافت الاهي جو منصب آهي. جيڪي خدا جي نائب جون وصفون بيان ڪيل آهن ۽ اهي حضور عليہ الصلواته والسلام جن جي اوصاف جو عڪس ۽ پرتو آهن. هتي علامه  اقبال کي انهيءَ مرد مومن جي تلاش آهي، جيڪو دنيا کي عدل و انصاف ۽ رواداريءَ جي راحت سان مالامال ڪري سگهي. چئي ٿو:

نائبِ حق همچو جانِ عالم است،

هستي  اوظلِ اسمِ اعظم است

از رموز جز و ڪل آگہ بود،

درجهان قائم بامرالله بود.

پختہ سازد فطرت هر خام را،

از حرم بيرون کند اصنام را.

نوع انسان را بشير وهم نذير،

هم سپاهي هم سپهگر هم امير.

 (خدا جي نائب کي دنيا ۾ اها حيثيت حاصل هوندي آهي، جيڪا جسم ۾ جان کي آهي، نائبِ حق جز ۽ ڪل جي راز کان آگاهه ٿئي ٿو، هو دنيا ۾ الله جي حڪم سان قائم آهي ۽ الله جا حڪم جاري ڪرڻ، هن جو اصلي ڪم آهي؛ نائبِ حق هر خام فطرت کي پختو ۽ پائيدار بنائي ٿو. جهڙيءَ طرح سان رسول الله صلعم، حرم مان بتن کي ڪڍرائي ڇڏيو هو، اهڙي طرح سان، نائبِ حق ماڻهن جي فطرت مان حرص و هوا جي بتن کي ڪڍي ٿو ۽ اهو ئي انهن جي فطرت کي پختي  ڪرڻ جو طريقو آهي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com