شاعر
شهر ۽ ڳوٺاڻي هوا کان منهن مٽائي، ميدان ۾ نڪري
پيو آهي. ديار حبيب ڏانهن گويا سفر شروع ٿي ويو
آهي. ميدان جي هوا لاءِ سندس دل ڇو ايڏي مضطرب
آهي، ان جو سبب هيءُ آهي ته، سندس تربيت ۽ ترقي،
خلوت ۽ آزاد فضا ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. قافلي جو گهنڊ
وڄي ٿو، جلوه مستن جي دل جو ڪاروان اُن آواز کي
ٻڌي، ائين لرزي اُٿيو آهي، جيئن هوا تي ڪانن جا پن
لڏندا آهن، مسافر پوڙهو آهي، کيس اُن پکي وانگر
جو شام جو پنهنجي آکيري ڏي موٽي ٿو، پنهنجي اصل
وطن جي ياد آئي آهي ۽ هو پنهنجي محبوب جي آرامگاهه
ڏي موٽي پيو آهي.
پيريءَ جي ڪمزوري ۽ طبيعت جي آفتادگيءَ کان اُٺ جي
لوڏي کي سهي نٿو سگهي، اُن ڪيفيت جو هيئن ٿو ذڪر
ڪري:
چيم
اُٺ کي صبح آهسته ڪجهه هل
جو
تو تي خسته ۽ بيمار پيرآ
قدم
مستانه هڻ، ڀل جئن وڻيئي
سندءِ پيرن ۾ واري جي حرير آ
اُٺ
کي آهسته هلڻ لاءِ عرض ڪري ٿو، مگر اُٺ مستيءَ جي
حالت ۾ تيز هلڻ لڳو آهي، ڇو ته هو خود حبيب جي ملڪ
جو متوالو آهي. هو ايترو ته تيز ٿي ويو آهي، جو
ائين معلوم ٿو ٿئي ته سندس پيرن جي هيٺيان واري نه
آهي، پر ريشم وڇايل آهي. اهڙي اُٺ کي مهارئي
ناموزون آهي. هو ايتروئي دانا آهي، جيترو سندس
سوار. هو ايترو ئي محبت ۾ گرفتار آهي، جيترو سندس
سوار. اُٺ جي هن حساس طبيعت جو ذڪر اسان کي شاهه
ڀٽائيءَ جي ڪلام مان به حاصل ٿئي ٿو:
اُٺ
نه وڃي وڳ سين، چري نه چانگو
لڳيس
نائڪ نيهن جي، نهوڙيو نانگو
ڇڏي
سر سانگو، رڙهي رند پرين جي
هاڻ
ته اقبال جو چانگو به سرجو سانگو ڇڏي، محبوب جي
ملڪ ۾ پهچڻ لاءِ تيز ڊوڙندو ٿو وڃي، سندس اوسيئڙي
جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
سندس
ڪارين اکين ۾ لڙڪ آهن
جالائي اُن جي آه صبحگاهي
اها
مي جا جيئاري قلب منهنجو
ڏي
سانداهه سندس تازه نگاهي
اُٺ
جي ڪجلين اکين ۾ لڙڪ آهن. آه صبحگاهي جو واقف آهي.
اِهي اُهي نشانيون آهن، جي هڪ عاشق جون ٿي سگهن
ٿيون، شاهه ڀٽائي جو ڀور (ڀورو اُٺ) به ڪجهه
انهيءَ رنگ ۾ نظر اچي ٿو:
ڀور
نه چري ٻور، ڇڏئو تور تڪون ڪري
مونين هڻي موٽيو، ڪرهو رات ڪپور
ميو
ٿيو معمور، چنڊن چکي آئيو
اهڙي
محبت جي تيز خورده اُٺ جي سواري، خود سوار کي
مشتاق بنائي ڇڏيو آهي. مسافر هاڻي حجاز جي صحرا
کان گذري ٿو. هي اُهو صحرا آهي، جتان جي رهگذر
لاءِ ضروري آهي، ته سندس زبان تي درود ۽ سلام هجي.
اُن شرف ڀري واري کي سج جي گرمي، گرم ڪري ڇڏيو
آهي، پر گذرڻ واري جي پيشاني اُن تتل واريءَ تي
پوي ٿي. هو اُن داغ کي وڏي هيج سان، پيشانيءَ تي
قبول ڪري ٿو، ڇو ته کيس خبر آهي ته اُن بابرڪت
صحرا مان کيس وري گذرڻ به نصيب ٿيندو يا نه؟ ان
ڪري اُهو داغ جو سندس نرڙ تي پوي ٿو، اهو ديار
حبيب جي هڪ غير نشاني تصور ڪري ٿو:
عجب
صحرا آ، جنهن ۾ قافلو ٿو
پڙهي
صلوات ۽ محمل هلائي
سندس
واري تتي تي سجدو ڏيئي
جلائج نرڙ کي تان داغ پائي
علامه جي سرور ڪائنات صلعم سان والهانه محبت جو
هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو، جو محبوب
جي ديس جي تتل واري تي سجدو به پنهنجي لاءِ عزت ۽
افتخار جو سبب ٿو سمجهي. جنهن تخيل کي هن سادگيءَ
سان پيش ڪيو آهي، ان جو نظير اسان کي مشرق جي
شاعريءَ ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. هو نه فقط تتل
واريءَ کان پيشاني تي داغ وٺڻ ٿو گهري، پر هو اُٺ
وانگر ان زمين کي به عشق نبوي ساڻ سرشار ۽ دردمند
ٿو ڏسي:
عجب
اُو شام صحرا صبح خند آ
ننڍي
آ رات، ڏينهن اُن جو بلند آ
قدم
اُت راهرو آهسته رکجان
زمين
ان جي اسان جان درد مند آ
اُن
زمين تان گذرڻ وارن کي هدايت ٿو ڪري ته آهستي
گذرو، ڇو ته هن صحرا جو ذرو ذرو، عشق ۽ محبت جي
ڪيفيت کان سرشار آهي. اُٺ ۽ صحرا جي زمين ڇا، مگر
هر منزل اتان جي سوز ۽ سازسان معمور آهي. ائين
معلوم ٿئي ٿو ته صحرا کي تقسيم ڪري، هر محبت واري
دل ۾ ورهايو ويو آهي. مسافر فراق ۽ مستيءَ جون
ڳالهيون، جامي ۽ عراقي جي نغمن ۾ ڳائيندي پنهنجي
سفر کي جاري رکي ٿو. ڊگهي راهه کي، اهڙيءَ ريت
پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو:
غم
راهي نشاط آميز ترڪر
فعان
اُن جي جنون انگيز ترڪر
ڊگهي
آ واٽ، اُن کي وٺ اي اوٺي
سندم
سوز جدائي تيز تر ڪر
آخر
راهي منزل تي پهچي ٿو، دوست جي در تي پهچڻ سان
ڪيڏو نه ڪيف ۽ سرور ٿو حاصل ڪري. فرمائي ٿو:
انهيءَ وادي ۾ وقت آ جاوداني
سندس
مٽي مان پيدا ٿي معاني
حڪمين سان ڪليمن جو آ ميڙو
هتي
ڪير آ، هڻي جو لن تراني
هن
شرف ۽ سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ، سندس زبان تي ”عزت
بخاري“ جو شعر اچي ٿو، جو باب جي شروع ۾ ڏنو ويو
آهي. حرم نبوي ۾ پهچندي محبت واري پنهنجي سموري
جذبي ۽ احساس کي گڏ ڪري، اُمت جي ڳالهين کي هڪ هڪ
ڪري بيان ڪرڻ شروع ڪيو آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو، ڪو
ئي عاشق پنهنجي محبوب جي اڳيان دل جي ڪيفيت بيان
ڪري رهيو آهي. هڪ حصي ۾، هو مسلمانن جي تنزل ۽
ادبار جو نقشو ٿو ڪڍي، فرمائي ٿو:
ٻڌايان ڇا فقير آ، هي ڏکايل
مسلمان پاڪ گوهر آ ستايل
خدايا ڪر مدد هن سخت جان جي
ڪري
جو آ، مٿان کان هيٺ آيل
مسلمانن جي پستيءَ جو نقش ڪڍندي، حضور کي هيءُ به
عرض ڪري ٿو ته هن قوم وٽ پنهنجي ناصحن لاءِ ڪا عزت
نه رهي آهي. پنهنجي طرف کان شڪوه هيئن پيش ڪري ٿو:
ٻڌايم راز جو تن کي نه ڄاڻن،
ثمر
منهنجي کجي مان ڪين کائن.
گهران انصاف تو کان مير اُمت،
مون
کي پنهنجا غزل خوان ٿا ٻڌائن.
قوم
جي هن غلط فيصلي کان تنگ ٿي، شاعر پنهنجي اصلي
مقام کي مجبور ٿي ظاهر ڪري ٿو:
نه
هي شعر آهه، جنهن سان دل لڳايم،
مگر
معنيٰ جي ڳنڍين کي ڇڏايم.
اِنهيءَ اميد تي، آ عشق اڪسير،
سڃن
جي مان پتل کي زر بڻايم.
هي
شاعرانہ تعلي نه آهي، پر حقيقت آهي. علامہ جي سڄي
حياتيءَ جو عرصو، قوم جي محبت ۾ ڦٿڪندي گذريو. مگر
کيس افسوس هو ته ڪو به سندس محرم راز، رفيق ۽
غمگسار نه هو، دنيا جي اندر جي تحريڪون اُڀرنديون
ٿي رهيون، اُنهن کي هو انتظار جي نگاهه سان ڏسندو
ٿي رهيو ته هو سادي مسلمان کي پنهنجي پيچ ۽ خم ۾
ڦاسائي برباد نه ڪري ڇڏين.
اُنهن لاتعداد تحريڪن تي غور ڪرڻ سان ئي خبر پوندي
ته هو ڪيتري قدر اسلامي تعليم جي خلاف آهن.
(1)
ماديت، هن ۾ دهريت، الحاد ۽ بيديني اچي ٿا وڃن.
(2)
هيومينيزم، سڪولرازم وغيره وغيره.
(3)
اشتراڪيت، هن ۾ سوشلزم ۽ سائنٽيفڪ مٽيريلزم جهڙا
عقيدا اچي ٿا وڃن.
(4)
وطنيت، جا خدا جي بجاءِ وطن کي زندگي جو مقصد ٿو
سمجهي.
مٿيون تحريڪون ڏسڻ ۾ بيحد جاذب آهن. سندن نظام
ظاهر ۾ ايڏو ته چمڪندڙ آهي، جو هر ڏسندڙ کي ڪشش
ڪري ٿو وٺي. مگر جيئن جيئن اُنهن جي گهراين ۾
وڃبو، ته معلوم ٿيندو ته هراُها شيءَ جا چمڪندڙ
آهي، سا سون ٿي نه ٿي سگهي. تصنع ۾ به ته ڪا
ڪاريگري ۽ هنر آهي، جو اکين کي پنهنجي طرف راغب ٿو
ڪري ڇڏي. وقت گذرڻ سان جڏهن اهو ملمح جدا ٿي وڃي
ٿو، تڏهن پڇتائڻ کانسواءِ ٻيو پاند ۾ اچي نه ٿو
سگهي. اِهو ئي سبب هو، جو علامه قدم قدم تي
پنهنجي قوم کي اهڙن خطرن کان واقف پئي ڪيو آهي.
ٿيس
مان پنهنجي ئي محفل ۾ تنها
چئو
ڪنهن کي هي مشڪل مان ٻڌايان
ڊڄان
ٿو هي متان ٿئي راز ظاهر
پيو
دل کان به پنهنجو غم لڪايان
اُن
هوندي به هو پنهنجي قوم کان نااميد نه آهي. فرمائي
ٿو:
اڃا
هن خاڪ ۾ مخفي شرر آ
اڃا
هن سيني ۾ آه سحر آ
هن
موقعي تي، سندس نگاهه سلطان عبدالعزيز ڏانهن اُٿي
وڃي ٿي، ۽ هو کيس خطاب ڪري ٿو:
فقير
آهيان ۽ تون شاهه حجازي
امير
ملڪ معني مان وليڪن
جهان، جنهن کان ويو ٻج لااِلہ جو
اچي
ڏس منهنجي اندر آه ساڪن
لا
اِلہ جي اندرئي سڀ خدا، ان جو رسول ۽ان جو ڪتاب
سمايل آهي، انهن ٽنهي حقيقتن کي ڄاڻن کان پوءِ
مسلمان زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد ٿي آفاقي
بڻجي وڃي ٿو.
دوريش خدا مست نه شرقي هي نه غربي
اهڙيءَ ريت پنهنجي عرض ۽ دعائن کي پوري ڪرڻ
کانپوءِ حبيب جي حريم کان ٻاهر اچي، پوري
مستعديءَ سان ملت کي خطاب ڪري ٿو. هن باب جو
عنوان، جو علامه انتخاب ڪيو آهي، اهو ڪنهن به
وضاحت جو محتاج نه آهي، فرمائي ٿو:
نه
ڏس مون ۾ ڪلام عارفانه
جو
منهنجي آ طبيعت عاشقانه
اٿم
لالہ جان ڳوڙها باغ اندر
ڇنڊيان ٿو ماڪ وانگر دانه دانه
هن
تمهيد ۾ علامه صاف ٻڌائي ٿو ته منهنجي طبيعت
عاشقانه آهي، ان ڪري مون ۾ ڪنهن به عارفانه
(فلسفيانه) ڪلام جي اميد نه رک. منهنجو طريقو
جيئن ته عاشقانه آهي، ان ڪري مان عشق ۽ محبت جو
پيغام ئي ڏئي سگهان ٿو، جنهن پيغام جو مقصد آهي،
روحانيت ۽ اسلام سان عشق. مگر افسوس جو هن لالہ جو
گل بڻجي، جي ڳوڙها ڇنڊيا، انهن کي ڪنهن به پنهنجي
لاءِ انتخاب نه ڪيو. مگر هن نااميديءَ ۾ به کيس
يقين آهي ته قوم مان ڪو مرد مومن ضرور پيدا ٿيندو،
جو ان کي سر بلندي ڏيندو. فرمائي ٿو:
پريشان و غبار راه آهيان
هوا
جي دوش تي منهنجو قرار آ
وڏي
خوش قسمتي ۽ ڀاڳ سمجهان
ٿيو
پيدا جي مون کان شهسوار آ
ملت
کي جدا جدا عنوانن سان خطاب ڪيو ويو آهي. اُهي
عنوان اِهڙا آهن، جن جي تشريح ۾، جامع تصنيفون
تيار ٿي سگهن. اُهي عنوان هيٺين ريت آهن:
خلافت ۽ بادشاهي.
ملت
جون نياڻيون.
عصر
حاضر.
تعليم.
رزق
جي تلاش.
ملت
جي خطاب کانپوءَ، ” حضور عالم انساني“ جو عنوان
اچي ٿو، جنهن جو بنيادي تصور آهي ته انساني ڪمال
جي حد اِها آهي ته منجهس آدميت هجي. هيءُ انسانيت
جي برتري آهي، جو کيس فضيلت بخشي اشرف المخلوقات
بڻايو ويو. کيس خليفته الله بڻائي سندس بزرگي ثابت
ڪئي وئي. هن سڄي باب ۾، عالم انساني کي محبت ۽
اُخوت جو پيغام آهي. جيئن ته اسلام ئي رنگ ئيرنگ
وبو جي امتياز کي مٽائي، مساوات جي برڪت کي آندو،
اُن ڪري علامه ، هن حقيقت جو اظهارڪيو آهي ته ساري
دنيا کي اسلام جي پيغام کان واقف ڪيو وڃي. اُن
پيغام جي اهميت کي هيئن ٿو ظاهر ڪري:
ويو
تو کان مقام ڪبريائي،
خسيسن وٽ ڪرين ٿو چهره سائي.
تون
شاهين آنهه پنهنجي دام ۾ اچ،
ته
حاصل ٿي وري تو کي وڏائي.
علامه هن باب ۾، ”ابليس خاڪي ۽ ابليس ناري“ جي
عنوان سان ڪجهه لکيو آهي، سو بيحد عبرت ڏيندڙ آهي.
منهنجي نظر ۾، ايڏي ڪڙي نڪته چيني، علامه جهڙي
مفڪر جو ئي فڪر ٿي سگهي ٿو. ڇا عصر حاضر جا شيطان،
اسان کي هر شهر ۽ هر سوسائٽي ۾ نه ٿا ملن. جيڪر
اسان انهن کي سمجهون، ۽ انهن کان بچڻ جي ڪوشش
ڪريون.
خسيسن کان گهڻو هي ڄاڻ دور آ،
مگر
نڪتو ٻڌائڻ هي ضرور آ،
پري
رهندو، نئين ابليس کان جو،
گنهگار آهه، پر طبع غيورآ.
هن
نڪتي کي پست فطرت انسان ڪٿي ٿو سمجهي سگهي. پر
علامه اسان کي ٻڌائي ٿو ته جنهن انسان ۾ شرافت
هوندي، اُهو گنگهار ڇو نه هجي، پر ڪنهن به ابليس
خاڪي جي صحبت ۾ نه ڦاسندو.
آخري
باب”ياران طريق“ کي خطاب آهي. هن باب ۾ علامه
پنهنجي دوستن ۽ هم خيالن کي خطاب ڪيو آهي، جنهن ۾
هن کين پنهنجي حقيقي منصب ۽ مقام کان آگاهه فرمايو
آهي، ۽ نصيحت ڪئي آهي ته سندس پيغام کي عام ڪيو
وڃي. فرمائي ٿو:
سوين
داناءُ محفل ۾ چئي ويا
سخن
نازڪ سندن برگ سمن کان
مگر
اُو ديده ور ڪهڙو ڀلا آ
ڏسي
ڪنڊو ڪري واقف چمن کان
هو
قوم جي بي توجهيءَ ۽ سرد مهريءَ کان تنگ ٿي،
پنهنجي دوستن کي هئن چئي ٿو اُڀاري:
هلي
اچ ڪار اُمت جي بڻايون
حياتي جي ڪڏون مردانه چوسر
ائين
هن شهر جي مسجد ۾ روئون
جو
دل ملا جي ڳاريون سينه اندر
هن
باب جي آخر ۾، هو ”حقيقت محمدي“ تي عالمانه بحث
ڪري، هر مسلمان کي فنا في الرسول جي تلقين ڪري
ٿو. مومن جي عرفان جي به ته انتها اها ئي آهي ته
هوفنا في الرسول ٿي، هن حقيقت کي پروڙي ته جيڪڏهن
”حقيقت محمديه“ جو واسطو نه هجي ها ته هيءَ ڪائنات
ئي ظهور ۾ نه اچي ها، جنهن لاءِ خود حضور صلي
الله عليه وسلم فرمايو آهي ته ”اول ما خلق الله
نوري“ ــ ”سڀ کان اڳ ۾ جا شئي الله تعاليٰ پيدا
ڪئي، اهو منهنجو نور هو،“ ان ڪري ئي روحانيت جي
باڪمال صاحبن، حقيقت محمديه کي خالق ۽ مخلوق جي
درميان واسطو ورتو آهي.
مسلمان لئي اهو عرفان وادراڪ
ڏسي
جو پنهنجي اندر رمز لولاڪ
قياس
اندر، ڪٿي ماپي خدا ٿو
سڃاڻج، جو چوي ٿو ما عرفناڪ
حقيقت محمدي جي بيان ڪرڻ کانپوءِ، مسلمان جي رتبي
۽ درجي جو ذڪر ٿو اچي. علامه فرمائي ٿو ته:
سندس
قرات صلا آ دوجهان جي
مسلمان، لا يموت آر ڪعت اندر
ڪٿي
هن دور جو ڄاڻي ٿو ماريو
قيامت جا سندس قدقامت اندر
ياران طريق جي خطاب کان پوءِ فارسي ڪلام پورو ٿي
وڃي ٿو.”ارمغان حجاز“ جي فارسي حصي جو هر لفظ ۽ هر
سٽ، بيحد حسين ۽ دلنشين آهي. خيال ايڏو ته عميق ۽
دلڪشا آهي، جو ائين معلوم ٿو ٿئي ته اسان جي مفڪر،
پنهنجي فڪر جي بي بها موتين کي مومن جي قلب جي
گهرائين مان آڻي گڏ ڪيو آهي؛ جنهن جي نور حيات ۽
قوت حيات بخش کي زماني جي گردش ڪڏهن به مات نه ڪري
سگهندي. سندس خوديءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ اسان
کي بيخوديءَ جي ضرورت آهي؛ جنهن سان اسان يقين ۽
ايمان کي سمجهي سگهون ۽ مسلمان بڻجڻ جي سعادت حاصل
ڪريون. اهو مسلمان بڻجي وڃون، جنهنجي تشريح علامه
موصوف هيئن ٿو فرمائي:
مسلمان امتحان جنهن پنهنجو ورتو
ٿئي
گردون غبار راه ان جو
شرار
شوق جي ڌارين نگهدار
انهيءَ مان ئي ته سج بڻجي سگهي ٿو
”ارمغان حجاز“ جي اردوحصي ۾، اهي نظمون ڏنيون ويون
اهي جي علامه وقتن وقتن پئي لکيون آهن. اردو حصي
جي شروع ۾ هڪ تمثيلي نظم آهي، جا پنهنجي نوعيت
اسلوب بيان جي سبب، اردو شاعريءَ ۾ غير فاني مقام
رکي ٿي. جيڪڏهن ائين قبول ڪجي ته نظم کي نثرکان
زياده مقبوليت حاصل آهي، ته ان جو بهترين مثال
”شيطان جي صلاحڪار مجلس“ واري عنوان جي هيءَ نظم
آهي. تمثيلي نظم کان مراد آهي ته شاعر پنهنجي
خيالن کي استعارن ۽ اشارن سان بيان ڪندو آهي. هن
نظم کان مراد آهي ته دنيا جي اندر ابليسي نظام،
هميشه انساني نظام سان ٽڪرکائيندو رهندو آهي. ان
مقابلي ۾ جيڪڏهن کيس فتح حاصل ٿيندي آهي ته ابليس
خاڪي پنهنجي صورت وٺندو آهي، ان جي نشونما سان
دنيا فتني ۽ فساد جو گهر بڻجي ويندو آهي، جنهن ۾
لاديني، اخلاق جي تباهي ۽ خدا ڄاڻي ڪهڙيون ڪهڙيون
بديون ظهور۾ اچي وينديون آهن. پر جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو
افضل نظام حيات قائم هوندو آهي ته اهو ابليسي نظام
جي لاءِ وڏي روڪ ثابت ٿيندو آهي. علامه موجوده
دنيا جي غير اخلاقي ۽ لاديني حقيقتن کي ڏسي، هن
نتيجي تي پهتو آهي ته درپرده ابليسي نظام پنهنجي
ڪارروائين تي بيحد خوش آهي، مگر مسلمان کي پنهنجي
راهه ۾ هڪ وڏي روڪ ٿو سمجهي.
علامه جي هيءَ نظم پنهنجي بي مثال تخيل جي باعث
دنيا جي بهترين نظمن ۾ شمار ٿي سگهي ٿي. هن سلسلي
۾،اسان ملٽن(1) جي مشهور
تصنيف ”وڃايل بهشت“ (
Paradise Lost)
کي آڻي سگهون ٿا. ملٽن پنهنجي هن تصنيف ۾ شيطان جو
ڪردار پيش ڪيو آهي، جنهن جو اهم جزو آهي ته شيطان
انسانيت جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي. هو انساني آزادي ۽
خوشحاليءَ کي ڪڏهن به ڦرندو ۽ ڦلندو ڏسڻ نٿو سهي.
هيءَ دائمي بدي جي بغاوت، نه فقط ملائڪن سان هئي.
پر نئين پيدا ٿيل انسان سان به هئي، جنهن کي
نيڪيءَ جي دولت کان آگاهه ڪري، پنهنجي فعل جو
مختيار بڻايو ويو هو. يونان جي غير فاني فلسفي
ارسطو جي هن نظريي کي وڏي اهميت حاصل آهي ته ”بدي
سدائين نيڪيءَ جي دشمن ٿي رهندي، پوءِ هوءَ ڪهڙو
به رنگ اختيار ڪري.“ رسڪن، جو وڏو انگريزي نقاد ٿي
گذريو آهي. ”وڃايل بهشت“ تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته
”شيطان پنهنجي بديءَ تي ڪيڏو نه مضبوطي سان قائم
آهي، هوڏانهن انسان نيڪيءَ کي افضل ڄاڻندي به ان
تي قائم رهي نه سگهيو آهي. ان کان پوءِ ملٽن جون
هي سٽون آڻي ٿو:
”او
عميق دوزخ، نئين اچڻ واري جي مرحبا ڪر.
هو
پاڻ سان گڏ، پنهنجي دل به آڻي رهيو آهي، جا مڪان ۽
زمان کان به بدلجي نه سگهي آهي.
دل
کي پنهنجو مقام آهي ۽ اها بهشت کي دوزخ بڻائي سگهي
ٿي، ۽ دوزخ کي بهشت،“
علامه اقبال به اسان کي ساڳي حقيقت هن تمثيلي نظم
۾ ٻڌائي ٿو،جنهن کي گهڻو اڳ ’بانگ درا‘ ۾ لکيو
هئائين:
عمل
سي زندگي بنتي هي، جنت ڀي جنم ڀي،
يه
خاڪي اپني فطرت ۾ نه ناري هي نه نوري هي،
جهڙي
ريت ملٽن، شيطان کي عالم ۽ ڄاڻو ڏيکاري ٿو ۽ سندس
گفتگو کي خطيبانه انداز ۾ پيش ڪري ٿو، اهڙيءَ ريت
علامه به کيس هڪ عالم ۽ خطيب ڪري پيش ڪري ٿو. مان
هن نظم جي خصوصيتن کي هڪ هڪ ڪري ٻڌائڻ کان قاصر
آهيان، مگر هن چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته ملٽن جي
عظيم ڪتاب جو ڊرامئي انداز آهي، جنهن ۾ ان کي فقط
افسانوي حيثيت حاصل آهي، مگر علامه جي نظم حقيقت
تي رکيل آهي ۽ ان ۾ اصلاحي انداز آهي. هو قوم کي
خير ۽ شر جي قوتن کان آگاهه ڪري ٿو. شيطان جي زبان
کان هڪ مسلمان جي عظمت جو اعتراف هيئن ٿو ڪرائي:
هي
پريشان روزگار، آشفته سر، آشفته خو
خوف
مون کي آهه ان امت کان ٻي کان ناهه ڪي
جنهن
جي رک اندر اڃا آهي شرار آرزو
ٿو
اچي هن قوم ۾ ڪو ڪو اڃا تائين نظر
صبح
جي لڙڪن سان ظالم جو ڪري پنهنجو وضو
ڄاڻ
بي ڪجهه، جنهن تي روشن باطن ايام آ
مزدڪيت شر سڀاڻي جو نه، او اسلام آ
ڪاش،
اسان علامه جي هن تمثيلي نظم مان استفاده ڪري،
وڃايل عظمت کي هٿ ڪري سگهون. ان شر جي بيخ ڪني
ڪريون، جو پنهنجي دوستيءَ جي پردي ۾ دشمني ڪندو
رهي ٿو. مولانا روميءَ مثنوي ۾ هڪ روايت ڏني آهي،
جنهن کي مان ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهان:
”هڪ
ڀيري ، منجهند جي وقت حضرت معاويہ کي ننڊ اچي
ويئي. سندس ظهر جي نماز قضا ٿيڻ تي آئي، شيطان کيس
ننڊ مان بيدار ڪيو. شيطان جي هن نيڪيءَ جي عمل تي
هو حيران ٿي ويو، کانئس پڇيائين ته ’اميد جي
خلاف، تنهنجو هي عمل مون کي حيران ڪرڻ لاءِ ڪافي
آهي، آخر هن نيڪي ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو؟“
شيطان جواب ڏنو ته ’صاحب، مون کي خبر هئي ته
جيڪڏهن تنهنجي نماز قضا ٿي ويندي ته تون ايترو ته
خضوع ۽ خشوع سان روئيندين، جو توکي ان جي عيوض ۾،
ڪيترين نمازين جو ثواب ملي ويندو. مان هن معاوضي
کي سهي نه سگهندس. تو کي ننڊ مان اٿارڻ سان هيءَ
ته تسلي ٿي ويئي ته توکي فقط هڪ ئي نماز جو ثواب
ملندو“ هنن کان وڌيڪ سندس دشمني جي ٻي ڪهڙي وضاحت
ٿي سگهي.
هنن
اردو نظمن ۾،”ملازاده ضيغم لولابي ڪشميري جو بياض“
وڏي اهميت ٿو رکي. هن مجموعي ۾ 19 نظمون آهن، جي
بيحد دلڪش ۽ دل گداز آهن. ملازاده ضيغم هڪ فرضي
نالو آهي، جنهن کي علامه اختيار ڪيو آهي، بلڪل
اهڙي ريت، جيئن ”ضرب ڪليم“ ۾، ”محراپ گل افغان“ جي
نالي سان، پنهنجي افڪار کي قلمبند ڪيو اٿس. لولاب،
سرينگر ۽ باره مولا جي وچ ۾ هڪ وادي آهي، جتي
علامه سيد انورشاهه جهڙو بزرگ پيدا ٿيو، جنهن
کي حديث ۽ فقه ۾ امام ڪري سڏيو ويو آهي. هنن نظمن
لکڻ کان علامه جو مقصد هو، ڪشميرين کي حريت جو
پيغام ڏيڻ. سندس عمر جي آخري دور جي اندر، آزادي
جو ذوق پيدا ٿي چڪوهو. علامه وٽ سندس ذوق جو قدر
هو، ۽ ان شريف قوم سان پنهنجي محبت جو ثبوت پيش
ڪيو اٿس، علامه هنن نظمن جي اندر، ملوڪيت جي خلاف
جهاد جو جهنڊو پيش ڪيو آهي. غلاميءَ کي هو بدترين
چيز شمار ڪري ٿو. طبعي موت کان وٽس ڳرو موت اهو
آهي، جو محڪوم روح بدن جي اندر مري وڃي. ملوڪيت،
ظاهر ۾ ته نهايت جاذب آهي، هو سرمايه دارن،
جاگيردارن، ملن، پيرن ۽ فنڪارن جي سرپرست آهي، مگر
هنن سڀني طبقن جو روح سلطاني چنبي ۾ ڦاسي بيڪار
بڻجي وڃي ٿو.
موت
آ هڪ سخت تر، جنهن جو غلامي آهه نانءُ،
خواجگي جي مڪروفن کي ڪاش سمجهي ها غلام؟
غلام
جي اصليت کان پوءِ، آزادي جي تحريڪ جي تعريف
علامه هيئن ٿو فرمائي:
گرم
جنهن دم ٿو ٿئي محڪوم قومن جو لهو،
ٿو
ڏڪي، اُن کان جهان چارسو ۽ رنگ بو.
فرانس جو انقلاب ۽ روس جو انقلاب دنيا کان وسري
نٿو سگهي. تيونس جي آزادي جي جدوجهد، ڇا اسان جي
اکين کان اوجهل ٿي سگهي ٿي؟ مرد حر، استبداد جي
سامهون پنهنجو سينو کولي ڏئي ٿو. هو ڪڏهن به
سلطاني تير ۽ تفنگ کان مرعوب ٿي نٿو سگهي. روح جي
هن بي مثال جذبي کي علامه هن نظمن ۾ هر هنڌ
جاڳايو آهي:
سندءِ دين وادب اندر ڏسان ٿو بوءِ رهباني،
اِهو
ئي مرڻ وارن امتن جوعالم پيري،
شياطين ملوڪيت جي اکين ۾ اهوجادو،
جو
خود نخچير جي دل ۾ ٿي پيدا ذوق نخچيري.
ملوڪيت جي زمانه ساز حامين کان اسان جو مفڪر بيحد
بيزار نظر ٿو اچي. حقيقت ۾ زندگي جو هيءُ طريقو
ڪڏهن به اسلامي ٿي نٿو سگهي، پر منافقانه آهي،
جنهن کان متاثر ٿي”بال جبريل“ ۾ فرمايو اٿس:
حديث
بيخبران هي تو يا زمانه بساز،
زمانه يا تو نسازد ”يا زمانه بستيز“.
ڪيڏو
نه بنيادي فرق آهي. خدا جي قانونن تي عمل ڪرڻ سان
جيڪڏهن جان وڃي ٿي ته وڃي، ڇو ته مسلمان خدا پرست
آهي، حياتي جو مقصد قانون الاهي جي متابعت آهي، نه
حڪومت يا فتحيابي اِها حقيقت اسان کي تڏهن معلوم
ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسان جي اندر خودي پيدا ٿي سگهي
ٿي:
شڪوه
عيد جو انڪار، مون کي ڪين آهي، پر
قبول حق فقط دنيا ۾ مرد حر جون تڪبيرون،
”پدرم سلطان بود“جي بجا، اسان علامه جي هنن ٻن
سٽن کي سمجهي سگهون.
عزم
بلند سان گڏ، سوز جگر کي آڻج،
شمشير پيءُ جي چاهين، بازو پدر کي آڻج.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته علامه ازلي پروگرام کي
يقين ۽ ايمان جي مضبوط بنيادن تي قائم ڪيو آهي، هن
فطري ذوق ۽ مستقل جذب کي هوعشق ٿو سڏي، ۽ ان عشق
سان ئي حياتيءَ جي مقصدن کي تعين ڪري ٿو.
”عشق
سي نور حيات، عشق سي نار حيات“
خدا
ڪري ته اسان هن عظيم مفڪر جي ڪلام کي سمجهون ۽
يقين ۽ ايمان کي پيدا ڪري صراط المستقيم جي طرف
گامزن ٿيون. اها حرارت ايماني ۽ خلوص، جو سلف
صالحين جو ڏاج هو، اسان کي به نصيب ٿئي:
شايد
ته ”پاڻ کي تون پاڻ مان پيدا ڪرين“
(ارمغان حجاز“سنڌي ترجمو.ڇپيل: اقبال اڪيڊمي
ڪراچيءَ تان کنيل.)
|