جگنو(کڙ کٻيتو) پرواني، ڀئونر، بلبل، چڪور وغيره
تي ڪيترن ئي شاعرن نظم لکيا آهن. اقبال به جگنو(
کڙ کٻيتي) تي نظم لکيو آهي، جيڪو هڪ شاهڪار جي
حيثيت رکي ٿو. سنڌي زبان جي مشهور شاعر ڪشنچند
بيوس جو نظم”کڙ کٻيتو“ در اصل اقبال جي نظم تان ئي
ورتل آهي. اقبال جو هي نظم فڪر ۽ خيال، معنيٰ ۽
مقصد، مصوري ۽ منظر نگاري، رواني ۽ اثر انگيزيءَ
جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي:
جگنو
ڪي روشني هي ڪاشانئه چمن مين
يا شمع جل رهي هي ڦولون ڪي انجمن مين
آيا هي آسمان سي اڙ ڪر ڪوئي ستاره
يا جان پڙ گئي هي مهتاب ڪي ڪرن مين
يا شب ڪي سلطنت مين دن ڪا سفير آيا
غربت ۾ آ ڪي چمڪا گمنام ٿا وطن مين
تڪمه ڪوئي گرا هي مهتاب ڪي قبا سي
ذره هي يا نمايان سورج ڪي پيرهن مين
ڇوٽي سي چاند مين هي ظلمت ڀي روشني ڀي
نڪلا ڪڀي گهن سي آيا ڪڀي گهن مين
باغ
۾ کڙ کٻيتي جي روشنيءَ جو چمڪاٽ ائين ٿو معلوم ٿئي
ڄڻ گلن جي محفل ۾ شمع ٻري رهي آهي. ڇا آسمان مان
ڪو ستارو ته نه اڏري آيوآهي، يا چنڊ جو ڪو ڪرڻو
آهي، جنهن ۾ قدرت ساهه وڌو آهي، ائين ته نه آهي،
ته رات جي بادشاهيءَ ۾ ڏينهن جوسفير آيو آهي؛ جيڪو
پنهنجي وطن ۾ ته گمان هو، پر هتي اچي چمڪيو آهي.
ائين ته نه آهي ته چنڊ جي پهراڻ مان ٻيڙو ڪريو
آهي؛ يا اهو ذرو آهي، جيڪو سج جي پهراڻ ۾ نمايان
ٿي جهرمر ڪري رهيو آهي. هن ننڍڙي چنڊ ۾ اونداهي به
آهي، ته روشني به آهي، ڇا ڪاڻ جو ڪڏهن گرهڻ ۾ اچي
ٿو، ته ڪڏهن ان مان نڪري ٿو.
هڪ
ننڍڙي جيو لاءِ اهڙيون انوکيون، دلڪش ۽ رنگين
تشبيهون ڪم آڻڻ، اقبال جي شاعرانه فن جو ڪمال آهي.
بنيادي طرح اقبال جي شاعري مقصدي شاعري آهي، ۽
اسلامي نظرييه حيات ۽ اسلامي تصوف جي ترجمان آهي،
توحيد سندس شاعريءَ جو بنيادي عنصر آهي، اهو ئي
سبب آهي جو هو هر منظر ۾ ان ذات متعلق جو جلوو
جاري ۽ ساري ڏسي ٿو. هيٺين شعر ۾ هو چوي ٿو ته هر
شئي ۽ هر منظر ۾ انهيءَ خالق ۽ مالڪ رنگ آميزي ڪئي
آهي. ان مقصد سان گڏ هر مصرع شاعرانه فنڪاريءَ جو
اعليٰ مثال آهي:
پروانه ڪو تپش دي، جگنو ڪو روشني دي
رنگين نوا بنايا مرغانِ بي نوا ڪو
گل
ڪو زبان دي ڪر تعليم خاموشي دي
نظاره شفق ڪو خوبي زوال مين ٿي
چمڪا
ڪي اس پري ڪو ٿوڙي سي زندگي دي
رنگين ڪيا سحر ڪو، بانڪي دلهن ڪي صورت
پهنا
ڪي لال جوڙا، شبنم ڪو آرسي دي،
سايه
ديا شجر ڪو، پرواز دي هوا ڪو
پاني
ڪو دي رواني، موجون ڪو هي ڪلي دي
يه
امتياز ليڪن اڪ بات هي هماري
جگنو
ڪا دن وهي هي جو رات هي هماري
چوي
ٿو ته پرواني کي بي قرار ۽ کڙ کٻيتي کي روشني
انهيءَ ئي ڏني آهي. بي آواز پکين کي انهي تي رنگين
نوا بنايو آهي. گل کي زبان ته ڏني اٿس، پر خاموش
رهڻ جي هدايت به ڪئي اٿس. انهيءَ ڪري ان جي خاموشي
به هڪ پيغام بنجي پيئي آهي. شفق جي نظاري جي خوبي
ان جي زوال ۾ ئي آهي. ان قادر مطلق شفق جي لال پري
کي چمڪائي، ان کي ٿوري زندگي ڏني آهي. پرهه ڦٽيءَ
کي انهيءَ ئي رنگين ۽ دلڪش بنايو آهي، ۽ ڪنوار کي
ناز ۽ انداز انهيءَ ئي ڏنو آهي. ماڪ-ڦڙن کي ڳاڙهو
وڳو پهرائي، آرسي ڏني اٿس. يعني ماڪ – ڦڙا جڏهن
گلن تي پون ٿا، ته ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ انهن
رنگين ويس پاتو آهي. گلن تي جڏهن جاءِ وٺن ٿا، ۽
انهن ڏانهن ڏسجي ٿو ته منهن پيو ڏيکارجي. وڻ کي
پاڇو، ۽ هوا کي چرپر انهيءَ ئي ڏني آهي. پاڻي کي
رواني ۽ موجن کي بي تابي انهي ئي ڏني آهي. انهيءَ
رنگارنگيءَ ۾ وري اهڙو فرق ۽ امتياز رکيو اٿس، جو
جيڪا اسان لاءِ رات آهي، اها کڙ کٻيتي لاءِ ڏينهن
آهي.
اهڙي
طرح هر مصرع ۾ معنوي خوبي، ۽ مقصد جي وضاحت آهي.
ان سان گڏ ادبي مصوري جو به ڪمال آهي،ته جنهن شيءَ
جو بيان ڪري ٿو، اها شيءَ اکين آڏو اچيو بيهي.
هيٺين نظم ۾ ڏسو ته اقبال نماز جي تصوير ڪهڙيءَ نه
خوبيءَ سان چٽي آهي:
آگيا
عين لڙائي ۾ اگر وقتِ نماز
قبله
عه رو هوڪي زمين بوس هوئي، قوم حجاز
ايڪ
هي صف ۾ کڙي هوگئي محمود و اياز
نه
ڪوئي بنده رها نه ڪوئي بنده نواز
بنده
و صاحب و محتاج و غني ايڪ هو ئي
تيري
سرڪار مين پهنچي تو سبهي ايڪ هوئي
اسلام جو هڪ زرين اصول مساوات آهي، جنهن جو عملي
تفسير اسلام جي هر رڪن مان ملي ٿو. نماز به هڪ رڪن
آهي، جنهن ۾ مساوات جي عملي صورت ملي ٿي. اقبال
ٻڌائي ٿو ته مسلمان جو شان اهو آهي، ته جڏهن نماز
جو وقت، عين لڙائي جي وقت ۾ اچي ٿو، تڏهن به قبلي
ڏانهن منهن ڪري، صفون ٻڌي، نماز پڙهن ٿا، غريب
امير هڪ ئي صف ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن ٿا، ۽
اهڙيءَ طرح غريب امير، مالڪ ۽ غلام، ڪاري گوري،
عربي ۽ عجمي جو فرق ۽ امتياز مٽجي وڃي ٿو. اهڙي
طرح مقصد به موثر نموني بيان ڪيو اٿس، ته نماز جو
نقشو به چٽيو اٿس.
”خضر
راهه“ ۾ بيقرار ۽ پريشان موج جي خاموش ٿيڻ کي ”ٿڃ
پياڪ“ ٻارجي پينگهي ۾ سمهڻ سان ڀيٽ ڏني اٿس.
جيسي
گهواري مين سوجا تا هي طفل شير خوار
موج
مضطر ٿي ڪهين گهرائيون مين مستِ خواب
محبت
ڇا آهي، اها ڪهڙن جزن مان جڙي ٿي، ڪهڙيون ڪهڙيون
خصوصيتون ان ۾ سمايل آهن، ۽ ڪهڙو اثر، جذبو ۽ قوت
ان ۾ ڪار فرما آهي؟ ان جي اپٽار اقبال وضاحت سان
به ڪئي آهي ۽ رنگين ۽ فنڪارا نه نوع ۾ به ڪئي آهي.
چوي ٿو:
عروس
شب ڪي زلفين ٿين اڀي نا آشنا خم سي
ستاره آسمان ڪي بي خبر ٿي لذت رم سي
لکا
ٿا عرش ڪي پايه به اڪ اڪسير ڪا نسخه
ڇپاتي تي فرشتي جس ڪو چشم روح آدم سي
چمڪ
تاري سي مانگي ـــ چاند سي داغ جگر مانگا
اڙائي تيرگي ٿوڙي سي شب ڪي زلف برهم سي
تڙپ
بجلي سي پائي ـــ حورسي پاڪيزگي پائي
حرارت لي نفس هائي- مسيح ابن مريم سي
ذرا
سي ڦر ربوبيت سي شانِ بي نيازي لي
مَلڪ
سي عاجزي- افتادگي تقدير شبنم سي
پهر
ان اجزاء ڪو کولا چشمه حيوان ڪي پاني مين
مرڪب
ني محبت نام پايا عرش اعظم سي
خرام
ناز پايا آفتابون ني ستارون ني
چٽک
غنچون ني پائي، داغ پائي لاله زارون ني
سهاڳڻ رات جا زلف اڃا ٽيڙا نه ٿيا هئا، آسمان جا
ستارا ڀڄڻ جي لذت کان بي خبر هئا، ان وقت عرش جي
ٿنڀي تي هڪ اڪسير جو نسخو لکيوويو. جنهن کي ملائڪن
آدم جي روح جي اک کان لڪايون پئي لڪايو. آخر اهو
نسخو انسان ذات کي مليو. جنهن موجب. تارن کان چمڪ
۽ چنڊ کان جگر جو داغ ورتو ويو، رات جي پريشان
زلفن کان اونداهي کسي وئي. بجلي کان تڙپ ۽ حور
کان پاڪيزگي حاصل ڪئي وئي. حضرت عيسيٰ کان جذبو ۽
ولولو ورتو ويو. ربوبيت جي وصف مان بي نيازي واري
خاصيت کنئي وئي، ملائڪ کان عاجزي ورتي وئي؛ ۽ ڦري
ڦري ڪنهن جاءِ تي قيام ڪرڻ واري خاصيت ماڪ ـــ ڦڙن
کان ورتي وئي. ان کان پوءِ انهن سڀني شين کي
ساهواري جي اک جي پاڻيءَ ۾ گهوٽيو ويو. انهي مرڪب
عرش اعظم جي نسخي مطابق ”محبت“ نالو حاصل ڪيو.
ڪهڙي
نه حسين پيرايه ”محبت“ جي وصف بيان ڪئي وئي آهي.
خيال
۽ فن شعر جو تاڃي پيٽو آهن. انهن ٻنهي جي حسين
امتزاج سان جڏهن شعر جڙي ٿو، ته ان ۾ اثر انگيزي
به ٿئي ٿي، ته دلڪشي ۽ رنگيني به اچي ٿي. اهڙو شعر
جڏهن ڪو پڙهي ٿو، ته ان جي دل تي سڌو سنئون اثر
ڪري ٿو، ۽ هو بي اختيار ٿي وڃي ٿو. مطلب ته شاعر
جڏهن پنهنجي خيال، جذبي، احساس ۽ پيغام کي شعر جي
خوبصورت سٽا ۾ سمائي ٿو، تڏهن ئي سندس شعر ۾
رنگيني ۽ رواني، حسن ۽ تاثر پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن
خيال ۽ اسلوب بيان، فڪر ۽ فن ۾ ربط ۽ هم آهنگي نه
هوندي ته نازڪ خيال جي لطافت ۽ نزاڪت به ختم ٿي
ويندي. اسلوب بيان جو سهڻو طريقو ئي شعر ۾ قوت،
خيال ۾ اثر ۽ جذبي ۾ جان پيدا ڪندو آهي.
رمزيت ۽ اشاريت شاعريءَ سان لازم ۽ ملزم آهن، ۽
شاعريءَ جي حسن ۾ اضافو ڪن ٿيون. شعر جي لفظ ۽
نگاهه کان جيڪو لطف اختصار، اجمال ۽ اشاريت ۾ آهي،
اهو تفصيل ۾ ڪونهي. اها شاعر جي فن جي خوبي آهي ته
معنيٰ جو درياه فني سٽا جي ڪوزي ۾ بند ڪري، يعني
گهاڙيٽي جي گهاگهر ۾ سوچ جو سمنڊ سمائي ڇڏي. البته
رمزيت ۽ اشاريت ايتري منجهيل نه هجي، جو شعر مبهم
ٿي وڃي، ۽ پرولي پيو معلوم ٿئي، اها شاعري جي خوبي
نه آهي، پر نقص آهي، شعر آهي ئي انهي لاءِ ته جيئن
پڙهندڙ لاءِ ان جي مفهوم ۽ مقصد کان پوريءَ طرح
واقف ٿئي، ۽ اثر پذير ٿئي. اهو ئي سبب آهي، جو چيو
ويندو آهي، ته شعر ڳوڙهو ۽ اونهو ڀلي هجي، پر
منجهيل نه هجي.
اقبال جي شعر ۾ اهي خوبيون بدرجه اتم موجود آهن.
وٽس فن ۽ فڪر ۾ ربطه ۽ هم آهنگي جو عروج نظر اچي
ٿو. سندس سوچ ڳوڙهي ۽ فڪر مٿانهون آهي، پر اسلوب
بيان اهڙو ته سلجهيل آهي، جو فڪر ۽ فلسفي جا خشڪ
مسئلا به دلڪش ۽ رنگين بنجي پيا آهن. اهو ئي سبب
آهي، جو سندس شعر پڙهڻ سان وجدانه ڪيفيت طاري ٿئي
ٿي. اقبال جي شاعريءَ جي اها خاص خوبي آهي، ته
موضوع جي لحاظ کان فني سٽا ۾ ڦيرو اچي ٿو، ۽ اسلوب
بيان ۾ لاها چاڙها ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو
سندس فن ۾ ڪٿي جوش ۽ جذبو آهي، ته ڪٿي سنجيدگي ۽
ماٺيڻائي آهي، ڪٿي رنگيني ۽ رعنائي آهي، ته ڪٿي
تلوار جي تکائي آهي. سندس فن جو اهو به ڪمال آهي
ته فن ۽ فڪر گڏوگڏ روان دوان آهن.
هيٺئين شعر۾ شاعر جو مقصد آهي زندگيءَ جو روان
دوان ۽ ارنقا پذير ظاهر ڪرڻ. ان لاءِ ندي جي نڪرڻ
۽ وهڻ کي تمثيل طور آندو اٿس. اها تمثيل نهايت
موزون، مناسب، مفهوم ۽ مقصد جي پوري پوري وضاحت
ڪندڙ به آهي، ته ان سان گڏ شاعر ان ۾ ڪيترائي
اندروني قافيا آڻي شعر ۾ نغمگي، رواني ۽ وجد
آفريني به پيدا ڪئي آهي:
وه
جوئي ڪهستان اچڪتي هوئي، اٽڪتي لچڪتي سرڪتي هوئي،
اڇلتي ڦسلتي هوئي، بڙي پيچ کا ڪرنڪلتي هوئي
اڳتي
هلي وضاحت سان اها تمثيل ظاهر ٿئي ٿي. شعر ۾
فنڪارانه حسن به آهي ته مقصد ۽ مضمون به پڌري پٽ
ظاهر ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح فن ۽ فڪر ۾ ربط، هم
آهنگي ۽ حسين امتزاج رکيو اٿس:
رڪي
جب تو سل چير ديتي هي يه
پهاڙون ڪي دل چير ديتي هي يه
ذرا
ديک اي ساقيءَ لاله فام
سناتي هي يه زندگي ڪا پيام
دما
دم روان هي يمِ زندگي
هر
اک شيءَ سي پيدا رمِ زندگي
اسي
سي هوئي بدن ڪي نمود
ڪه
شعله مين پوشيده هي موجِ دود
گران
گرچه هي صحبتِ آب و گل
خوش
آئي اسي صحبتِ آب و گل
يه
ثابت ڀي هي اور سيار ڀي
عناصر ڪي ڦندون سي بيزار ڀي
يه
عالم يه بتخانئه شش جهات
اسي
ني تراشا هي يه سومنات
ٺهرنا نهين ڪاروان وجود
ڪه
هر لحظه تازه هي شانِ وجود
زماني ڪي دريا مين بهتي هوئي
ستم
اس ڪي موجون ڪي سهتي هوئي
تجسس
ڪي راهين بدلتي هوئي،
دما
دم نگاهين بدلتي هوئي
ساز
از خود پيڪر اغيار را
تا
فزايد لذتِ پيڪار را
نديءَ جي وصف بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته هلندي هلندي
رڪجي ٿي ته سرن جي اڏاوت ۾ سوراخ ۽ جبلن ۾ جهير
وجهي ٿي ڇڏي. اهڙيءَ طرح هوءَ زندگيءَ جو پيغام
پهچائي ٿي. زندگي جو درياءَ به اهڙيءَ طرح روان
دوان آهي، هر هڪ شيءَ مان زندگي جي ڀڄ ڍڪ ظاهر
آهي، انهيءَ چرپر ۽ هلچل مان ئي جسم جي رونق ظاهر
ٿئي ٿي. باهه جي اولانڀي ۾ دونهي جي اوسر ۽ اڀار
لڪل آهي. اهڙيءَ طرح زندگي ۾ چرپر سمايل آهي.
جيتوڻيڪ ڏاڍن ڏاکڙن کان پوءِ عزت ۽ راحت حاصل ٿئي
ٿي، پر ان سانئي زندگي جو وقار وابسته آهي.
زندگي ٿانئيڪي به آهي، ته ڀڄ ڊڪ ۾ به آهي. اهي
عنصر جن مان انسان جو جسم جڙيو آهي، زندگي انهن جي
ڄار کان بيزار به معلوم ٿئي ٿي. هن دنيا جي بتخاني
هن سومنات کي گهڙيو آهي. يعني هن دنيا جي رنگا
رنگي ۽ هل هلاچي ئي زندگيءَ کي انهن ڳالهين تي
آماده ڪيو آهي. وجود جو قافلو ڪٿي به بيهي نٿو، ۽
هر گهڙيءَ هلندو رهي ٿو. زندگي زماني جي درياءَ ۾
وهندي رهي ٿي ۽ موجن جا ستم سهندي رهي ٿي. انهن
موجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تجسس ويچار ۽ ويڃاءَ جون
راهون بدلائيندي رهي ٿي، ۽ پنهنجي نگاهه ۾ نواڻ
پيدا ڪندي رهي ٿي.
اهڙيءَ طرح تمثيلن ۽ تشبيهن ذريعي ظاهر ڪيو اٿس،
زندگي جو نالو چرپر آهي. رنگا رنگي انهيءَ چرپر
سان ئي وابسته آهي. اها چرپر هڪ ــ ڪري ۽ هڪ جهڙي
به نه آهي، پر اها رخ ۽ نوع وقت سارو بدلائيندي
رهي ٿي. مطلب هي آهي ته جيڪڏهن زندگي کي بيٺل
پاڻيءَ وانگر هڪ هنڌ بيهاري، لوچ ۽ لوڇ کان وانجي
ڇڏبو ته وڻواند ٿي وڃبو.
اقبال ” بالجبريل“ جي مهڙ واري صفحي تي سنسڪرت جي
مها ڪوي ڀرتري هريءَ جي دوهي جو منظوم ترجمو ڏنو
آهي. هي شعر فڪر جي خوبيءَ جي لحاظ کان اعليٰ
درجي جو آهي، انهيءَ ڪري ئي اقبال ان کي ترجمي
لاءِ منتخب ڪيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته شاعر جي
دل اڇي اجري ۽ تعصب کان پاڪ هئي. هن جتي به
شاعرانه خوبي ڏٺي آهي، ان کان اثر انداز ٿيو آهي.
اهو شعر هي آهي:
ڦول
ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هي هيري ڪا جگر،
مردِ
نادان پر ڪلامِ نرم نازڪ بي اثر.
نه
فقط ايترو، پر هڪ شعر ۾ هندي لفظ به آندا اٿس،
مثلن:
شڪتي
ڀي شانتي ڀي ڀڳتون که گيت مين هي،
دهرتي ڪي مڪتي پريت مين هي.
ان
مان شاعر جي فڪر جي پاڪيزگيءَ جو اندازو به لڳائي
سگهجي ٿو، ڇا ڪاڻ ته هو انسانذات جو ڇوٽڪارو محبت
۾ ئي سمجهي ٿو.
اقبال پنهنجي خيال جي اظهار لاءِ فارسي مان تمام
گهڻي مدد ورتي آهي. هن پنهنجي مقصد جي وضاحت لاءِ
فارسي لفظن جي ميل جول سان نيون نيون ترڪيبون
ٺاهي، فن ۾ خوبصورتي ۽ معنيٰ ۾ گهرائي پيدا ڪئي
آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪيترين جاين تي هڪ ٻن
لفظن ۾ وڏو مفهوم سمايو اٿس. معلوم ٿئي ٿو ته
جيڪڏهن خالص اردو الفاظ آڻي ها، ته کيس ساڳئي
مفهوم بيان ڪرڻ لاءِ ڪيترا فقرا آڻڻا پون ها.
مثلن: ”آفتاب صبح“ ۾ مسدس جي هڪ بند جو پهريون
مصرع هن طرح آهي:
”نور
سي معمور هو جاتا هي دامان نظر.“
هتي
آيل ننڍڙي ترڪيب ”دامانِ نظر“ تي غور ڪبو ته ان ۾
هڪ مڪمل تصوير نظر ايندي. ”دامانِ نظر“ جو مفهوم
ٿيندو: ” نظر جو ڦهلاءُ“ يا ”نيڻ نهار“ ”بانگ درا“
جي نظم ”ابر“ جو هي شعر ملاخطه فرمايو: يعني
جيستائين نظر وئي ٿي، اوستائين سمورو منظر نور سان
معمور ٿي نظر آيو.
”گرج
ڪا شور نهين هي خموش هي يه گهٽا
عجيب
ميڪده بر خروش هي يه گهٽا
گجگوڙ ڪانهي، ڪارا ڪڪر خاموش آهن. اهو ڪارو
اونداهه، چپ چاپ شرابخاني وانگر معلوم ٿي رهيو
آهي. هتي ڪارن ڪڪرن کي ”ميڪده بي خروش“ سڏيو ويو
آهي. انهيءَ ترڪيب شعر ۾ جان پيدا ڪئي آهي، ۽
ٿورن لفظن ۾ هڪ دلڪش منظر اکين آڏو اچي وڃي ٿو.
”ميڪده بي خروش” جي معنيٰ ٿيندي شرابخانو، جنهن ۾
هل هنگامو ڪونهي، سانت ئي سانت آهي.
مشهور نظم”جگنو“ جي هيٺين شعر ۾ لفظ ۽ معنيٰ، خيال
۽ اسلوب، فن ۽ فڪر ۾ جيڪا هم آهنگي آهي، اها
ملاحظه فرمايو:
لباسِ نور مين مستور هون مين،
پتنگون ڪي جهان ڪا طور هون مين.
نور
جي لباس ۾ لڪل آهيان. پتنگن جي رسم و راهه منهنجو
طريقو آهي. يعني مان به پتنگن وانگر روشني جو عاشق
آهيان، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيو واجهه وجهان، پر
حقيقت اها آهي، ته اهو نور خود مون ۾ ئي سمايل
آهي. اصل مطلب هي آهي ته ذات مطلق جو جلوو پنهنجو
پاڻ ۾ ئي سمايل آهي. انسان پنهجو پاڻ ۾ ليئو نه ٿو
پائي، پر هيڏانهن هوڏانهن پيو واجهائي. حضرت شاهه
لطيف چيو آهي.
”وڃين ڇو وڻڪار، هٿ نه ڳولهين هوت کي“
اقبال جي مٿئين شعر ۾ ”پتنگون ڪي جهان ڪا طور“
واري ٽڪري وڏي معنوي ۽ فني خوبصورتي پيدا ڪئي آهي.
رات
جي ماٺيڻائيءَ ۾ جڏهن هر شئي اگهور ننڊ ۾ ستل
معلوم ٿئي ٿي، تڏهن درياءَ به ائين معلوم ٿئي ٿو،
ڄڻ هلندي هلندي بيهي ويو آهي، اقبال انهيءَ منظر
جو نقشو هن طرح ڪڍيو آهي، خاص طرح سان پوئين مصرع
۾ مڪمل تصوير اچي وڃي ٿي.
شب
سڪوت افزا هو آسوده دريا نرم سير،
ٿي
نظر حيران ڪه دريا هي يا هي تصوير آب.
رات
جي سانت ۾ ائين معلوم ٿئي ٿو ته درياءِ به هلندي
هلندي بيهي ويو آهي، يعني درياءَ ۾ به ايڏي
ماٺيڻائي آهي، جو وهڪري جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿو
اچي. نظر حيران آهي، ته هي سچ پچ درياءَ آهي، يا
مصور جي نڪتل پاڻيءَ جي تصوير آهي.
صبح
جي موضوع تي هر زبان ۾ نظم لکيا ويا آهن. ڇا ڪاڻ
جو انهي منظر نگاريءَ مان روح کي راحت به ايندي
آهي، ته هڪ اهم مقصد ڏانهن اشارو به هوندو آهي.
اقبال به صبح جو نظارو چٽيو آهي، جنهن ۾ هڪ پيغام
به سمايل آهي:
مانندِ سحر صحنِ گلستان ۾ قدم رک،
آئي
تہ پا گوهر شبنم تو نه ٽوٽي.
پرهه
ڦٽي، باغ جي رونق ۾ اضافو آڻيندي آهي، ۽ گلن ۽
نٻين تي پيل ماڪ- ڦڙن کي ختم نه ڪندي آهي، پر پاڻ
انهن جي سونهن سرس ڪندي آهي. انهي ڪري شاعر اسان
کي صلاح ٿو ڏئي، ته اسان جتي قدم رکون، اتي پرهه
ڦٽيءَ وانگر ماحول کي سِڪ ۽ ساڃاهه جي سڳنڌ سان
واسي ڇڏيون. جيئن پرهه ڦٽي، ماڪ-ڦڙن تي قدم رکڻ جي
باوجود انهن کي ٽوڙي ختم نه ڪندي آهي، تيئن
توهان به جتي وڃو، اتي ڪنهن کي رنجايو نه ۽ ڪنهن
جو استحصال نه ڪيو. مطلب ته پر مار نه ٿيو.
هيٺئين شعر ۾ صبح جي ڪرڻي کي حور جي نظر سان ڀيٽ
ڏني اٿس، هن مان اقبال جي جمالياتي ذوق جو اندازو
به لڳائي سگهجي ٿو:
اڪ
شوخ ڪرن، شوخ مثالِ نگه حور،
آرام
سي فارغ صفت جوهر سيماب.
هڪ
تيز ڪرڻوائين آهي، جيئن حور جي نظر تکي آهي. آرام
ڪونهيس، ۽ پاري جي خاصيت وانگر بي قرار آهي.
ماهه
پرين چنڊ جو منظر به ڏاڍو دلڪش لڳندو آهي، ۽ شاعر
جي حساس دل کي جهنجهوڙيندڙ آهي. اقبال ماهه پهرين
چنڊ جي تصوير هن طرح ڪڍي آهي:
ٽوٽ
ڪر خورشيد ڪي ڪشتي هوئي غرقاب نيل
ايڪ
تڪڙا تيرتا ڦرتا هي، روئي آب نيل
يعني
آسمان جي درياءَ نيل ۾ سج جي ٻيڙي ٽٽي ٻڏي ويئي، ۽
ان جو جيڪو هڪ ٽڪرو ترندو نظر اچي ٿو، اهو ماهه
پهريون چنڊ آهي.
اقبال جيتوڻيڪ هڪ فلسفي شاعر آهي، ۽ هن شاعريءَ کي
پنهنجي پيغام جي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي، ان
هوندي به هن تغزل کي هٿان نه ڇڏيو آهي. هو نظم جو
ته باڪمال شاعر آهي، پر غزل ۾ به هڪ منفرد شاعر
آهي. سندس غزل ۾ تغزل به آهي، ته رس ۽ رچاءُ به
آهي. ان سان گڏ ان ۾ فقط روايت پرستي نه آهي، پر
جدت ۽ انفراديت به آهي. هڪ غزل جي هيٺين شعر ۾
شاعرانه خوبي ۽ جدت آفريني ملاحظه فرمايو:
تري
عشق ڪي انتها چاهتا هون،
مري
سادگي ديک ڪيا چاهتا هون
محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو، ته مان چاهيان ٿو ته تو
۾ به عشق پنهنجو جذبو ۽ ولولو ڏيکاري، جيئن مان
تنهنجي عاشقانه جذبي ۽ احساس جي انتها ڏسان. ان
کان پوءِ پاڻ کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته: مان ڪيڏو نه
سادو آهيان، جو اهڙي تمنا رکان ٿو، ڇا ڪاڻ ته
محبوب ته لاغرض، لاپرواهه ۽ لاابالي ٿيندو آهي.
حضرت شاهه لطيف به چيو آهي، ته محبوب ۾ پنهنجي عشق
جو ايڏو اثر پيدا ڪجي، جو هن ۾ خود سوز ۽درد پيدا
ٿي پوي:
پتنگ
چايين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجهاءِ،
پچڻ
گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي به پچاٰءِ،
واقف
ٿي وساءِ، اڳ نه ڏجي عام کي،
اردو
غزل گوئيءَ جو پهريون موڙ غالب جو هي شعر چيو وڃي
ٿو:
نقشِ
فريادي هي ڪس ڪي شوخيءَ تحرير ڪا
ڪاغذي هي پيرهن هر پيڪرِ تصوير ڪا.
اقبال جو هي شعر، اردو غزل گوئيءَ جوٻيو موڙ سڏيو
وڃي ٿو:
ڪڀي
اي حقيقتِ منتظر نظر آ لباسِ مجاز مين
ڪه
هزارون سجده تڙپ رهي هين مري جبينِ نياز مين
نه
وه عشق مين رهين گرميان نه وه حسن مين رهين شوخيان
نه
وه غزنوي مين مذاق هي، نه وه خم هي زلفِ اياز مين
هن
قسم جي نرالي ۽ انوکي غزل گوئيءَ کي ڏسي، مڃڻو پوي
ٿو ته اردو غزل ۾ اقبال کي منفرد ۽ مٿانهين حيثيت
حاصل آهي. تغزل غزل جي جان آهي. اقبال به تغزل کي
هٿان نه ٿو ڇڏي، پر هن جي تغزل جو شان نرالو ۽
آهنگ منفرد آهي. گل و بلبل، مئي ۽ ساغر، جام و
مينا غزل جا روايتي اصطلاح آهن، اقبال به انهن کان
ڪم ورتو آهي، پر انهن کي هڪ نئين ۽ نرالي اسلوب
بيان ۾ استعمال ڪيو اٿس.
يا
رب اس ساغر لبريز ڪي مئه ڪيا هوگي،
جادهء ملڪ بقا هي خط پيماندد دل.
ساغر، مئي ۽ خط پيمانه جهڙن استعارن جي باوجود،
ذهن عام شراب ڏانهن نه ٿو وڃي. ”جاده ملڪ بقا“
چئي دل جي اهميت، افاديت ۽ وسعت کي جنهن حسن ۽
خوبيءَ سان ظاهر ڪيو اٿس، ان تي جيترو به غور ڪيو
ويندو، اوترو حظ حاصل ٿيندو.
اقبال جي غزلن مان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان
سندس فن جي عظمت جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو:
بهت
باريڪ هين واعظ ڪي چالين،
لرز
اٺتا هي آواز اذان سي.
ناله
هي بلبل شوريده ترا خام ابهي،
اپني
سينه مين اسي اور ذرا ٿام اڀي،
ابرنيسان! يه تنڪ بخشي شبنم ڪب تڪ،
مري
ڪهسار مين لاله هين ٿي جام اڀي،
ڦر
بادِ بهار آئي، اقبال غزل خوان هو،
غنچه
هي اگر گل، گل هو، گل هي تو گستان هو.
مري
مشاطگي ڪو ڪيا ضرورت حسن معنيٰ ڪي،
ڪه
فطرت خود بخود ڪرتي هي، لاله ڪي حنا بندي.
عشق
ڪي تيغ جگردار اڙائي ڪس لي،
عام
ڪي هاٿ مين خالي هي نيام اي ساقي!
اڇا
هي دل ڪي ساٿ رهي پاسبان عقل،
ليڪن
ڪڀي ڪڀي اسي تنها ڀي ڇوڙدي.
نهين
هي نااميد اقبال اپني ڪشت ويران سي.
اگر
نم هوتو يه مٽي بهت زرخيز هي ساقي.
تو
هي محيطِ بيڪران، مين هون ذرا سي آب جو،
يا
مجهي همڪنار ڪر، يا مجهي بيڪنار ڪر.
اهو
شاعر، جنهن جي سامهون هڪ اعليٰ مقصد ۽ نظريه حيات
هوندو آهي، اهو پنهنجي مفهوم کي پراثر بنائڻ
لاءِادبي ۽ فني خوبين کان ڪم ته وٺندو آهي، پر
ساڳئي وقت پڙهندڙ کي خبردار به ڪندو آهي، ته جيئن
هو فنڪارانه حسن ۾ گم ٿي، مقصد جي موتين هٿ ڪرڻ
کان وانجيل رهجي نه وڃي. حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي چيو آهي:
جي
تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو
من لائين، پريان سندي پار ڏي،
مولانا جامي، حضرت مولانا روم جي مثنويءَ لاءِ
چيو آهي.
مثنوي و معنوي و مولوي
هست
قرآن در زبان پهلوي
حضرت
علامه اقبال به چيو آهي:
مري
نوائي پريشان ڪو شاعري نه سمجهه
ڪه
مين هون محرم راز درون ميخانه
اهو
ئي سبب آهي، جو اقبال جي شاعري ذهني عياشيءَ ۽
تفريح طبع لاءِ نه آهي، پر هڪ خاص مقصد سان وابسته
آهي. اهو مقصد آهي: انساني زندگي جي تعمير ۽
تقديس. ان کي هن خوديءَ جي اصطلاح سان واضع ڪيو
آهي. اقبال جي خوديءَ جو مطلب خود پرستي يا خود
پسندي نه آهي، پر خوديءَ جو مطلب آهي: خود شناسي.
سندس مطلب آهي ته انسان پنهنجو پاڻ سڃاڻي، پنهنجي
زندگي جي اعليٰ مقصد کان با خبر ٿئي، صالح ۽
صحتمند معاشرو قائم ڪري، هو سمجهائي ٿو ته اهو
مقصد تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن انسان اسلام جي حيات
آفرين پيغام تي عمل ڪندو.
اقبال شاعريءَ لاءِ جيڪا واٽ اختيار ڪئي، اها ڏکي
۽ اڻانگي هئي، ڇا ڪاڻ جو اردو شاعري ۾ اهڙي واٽ
گهڙيل ڪا نه هئي. ان هوندي به هن پنهنجي فنڪارانه
صلاحيتن مفڪرانه سوچ ۽ ويچار کان ڪم وٺي، پنهنجي
شاعري کي ايڏو با مقصد ۽ موثر بڻايو آهي، جو سندس
پيغام قوم جي حالت ئي بدلائي ڇڏي.
”نگاه مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين“
*** |