هِن ته ڪو اوسيئڙو ڪونه ڪيو، پر هو به ٽي هفتا ڪونه آيو، آخر
چوٿين هفتي، ڦِٽ ڦِٽ ڪندي منهن سان در جي چائنٺ
ٽپي اندر ٿيو. هِن اوڏيءَ مهل پڌر ۾ سگريٽ ڇڪيندي،
ڪاشيءَ جي ڪونڊين ۾ لڳل مۡني پلانٽ کي پائپ سان
پاڻي پئي ڏٺو. هن کنگهڪارن جو هارن دٻائيندي چيس:
خوش ويٺي آهين نه؟“
”نه تڏهن ڇا ٿي سمجهئي؟“ هِن ڏانهس ائين نهاريو ڄڻ هو ڪو ڪاڪروچ
هو.
”ڪاوڙ ڪئي هوندئي؟“
”ڪاوڙ ڪري منهجو موچڙو!“ سگريٽ کي چپٽيءَ سان ڇنڊڪو ڏيندي
وراڻيائينس.
”اهي ويئي هليا عزتن وارا ڏينهن، ڏٺم تنهنجا رعب کدوبيگ! مڙس به
اهو آهين نه جو بُجا پيو کائين.“
”ڪير ٿو چوي؟ ڪڏهن؟ مون کي بُجا ڪير هڻندو؟! ڪنهن کي طاقت آهي!“
”اي هاڻي ٺهيو ٺهيو ميتا، تو ته گهڻئي ڊگهيون ڳالهيون ٿي ڪيون،
ته هيئن ڪندس، پر تنهنجو ته پول پڌرو ٿي پيو.“
”پڪ جنوءَ اچي ڀريو هوندئي، تنهن ڏينهن ايمڻا کي به انهيءَ رۡن
اچي ڀڙڪايو، نه ته هوءَ هروڀرو اهڙي ناهي.“
”ڪهڙي به هجي، منهنجو ڀوپيءَ ساڻ ڪو لهڻو ليکو، پر اکين تان
پردا ته کڄي ويم، تنهنجي اصليت ته سامهون اچي
ويئي.“
”انهيءَ ۾ اصليت جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال ماڻهون سان ڪهڙو وات
ڏيان ها.“ ”آئون تنهنجيءَ جاءِ تي هجان ها، ته
اوڏيءَ جو اوڏي مهل مُنڍي مروڙي رکانس ها.“هن نفرت
ڀريل نگاهن سان نهوڙيندي چيس. هو ٻه وکون اڳتي وڌي
آيو ۽ ٻانهن مان جهليندي چيائينس: ”مون کي بخش ڪر
منهنجي سائڻ! هاڻ وڌيڪ ٻڏڻهارڪو نه ڪرينم. اڳتي
اُهي دڙڪا تاب ڪونه سهندومانس. وري جي گوڙ ڪيائين،
ته نِڙيءَ تي ننهن ڏئي اُڦٽ ماري ڇڏيندو مانس.
”هاڻ سون جو ڳنڊو به ٿي پوين، ته به منهنجي لاءِ گِلٽ آهين.“ سٽ
سان ٻانهن ڇڏائيندي وراڻيائينس.
”ها، چڱو جو ياد ڏياريئي،“ هو ائين مُرڪيو ڄڻ ڦِڪائي وندرائيندو
هجي. ”زيورن جي رسيد ته ڏي ڀلا، هيل کيسا پُر ڪري
آيو آهيان.“
”ايڏهين ڪر پنهنجا کِکا کيسا! ڪون ٿا کپن تنهنجا زيور، جيئي
وڏيرو مينهل خان پاڻهي وٺي ڏيندو!“
اهو ٻڌي هُن جي ڪنن ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، ڌرتي ڌُڏندي محسوس
ٿيس، پر پڌر ۾ کتل نل جو سهارو وٺندي، پنهنجي پر ۾
تير هڻي ڪڍيائينس.
”اهو وڏيرو مينهل نه، جنهن کي اڳ ئي سۡت سُريتيون آهن!“
”مڙس ئي ته سۡت به سنڀاليندا آهن، ڀاڙيا ته هڪ کي به نه سنڀالي
سگهن. مان به ماريندس ته مير، چاڪر ڪون چڪيندس.“
فخر مان ڪونجهه جهڙو ڳاٽ اوچو ڪندي وراڻيائينس: ”
سڀني جي سائڻ ڪري ويهاريندم، تو جهڙو ڪونهي جو
بُجا ويٺو کائي. توکي ٿي ڏسان ته جۡنوءَ جو چٽيل
نظارو اکين اڳيان ڦريو ٿو اچيم. مون ته ڪنهن مڙس
ماڻهوءَ جو سهارو ٿي گهريو، ته مٿي ڇانوۡ ڪري، عزت
جا ڏينهڙا گهاريندس. مون کي ڪهڙي خبر هئي، ته تون
ڪو اهڙو مڄوڙو هئين. هاڻ ته سوچيو اٿم، گڏهه جي لت
کان هاٿيءَ جي لت وري به چڱي آهي.“
اهو ٻڌي هُن ڏند ڪرٽيندي چيس:” ڏسان ته تون ڪيئن ٿي مينهل جي
ٿين!“ ”اهي جوش ڏيکار ڀوپيءَ کي، جيڪا ٿُڪ جي
ٿانوۡ ۾ پئي کارائنئي، مون کي اڪيلو نه سمجهه.
.ڪريانءِ ٿي ڪيِهه ته مڙي ويندا ٽيهه!“ گهڙيءَ جو
گهڙيءَ م گهِلرائي سگهئين ٿي. نڪاح ٻڌيءَ تي وس
نٿو هلئي، آيو آهين مون تي ديرو دمائڻ، هون!“
”جيڪي توسان وهيم، سو سڀ پاڻي ٿي ويو؟“
”اي هاڻي هل هل، ڄاڻ وڏيرو مينهل آيو ڪار ۾، تو جهڙو ڪونهي جو
ٽانگي ۾ چڙهي گهنڊڙيون وڄائيندو، ڇڻ ڇڻ ڪري اچي
لهندو.“
”ته چئبو رن اڳ ئي ڪو مينهل کي هٿ ڪيو ويٺي هئين!“
”هفتو کن ٿيو اٿم جو ساهيائين، ۽ مان به ڪنڌ ڪونه ڪڍايو.“ مومل
رومينٽڪ انداز مان ٿڌو ساهه کڻندي چيس. ”هُو ته
ڪِن سالن کان ڇتو هو؛ پر تنهنجي ڪري مُنهن نه
ڏيندي هئيمانس.“
اوچتو وڏيري مينهل جي ڪار جو بُل ڊاگ اسٽائيل هارن وڳو.
ها... ئو... ئوئو... آ.
مُٺيس، هاڻي ڇا ڪريان!“ مومل کي پريشاني وٺي ويئي. اڃا ٿڙ ڦٿر ۾
هئي، جو ڏاڪڻ تي وڏي کُڙيءَ واري بوٽ جي ڌم ڌم
پئجي ويئي. ان دم ئي وڏيرو مينهل، هڪ هٿ سان شهپر
وٽيندو ۽ ٻئي هٿ سان سٿرن ۾ کوٽهڙا ڪندو اچي اندر
پهتو. جيسين تائين وڏيرو مينهل کانئس ان بابت پُڇي
ئي پُڇي، ته هِن وڏيءَ حرفت سان شهباز مان جان
ڇڏائيندي چيو: ”ادا، هاڻي توکي موڪل، تون ڀلي وڃ
ڳوٺ، ادي ايمڻا کي به سلام ڏجانءِ!“
”وڏيري جي ڪاوڙ ٿي ته غريب لاءِ لڪڻ جي واهه نه لڀندي، هاءِ به
ويئي ته هو به ويئي، نه گهر سلامت، نه وني
بچندي، نه ٻني بچندي، يا ته جيل ۾ هوندو يا پيو
رات ڏينهن موچڙا کائيندو، جيسين وڃي وڏيري جو جن
لهي. تيسين نه ڪوڪ آسمان وارا ڪنائيندا، ۽ نه
زمين تي ڪو ٻڌڻ وارو هوندو. وڏيرن جي وچ ۾ اها
به ٻڌي هوندي هئي ته ڪو غريب هڪ وٽان لڏيو ته
ٻيو ڪوبه کيس پاڻ وٽ رهڻ نه ڏيندو. خدا جي وسيع
دنيا ڪڏهن وڏيرن جي وس ۾ هئي، تڏهن غريبن لاءِ
ڪيڏي نه تنگ هئي“
سيد حسام الدين راشدي
(”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ تان)
قاضي خادم پر هوا پڙهڻ ڪونه
ڄاڻي
(باغ ۾ گلن جي وچ تي هڪ پٿر تي
اُڪريل ڪتبو ”گل ڇنڻ منع آهي.“)
ڊسمبر جي شروعات هئي. هڪ موسم سرديءَ جي، ٻيو اسلام آباد، پر
ڳالهه اهڙي هئي جو آءُ اصل صبح ساڻ نيرن کائي گرم
ڪوٽ ۽ سوئيٽر پائي سيءُ ۾ ڏند کڙڪائيندو، گلاب ۽
چنبيليءَ واري باغ ۾ اچي پهتس. ڪار بيهاري ٻاهر
نڪتس ته اصل ماشائي ڦري ويا. هڪ ته سخت سيءُ“ ٻيو
آسمان تي رءُ، وري باغ جو ٿڌو ٿڌو ڇٻراتو. اصل ڄمي
ويس. مٿان وري انتظار به ڪرڻو هو؛ هن يارهين بجي
اچڻ جو چيو هو ۽ اڃا نۡو مس ٿيا هئا.
آءُ باغ ۾ پوکيل گلاب جي مختلف گلن جا نالا پڙهي رهيو هوس، ته
منهنجي نظر ان تختيءَ تي وڃي کُتي، جنهن تي لکيل
هو ”گل ڇنڻ منع آهي.“ انهيءَ تختيءَ جي هيٺيان
ڪيترا ڪومايل گل ۽ پن پيا هئا، جيڪي پڪ هن واديءَ
جي سرڪش هوائن اڻڄاڻيءَ ۾ ٽوڙي ڦٽا ڪيا هئا. ۽ هاڻ
اهي هوا جي زور تي هيڏانهن کان هوڏانهن اڏامي هلڪي
کڙ کڙ جو آواز ڪري رهيا هئا. انهن گلن کي پيرن
هيٺيان چيڀاٽيندو. آءُ ڪيترو پنڌ ڪري اڳيان هليو
ويس ۽ وري ساڳئي رستي تي واپس اچي در جي ويجهو
بيٺس، ته من ڪو انساني مهانڊو نظر اچي؛ پر هُتي ته
اصل خاموشي لڳي پئي هئي. آءُ به هڪ هنڌ رومال
وڇائي ٿڌي ۽ آلي ڇٻر تي ويهي رهيس.
هن سان منهنجي انهيءَ ڏينهن صبح جو ٽيڪسلا جي عجائب گهر ۾
ملاقات ٿي هئي، جتي هوءَ ڪيترن طاقن ۾ رکيل گوتم
جي مختلف مورتين ۾ ڏاڍي غور سان ڏسي رهي هئي، ڄڻ
ته نرواڻ جي ڳولا هئس. هوءَ پنهنجي انهيءَ حال ۾
ايڏي ته مگن هئي، جو اها به خبر ڪانه پيس، ته آءُ
سندس پويان بيٺو آهيان، تنهنڪري جيئن ئي هڪ مورت
کي ڏسندي ٻيءَ مورت ڏانهن وڌي، ته مون سان ٽڪرائجي
پئي. هن جو مون سان ٽڪرجي، ”ساري“ چوڻ جو انداز
مون کي ڏاڍو وڻيو. ايترو ته وڻيو، جو آءُ ”اٽ از
آل رائيٽ“ به نه چئي سگهيس ۽ پوءِ سوچيم، ته مس مس
اهڙي ڪنهن جملي چوڻ جو موقعو مليو هو سو به وڃائي
ڇڏيم.
گوتم جي چهري تي ابدي سڪون جا واضع ۽ چٽا اهڃاڻ ڏسندي به، ميوزم
جو هال مون کي ڏاڍو سرد پئي لڳو. رت ڄڻ ته بدن ۾
ڄمي ويو رهيو هو. مون هٿ پئنٽ جي کيسي ۾ وجهي
ڇڏيا. هوڏانهن گائيڊ به منهنجو پيڇو ڇڏڻ وارو ڪونه
هو. هو مون کي اشوڪ اعظم جي زماني ڏانهن وٺي هلي
رهيو هو؛ پر آءُ ته هتي ڦاسي پيو هوس.
”هي هٿيار اشوڪ اعظم جي وقت جا آهن.“ هو چئي رهيو هو، ”هي
سرجريءَ جا اوزار آهن. هي مۡٽ ۽ دلا، ٽُڀا ۽ ڪُنا
به انهيءَ دور جا آهن. گنڌارا جي عظيم تهذيب جا
رهيل نشان آهن...“
پر منهنجو ذهن ”هُن“ ۾ گم هو. هوءَ جيڪا هر مورتيءَ جي اڳيان
پاڻ به پنڊ پهڻ بڻجيو ٿي وئي ۽ آءُ هن کي ڏسي،
پنهنجي هستيءَ تان هٿ کڻي ويٺو هوس.
هوءَ جنهن گنڀيرتا ۽ بي خبريءَ سان ماضيءَ جي هڪ عظيم داستان جي
عظيم ترين ڪردار کي ڏسڻ ۾ گم هئي، تنهن مونکي ڏاڍو
متاثر ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته، هوءَ پاڻ هڪ اهڙي
مورتي پئي لڳي، جيڪا هونئن خود به دل جي مندر جي
سونهن ۽ سوڀيا وڌائي سگهي ٿي.
”سائين، هن ڪمري ۾ قيمتي نوادرات رکيل آهن.“ گائيڊ هڪ لوهي گيٽ
کوليندي چيو. مون نه چاهيندي به هن ڏانهن ڏٺو،
هوءَ به دلچسپيءَ سان لوهي دروازي ڏانهن ڏسي رهي
هئي. آءُ به گائيڊ جي پويان اندر داخل ٿيس. هتي
سيءَ کان مڙئي بچاءُ هو، ته به آءُ پينٽ جي کيسن ۾
هٿ وجهيو، هڪ کان ٻئي شيلف ۾ ڏسندو رهيس. قسمين
قسمين سون ۽ قيمتي پٿرن جا زيور، جيڪي ڪڏهن اشوڪ ۽
ٻين بادشاهن جي راڻين جي خوبصورت جسمن جو سينگار
بڻيا هوندا. ڪن ايرينگن ۾ ته ٿي سگهي ٿو، ڪنهن حسن
جي ديويءَ جو ڪو وار به ڦاٿل هجي! ريشمي ڪپڙا، جن
انهن اپسرائن جي جسمن جي چانڊاڻ چمي هوندي! هڪ
لمحي لاءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ ته اهي هٿيار، زيور،
ڪپڙا ۽ هيرا جواهر جيئرا ٿي پيا هجن. سچ پچ ته اهي
ماضيءَ جي داستان جا انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا شاهد به
هئا، ته انهن جو هڪ امر حصو به.
”سائين، هيءَ نچڻيءَ جي مصنوعي مورتي آهي، اصلي مورتي ڀڄي پئي
آهي.“ گائيڊ، منهنجي محويت کي ٽوڙيندي، هڪ بٽڻ
دٻائي ديوارگير شوڪيس جي بتي ٻاريندي چيو، جنهن ۾
رنگين ريشمي ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ خوبصورت نچڻيءَ جي
خاموش مورتي بي نور اکين سان گهوريندي نظر پئي
آئي.
”ڪيڏا نه سٺا زيور آهن؟“ هن پنهنجي منهن پنجابيءَ ۾ چيو.
”خبر ناهي پائڻ وارا به ايڏا سٺا هئا يا نه!“ مون به پنهنجي
منهن چيو.
”پائڻ وارا سٺا هئا يا نه، خوش نصيب ضرور هئا.“ هن وري ڀُڻڪيو.
خوش نصيب ته هي زيور آهن، جو هر دور جي خوبصورتين کي پيا ڏسن.“
مون گهرين نگاهن سان هُن ڏانهن گهوريندي چيو.
”هر ماڻهوءَ کي هر وقت فلرٽ نه ڪري سگهبو آهي.“ هن پنهنجي گلابي
شال کي زور سان بدن سان ويڙهيندي چيو.
”نقلي مورتي ته اصليءَ کان به سهڻي ٿي لڳي.“ هن وري چيو.
”زمانو ئي نقل جو آهي.“ مون ڄڻ ته گائيڊ کي چيو.
”هنه، پراڻو ڊائلاگ.“هن چپ ڊُولا ڪندي مورتيءَ ۾ گهوريندي چيو.
”ڊائريڪٽ ڳالهه ٻولهه هجي ماڻهو ڪو جواب به ڏئي سگهي. ڪيئن؟“
مون وري گائيڊ کي مخاطب ٿيندي چيو. هن ڪجهه نه
سمجهندي به ڪنڌ لوڏيو.
”سائين، هيءَ اشوڪ اعظم جي اها تلوار آهي، جيڪا جنگ کان پوءِ هن
ڦِٽي ڪري ڇڏي هئي.“ گائيڊ ٻڌايو.
”جنگ کان اڳ ڦٽي ڪري ها ته هزارين ماڻهو ڪونه بچي وڃن ها.“ هُن
به گائيڊ کي چيو، جنهن اها ڳالهه به ڪانه سمجهي.
”پراڻين شين کي ڏسڻ مان آخر ملي ڇا ٿو؟“ هن پنهنجي
منهن چيو.
”اولڊ از گولڊ.“ مون وراڻيو.
”هنه، نين شين کي اگنور ڪري، اولڊ کي گولڊ ثابت ڪرڻ وري ڪهڙي
دانشمندي آهي؟“ هن وري پنهنجي منهن چيو.
”نين شين کي پرکڻ لاءِ وقت گهرجي.“ مون هن ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ
چيو.
هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ ٻاهر ويندي ويندي گائيڊ کي چيو
”ريسٽ هائوس هينئر کليل هوندو يا نه؟“
”ريسٽ هائوس چوويهه ئي ڪلاڪ کليل آهي.“ گائيڊ وراڻيو ۽ هوءَ شال
کي ڪلهن تي ٺيڪ ڪندي، ڏاڍي بي نيازيءَ سان ڊيل
جيان ٽلندي هلي ويئي. ڄڻ ته بتي وسامي ويئي.
مون به بي دليءَ سان باقي رهيل شيون ڏٺيون ۽ گائيڊ کي ٽپ ڏيندو
ٻاهر نڪري آيس. تڪڙ ته مونکي به ڪانه هئي. جنهن ڪم
سان اسلام آباد آيو هوس، سو پورو ڪري ڇڏيو هوم.
اڃا ٻه_ چار ڏينهن رهڻ جو به ارادو هئم. جنهن دوست
وٽ رهيل هوس، تنهن جي ڪار منهنجي حوالي هئي ۽
همراه پاڻ ڪم ۾ سوگهو هو. سو بي فڪري ئي بي فڪري
هئي ۽ وري هيتري سهڻي ڇوڪري جا ڏٺم، ته دل چاهيو
ٿي، ته ٻه گهڙيون هن کي ڏسان. هونئن به سهڻين شين
کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿم. گلابي گل هجي يا گلابي
چهرو. سونهن ۽ خوشبو جو هميشه ديوانو رهيو هوس ۽
خاص ڪري اسلام آباد سان ڪيتريون سهڻيون يادون
سلهاڙيم. هينئر به مون گهٽ ۾ گهٽ، هڪ ڏينهن جي
ڪنهن هڪ گهڙيءَ کي خوبصورت بڻائڻ ٿي چاهيو، ڇو جو
وري واپس پنهنجي ماڳ ورڻو هئم، جتي ساڳيو دهل
ساڳيو راڳ. زال ۽ ٻار، جهيڙا، گوڙ ۽ خرچ. مطب
زندگيءَ کي ساڳئي رستي تي هلائڻ کان اڳ مون هميشه
وانگر اهو سوچيو ٿي ته جيڪڏهن قرار جون چند حسين
گهڙيون ملي وڃن ته ڏاڍو سٺو. هونئن به آءَ اهو
سمجهڻ ۾ حق تي هوس، ته هُن خود به مون سان ملڻ
چاهيو ٿي، نه ته ويندي ويندي اهو ڇو اطلاع ڏئي وڃي
ها ته ڪيڏانهن پئي وڃي!
ميوزيم مان نڪري آءُ سامهون ٺهيل جديد طرز جي ٽوئرزم جي ريسٽ
هائوس ۾ داخل ٿيس. هال ۾ اندر داخل ٿي ، مون ساڄي
طرف ريسٽورنٽ ۾ ڏٺو، جتي هوءَ ڪنڊ ۾ پيل هڪ ميز جي
چوڏاري پيل ڪرسين مان هڪ تي ويٺي هئي. خوبصورتيءَ
سان سينگاريل ريسٽورنٽ جي ڳاڙهي ڪرسيءَ تي هن جو
وجود ڄڻ ته ان جو هڪ حصوئي لڳي رهيو هو. هوءَ ٺونٺ
ميز تي رکيو ، کاڏيءَ کي هٿ جي پٺيءَ تي ٽڪايو، در
ڏانهن ئي ڏسي رهي هئي ۽ اهو سچ هو يا منهنجو وهم،
ته هن ٿڌو ساهه به ڀريو هو.
”هتي ماحول ڏاڍو گرم ۽ وڻندڙ هو. بدن ۾ سرديءَ جيڪي ڏار پئي
وڌا، تن کان نجات ملي ويئي هئي. مون ويجهو ويندي
هن ڏانهن ڏٺو، پر هن جي چهري مان ڪوبه اهڙو واضع
اهڃاڻ نظر ڪونه ٿي آيو، جنهن مان اهو لڳندو هجي،
ته ڪو هوءَ مون کي سڃاڻيندي به هجي يا ڪو هتي
منهنجي اچڻ جي توقع هجيس؛ پر تڏهن به هن ماحول ۾،
هن جو وجود مون کي ڏاڍو مڪمل لڳي رهيو هو. آءُ به
هن کان اجازت وٺڻ کان سواءِ ئي سندس سامهون پيل
ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس.
”فضيلت جي تقاضا اها آهي، ته ڪنهن جي ميز تي وهڻ کان اڳ هن کان
اجازت گهرجي.“ هن صاف نموني سان چيو. ”۽ هونئن به
سڄو هال خالي پيو آهي.“
”تڏهن ته اجازت ڪونه ورتم.“ مون به چيو ”۽ هونئن به تصنع کان ڪم
نه وٺجي ته بهتر آهي.“
بيرو اچي بيٺو.
”ڪافي ۽ سئنڊوچ آڻ.“ مون آرڊر ڏنو ۽ هُو واپس هليو ويو.
”آءُ سئنڊوچ ڪونه کائينديس.“ هن چيو.
”ڇو؟ اعتراض هجي ته پئسا کڻي پاڻ ڏجانءِ.“ مون ٿورو مرڪي چيو.
”اڙي، مون کي وڻن ئي ڪونه.“ هن جنهن لهجي ۾ هي چيو، تنهن جو
بيان ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي، ڇو جو اهو جملو
ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ وٽان هو. البت ان وقت منهنجي دل ۾
جيڪا چهنڊڙي لڳي هئي، تنهن جو مٺاڻ آءُ اڃا به
وساري نه سگهيو آهيان.
بيرو سامان کڻي آيو. هُن هٿ وڌائي ڪافيءَ جو دٻو کوليو. ”انڌا،
مون کي ميڪسويل وڻي ڪانه ۽ هي جتي ڪٿي ٻه آنا
بچائڻ لاءِ اها ڪافي آڻين.“ هن بيري تي باهه ڪڍي،
جيڪو وڃي چڪو هو.
”ڀلا، بسڪيٽ کائبا.“ پڇيومانس. هڪ ته هوءَ پنجابيءَ ۾ ڳالهائي
رهي هئي ۽ پنجابي مون کي آئي ٿي پوري سوري. ظاهر
آهي ته نرم ۽ نازڪ جذبا ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي
ظاهر ڪري سگهجن ٿا. آءُ ته رومانٽڪ ۽ ماڊرن ٿيڻ جي
ڪوشش ڏاڍي ڪري رهيو هوس.
”ڪجهه عقل به استعمال ڪريو.“ هن چيو.
”تنهنجون ڳجهارتون مون کان زور آهن.“ مون سئنڊوچ کي ٽماٽي
چٽڻيءَ ۾ ٻوڙي کائيندي چيو.
”جان ڇڏائڻ لاءِ بهترين جواب آهي.“ هن ڪافي ٺاهيندي چيو.
هوءَ ڪنڌ جهڪائي ڪافي ٺاهي رهي هئي ۽ هن جا ايرنگ به هن جي هٿ
جي لڏڻ تي لڏي رهيا هئا. هن جي ڪنن جي اڇين پاپڙين
تي سائي زمرد جي نگن سان جڙيل ايرنگن جو ميلاپ
عجيب لڳي رهيو هو.
”پر جي جان ڦاسائڻ جو ارادو هجي ته؟“ مون سوال ڪيو. هن ڏاڍي
عجيب انداز سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ جهٽ ڏئي منهنجي
هٿن مان سئنڊوچ ڦرائي ورتائين.
”توهين مرد به ڏاڍا پلستر آهيو. پنهنجي فائدي جا جملا گهڙيو
وٺو.“ هن اهو چئي منهنجو اڌ کاڌل سئنڊوچ کائڻ شروع
ڪيو.
”نو ڪمينٽس.“ مون ڪافيءَ جو گرم گرم ڪوپ چپ سان لاتو.
”رهيل ڪٿي آهين.“ هن پڇيو.
”خبر ناهي مون کي ڇا جواب ڏيڻ گهرجي.“ مون جوب ڏنو.
”آءُ سهوليت ٿي ڪري ڏيان، آءُ اسلام آباد ۾ رهندي آهيان.“ هن به
ڪافي پيئڻ شروع ڪئي.
”آءُ به اسلام آباد ۾ رهيل آهيان.“ مون جواب ڏنو.
”روز ۽ جاسمين گارڊن ڏٺو اٿئي؟“ هن پڇيو.
”ها، پر ڄڻ ڪونه ڏٺو اٿم.“ مون وراڻيو.
”سو وري ڪيئن!“ هن حيرت مان پڇيو
”اهو هيئن جو ان ۾ گلن جا سڀ قسم ڪونهن.“ مون چيو.
”ڪمال آهي، هتي ته گلاب ۽ ياسمين جو هر قسم آهي.“ هن وري حيرت
مان پڇيو.
”ها پر جنهن گل مان منهنجي مراد آهي تنهن ۾ گلاب ۽ ياسمين جي
خوشبوءِ ۽ خوبصورتيءَ جو اهڙو ته امتزاج آهي، جو
ان کان سواءِ ڪو گهٽ سهڻو ۽ خوشبودار گل وڻي ئي نه
ٿو.“ مون مرڪندي هن ڏانهن ڏٺو. مون کي پڪ هئي ته
هن جي ڪنن جو پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي وينديون، پر
نه.... ها هن جي چهري تي سرءُ جي زرد شام جو هڪ
پاڇولو آيو ۽ لڙي ويو.
”سڀاڻي صبح جو آءُ واندي آهيان. باغ ۾ ايندين؟“ هن نرم لهجي ۾
پڇيو.
”۽ اڄ شام جو ڇا ڪريان؟“ مون به معصوميت وچان چيو.
”منهنجي طرفان ڌوڙ وڃي پائجئين“ هن کلندي چيو. شايد هن به مون
کي ڪجهه لمحن لاءِ مجبور ڏسڻ ٿي چاهيو.
”تون اڳ هتي آئي آهين؟“
”ها، ڪيترائي ڀيرا.“
”پوءِ گائيڊ کان ڇو ٿي پڇئي ته ريسٽ هائوس کليل هوندو يانه؟“
”سڀڪجهه سمجهي وئين، ته به ڦڏي بازيءَ کان باز نه ٿو اچين.“ هن
مُرڪيو
”واپس ڇا ۾ ويندينءَ؟“
”بس ۾.“
”مون سان گڏ هل، ڪار ۾ وٺي هلانءِ.“
”نه، منهنجو وس هلي ته نرواڻ جي نگريءَ ۾ پيرين پيادي اچان، نه
ته به اهڙيءَ سواريءَ ۾ ايندي آهيان، جنهن مان
جسماني تڪليف سهڻي پوي.“
”نيٺ ڇو؟“
”انڪري جو گوتم پنهنجي جسم کي ڪڏهن آرام ڪونه ڏنو ۽ نرواڻ حاصل
ڪيو.“
”ته تون به نرواڻ جي ڳولا ۾ آهين؟“ ٽوڪيومانس.
”ها، اڄ کان نه صدين کان“، هن رکائيءَ سان چيو ۽
اٿي کڙي ٿي، ”آءُ
صبح جو يارهين بجي باغ ۾ هونديس“. هن منهنجو جواب
به ڪونه ٻڌو ۽ هلي وئي.
آءُ بل ڏيئي ٻاهر نڪتس ته هوءَ ڪٿي به نظر
ڪونه آيم. هيڏانهن هوڏانهن گهڻي ڏٺم، پر ڪنهن پکي
پکڻ جو وجود ڪونه هو. سو آءُ گاڏي سٽارٽ ڪري
پنڊيءَ آيس جتان چڪر چاڙهي هڻي اسلام آباد پهتس.
سڄي واٽ هن جو خيال منهنجي ذهن تي حاوي هو ايتري
قدر جو رات جو خواب ۾ به مون کي هوءَ ئي نظر پئي
آئي. دل چاهيو ٿي ته جيڪر هوءَ شام جو به مون سان
ملي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها. بهر حال جئين تئين ڪري
صبح ڪيم؛ پر اڻ تڻ ڏاڍي هئم. سو رڳو ناشتو ڪري اچي
باغ ۾ ٺڪاءُ ڪيم.
’خبر ناهي ايندي يا نه؟‘ هونئن به چند
گهڙين جي ملاقات هئي؛ پر هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي.
سمپل ۽ سمارٽ. مون دل سان چاهيو ٿي ته هن سان
ملان. ڳالهيون ڪريان. ”هوءَ ضرور ايندي“. دل مان
ٻيو آواز آيو. وري مون وسيع باغ تي نظر وڌي، جتي
نيڻ نهار تائين ڇٻراٽا ۽ ڪنارن تي قسمين قسمين گل
پنهنجي خوبصورتيءَ جا نشان بڻيو هلڪي هوا ۾
جهومندا ٿي نظر آيا. هن سرديءَ ۾ ٻيو ڪير به ته
ڪونه هو باغ ۾. سامهون اڇي پٿر جي ٺهيل مقبري نما
ڇٽي بلڪل مينهوڳيءَ جي مند ۾ واريءَ تي بيٺل
کنڀيءَ جيان پئي ڀاسجي. ٻئي طرف چشمي جي پاڻيءَ جي
پٿرن مان ڪرڻ جو هلڪو هلڪو آواز قدرتي پس منظر
موسيقيءَ جو ڪم ڏئي رهيو هو. مٿان آسمان تي رءُ
ڇانيل هو، جنهن نه صرف ماحول کي سرمائي ڌنڌ ۾
جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو هو بلڪ باغ جي رنگين ماحول کي
الف ليلوي رومانس جو هڪ حصو بڻائي ڇڏيو هو. بس هاڻ
هُن جي اچڻ جي دير هئي، جنهن جي انگ انگ ۾ هن
ماحول جا اهڃاڻ هئا، جنهن جو رنگ گلاب ۽ چمبيليءَ
جهڙو هو ۽ اکين ۾ ڪئين آبشار ۽ چشما لڪل هئس، هن
جي آواز جو مقابلو پهاڙن جي چوٽين تان ڪِرندڙ
آبشارن سان ٽڪرائجندڙ لطيف هوائن جي ڪتڪايون
وجهندڙ سوسڙاٽ سان ٿي سگهيو ٿي. هن ۾ ڪائنات جي هر
خوبصورت منظر جو عڪس ڪنهن نه ڪنهن طريقي موجود هو،
۽ هي سڄو رنگين منظر هن جي وجود جي مهڪ، ٽهڪڙن جي
آواز ۽ ساهه جي گرميءَ لاءِ آتو ٿي نظر آيو. مون
کي حيراني اها هئي ته هن کان اڳ، آءُ ڪئين ڀيرا
هتي آيو هس ۽ خوبصورت چهرن سان گڏ، تڏهن مون ڪڏهن
ڪنهن لاءِ پاڻ کي ايترو مجبور نه محسوس ڪيو. مون
کي ياد آهي ته گذريل ڀيري جڏهن آءُ ۽ نسرين هتي
آيا هئاسين، تڏهن به بور ڪونه ٿيا هئاسين، اسان
انهيءَ ڇٽيءَ جي هيٺانهن وڃي ويٺا هئاسين. نسرين
ڇٽيءَ ۾ رکيل هڪ ڪونڍيءَ جي آليءَ مٽيءَ سان ڇٽيءَ
جي هڪ ٿنڀي تي منهنجو ۽ پنهنجو نالو لکيو هو؛ پر
ان وقت ۽ هن وقت ۾ مون کي ڏاڍو فرق ٿي محسوس ٿيو.
آءُ ان ئي خيال ۾ هوس، ته پريان هوءَ مون
کي ٽلندي نظر آئي. هن پري کان ئي هٿ لوڏي پنهنجي
اچڻ جو اطلاع ڏنو. مون واچ ڏانهن ڏٺو، هوءَ پنهنجي
وقت تي آئي هئي. آءُ ٿڌي ٿڌي چٻر تان اٿي کڙو ٿيس.
’سويل آيا آهيو ڇا؟‘
”ڄڻ ڄائو ئي هتي آهيان“.
”هيءَ باغ آهي. هتي ماڻهون ڪونه ڄمندا آهن،
گل ڦٽندا آهن. سرخ......پيلا.....“ هن ڦهڪو ڪري
ڇٻر تي وهندي چيو ۽ پوءِ پرس کولي لپ اسٽڪ ڪڍي
مهارت سان چپن تي هنيائين، ”تڪڙ ۾ لپ اسٽڪ ڪونه
هنيم“.
”اهو به شڪر آهي، جي تڪڙ ۾ چپ ئي وساري
اچين ها ته....!“
”تڏهن به ڪهڙو اثر پوي ها“.
”شيڪسپيئر چيو آهي.....“.
”ڌوڙ پاتي اٿس، لڳي ٿو ته هن پيار محبت
ڪونه ڪئي هئي، تڏهن اُڏا ابتا جملا چيا اٿس“.
”نالو ڇا اٿئي؟“
”راحيلا!“ هن وراڻيو. ”پيار جي خبر اٿئي“.
”ها“.
”پيار ۾ يقين اٿئي؟“
”ايمان جي حد تائين“.
”شڪل مان تون پاڻ بي ايمان ٿو لڳين“. هن
چيو ۽ بي اختياريءَ ۾ منهنجون اکيون ڇٽيءَ جي ٿنڀي
تي وڃي کتيون، جت ان جملي جو ثبوت به موجود هو.
”پر هر معاملي ۾ نه“. مون ڀرم رکڻ لاءِ
چيو. ”منهنجو نالو اڪبر آهي“.
”جي عيد محمد هجئي ها ته به ڇا ٿئي ها“. هن
ڪنڌ ڌوڻيندي لاپرواهيءَ کان چيو.
”راحيلا موسم ڪيڏي نه سٺي آهي.“ مڙئي ڳالهه
ڪرڻ خاطر چيم.
”ڌوڙ جي سٺي آهي. سيءَ ۾ ساهه پيو هنه“.
”جي موسم سٺي نه هئي ته تون ڇو هتي
آئينءَ“. مون ٿورو تلخ ٿي چيو.
”خبر ناهي.... بس هلي آيس. نه اچڻ کپيم ها
نه؟“ هن ڪجهه ڏکويل انداز ۾ چيو
۽ مون کي پنهنجي لهجي تي ڪاوڙ اچي وئي.
”ساري“.
”ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي ساري چوندا؟“ هن لهجو
برقرار رکيو.
”آءُ توکي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندس“. مون بي
اختيار ٿي چيو.
”ڪيستائين؟“ هڪ ڏينهن، ٻه ڏينهن.....“. هن
جي سوال مون کي منجهائي وڌو. هڪ پل ۾ آءُ اهڙي ٻه
واٽي تي اچي ويس، جو سمجهيم ته ڄڻ ڪنهن ڏس ۾ وک
کڻڻي ئي پوندي.
”ڪهڙي فڪرن ۾ پئجي وئين؟“ هن پنهنجو لهجو
ٺيڪ ڪندي چيو، ”چند گهڙين جي ساٿ کي ائين ڇو ٿو
برباد ڪرين. اچ ته پنڪ پيس
(pink
Pease)
۽ وائيٽ روز
(White rose)
ڏيکاريانءِ.“ هن اٿندي چيو. آءُ به هن سان گڏ باغ
جي ڪنڊ ڪنڊ گهمڻ لڳس.
اسان هڪ ٻئي جي باري ۾ ڳالهائڻ کان پاسو پئي ڪيو. مون نٿي
چاهيو، ته هوءَ منهنجي گهريلو حالتن جي باري ۾
ڪجهه پڇي، تنهنڪري مون هن کان هن جي باري ۾ به
ڪجهه پڇڻ نه ٿي چاهيو، هونئن به هوءَ جيڪا ڪجهه
هئي، منهنجي سامهون هئي. هاڻ ان کان وڌيڪ هوءَ ڇا
هوندي؟.
”توهان کي اسلام آباد وڻي ٿو ڇا؟“ هن گلن جي ڪونڊن ۽ ٻوٽن
درميان پٿريلي رستي تي هلندي چيو.
”مون کي جابلو علائقا وڻندا آهن“. مون وراڻيو.
”مون کي سنڌ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي“. هن چيو.
مون چاهيندي به هن کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڪونه ڏني، ان ڪري جو ات
آءُ اهو اڪبر ڪونه هوس، جيڪو لاپرواهيءَ سان گرم
سوٽ پايو، اسلام آباد ۽ مريءَ جي پهاڙن تي گهمندو
ڦرندو نظر ايندو هو. اتي ته آءُ اهو اڪبر هوس،
جيڪو زال ۽ ٻارن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل، پنهنجي اعلي
عملدارن جي هٿن ۾ پتلو ۽ دوستن يارن وٽ هڪ گوشه
نشين ۽ چيڙاڪ شخص هو.
مهننجي طرفان ڪو جواب نه ٻڌي، هوءَ ماٺ ٿي وئي. هاڻ اسين ٻئي
آهستي آهستي اڇي پٿر جي ٺهيل ڇٽيءَ ڏانهن وڃي رهيا
هئاسين، جيڏانهن مون نٿي وڃڻ ڇاهيو، پر رخ ئي اهڙو
جو قدم اوڏانهن پئي ويا.
”تون روز ٽئڪسيلا ويندي آهين ڇا؟“
”نه، ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن دل جو سور وڌي ويندو اٿم. تڏهن پنهنجن
جذبن کي سڪون ڏيڻ خاطر ٽئڪسيلا ويندي آهيان“.
”اڪيلي ڇو ويندي آهين؟“
”هتي به ته اڪيلي آهيان“.
”پر هتي ته توکي خبر هئي ته آءُ هوندس“.
”تنهنجي هجڻ يا ڪنهن جي هجڻ سان اڪيلائي ته ختم ڪونه ٿي ٿئي“.
هن عجيب اداسيءَ سان چيو.
”شايد مون تنهنجي سُتل سور کي جاڳايو آهي“.
در حقيقت مون وٽ وقت تمام گهٽ هو. مون جلد کان جلد هن سان
پنهنجي ان اٿاهه پيار جو اظهار ڪرڻ ٿي چاهيو، جنهن
جو اظهار مان وقت بوقت ڪندو رهندو آهيان. راحيلا
نه سهي ڪو ٻيو سهي. ڳالھ ته اظهار جي آهي نه! پر
ڇا ڪريان، هن جو موڊ ڏسي مون کي همت ڪونه ٿي ٿي.
انهيءَ ماٺ ۾ هلندي هلندي، اسين انهيءَ ٿنڀي وٽ
اچي پهتاسين، جيڏانهن مون نه ٿي اچڻ چاهيو، ڇو جو
اتي مون کي نسرين سان گڏ پنهنجو نالو اڃان به چٽن
لفظن ۾ لکيل نظر پئي آيو. انهيءَ ڪري آءُ وڌي ان
ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي بيٺس، ته جيئن هن جي نظر هن تي
نه پوي. هوءَ منهنجي سامهون ٻئي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو
بيٺي هئي.
”تون سمجهندو هوندين ته تو مون کي ڦاسائي ورتو آهي؟“ هن اوچتو
چيو. هن جي چهري تي ٽوڪ واري مرڪ پکڙيل هئي. آءُ
دل جي چور کي ڀٽڪڻ کان روڪڻ لڳس، نه ته منهنجي
منهن مان ظاهر ٿي وڃي ها.
”هو به مون کي ٽئڪسيلا ۾ مليو هو. بلڪل انهيءَ مورتيءَ وٽ جتي
تون مون سان مليو هئين.“ هن ڪنهن خيال ۾ غم ٿيندي
هوريان چيو.
”پر هن مون کي ڦاسائڻ جي ڪونه ڪئي. هو مون کي وڻيو هو. مون هن
کي چاهيو، هن جي پوڄا ڪئي؛ پر هو پوڄا مان تنگ ٿي
ويو. جڏهن هن مون کي پنهنجي پوڄا کان روڪيو، تڏهن
مون کي خبر پئي ته دنيا ۾ صرف جسم جي اهميت آهي،
پيار جي ڪابه اهميت ڪانهي... پر آءُ ڪيئن ٿي اهڙي
ماڻهوءَ سان جسماني واسطو رکي سگهيس، جنهن جي مون
پوڄا ڪئي هجي؟ جنهن کي مون آسمان ۾ تارن سان گڏ
چمڪندي ڏٺو هجي! بس اها خسيس ڳالهه هن کان سٺي
ڪونه ٿي...“ هن وري مون ڏانهن ڏٺو ۽ سرگوشيءَ جي
انداز ۾ چيائين، ”هو هليو ويو، مون کي ڇڏي ويو؛ پر
ڇا ڪريان انهن يادن کي، جيڪي دل جي اجهايل آتشدان
۾ ڇار جي ڍير هيٺيان اڌ اجهاڻيل چڻنگ جيان ٻري
رهيون آهن.“ وري ٿورو پري ڏسندي چيائين، ”تنهنجي
ڳالهين مان خبر ناهي ڇو مون کي سچ جي ڪجهه بوءِ
آئي هئي؛ تنهنجي رويي مون کي متاثر ڪيو، تنهنڪري
مون توسان ملڻ ٿي چاهيو؛ سو متان اهو سمجهين ته
تون مون کي ڦاسائي چڪو آهين!“
مون هن جو هڪ هڪ لفظ غور سان پئي ٻڌو. مون کي پنهنجي ڪنن ۾
زوزاٽ ٿيندا محسوس ٿي رهيا هئا. ظاهر آهي ته
اهڙيءَ حالت ۾ پيار جو اظهار ڪرڻ مرڳو هن خوبصورت
ساٿ کان به وڃائي وجهي ها.
”تو شادي ڪئي آهي؟“
”نه“ نه چاهيندي به ڪوڙ ڳالهايم. اهوئي سُهائيون گهڙيون مختصر
هئڻ جو ڊپ.
”تو شادي ڪئي آهي؟“ پڇيومانس. هن ڪنڌ جهڪائي ڏاڍي جهيڻي آواز ۾
چيو.
”ڪنهن سان ڪريان!“ وري مون ڏانهن ڏٺائين ۽ آءُ هيڏانهن هوڏانهن
ڏسڻ لڳس.
”انسان حالتن جي آڏو ايترو مجبور ڇو آهي؟“ هن چيو. ۽ مذاق اهو
آهي جو حالتون پيدا به پاڻ ٿو ڪري.“
”اسان وٽ چوڻي آهي، پنهنجي ڪِئي جو ويڄ نه طبيب.“ مون کلي چيو؛
پر هن اهڙين نگاهن سان ڏٺو، جو وري چپ ٿي ويس.
”پر اهو ته ضروري ڪونهي، ته جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو دوکو ڏي ۽ ياري
ٽوڙي ته ٻيا به ائين ڪن.“ هن ڄڻ پنهنجي منهن
ڳالهايو. ”پر تجربا به ڪيستائين ڪجن؟“
”جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو توسان خراب هليو، يا تنهنجي معيار تي پورو
نه لٿو، ته ان جي معني اها هرگز ڪونهي، ته تون ٻين
سڀني ماڻهن مان مايوس ٿي وڃ!“ مون ٿورو اڳتي وڌي
هن کي چيو؛ پر هوءَ ٻيو ڪجهه سوچي رهي هئي. هن جي
چهري تي هڪ ڇڪتاڻ جا آثار هئا. منهنجي ويجهو پهچڻ
تي هن ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو. هن جي اکين ۾ گلابي
رنگ اچي ويو هو ۽ ڳوڙهن سان ٽُٻ ٿي ويون هيون. مون
جيئن چاهيو ٿي ته وڌي هن جا ڳوڙها اگهان ۽ کيس پڪ
ڏياريان ته آءُ اهڙو ماڻهو ناهيان، تيئن هن جون
نگاهون منهنجي پويان ٿنڀي تي لکيل نالي ۾ وڃي
کتيون. هٻڪي بيهي رهيس. رت ئي سڪي ويم. هڪ هڪ قدم
مڻ مڻ جو ٿي لڳم؛ پر صورتحال اهڙي هئي جو ڪجهه به
ڪري نه ٿي سگهيس. پر هن جلد ئي هلڪي مرڪ سان مون
کي ڏٺو ۽ پوءِ وڌي منهنجي ويجهو آئي ۽ چوڻ لڳي،
”تون سچو آهين. آءُ اڃا به اهو مڃڻ لاءِ تيار
آهيان، ته هن ٿنڀي تي جنهن اختر جو نالو اُڪريل
آهي، اهو تون ناهين.“ ائين چئي هوءَ هڪدم مڙي ۽
مون کي ششدر ڇڏي مضبوط قدمن سان واپس وڃڻ لڳي. |