نظم
دنيا شيشي جو گهر،
جيڏانهن نهاريون،
آرسيون ئي آرسيون.
ڪهڙا آهن تارا،
ڪهڙا آهن جلوا،
روشنيون ئي روشنيون.
درياءَ کير ڌارا جو وهي،
ڇوليون
روشنيون پئي هڻي،
تارا ٽولڙيون،
ڇوڪريون ئي ڇوڪريون.
شاعر ڄڻ ته ڪنڀار
سونهن سمائي اندر ۾،
هانءُ سندم هٻڪار.
سُرها سُرها ساهه کڻان،
رابيل ڄڻ روح ۾-
ٽانگر ٽؤنرن سان ٽٻٽار،
هانءُ سندم هٻڪار،
سونهن سمائي اندر ۾.
ڳاڙها تلڪ، ڪجليون اکيون،
انڊلٺ ڄڻ آڪاس منجهه-
چٽائي ڪئي چترڪار،
هانءُ سندم هٻڪار،
سونهن سمائي اندر ۾.
سوچن جي چڪ مان،
ڪڍي ٿو گيت نوان-
شاعر ڄڻ ته ڪنڀار،
هانءُ سندو هٻڪار،
سونهن سمائي اندر ۾.
منظور قريشي
هڪ ميرانجهڙي سانجهيءَ جو
هڪ ميرانجهيءَ سانجهيءَ جو
هوا جي پورالن جهوٽن ۾
مينديءَ جي ڀني خوشبوءِ هئي
۽ تون
مينهن وساڙي جهڙو
پيشانيءَ تي تلڪ لڳائي
ڇم ڇم ڇم ڇم ڇيريندي ڇير
ڦول سجائي وارن ۾
سنڌيا کي ڀيٽ ڏيڻ لاءِ
گل کڻي، ديپ جلائي
نديءَ ڪناري آئي هئينءَ
۽ مون
گيت گلابي ڳائيندي
لهرين مان ليئا پائيندي
ناءُ کي تنهنجي ويجهو آندو
ڇر جا ڇنڊا اُڇلائيندي!
تنهنجو ديپ اُجهايو هو.
هڪ ميرانجهڙي سانجهيءَ جو!
دوها
مند به بدلي، واءُ به بدليو، هاءِ وسي ويا مينهن،
جڳ جي ساري ريت مٽي، پر مٽيا نه پنهنجا ڏينهن.
آءُ اڱڻ اڄ پير گهمائي، کولي پنهنجا وار،
من ٿو چاهي بادل بڻجان، ورسايان اشعار.
لهر لهر پئي پريت پڪاري، هوريان ونجهه هلاءِ،
گيتن جي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، منهنجو ساجن ڳاءِ.
ڪنول لوهاڻو
راڳي
هي ڪير ڪمهلو ڳائي ٿو!
هت ماڻهو گونگا ٻوڙا ڙي،
هت ڀينگ سمورا ڀونگا ڙي؛
هي ڪهڙي جوت جلائي ٿو؟
هيءَ اڻکُٽ ڪاري رات اُماس،
آ چنڊ ستارن کي بنواسَ،
هي واٽن ليءِ واجهائي ٿو!
هن جوءِ جا جوڳي روڳي ڙي،
ڪن ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺوڳي ڙي؛
هي بن بن بين وڄائي ٿو!
او راڳي، تنهنجا راڳ امر،
بيت امر تنهنجا ڀاڳ امر؛
تنهنجو ڪيڏارو من ڀائي ٿو!
سٽ
جئن:
بوند ندي
پل جُڳ
تئن:
مون به سمايون
هڪڙيءَ سٽ ۾
سڀ سَرهايون!
ٽُڪرا ٽُڪرا ٽِڪ
ٽاڪ منجهند جو ڪنواري ڇوري
ٽڪ ٻڌي ٿي ٽڪ ۾ جانچي
ڇاتيءَ تان ڪجهه ڪپڙو سيري
جوڀن کي ٿي لڪ ۾ جانچي
ٽڪ جي آڏو بيٺي بيٺي
شام ٿئي ٿي، چمڪن ٿا تارا
رات لڙي ٿي
چنڊ چچرجي ٿو
ٽڪرا ٽڪرا ٽِڪ ٿئي ٿي
لڙڪن سان گڏ
تارو تارو ڇڄي پوي ٿو!
راهي چنا
سڏ
هُو ڏس
هُو ڏس
مُنهن مُنهن مشعل
هَٿ هَٿ پَٿر
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
هوڪا واڪا.
اچو اچو، ها- اچو اچو
مشعل مان ٻي مشعل ٻاريُون
سورج کي رستو ڏيکاريوُن.
ٽيڙو
جيون جوڙي جوٽَ،
صبح سانجهيءَ-
سڄي کٻي موٽَ.
شهناز ميمڻ
نظم
جڳن کان
مون سوچيو هو،
مون چاهيو هو،
مان تنهنجي آس ٿيان
جيئن تون منهنجي آس آهين.
جڳ گذري ويا،
پر مان-
اڄ به ان آس جيان،
نراس نه آهيان.
عثمان ميمڻ
رات اُجالي چوڏهينءَ جو چنڊ
آءٌ اڪيلو
نديءَ ڪنارو
پورالو من، سوچان ويٺو:
هيڏي جيون ساگر مان
مون جي موتي ميڙيا آهن
موتين جو ڪو ملهه به آهي!
مون کان موتي وٺندو ڪير؟
منهنجو پنهنجو ٿيندو ڪير؟
ها پر شايد:
ڪو ڀي ناهي، ڪو ڀي ناهي.
رات اُجالي چوڏهينءَ جو چنڊ
آءٌ اڪيلو
نديءَ ڪنارو
پورالو من، سوچان ويٺو:
چنڊ الائي ڇو ٿو چمڪي!
ڪنهن جي ڪاڻ ورهائي ويٺو هيڏو نور؟
ڪنهن ته پرين کي ڳولي ٿو
پنهنجون راتيون روئي ٿو.
ها پر ان جي ريت اها آ
صدين کان هي اُڀري ٿو
اُڀري ٿو ۽ اُلهي ٿو
ڪنهن ته پرينءَ کي ڳولي ٿو
ڪنهن لئه راتيون رولي ٿو
ها پر شايد:
ڪو ڀي ناهي، ڪو ڀي ناهي.
رات اُجالي چوڏهينءَ جو چنڊ
آءٌ اڪيلو
نديءَ ڪنارو
پورالو من، سوچان ٿو
منهنجي من ۾ آخر ڇاهي؟
مايوسيءَ جون غارون آهن
(ڏيل به ڏارون ڏارون آهن)
غارن ۾ اونداهي آهي
اوندهه ۾ خاموشي آهي
خاموشيءَ ۾ آخر ڇاهي؟
ها پر شايد
ڪو ڀي ناهي، ڪو ڀي ناهي.
آثار آرائين
ڏات
جڏهن سمهي ٿو لوڪ لڪاءُ
منهنجي
چَپ چَپ تي
ڳَلَ ڳَلَ تي
اَکِ اکِ ۾
رڳَ رڳَ ۾
تار تار ۾
صدين کان ننڊ پيل- پنڊ پهڻ ”هوءَ“
ڪرَ موڙي ٿي جاڳي!
پٿر ٿي ويا نيڻ ٻئي
ته ٽئين اک جاڳي
اُن جي اوسيئڙي ۾
جنهن کي اوهين نٿا ڏسو!
عنايت ميمڻ
غزل
لک کڻي ڪو لالچ ڏي پر،
ڌرتيءَ کان ڪا دوري ناهي.
ڪنهن سان ڀاڳ جي بازي ڪهڙي،
هرڪا نينگر نوري ناهي.
ڌرتيءَ جو آ بار اسان تي،
ٻن مڻن جي ٻوري ناهي.
قلم جو ملهه ڪيو ٿا ڪنهن لئه،
سورنهن سالي ڇوري ناهي.
ناگپال
مورکتا
اُداس آڪاش
وياڪل فضا
سرءُ جا پيلا پن
۽ ڪوئل جا ورلاپ
او وڇڙيل وڃايل پرين
من ٿو چئيم ته
ڪائنات سميٽي
توکي ڳوليان
جي نه ته
تيلي هڻي ڀنڀٽ ڀڙڪايان
کلندي هنبوڇيون هڻندي
ٽپي پوان
۽ ڪائنات سان گڏ
توکي ۽ پاڻ کي
رک ڪري ڇڏيان
جيئن وري نه وڇڙون
۽ خدا به
جي چاهي ته
جدا ڪري نه سگهي.
جيون
جيون وِههُ جو ڍُڪ
پيئڻو آ
مري جي ۽ جي مري
به ته رهڻو آ
هي جيون جو هيڏو جنسار
هي آشائن جو سنسار
کِلي روئي ۽ روئي کِلي
جيتي هارائي بهِ
نه ڇڏڻو آ
ڇو ته
حياتي پنهنجي حرفتن سان
دک درد
ايذاءُ عذاب
پيڙا ۽ پڇتاءُ سميت
جيئن لائق آهي.
محمد يعقوب آريسر
سانيٽ
سانوڻ آيو بوند وسي ٿي، سَرهيون ٿيئڙيون سايون
ٽاريون،
ڊيل ٽلي تڙڪول پريان ٿي، گوڇارن ۾ مور نچن ٿا،
ڪارَ اُتر جي پاسي ڏسجي، ڀَرجي گَرجي مينهن وسن
ٿا،
ٻُور ڪنڊن جو ڀورو ڀورو، پيرُن سان جهِم کاريون
ڄاريون.
جهوپي جهوپي گيت ٻُرن ٿا، ساري ڏيهه ڏياٽيون
ٻاريون،
ڪونڀٽ جي وڻ گونچ ڪڍيا ۽، ساوا ٿي پيا روهيڙا،
ٿر جي ڌرتي ائين لڳي جيئن، تنهنجو منهن ۽ موهيڙا،
واءُ وري پيو واهوندن جو، آءُ پريتم گڏجي گهاريون.
سَرليون سَرليون ڪڙڪُون ڪُڻڪن، جهڙيون تنهنجون
پرين پچارون،
جهنگ سڄي ۾ چنگ وڄن ٿا، بوڙينڊن جون مٺڙيون
ٻوليون،
مُرڪي مُرڪي چنچل ڇوريون، ڌاڃورن تي پير رکن ٿيون،
سانوڻ آيو ياد اچي وئين، لوڪ سڻي پيو منهنجون
ڪارون.
من ۾ موج مچي وئي آهي، ڇاتيءَ منجهه ڇُلن ٿيون
ڇوليون،
او پرڏيهي مند وري آ، آ ته ڪري ڪي آس آلوليون.
اڪبر سومرو
ٽيڙو
هيڪل وياڪل
ماڻهن جي هن ميڙَ ۾
منهنجو من پاڳل.
ڪيڏو آهين ڏور
هاڻ ته اچ سائين
ڇَڻي رهيو آ ٻُور.
رَتَ جي لامَ
ڏينهن جا پويان پساههُ
ويڳاڻي ڪا شامَ.
جهونو سُڪل بَڙ
چيري ويئي ماٺ کي
ڪنهن چٻري جي رَڙُ.
واجد
ڪنواري سوچ
گذريل سورهن سالن کان
منهنجي هردي ۾ هڪڙي
ننڍڙي خواهش
پلجندي رهي آهي
سورهن سال لڳاتار
سوچيندو رهيو آهيان
جيڪر رات جو دير اچڻ تي
مون تي ڪائي ڪامڻي
ناراض ٿئي
نيڻن ۾ شوخي آڻي
ڪوڙي سوڙي ڪاوڙ جوڙي
ائين نهاري گهُوري
ڄڻ ڄاڻ وڙهي
۽ آءٌ سندس گلابي مُک ۾
پيار ۽ هلڪي ڊپ وچان
تڪيندو ئي رهجي وڃان
تنهن وير سندس
چنڊ جهڙي سهڻي چهري تي
هارجي پون ڪيئي مڻ مُرڪن جا
۽ سندس تاڻيل ڀروؤن
پهرينءَ جي اڻلکي چنڊ جيان
خوشين جو سنيهو بڻجي
منهنجو روح ڇَڏن ريجهائي!
احمد خان ملڪاڻي
شام جا گهنڊ
وڄندا آهن جڏهن
هن زندان جي برجن تي
۽ سج ڪنهن اونداهي
غار جي اونهاين ۾
غرق ٿيندو
ويندو آهي جڏهن
ايندو اٿم ياد تڏهن
ته آهي اشارو اهو
انت جو
موت جهڙي سانت جو!
اطهر منگي
غزالا رفيق جي دل ٽُٽڻ تي
دل ڪعبو آ،
دل ديول آ،
دل مندر آ،
دل آ ڪليسا-
جنهن ۾ ٿئي ٿي،
پيار جي پوڄا-
ڪنهن جي
دل کي
جهوريون جهورِن
ڳڻتيون ڳارِن
ڪنهن جي
دل کي
سونهن سَنواري
پيار، جيئاري
ڪنهن جي ميڻ کان ڀي نرم
ٿئي ٿي دل
ڪنهن جي
دل ٿئي
شيشي جهڙي
اُجري اُجري
نازڪ نازڪ
صاف شفاف
ٿوريءَ چوٽ تي
ڀڄي ڀري پئي
پرزا ٿي پئي!
ڀرم
نفرت
نفرت
نفرت آهي
مون کي اهڙي جيون کان
نفرت آهي
جنهن منجهه نه چاهيندي ڀي
اهڙن ماڻهن ساڻ
ڪرڻي ٿي ڏند ٽيڙ پوي
جن سان روح جو رشتو ناهي
جن سان من جو ناتو ناهي
دل ديول ۾ جن جي ڪائي
مورت ڪانه سمايل آهي
نفرت
نفرت
نفرت آهي
مون کي اهڙي جيون کان!
اياز گل
غزل
توسان نيهن نيارا ٿي پيا، ڏينهن ته مرڪڻ وارا ٿي
پيا.
چاهت اهڙو رنگ رچايو، چهرا چنڊ، ستارا ٿي پيا.
تنهنجو من ئي منزل منهنجي، اکڙيون اکڙيون چارا ٿي
پيا.
توکي دوست ڪيوسين دلبر، دشمن دنيا وارا ٿي پيا.
ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو، ڇاکئون ٽوهه ڪسارا پيا.
يادون، سپنا، خط اوهان جا، جيئڻ ڪاڻ سهارا ٿي پيا.
ڏورانهين ڪنهن ڏيهه وڃن پيا، خيال ڀي وڻجارا ٿي
پيا.
ڪن جن راتيون
روشن هونديون، پنهنجا ڏينهن به ڪارا ٿي پيا.
مرڪي مرڪي ڏک ڏسياسي، ٻڌندڙ روئڻهارا ٿي
پيا.
جيڪي ”گل“ ڌڪاريا دنيا، سي ئي توکي پيارا ٿي پيا.
ترائيل
چُپُ چَپن تان سانت سَڳي جا، ٽاڪا ٽوڙيو يار!
من ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيت ٻُڌڻ جي لاءِ،
گوندر گهايل ڌرتيءَ کان منهن ائين نه موڙيو يار!
چُپُ چَپن تان سانت سَڳي جا، تاڪا ٽوڙيو يار!
تارڻ بدران ٻيڙي هٿ سان، ڇو ٿا ٻوڙيو يار!
سور رهيو آ ڪهڙو باقي، هاڻ سهڻ جي لاءِ،
چُپَ چَپن تان سانت سڳي جا، ٽانڪا ٽوڙيو يار!
من ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيت ٻُڌڻ جي لاءِ.
مختيار ملڪ
ٽنڪا (Tanka)
رڙي ڪنهن جو ننگ،
پاپيءَ جي ڪنهن نذر ڪيو؛
ننگو سارو انگ.
جيون ڪنهن جو زهر ڪيو،
هي ڇا ٿا پيا قهر ڪيو!
واءُ ٿي ڇاڻيا گُلَ
پکڙيل ميڙن پنکڙيون
ٻارن ۾ پيا هُلَ
سونهن سڳنڌ جون ڇوليون
ڀٽڪن ڀونئرن ٽوليون.
تصويرون (هائيڪا)
چمپا چنبيلي رابيلَ،
ڇڻن ڦول ڇٻر تي؛
اُڏرن ٿا هر ويلَ!
سنجها ٽاڻي ڪير،
مون وٽ آهي ڇڏي ويو؛
لفظن جو هڪ ڍير!
ڪاڳر هي ڪورا،
لٽيو منهنجا لفظ ٿا؛
وڃن هر ويرا!
لفظن نٿا لکجن،
چٽڻ جي ٿو چاهيان؛
خيال نٿا چٽجن!
پيءُ وڃي بازار،
گڏجي هلڻ جي لاءِ؛
ضد ڪري ٿو ٻار!
رحيم بخش قمر
مون کي رب جي نانءُ
موڪل ڏي ملير وڃان.
وسندي مينهن ملير ۾،
عمر، ڄايس آنءُ.
لِڱ هتي بند لوههَ ۾،
هُتي ٿيئڙو هانءُ.
وُٺا مينهن ملير تي،
ٺريو دل جو ٿانءُ.
”قمر“ ٿئي شل کيت سان،
ويڙهين منجهه وهانءُ.
غلام نبي عاقل
والي وطن تي وار،
ويڙهيچن جي وياءَ کي؛
بند ۾ بکون ڪاٽيان،
پئي جا آءٌ پنهوار.
ڏونئرن ڪاڻ ڏيهاڙيون،
سُڏڪان
ٿي سنگهار.
مهيءَ لَپ ملير جي،
پرور پاڪ پيارِ.
اَڇا ڪئن ٿي اوڍيان،
ڌَڻ جي آءٌ ڌنارِ،
”عاقل کي الله تون،
ملڪ انهيءَ ۾ مارِ.
محمد عثمان سولنگي
هوت هليا هنگلاج، پنهنجو پنهنجو پنڌ پُڇائي.
راتو رات رمي ويا، ڇڏي رسم رواج.
مُڃَ ڪري ويا من کي، تَنُ ڪري تاراج.
”عثمان“ هليا اڌ رات جو، سوري سامي ساج.
هوت هليا هنگلاج، پنهنجو پنهنجو پنڌ پُڇائي.
نيڀراج صوفي
ڀيڄ ڀيڄ
ڀر ڀٽن جي ڇڏ ڀري، ولهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ،
ڀر وسي تڙڪول ڀر، گوڇار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
وس وڄوٽي وس ٻه واٽي، لڪ گاڏيجي ڀر سڄو،
کيٽ کوهر ويئرون هر گهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
مٺڙيو ني ڪيرٽي تون تڙ مٺي راجا ڀري،
ڀالوا ۽ ڏيپلو لکميار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
پار برهم کان وٺي تون لڳ امر جي ڪوٽ سان،
ڇار نوري ڇاڇري نوتيار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
ٿر وسي ۽ ڪس وسي، جي گان امولک رو وسي،
آب ڇيڪو ڪوٽ تيئن چيلهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
تون ڪڪر هين ڪرم رو جي هون تنا ٿو اوڙکان،
ڏيس مان جو هي اُڃون گوڌيار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
حب لياري نئين مليري، گاج ۽ هنگول سڀ،
تار بارڻ ٿي وهي مُنهنبار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
کير ٿر سارو سري، ڪرچات سوڌو پٻ سنگهر،
لس وسي لاهوت ۾ لک بار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
ڪيچ ۽ مڪران، سرحد ڏس بلوچن جي وسي،
لاڙ ڪاڇي تي وسي ڪهسار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
سنڌ لئي ”صوفي“ چوي وس ٿي سڪاري تون سڄڻ،
سبز ڪر ساڻيهه جي سهڪار تي وس ڀيڄ ڀيڄ.
”منصور“ ويراڳي
زندهه باد
مٺڙي وطن جا گلشن، گلزار زندهه باد،
گل ڦل چمن رڳو ڇا، خس خار زندهه باد.
آهي وطن جي گلشن جو حُسن لازوال،
قدرت ڪيو آ بيشڪ ان کي عطا ڪمال،
جُڳ جُڳ ٿو
جَڳ ۾ جرڪي جلوو سندس جمال،
ساڻيهه جي سجاوٽ، سينگار زندهه باد.
ساڻيهه ۾ سدا ٿو، سارنگ رنگ لائي،
والي ڪري وڏا وڙ، وهواهه وس وسائي،
پورب پڇم ٿو پلپل خوشين جا ڳيچ ڳائي؛
برڪت جي بوندڙين جي وسڪار زندهه باد.
ساوڪ ڀريون هي پوکون، سانگين لئه نيڻ ٺار،
سنهڙا هي سنگ سهڻا، هيئين جو هار يار،
ٻلهار ٻار ٻڍڙا، تن تان ته وار وار؛
مارن جو هيءُ ملير ۽، ملهار زندهه باد.
مهراڻ جون هي موجون، من مست ڪن مدام،
ساگر جي ڇوٽ ڇولين ۾ پرت جو پيام،
ڪنٺن تي گاهه ٻوٽا، وڻ ٽن به عام جام،
وڻراهه هي وطن جي وڻڪار زندهه باد.
جهنگل ۾ پيچرا ڄڻ ڪتيون ۽ ڪهڪشان،
کَٻڙن ۾ کُڙکُٻيتا، تارن جي ڪاروان،
خيما اچي هنيا هن ڌرتيءَ تي آسمان؛
جبار جون هي جوڙون جنسار زندهه باد.
دودي جي دل هتي ڏس، هوشوءَ جو حشمتون،
سهڻيءَ جي سوز مستي، مارئيءَ جون جرئتون،
جهڪيل انهن جي آڏو، دنيا جون قوتون،
مانجهي مٿير مٺڙا، منٺار زندهه باد.
ساٿي سٻاجهڙا سڀ، ساڻيهه لئه سهاڳ،
ڏونگر کي ڏوري ڏينهان، راتيون رهن سجاڳ،
سجدي ۾ سر
جهڪائي، واليءَ سان ڪن وهاڳ؛
جهر جهنگ ۾ تنين جي، جهونگار زندهه باد.
جيسين جهان ۾ اُڀرن، شمس و قمر ستارا،
تيسين رهن هي قائم، نرمل نوان نظارا،
گل پوش واديون ۽ چشما چمن پيارا؛
قدرت سندي عطا جا، اسرار زندهه باد.
شل ديس جي جُواڻي، ماڻي سدا بهار،
هر روح کي منجهانئس، راحت رسي قرار،
بلبل به مٺڙا نغما، ڳائي هي بار بار:
”منصور“ جا هي قومي، اشعار زندهه باد.
مير محمد پيرزادو
ان- داتا
انّ جو داڻو:
هار ۾ ڪڏهين پوئبو ناهي،
ڇو ته اهو ڪو موتي ناهي!
پوءِ به ڪيئي هار ڇڏي،
سورنهن ئي سينگار ڇڏي،
انّ ڪڻي جي ڪڍ او سائين،
ڀڄبو آهي!
انّ جو داڻو:
اک مان ڳاڙيل،
ڪوسو کارو ڳوڙهو ناهي!
جو جذبن جا جولان کڻي،
۽ سورن جا سامان کڻي،
سَوَ دليون گهائي ويندو آهي!
پوءِ به ڪيئي لڙڪ لتاڙي،
پرهه- ڦُٽيءَ کان پوياڙيءَ تائين،
بکيا ڏکيا جيئرا لاشا،
پنهنجو من گنوائن ٿا،
۽ پوءِ انّ اُپائن ٿا،
انّ ڪڻي تان پاپ ٿين ٿا،
انّ ڪڻي تان پيار ٿين ٿا،
انّ ڪڻي تي دنيا قائم،
اِن سان ئي وهنوار هلن ٿا.
انّ ڪڻي سان اڄ جا رشتا ناتا،
ٺهن ڊهن ٿا،
ڊهن ٺهن ٿا!
هرهڪ دل تي انّ ڪڻي جو راڄ هلي ٿو؛
اِن تي ئي سنسار پلي ٿو.
انّ جو داڻو:
ڄڻ ته سڄي مانڊاڻ منڊيل جي ڪُنجي آهي!
پر جو اِيءَ ڪُنجي ٿو ٺاهي،
ريٽو رت ٻنين ۾ هاري؛
تنهن جي عيوض انّ اُپائي،
اڄ به اڳي جئن ننگو آهي!
اڄ جو ماڻهو ان مٿان ته عاشق آهي،
پر جو انّ کي انُ بنائي،
تنهن کي جيئڻ حق نه آهي.
پوءِ به هو پيو ان اُپائي!
پوءِ به هو پيو ان اُپائي!
نثار بزمي
ڪتبو
نثار بزمي ولد محمد حسن جوڻيجو
جنم: 13-6-1924ع
موت:.......................
خدا جو بندو سڄي حياتي غمن ۾ گهاري
سَٺيڪو ورهين جي عمر ۾ ٿي خدا
کي پيارو ٿي ويو ويچارو
مٽيءَ جي هيٺان دٻيو پيو آ
غريب شاعر
عجيب شاعر!
درخواست
جناب والا!
اسان جو هڪ عرض آهي سائين!
اُميد آهي ته اگهجي ويندو:
ته سائين منهنجا،
نثار بزمي ولد محمد حسن جوڻيجو
اديب، عالم، عوامي شاعر
اسان جي لئي ٿيو عذاب آهي
گهمي ٿو ڇاتيءَ کي تاڻي ائين ڄڻ نواب آهي
اسان جي ڳالهين جا شعر ٺاهي لکي پنن تي ڇپائيندو آ
اسان کي رسوا ڪرڻ جي ڪارڻ
نشي ۾ هردم رهي ٿو غافل
ڪڏهن ته مرڪي به ڏسندو آهي
ڪڏهن ته گاريون به ڏيندو آهي
ويو آ بگڙي مزاج هن جو
اکيون ڪڍي ٿو اچي سڀن ڏي
وجهي نه ڪوئي خنام ٻاري
کڻي ڪو پٿر وجهي نه ڪوئي غريب ماري
انهيءَ چرئي کي وجهڻ کپي ڪاٺ ۾ اي صاحب!
خدا جي ناالي
اسان کي هڪڙي مَٿي ڦِرئي کان بچايو
سائين!
عزيز مهراڻوي
اُهو ڏينهن
منهنجو
آخري ڏينهن هوندو
جنهن ڏينهن
اِهو اڌورو احساس
ويڙهي ول وانگر
منهنجي وجود کي
گهيري ويو ته
هاڻي جيئڻ لئه
ڪو ڪارڻ ناهي رهيو-
سچ ته
مون کي
ان ڏينهن جو
ايترو انتظار آهي
جيترو
شاڪيه مني جي مورتيءَ اڳيان
گيان ۾ وهنتل
وئشيا کي
نجات جو-
جڏهن ته
آءٌ ڄاڻان ٿو
مون کي نجات به ناهي ملڻي
پوءِ به
هي هٿ اکر
ثابتيءَ طور
رڪارڊ تي رهن
”پنهنجي وهايل رت جو جوابدار آءٌ پاڻ آهيان“
تنوير عباسي
منهنجي اک ۾ سج جو تيک
شرم ٻوٽي ڇهڻ ساڻ ڪومائجي
توکي هٿ لايان ٿو تون ٽِڙي ٿي پوين
مان ڪو مضراب آهيان ۽ تون ساز ڄڻ
جو ڇُهڻ ساڻ يڪدم ڇِڙي ٿي پوين.
هير جان ننڊ مان توکي جاڳيان ٿو
۽ تون مکڙيءَ وانگر ٽِڙي ٿي پوين
سِج جي روشنيءَ جو جهٽي اولڙو
چوڏهين چنڊ وانگر کِڙي ٿي پوين.
ٽيڙو
چهرو ڪاوڙيل،
۽ ڪالر تي ڪوٽ جي-
کلندڙ گُلّ لڳل. |