روشن منهنجي راهه، مون کي شهه ڪونه ڏئِي اوندهه.
پر هو اڪيلو، اونداهين راهن ۾ گهيرجي ويو هو...
ويچاريءَ ڀاڀيءَ جي اڱڻ مان ”چنڊ“ اَڻهئي لاءِ
اَلهي ويو هو__ هن جي مٿي تان پورو آسمان ڪنهن ڇڪي
لاهي ورتو هو__ ۽ منهنجي نٽهڻ اُس جي راهه مان، هڪ
گهاٽو ڇانو وارو وڻ وڍجي ويو آهي:
ڌڙُ ڌوُڻيو تنهن ڌَڪَ، جڏيءَ جيئڻ نه ٿئي.
هنن سٽن لکندي به ائين ٿو ڀاسيم، ته الطاف ڪار جون
چاٻيون ڇڻڪائيندو، مُرڪندو کِلندو هليو ايندو ۽
ايندي ئي چوندو: ”هل!“ ۽ پوءِ اسين نڪري پونداسين
سپر هاءِ وي تي__ نيشنل هاءِ وي تي... ۽ من پاتال
مان ڪا لهر ٿي اُلري ۽ پنج ڀِڄي ٿا پون:
روئي ڪندين ڪوهِ؟ هاڻي ڪو هوت وري!
- امداد
حسيني
اَويساهي
هڪ ڀيري الطاف ٻارن سان گهر آيو. ماني رکي مان
رنڌڻي ڏانهن پئي ويس ته امداد چيو:
”لوڻ کڻندي اچجانءِ.“
”لوڻ ڏيندي پڇيم: ”لوڻ ڇا ۾ گهٽ آ؟“
”الطاف ۾!“ امداد چيو هو:
۽ (تڏهن الطاف جا ٽهڪ گونجيا هئا) اڄ الطافَ کان
سواءِ سڀ ڪجهه الوڻو ٿو ڀاسيم. اڃا تائين به من
اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته الطاف هاڻ هن دنيا ۾
”مور نه رهيو آ.“ ۽ اهڙي سمي، جيئرو جاڳندو،
کيچلو الطاف پنهنجي مخصوص کِل کِلندو اکين آڏو اچي
ويندو اٿم.
- سحر امداد
دوستيون، جذبا، محبتون، احساس ـــــ
الطاف
مون کي لڳي ٿو—زندگي هڪ ڪُن، منجهه انساني جذبا ۽
خواهشون، ڪاٺين ۽ پنن وانگر هڪڙي تيز وهندڙ گهيري
۾ ڦرندڙ- طاقت ٽُٽي ٿي- ننڍو پاڻي، وڏي پاڻيءَ ۾-
وڏو پاڻي، اٿاهه پاڻيءَ ۾- زندگي بي ڀروسو ۽ ٿورو
جٽاءُ ڪندڙ حساس مادو آهي. نه رسڻ ۾ دير، نه ڊهڻ ۾
دير- منصوبا ڀريل- دوستيون اڻ پوريون- محبتون
يادگار- سنوان سڌا مٽيءَ جا ڍير- پوءِ آهستي،
آهستي وقت جو واءُ مٽيءَ جي ذرن کي اُڏائي ٿو، ڍير
غائب- ڪاشيءَ جون سرون، ۽ سنگ مر مر جو اڇو پٿر به
محبتن جي يادگارن کي وقت جي تيز هوائن کان نٿو
بچائي سگهي- ڪيڏو نه کُٽل، کُٽل ۽ بيوس ٿو لڳي
ماڻهو-! الطاف، ڪيئن زندگيءَ جي ڪُن وانگر اٿاهه
پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو- خواهشون، دوستيون، مِٽيون،
مائٽيون، محبتون، چاهتون، سڀ ڪک- پن ٿي ويون- ڄڻ
ڪجهه ڪونه هو- صرف ۽ صرف هڪ اڻ لَکو ڌُنڌ ۽ اُن جي
ڪنهن وقت هئڻ جو هلڪو احساس- جنهن کي به وقت جهٽي
وٺندو يا ڳهي ڇڏيندو- ”ڏاڍي سراپ ۾ وجهندڙ حقيقت
آهي“- الطاف، سچ منهنجو دوست ڪونه هو- ڪي لاڳاپا ۽
تعلق هئا- فن جي ناتي- احساسن جي ناتي- تمام ۽
تمام مختصر گڏجاڻيون ٿيون- اهڙيون، جهڙو هينئر پاڻ
رڳو هئڻ جو احساس وڃي بچيو آهي- پر، هڪ واسطيدار،
ٻئي واسطيدار لاءِ- هڪ پيارو، ٻئي پياري لاءِ- هڪ
انسان، ٻئي انسان لاءِ- هڪ فنڪار، ٻئي فنڪار لاءِ
ڇا ٿو ڪري سگهي!؟ ڪجهه به نه- ڳوڙها ڳاڙيندا آهن-
اوڇنگارون ڏنيون وينديون آهن- ڪارا ڪپڙا پاتا
ويندا آهن- ان ۽ اهڙن ڪمن کي رسمي چئي سگهجي ٿو-
پر احساسن ۽ محبتن جي گرفت ڏاڍي مضبوط ٿئي ٿي-
رسمي، انهن لاءِ چئي سگهجن ٿيون، جيڪي دنيا ۽ آخرت
سنواريندا آهن. جذبن ۽ محبتن جي ورهاست ۽ وڇوڙي کي
ڪير محسوس ڪندا آهن؟-- آهي، جيڪي سڀ ڪجهه ارپيندا
آهن- جيڪي ناتا نڀائيندا آهن- جيڪي اوجاڳا ڪاٽيندا
آهن- جيڪي محبتن کي سيني سان لڳائيندا آهن- سڀ کان
وڏي ڳالهه اها ته جيڪي روايتي نه هوندا آهن—مون وٽ
رسم ۽ رواج جو ڪوبه لفظ ڪونهي جو ڪنهن کي چئي
سگهان—مون صرف پنهنجي ڌرتيءَ تي هڪ شاعر جي کوٽ
محسوس ڪئي آهي.
- شرجيل
سيئي جوڀن ڏينهن
آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان... اڄ وري منهنجي ذاتي
البم مان هڪ ٻي تصوير پريس لاءِ پٽجي وڃي رهي آهي-
تنهنجي جواڻ جماڻ موت جي خبر لاءِ...
آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ
منهنجي ذاتي البم مان هڪ تصوير پٽجي پريس لاءِ وڃي
چڪي آهي... چاچي گدائي جي تصوير... اهو چاچو گدائي
جنهن ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ خلاف لکيو... هيڻن جي
همراهيءَ لاءِ لکيو.... چاچي گدائيءَ جو داغ اڃا
دل تي موجود هو ته مٿان کان تنهنجي موت جي خبر آئي
آهي... مون کي ويساهه نه آيو... ڪريم بلوچ، سميجي،
بيدل، اقبال ترين، ممتاز مرزا ۽ ادي سلطانه کي به
ون جيان ويساهه نه آيو، ته ڪو مري سگهين ٿو....
فون کڙڪاياسين: ”شال اها خبر ڪوڙي هجي.“
آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اسين سڀ ڪيڏا نه
اڀاڳا آهيون، جو هڪ هڪ ٿيو، هوريان هوريان، ساٿي
موڪلائي رهيا آهن.
ڪريم بلوچ جي ويڪري ۽ سدائين ٽهڪن سان گونجندڙ
ڪمري ۾، موت جهڙي خاموشي آهي.... مان پنهنجو نوٽ
بڪ ڪڍي، ادا اعجاز واري باٿ آئيلينڊ واري فون تي
رنگ ڪيان ٿو... اڳيان کان رهڙ ملن ٿي: ”ڪون
الطاف؟“ هانءُ ڪنبي وڃي ٿو.... ممتاز ۽ سميجي جي
ڪمري مان اُٿي اجهو اجهو ڪريم بلوچ جي ڪمري ۾ آيو
آهيان.... ڪريم بلوچ جهڙو ڌڱ- مڙس اُداس ۽ پريشان
ويٺو آهي. چوي ٿو: ”ٻروچ، قهر ٿي ويو!“ ائين چئي
ڪريم وري فون ۾ هٿ وجهي ٿو. فون لڳي آهي تنهنجي
حيدرآباد واري فون تي.... آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو
آهيان.... اسين سڀ ڪيڏا نه اڀاڳا آهيون، جو تنهنجي
موت جي خبر ٻڌي به مري نه سگهيا آهيون..... ڀلا
ڪير ڪنهن جي پويان مئو آهي؟ ڪوبه نه مئو آهي ۽ نه
ئي ڪو ڪنهن مئل پويان مري سگهندو.
آءٌ سوچان ٿو تنهنجي سپي، سرواڻ، ڪوڏ ۽ ڀاڄائيءَ
جا چاڳ ۽ لاڏ، هاڻي ڪير سهندو؟
دوستن جي ڪچهرين ۾ تنهنجي ارڏاين جو شڪار ٿيڻ وارا
دوست، هاڻي تنهنجي ڪميءَ کي ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني
پورو ڪندا؟
تنوير، ڀاڄائي قمر، پارس ارشاد، تنهنجي ڪٽنب وارا
۽ ٻيا سڀ ساٿي.... تنهنجي کاتي وارا تنهنجو نعم
البدل ڪٿان آڻيندا؟
سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۽ ٻين ادبي گڏجاڻين ۾
تنهنجي انتظامي صلاحيتن جي کوٽ ڪير پوري ڪندو؟
شمشير ۽ ٻين مست ملنگ دوستن جا هاڻي ڪير ناز
سهندو؟-
الطاف، ٻڌائين ڇو نه ٿو.... چپ ڇو آهين؟ توکي ڇا
ٿيو آهي؟ ائين بيوفائيون ڪبيون آهن..... ائين ساٿ
کي ٽوڙبو آهي؟.... اڃا هاڻي ته تنهنجي شاعريءَ تي
جواني آئي هئي.... انهيءَ کي ائين بيواهو ڪرڻ،
توکي ڪيئن ٿو جڳائي.... عبدالحق عظيم، اجهو تنهنجو
ٽي ڏينهن اڳ وارو خط مون کي ڏکاريو آهي... خط سان
تنهنجو تازو ۽ نئون نڪورو گيت شامل آهي.... تو
لکيو آهي: ”گيت ڪنهن سنڌي آرٽسٽ کان ڳارائجو....
غيره سنڌي ڳائڻا اُچارن جو ڳاٽو ٿا ٽوڙين....!“
تنهنجا جيئرا جاڳندا اکر، بڙڇي بڻجي هانءَ ۾ لهي
رهيا آهن.... ”اڙي يار اڃا ٽي ڏينهن اڳ، تو واري
ڪرسيءَ تي تنوير سان گڏجي اچي ويٺو هو.“ ڪريم بلوچ
جو گهايل لهجو من کي گهائي وجهي ٿو.... عبدالحق
عظيم تنهنجو خط ۽ گيت واپس ورتو آهي ۽ وياڪل من
سان پوئتي موٽي رهيو آهي.... بيدل، سميجو، ممتاز ۽
اقبال پنهنجا پنهنجا ڳوڙها لڪائي روئي رهيا
آهن.... آئون ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... جو روئڻ
چاهيندي به روئي نٿو سگهان. سومر ڏينهن تنهنجو
لوڙهه مٽيءَ ۾ لَٽجي چڪو هوندو.... تون اسان سڀني
کان دور، ڏاڍو دور، مڻ- مٽيءَ هيٺان، اسان جي
روئڻ- پٽڻ تي، اندر ئي اندر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي
کلندو هوندين.... ڄڻ اهو به تنهنجو ايڊوينچر هجي!!
هدايت منگيءَ به فون ڪيو آهي ته الطاف عباسي گذاري
ويو آهي.... چئي ٿو: ”الطاف تي ڪجهه لکي ڏي.“ آءٌ
سوچيان ٿو: ”الطاف جي شاديءَ جو سهرو نه لکي
سگهيس. سپي، ڪوڏ ۽ سرواڻ جي سالگرهن تي ڪو خوشيءَ
جو گيت نه لکي سگهيس. اڄ انهيءَ الطاف جي موت جو
نوحو لکي رهيو آهيان.“
آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اڄ وري منهنجي ذاتي
البم مان هڪ ٻي تصوير پريس لاءِ پٽجي وڃي رهي
آهي.... تنهنجي جُواڻ- جَماڻ موت جي خبر
لاءِ.....!!
-
تاج بلوچ
روئان رهن نه سپرين.....
ڪنهن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”تو ٻُڌو، الطاف جو
ايڪسيڊنٽ ۾ ڊيٿ ٿي ويو.“
اُڀري آيل دانهن کي نڙيءَ تائين پهچڻ وقت ئي گهٽو
ڏئي چيم، ”اجائي بڪواس نه ڪر.“
”خدا ڪري منهنجي ڳالهه بڪواس ئي ثابت ٿئي.“
جيءَ ۾ جهٻو پئجي ويو.
”ڪنهن ذميدار ماڻهوءَ ٽيليفون تي اطلاع ڪيو آهي
ته....“
وڌيڪ ٻُڌڻ جي سگهه ڇڏجي ويل، ڪوڙ سمجهي لنوائڻ جي
شعوري ڪوشش، جنهن ۾ الطاف سان گهاريل گهڙيون هڪٻئي
پٺيان ذهن جي پردي تي چِٽيون ٿينديون ويون. لنوائي
ويهڻ، ڪنڊي جيان چُڀڻ لڳو، تڪڙي پهچ، ٽيليفون ڊائل
تي آڱرين جي ٿت پٿ، من ۾، واقعي جي ڪوڙي هئڻ جا لک
دليل، جن تي ايڪسيڊنٽ جو نقشو، اُٻهرائي سان اُڀري
اُڀري ٿي آيو. پر ان هوندي به الطاف جي ايڪسيڊنٽ
جي چِٽي تصوير اڻ چِٽو خاڪو، ڪجهه به ته موجود
ڪونه هو منهنجي ذهن ۾-
الطاف جون ٽهڪ ڏياريندڙ ڳالهيون، هر وقت جيئندڙ،
جياريندڙ، مُرڪندڙ مورت. هزارين ڳالهيون. ڪن جا اڳ
ڪن جون پڇاڙيون، هڪ لمحي ۾ سوچ جي تيز وهڪري سان
ترنديون ٿي آيو. پويان هورا کورا ڇڏي اڳتي ترنديون
ٿي ويون. ڊائريڪٽ لائين لاءِ ڊوڙ. بلوچ صاحب جو
ڪمرو، ٽيليفون نمبر. حيدرآباد، خيرپور، سکر جيڪو
اڳ ۾ ملي. منهنجي ذهن ۾ مسلسل ننڍڙي جملي جو
ورجاءُ، ڪوڙ آهي، ڪوڙ آهي.
ٽيليفون جي گهنٽي: ساهه روڪجي ويو، ڪنن تي ٻوڙٽ
چڙهندا ويا. ڇا ڳالهايو ويو- سڀني ويٺل دوستن جي
پڪيءَ طرح ٻڌي يقين ڪرڻ وقت ڏسڻ جي ساڃاهه آئي.
پوڻا ٻه. ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ بس، چار ڪلاڪ
۽ چئين وڳي سوڀي ديري کڻائي ويندا، ڪنهن گهاءَ جي
اُٿلي پوڻ جو احساس.
21 ڊسمبر تي، حشر جي ڏينهن سرواڻ کي ساڻ ڪري آيو
هو مون وٽ. ڳالهين دوران پنهنجو نئون شعر پڙهي
ٻڌايائين ته، ”تون ۽ مان ريل جي ٻن پٽڙين جيان ساڻ
آهيون، پر ڪڏهن به ڪٿي به نه ٿا ملون پاڻ ۾. تڏهن
تو چيو ته توکي ۽ مون کي ها، انهن پٽڙين جيان ئي
رهڻ گهرجي. ڇو ته اهي پاڻ ۾ جڏهن به ملنديون ته
وڏا حادثا ٿي پوندا.“
تڏهن ان حادثي جو تصور اهڙو چڀندڙ ۽ روئاڙيندڙ نه
لڳو هئم، جيڏو اڄ الطاف جي حادثي محسوس ڪرايو آهي.
الطاف جو آخري ڀيرو منهن ڪيئن ڏسي سگهبو، حالتن
خلاف نامناسب لفظن جي ڀرمار؛ پوءِ ڪهڙو منهن کڻي
وڃي جگر چيري، من ۾ ٿيل گهاءُ ڏيکاري ڏک جو اظهار
ڪري سگهبو، اهو سوچي ئي مان ڏڪي ٿو وڃان. تازو
جڏهن تنوير سان گڏ آيو هو ته مون کيس چيو، ”سرواڻ
جي سالگرهه تي خيرپور اچڻو پوندو ڇا؟“
چيو هئائين، ”سالگرهه حيدرآباد ۾ ٿئي يا خيرپور ۾،
سرواڻ جي سالگرهه ضرور ٿيندي ۽ توکي اچڻو آهي.“
سرواڻ جي سالگرهه فيبروريءَ ۾ ئي آهي، چاڪ چِڪن ٿا
ته سرواڻ جي سالگرهه ڪٿي ٿيندي؟ ڪيئن ٿيندين؟
لڙڪن کي سانڍي رکيو اٿم. دانهن کي دٻائي رکيو اٿم،
ٻڏتر ۾ آهيان ته سرواڻ کي سالگرهه تي ڇا لڙڪن ۽
سُڏڪن جو تحفو ڏيڻو پوندو؟
-
بيدل مسرور
سڪندر اعظم جي 23 سئو سالا ورسي يونان ۾ ملهائي ويندي
حيدرآباد (پ ـــ ر) سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي هڪ پريس رليز ۾
ڄاڻايو آهي ته يونان جي مقدونيا علائقي جي
”مقدونيا اڀياس سوسائٽي“ سڪندر اعظم جي 23 سئو
سالا ورسي ملهائي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سڪندر
اعظم جي مان ۾ هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو
ويو آهي، جنهن ۾ سڪندراعظم جي حياتي ۽ دور جي
اڀياس جا ماهر پنهنجا مقالا شايع ڪرائي سگهندا.
سڪندر اعظم جو پاڪستان واري علائقي خاص ڪري سنڌ
سان به واسطو رهيو آهي. ان ڪري سوسائٽي ٿورائتي
رهندي. جيڪڏهن ان ڏس ۾ اوهان پنهنجا کوجناتي مقالا
انگريزي ۾ کين هيٺين ائڊريس تي ڏياري موڪليندا. پر
جيڪڏهن ڪو مقالي نويس سنڌي ۾ ئي پنهنجو مقالو اسان
کي ڏياري موڪليندو ته سنڌي ادبي بورڊ ”پوسٽ باڪس
نمبر 12 حيدرآباد سنڌ“ ان کي انگريزي ۾ ترجمو
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. يونان مقالا موڪلڻ جي ائڊريس
هيءَ آهي ۽ آخري تاريخ 30 اپريل 1978ع آهي.
Society for Maceedonian Studies, Depatment
Of Publication, 4, Vas, Shophias Str,
THESSALONIKI GREECE.
هن پرچي جا ڪجهه لکندڙ
علي بابا: پيءُ جو نالو رمضان بلوچ. ڳوٺ محمد يوسف، نانگو لائين ڪوٽڙيءَ
۾ ڄائو. ڄم جي تاريخ بابت ٻڌايائين ته: ”1947ع کان
8-9 سال وڏو آهيان.“ سندس وڏا ڀاڳناڙيءَ کان آيا.
تعليم: ٻاراڻو عبدالله هارون اسڪول ڪراچيءَ ۾
پڙهيو ۽ وڌيڪ پرائمري تعليم نانگو لائين اسڪول ۾
ورتائين. ميٽرڪ تائين شيردل خان ميوننسپل هاءِ
اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ پڙهيو. ريڊيو، ٽي- وي، ناٽڪن ۽
ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو وٽس به ڪونهي. ريڊيو ناٽڪن ۾
سندس لکيل ”تموچن“ ”رڻ جا راهي“، ”مو کي متارا“
هِٽ ناٽڪ آهن؛ ان کانسواءِ ”عاشق زهر پياڪ“ ۽
”ڪارونجهر جي ڪور“ به علي بابا جا يادگار ريڊيو
اسڪرپٽ آهن. ٽي وي تان سندس انيڪ ناٽڪ ٽيليڪاسٽ
ٿيا آهن، جن مان ”ٻاليشاهي“ ۽ ”دنگي منجهه دريا“
اهم آهن. ”ٻيلاشاهي“ دراصل سندس هڪ ناول آهي، جيڪو
کيس اڃا لکڻو آهي. اِن جي هڪ قسط پڻ ڇپيل آهي- ۽
”دنگي منجهه درياهه“ عالمي ٽيليويزن ڊراما فيسٽيول
(ميونخ، جرمني) ۾ ٽيون انعام پڻ حاصل ڪري چڪو آهي
۽ نيشنل سرڪٽ تان ٽيليڪاسٽ ٿي چڪو آهي. ”دنگي
منجهه درياهه“ کي ته ٽي وي ۽ ٽي وي کان ٻاهر جي
”هرماهن“
Documentary
چئي، پٻن تي بيهي پنهنجي قد مٿي ڪرڻ جي زبردست
ڪوشش به ڪئي....! ڳچ عرصي کان ريڊيو ۽ ٽي وي آئوٽ
آهي. سندس چواڻي: ”بنيادي طور تي مان ناولسٽ
آهيان.“ ”موهن جو دڙو“ نه رڳو سندس، پر سنڌيءَ جو
هڪ عظيم ناول آهي، جيڪو سندس چواڻي: ”ڦاڙي گٽر ۾
ڦٽي ڪري ڇڏيو اٿم.“ ”اسڪيچر“ به ٺاهيا اٿئين. سنڌي
فلم ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو اٿئين. نئون فلاسافيڪل
ٽوئسٽ ڏيڻ ٿو چاهي ادب ۾. امن ۽ آشتيءَ جو پيغام
ڏيڻ ٿو چاهي آرٽ وسيلي. سڀني هٿيارن کي ڀسم ڪرڻ ٿو
چاهي. عليءَ جو اڃا ڪوبه مجموعو نه ڇپيو آهي-- ۽
هو بيروزگار آهي. علي بنيادي طور تي هڪ آرٽسٽ
آهي-- ۽ اسان وٽ آرٽسٽ کي بُکيو ۽ توائي رکڻ سدا
جي ريت (ڪُريت!) پئي رهي آهي....!
مهتاب محبوب: 14 جولا 1946ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجو تعلق
حيدرآباد جي عباسي ڪلهوڙا خاندان سان آهي، سموري
پرورش حيدرآباد ۾ ٿي. منهنجا وڏا علم ادب جا ڄاڻو
۽ قدردان هئا، ان ڪري شروع کان ئي منهنجو لاڙو به
ان طرف هو. 1960ع کان لڳاتار لکندي اچان. ابتدائي
تعليم ڪانوينٽ ۽ بنات ۾ حاصل ڪيم. بي اي گرلز
ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. ڪورس جي
ڪتابن سان چاهه نه هئڻ ڪري، اڳتي نه پڙهيم. مان
بيحد آرام طلب ۽ سهل پسند آهيان؛ ڪجهه فطرتن ۽
ڪجهه اِن ڪري ته گهر ۾ به مون کي بي فڪريءَ ۽ آرام
جو ماحول مليو. لاڏ ڪوڏ ۾ پليس ۽ سر تي ذميدارين
جو ڪوئي ٻوجهو نه هو. سِبڻ ڀَرڻ ۽ رڌڻ پچائڻ ۾
پنهنجو وقت نه وڃايم؛ ان ڪري جو انهن ڪمن کي وقت
ڏيڻ منهجي لاءِ وقت برباد ڪرڻو هو. ضرورت مهل اهي
ڪم ڪار پاڻهي اچي ويندا آهن. منهنجو گهڻو وقت لکڻ
پڙهڻ، پينٽنگز، فوٽو گرافي، پين فرينڊشپ ۽ ٽيپ
رڪارڊ ٻڌڻ جهڙين وندرن ۾ گذرندو هو. هينئر پين
فرينڊشپ کانسواءِ ٻيون وندرون ائين جو ائين قائم
آهن—البته پينٽنگز ۽ فوٽو گرافي هاڻي گهٽ ٿي
ڪريان—جلدي فري نه ٿيندي آهيان، تنهن ڪري مون کي
مغرور سمجهيو ويندو آهي ۽ ان ڳالهه کان واقف به
ڪري انهن ئي ڪيو اٿم، جيڪي اها غلط فهمي دور ٿيڻ
کان پوءِ، منهنجي دوستيءَ جي دائري ۾ داخل ٿيندا
آهن. منهنجي دوستيءَ جو دائرو محدود آهي. مان
ايتري دوستي رکندي آهيان جيتري نڀائي سگهان. مان
انهن کي ئي دوست رکندي آهيان، جيڪي مون کي دل سان
پسند هجن؛ رسمي يا دنياوي طرح دوستيءَ جا ناتا
نڀائڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. مان ڏاڍي
موڊي، حساس ۽ جذباتي آهيان. خدا جي فضل سان هر طرح
جو سک ۽ آرام هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هن دنيا ۾ رهڻ
سان ڏاڍي مونجهه ۽ بيزاري محسوس ٿيندي آهي. ايڏين
ترقين کان پوءِ به ماڻهو ذهني طور ڏاڍو پست آهي.
نفسا نفسي، خون خرابا، چوريون چڪاريون، خود
غرضيون، دوکيبازيون ۽ لڳاتار حادثا- اهي سڀ ايڏا
ته وڌي ويا آهن، جو ائين لڳي ٿو، اسان جو ڪوئي
سرپرست ۽ محافظ ناهي. اسان ناانصافين ۽ بي قدرن جي
ملڪ ۾ بي مقصد زندگي گهاري رهيا آهيون. اسان جا ڪي
مقصد آهن به ته اُهي هن ناانصافين جي دؤر ۾ پورا
ناهن ٿيڻا. اسان ايتري قدر ته مايوس ۽ هراسيل
آهيون، جو لڳي ٿو، ته جيئڻ جو حق به کسجي ويو آهي.
(مهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي هيلتائين ٻه مجموعا:
”چانديءَ جون تارون“ ۽ ”پرهه کان پهرين“ ڇپجي چڪا
آهن.—ادارو)
|