سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978ع (1)

 

صفحو :1

سورهيه سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

سورهيه سڀ لاڳاپا لاهي، ڪُڏي پيا اڄ پڙ ۾ ڪاهي،

هوشوءَ جا حبدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!
 

دور ته مشڪل آهي گدائي، ويل ڏکي آ سر تي آئي،

چور ۽ چوڪيدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

الطاف عباسي

صبح ويل – آلا نيڻ

ڌيءَ جي وهانءَ تي

هِن گهر جي هر شيءِ تنهنجي آ

پر هي تنهنجو ئي گهر تنهنجو ناهي،

هو ڌاريون گهر تنهنجو آهي،

هِن گهر کان هُن گهر تائين جو رستو آهي

تنهن تي گل وڇايل آهن

قدم قدم تي تنهنجي آجيان ٿيندي

ارڙهن ورهيه وساري ڇڏجان

رکجان ياد اڄوڪي رات

رات اڄوڪي تنهنجي مماتي

رات اڄوڪي تنهنجي حياتي

رات اڄوڪي تنهنجو ڀاڳ

رات اڄوڪي تنهنجو ماڳ

هِن گهر جا در توتي بند نه ٿيندا

هِن گهر کي ڪي ڪلف نه لڳندا

سڀئي ٻانهون تو لئي کليل رهنديون

پر او منهنجي ڌي!

هُن گهر کان هِن گهر تائين جو رستو آهي

تنهن تي ڪيئي چنهبيارا پٿر آهن

اِن رستي تي ڪنڊا آهن

اِن رستي تي اٺ ئي پهر رهي ٿي آس

اِن رستي تي قدم قدم تي لڳندئي ڏنگ

اِن رستي کي پار ڪرڻ ناممڪن آ.

ٽه- واٽي تي

هيءَ همدردي

پيار جو پهريون ڏاڪو آهي

يا ته محبت جي ماڙيءَ تي چوٽ چڙهي وڃ

يا ته هتان ئي موٽي وڃ

ديوي جي تون مڱيل آهين

جي تنهنجو نڪ ٽوپيل آهي

تنهنجو نازڪ هٿ

جي ڪنهن کُهري هٿ سان مليو آ

کِلندي روئندي جي تو دُهل ٻُڌو آهي

روئندي شرمائيندي

جي تو شرنائين جي گونج ٻُڌي آ

جي تو هڪڙي ڏينهن به پنهنجا هٿ رڱيا آهن

پوءِ تون هن رستي تي ڀُلجي آئي آهين

پنهنجو دڳ سنڀال!

منهنجو ڏيئو

مون جيڪو ڏيئو ٻاريو آ

سو طوفانن ۾ ڪيئن اُجهندو؟

بندوق ڀڀڙ ڀڙڪائيندي

۽ ان جي جوت وڌائيندي

جي منهنجو رت ڦڙو نڪتو

سو اُن ۾ تيل بڻي ٻرندو

 جي ديپ اُجهائڻ چاهين ٿو

ڪو سورج روشن ڪر ته مڃان!

اُڃايل ديوي

پيار لئي جيڪا پريشان آهه پاڻ

عشق جي ان جي اندر ۾ آهه کاڻ

اُن جي نس نس نينهن جي ڄڻ نهر آهه

ساهه اُن جو سڪ سندي ڪا لهر آهه

اُن جي من ۾ ميٺ جو مهراڻ آهه

سڪ جي سيني ۾ سندس سرهاڻ آهه

جا انڌيري ۾ گذاري زندگي

سا سراپا روشني ئي روشني

اُن جي پيشاني سدا چوڏهينءَ جو چنڊ

اُن جي هڪ هڪ ڳالهه اهڙي جيئن کنڊ

جوت اُن جي نانءُ کان جڳ کان ملي

اُن جي پاڇي کان به اونداهي ڀڄي

هوءَ جڏهن آهون ڀري دلگير ٿي

ٽيڙي مکڙين کي صبح جي هير ٿي

آهه پياسي سپ سا اُلفت جي پري

لال اوڳاڇي جا هڪڙي سُرڪ پي

هن جي نيڻن ۾ سدائين نير آهه

منهنجي خوابن جي مگر تقدير آهه

پيار جي جنهن کي ازل کان آهه پياس

مان رکان ٿو پريت جي اُن کان ئي آس

اهڙي ديوي جي وڃي مون کي ملي

اُن تان مان گهوري ڇڏيان هرڪا خوشي

آٿت

تنهنجي چهري تي اها مُرڪ نه ڏسجي ٿي مِٺي

نور بدران ٿو وسي نير سندءِ نيڻن مان

جن سان ڏئي ٽهڪ اڳي مون کي خوشي ڏيندي هئين

اڄ ڇو نڪرن ٿا رڳو سُڏڪا انهن چپڙن مان

لڙڪ سونهن ته نه ٿا تنهنجي اکين ۾ ديوي

پوءِ به اڳ جيئن لڳين ٿي تون پياري دلڪش

تون ته هر حال ۾ هر روپ ۾ پياري ٿي لڳين

پر توکي کلندو ڏسڻ جي ئي رهي ٿي خواهش

تنهنجي ڳلڙن تي هي ڳاڙهاڻ ۽ پيلاڻ جو ميل

پنهنجي سنسار ۾ ڄڻ آهه شفق جهڙو سمان

پيار جي ديس ۾ ڄڻ اُڀري رهيو آهي سج

ريت جي رات جهڪي ٿي وئي محبت جي اڳيان

هن صبح ويل سندءِ نيڻ ڇو آلا آهن

هان، اچي آس جي هيءَ نرم ۽ نازڪ پوتي

پنهنجي ڳلڙن تان انهي ساڻ اُگهي ڇڏ ڳوڙها

ڇو ٿي بيڪار وڃائين اهي اڻلڀ موتي

تنهنجي معصوم اکين مان جي وهن ٿا ڳوڙها

مون کي ڏي پنهنجي ڳلن ساڻ لڳايان تن کي

تنهنجي سيني ۾ جي سورن جون سٽون ٿيون اُڀرن

مون کي ڏي پنهنجي اندر منجهه لڪايان تن کي.

وايون

جنهن کي سڪ سان سونهن سڏي
          سو واڪي ڪيئن نه وري

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
 

قرب منجهان ڏئي ڪوٺ ڪنواري،
مڌ سان نيڻ ڀري،

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
 

لڇمي ديوي پينوءَ کي ڏي،
پئسو سڏ ڪري،

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
 

ٺڪرائي ٺٺ ٺاٺ نماڻي،
          نوري نياز ڪري،
 

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
 

ڇوريون ڇال ڏين واهڻ ۾،
ڪنهن جي ڪيئن سري،
 

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
 

 ٻاٽ اوندهه ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ،
جيئن ڪنهن جو ٻول ٻري،
 

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
 

 منڙو ماڳ رسڻ چاهي ٿو،
ناهي پنڌ پري،
 

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.             

دک کان دانهون ديس ڪري ميان،
سُڏڪا سنڌ ڪري،
 

وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.

ڪڻڪ ڪَڻي جي ڪاڻ ڪُسي هي آدم جو اولاد،

اَلا هي آدم جو اولاد.

 

ميڻ جياڻ هي ڪنئرو ڪنئرو، سخت جيئن فولاد،
ههڙو هيڻو هاءِ هلائي، عرش مٿي ارشاد،
ڀاءُ سڳي کي ڀاءُ ڪُهي پر، داد نه ڪو فرياد
ٺاهي ڊاهي، ڊاهي ٺاهي خالق پاڻ جلاد
جنگ جهيڙي ۾ اڳ کان اڳرو، امن سندو استاد
هي دنيا جو ويري هن جي دم سان جڳ آباد.
----

روشن منهنجي راهه، مون کي شهه ڪونه ڏئي اونداهه
روشن منهنجي راهه.
 

سيني سيني منجهه سمايل، منهنجو پنهنجو ساهه،
اکيون اوجاڳي کان ڍرڪيل، اندر ۾ اُتساهه
دل ديواني من مستانو، چريو منهنجو چاهه.
آشائن جا بادل برسن، گس گس پسجن گاهه
هوشو، دودو، دريا خان سڀئي سندم همراهه
منهنجو جذبو امرت جهڙو، سنڌڙي مرڻي ناهه.
----

سونهن سهانو سپنو پنهنجو، پيار اڌورو بيت اَلا
ماڳ اسان جو موت کان اڳتي، راهون ڪوسي ريت اَلا
مان ڏيهين جي نظرن ۾ ائين، اک ۾ جيئن ڪا ڇيت اَلا
منهنجي سنڌڙي ائين لڳي ڄڻ، ماڪڙ کاڌل کيت اَلا
----

هاءِ حياتي ڪاڪ محل،

مومل منهنجو ماڳ ميان.

مون ۾ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪائي، آءٌ ته هڪڙو ٿانءٌ ڀڳل،
                             مومل منهنجو ماڳ ميان.
اهو ڪڪر به ڀلارو، جنهن ۾، چوڏهينءَ وارو چنڊ لِڪل،
                             مومل منهنجو ماڳ ميان.
منهنجو سينو ڳاڙهو ڳاڙهو، منهنجا هٿ رت ساڻ رڱيل،
                             مومل منهنجو ماڳ ميان.
کوٽيان ويٺو قبرون جن ۾، منهنجون خوشيون دفنايل،
                             مومل منهنجو ماڳ ميان.

 

غزل

جنهن سان ويهي اوريم اورَ
تنهن کي ڀي هو ساڳيو غم.
جنهن ڀي مون کان مُرڪَ مڱي،
تنهن کان لُڙڪ کسي ورتم.
سُمهي ڪَنڊن جي سيج مٿان،
سهڻا سرها خواب ڏٺم.
رهبر هان نه مون کي رول،
مس مس ڳولي راهه لڌم.
ڏس ته حياتي تنهنجي لاءِ،
ڪيڏا ڪيڏا سورَ سٺم.
جنهن کان مٺڙو درد مليو،
تنهن کي گيڙو گيت ڏنم.
اوندهه ساڻ ڀريل جڳ کي،
جيءُ جلائي جوت ڏنم،
لکندم جيڪي چاهيندم،
منهنجي هٿ وس آهه قلم.
 

فاصلو

مون چيو:

”ربل جي پٽڙين وانگر

اسان همسفر آهيون

ساٿي آهيون

سدا گڏ هلون

پر

ڪڏهن نه ملون.“

تو چيو:

”ريل جي پٽڙين کي

سدائين ساڳي وٿيءَ تي هلڻ گهرجي

اهي

جيڪڏهن ملنديون

يا

فاصلا گهٽائينديون

يا

وڌائينديون

ته

وڏا حادثا ٿي پوندا.“

 

   ٽيڙو

لنوي پيو ڪانءُ

ايندينءَ

ٻولي پيو هيانءُ.

 

مور اُڏامي ويو،

ويڳاڻو

منهنجو باغ ٿيو.

 

فون جي گهنٽي ٻُريم،

سُڃاتل آواز

ڪن ٺري پيم.

 

ڪوئل جو آواز

مُکڙيءَ جهڙو منهن

پوءِ ڀي ايڏو نياز.

 

نيڻ جهڙو نار

ڀري

نينهن وٽيون پيار.

 

پاڻيءَ جو وارو

پُٺا اُگهاڙا

پوي پيو پارو.

 

ٽئڪس ڪريو معاف

پوءِ

ڪيو هاف هاف

 

ڏينهن سارو ڏُک

رات روئي ٻارڙا

مارين پنهنجي بُک.

 

بٽئيءَ واري ڏينهن

وڏيرو

ڦوڪجي ٿيو شينهن.

 

سونا ڳهه پائي

ڇڏيهءِ

سندن سونهن وڌائي.

 

اوندهه جا سَوَ تهه

تروري هڪڙي اڳيان

کائي ويا شهه.

 

نيڻ نسوري جوت

هن اونداهي من ۾

ڪجهه ته ڪرڻا اوت.

طوفان

چنڊ جي اُڀرڻ کان اڳ،

هڪ ڪڪر اُڀ تي هيو،

جوت کي جنهن چنڊ جي،

چند گهڙين لئي ڍڪيو.

اوچتو طوفان اُٿيو،

جنهن سان گم ٿي ويو ڪڪر،

ڇانئجي وئي روشني،

جڳ ڪيو روشن قمر.

 

امن لاءِ

مون تي تلوار اُڀي ڪرڻ کان اڳ سوچين ها!

مون کي ڀي جيئرو رهڻ جي آ تمنا تو جيئن،
منهنجي سيني ۾ به آ ساهه جيئن توکي آهه،
منهنجي رڳ رڳ ۾ به انسان جو رت آهه روان،
منهنجي هڏ هڏ تي به ماس آهه جيئن توکي آهه.
 

مون کي حق آهه ته مان جان بچايان پنهنجي،
جنگ جي مون کي به همت آ جيئن توکي آهه،
تون ته زور آهين مگر مان به ته هيڻو ناهيان،
منهنجي ٻانهن ۾ به طاقت آ جيئن توکي آهه.
 

ٻئي ڦٽباسين اگر هيئن مقابل ٿياسين،
ماس جي منهنجو ڪَٽبو، تو مان به ڪجهه رت وهندو،
منهنجي جي ٻانهن ڀڳي، تنهنجي ڪا آڱر ئي سهي،
چؤ وڙهڻ ۾ ڀلا ڇيهي کان بچي ڪو سگهبو؟
 

ڀاءُ! اچ صلح ڪريون، سُک سان رهون، اڳتي وڌون،
اها تلوار ڀڃي ڀوري ڪري ڇڏ پرزا،
نه ئي تون مون کي ستائج نه مون کان ڪؤ کائج،
نه مان ڀوڳيان نه ئي تون هيءَ حياتيءَ جي سزا.

مون تي تلوار اُڀي ڪرڻ کان اڳ سوچين ها!
 

لاٽونئڙو

(ٻاراڻو گيت)

آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون،
ڀاءُ، گهڙي کن دل وندرايون.
 

منهنجو لاٽون سُهڻو سُهڻو،   رنگا رنگي ۽ من مُهڻو،
ڪاريگر ڪيئن آهي ٺاهيو،           واهه جو رنگ سان رنگ ملايو!
 

آءُ ته هن سان روح ريجهايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
 

آيس پَٽ جي ڏور وٽائي،   ڳاڙها ڦُندڻ ان ۾ ملائي،
ويڙهي زور سان پٽ تي هڻندس،    پوءِ گهڙي کن ساهه به کڻندو،
 

ڪڍندو هٿ تي هو ڪتڪايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
 

هٿ تي کڻندس هيٺ نه ڊهندو،       ڦرندو ڦرندو ساندهه رهندو،
ٿڪجي پوندو گوهيون هڻندو،   نوڙي جهٽ پٽ هٿ تي کڻندس،
 

بيهڻ جون واريندو وايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
 

تون به کڻي اچ لاٽون ڏور،             پوءِ پُڄايون ڪنهن جو زور،
لاٽون آهي سهڻو منهنجو،             ناهي هن کان بهتر تنهنجو!
 

ڇو نه ڀلا پوءِ شرط پُڄايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com