پڙهي روئندي آهيان. مون کي دبئيءَ ۾ آئي مهينو سوا
ٿيو آهي. هتي پهچي ”گرامي نمبر“ پڙهيم، ته ائين
پئي سمجهان، مون کي هڪ نئون ڀاءُ نصيب ٿيو آهي- پر
اِهو ڀائڙو اڄ حيات ڪونهي. حيات هجي ها ته ضرور خط
لکانس ها.
نيٺ ڇپيا آهن ڪي ڪتاب گرامي صاحب جا؟ ۽ سندس ڪٽنب
۾ ڪير ڪير آهن؟ انهن جو گذران ڪهڙيءَ ريت پيو ٿئي؟
اسان وٽ به نارائڻ شيام آهي.
Audit Office
۾ معمولي نوڪري ڪندو آهي ۽ وڏو ڪٽنب پاليندو آهي.
اسان شيام کي، شاعر شيام کي ۽ شخص شيام کي ڏاڍو
گهرندا آهيون. هن جي فن جو وڏو قدر اٿئون دل ۾؛ پر
ڪجهه ڪري نه ٿا سگهون. ڪٿي شاعري، ڪٿي
Audit؟
سو به
Govt: Audit!
مان به
Audit Office
۾ نوڪري ڪري چڪي آهيان. روزانو اٺ ڪلاڪ اُتي گذارڻ
شيام سان نسورو ظلم آهي؛ پر ٿي رهيو آهي.
-
ڪملا پرڪاش
افسوس آهي ته گراميءَ جهڙيون ادبي شخصيتون اسان
کان هميشه لاءِ الڳ ٿي رهيون آهن
تازو ”ثميره“ جي بي وقتائتي موت جي خبر ملي. اسان
پاڪ- هند جي سنڌي ادبين جي هڪ برادري آهي. جيڪي
توهين وڃائيندا آهيو، سو اسين به وڃائيندا آهيون؛
جيڪي توهين پائيندا آهيو، سو اسين به پائيندا
آهيون. جيئن بيوس چيو آهي:
ڳوڙهن ۾ تنهنجي ڳانڍڙ، منهنجو به خون آهي،
سوداءِ سر ۾ تنهنجي، منهنجو جنون آهي؛
تنهنجي بهار سان آ، منهنجي چمن ۾ چهه چهه-
تنهنجي خزان تي منهنجي، حالت زبون آهي!
ثميره سنڌ ۾ سنڌي ادب جي بيشڪ خاتون اول هئي. سندس
نالو سنڌي ڪهاڻيءَ سان سالن کان ڳانڍاپيل رهيو
آهي. سندس وڃڻ جي وَهي ڪانه هئي. شل سندس ڪاوشون ۽
اعتقاد سنڌي عورتن ۾ سجاڳيءَ جا پيغام بڻجن! ٿي
سگهيوَ ته سندس ڪٽنب سان، منهنجي، ڪلا جي ۽ سڀني
هند جي اديبن طرفان اعزا پرسي ڪجو.
- موتي پرڪاش
سعيد ٽکڙائي
مون کي ٽکڙ جي رڳو ٻن شاعرن متاثر ڪيو- نانا حافظ
شاهه ۽ ڀاءُ سعيد. ٻئي بنيادي طور تي ڪافيءَ جا
شاعر هئا. نانا حافظ شاهه کان پوءِ، ڀاءُ سعيد ئي
اهو شاعر هو، جنهن شعر چيو ناهي، ٽکڙ جي ماڻهن
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳايو ناهي.
ڀاءُ سعيد هاڻوڪي دؤر ۾ ڪافيءَ جي وڏن شاعرن مان
هڪ هو. شاعريءَ سان گڏ ٻيا به گڻ هئا منجهس. اکر
موتيءَ داڻا، مصور، ڳائڻو. ڪنهن به نئين ساز کي هڪ
اڌ ڏينهن ۾ سِکي وٺندو هو. هارمونيم، بينجو،
وايولن، چنگ، مائوٿ آرگن، بانسري...... وڄائڻ ۾
ڀَڙُ هو.
هو جنهن رُتبي جو حقدار هو، اهو کيس نه مليو—ان ۾
اچرج جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اها ته هتي سدا جي ريت
آهي. ويجهن مائٽن جي اڻوڻت ۽ ڏاڍاين، ريڊيو ۽ ٽي-
وي تي وڏن نالن جي هڪ- هٽيءَ کيس مايوس ڪري ڇڏيو
هو- ۽ هُن پاڻ کي نشي ۾ گُم ڪري ڇڏيو هو. شام
ٿيندي ئي، ٽکڙ جي ڌُوڙ ڌُڌُڙ وايومنڊل تي ڪڏهن
هارمونيم، ڪڏهن وايولن، ڪڏهن بانسريءَ جا سُر
ورکائي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سانجهيءَ کان صبح
تائين اها سُر- ورکا پئي ٿيندي هئي- ۽ نشي ۾ الوٽ
آلاپ پيا ٻُرندا هئا:
موٽ مسافر محبت ماڻيون،
تو بن دل جون آسون اُجهاڻيون.
عبداللطيف (سنگيت ڪار)
هو گهڻو ڪري ريڊيو اسٽيشن جي مکيه لوهي در تي ئي
ملي ويندو هو. ساڄي ڪُک تي هٿ رکيو، ان هنڌ جتي
السر جو ڦٽ هئس، اندر جي پيڙا کي چهري تي نه آڻڻ
جا وئرٿ جتن ڪندو. تنهن وير سندس مُرڪ الاءِ ڇو
رُئڻ هارڪي ڀاسندي هئم. مان هن جي پيلي مُک ڏانهن
ڏسي گهٻرائجي ويندو هئس. هو تاڙي وٺندو هو، ۽ ڪو
ٽوٽڪو ٻُڌائي، منهنجو هٿ جهلي اسٽوڊيو ڏانهن
گهليندو-
B.2
۾ پياني آڏو هلي ويهندو هو- ۽ پنهنجي اندر جي
سموري پيڙا ڪنهن ڌُن ۾ پلٽي ڇڏيندو هو:
رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن،
ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن.
لطيف ننڍي کنڊ جي عظيم سنگيت ڪار نوشاد کان متاثر
هو- ۽ نوشاد وانگر پيانو سندس محبوب ساز هو. هو
درد کي دل ۾ دٻائي جيئندو رهيو، کلندو کلائيندو
رهيو. هو جنهن به ڪچهريءَ ۾ هوندو هو، اتي وقت
گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هو.
سٺن ڪپڙن پهرڻ وارو هي آرٽسٽ، کلمُک، اندران ئي
اندران کاڄي رهيو هو. روڳ سندس وجود کي وڪوڙي ويو
هو. ان حال ۾ جتي کيس آرام ڪرڻ کپندو هو، اُتي هو
پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي پيٽ پالڻ لاءِ ڏينهن رات
ڳهندو رهيو. ريڊيو- ٽي وي- فلم- فنڪشن.... ۽ اتي
هر فن مولا ٽائيپ جا ڪامورا، ڪورا، ذهن، هٿ ٺوڪيون
پاليسيون..... ۽ هو انهن جو شڪار ٿي ويو.
قادو شيدي
هڪ ڇپيل خبر: ”قادو شيدي مري ويو“، ٻي ڇپيل خبر:
”سرڪار پاران منظور ٿيل وظيفي ملڻ کان اڳ ئي قادو
شيدي لاڏاڻو ڪري ويو.“ انهن ٻنهي خبرن کي پڙهندي
ائين ڀاسيم، ڄڻ قادو شيدي مرندي مرندي به اسان سان
چرچو ڪري ويو آهي، چٻرا ڏئي ويو آهي.
قادو شيديءَ کي مون پهريون ڀيرو سٽي ڪاليج
حيدرآباد سنڌ جي هڪ فنڪشن ۾ ڏٺو هو، جتي هن اسٽيج
تي پنهنجي هڪ جوڙيوال سان، جنهن جو نالو ياد نٿو
اچيم، مختلف آئيٽم پيش ڪيا هئا- پر انهن ۾ ”ڳِجهه
۽ ڪُتي جي ويڙهه“ وارو نرت- روپي آئيٽم، جنهن
مهارت سان هن پيش ڪيو هو، اهو پنهنجو مَٽُ پاڻ هو:
”ڳجهه جو اُڀ تائين اُتاهينءَ تان ڍونڍ تي نظر
پوڻ، ڳجهه جو ڍونڍ تي ڍرڻ، اُن جي کنڀ- کنڊيرَ،
کيکراٽ، ڪُتي جي مالڪ جو اُتان لنگهڻ، ڪُتي کي
ڳجهه تي بڇڻ، ڪُتي جون گروشيون ۽ رومڙ، ڳجهه جي
ٺونگن تي ڪُتي جا ڪُوڪراٽ....“ اصل ڏندين آڱريون
هيون ڏسندڙن کي. ڏک آهي ته انهن فنڪارن کي اسين
رڳو ٽيپ به نه ڪري سگهياسين.
قادو شيديءَ کي پڇاڙڪو گهمرو مون نوابشاهه ۾،
ملاکڙي ۾ ڏٺو. جڏهن مَلهه دسجي ٿي، دُهل جي وڄت ۾
ڦيرو آيو ٿي، تڏهن قادو شيدي گهنگهرين واري ڏانڊيي
سان، پڙ ۾ لهي ٿي آيو—دراصل قادو شيديءَ جهڙي
عوامي فنڪار لاءِ، ملاکڙي جو ڪُشادو پڙئي حقيقي
اسٽيج آهي. هُن جي مقبوليت جو صحيح ڪاٿو به اُتي
ئي لڳائي سگهجي ٿو. ائين شادين مُرادين، ڇنن
مَنهَن، ميڙن ملاکڙن ۾ نچندو، ڳائيندو وڄائيندو،
قادو شيدي اسٽيج تائين پُڳو-- ۽ شهر جي گهٽين ۾
رُلندو، ٿاٻا کائيندو- موت جي ڌُنڌ ۾ الوپ ٿي ويو.
- امداد حسيني
پروفيسر محبوب علي چنا
(پروفيسر محبوب علي چنا جي والد جو نالو ميان محمد صالح چنا هو.
تعليم: سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ايم. اي (بمبئي
يونيورسٽي) فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين ۽ کيس
دڪشنا فيلوشپ ۽ سونو ٻلو پڻ مليو. بي. ٽي ۽ ايس.
ٽي. سي جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. عهدا: گورنمينٽ
ڪاليج حيدرآباد ۾ عربيءَ جا استاد؛ سروري اسلاميه
ڪاليج هالا جو پرنسپال؛ گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص
۾ رهيو، جتان جامعه عربيه ڪاليج جو پرنسپال ٿي
آيو؛ گورنمينٽ ڪاليج لطيف آباد جو پرنسپال؛
گورنمينٽ ٽيچرس ڪاليج جو پرنسپال؛ سيڪريٽري نيشنل
بڪ فائونڊيشن. تصنيفون: (1) ڪليات امين، (2) سرور
جا سهيوڳي، (3) مڪليءَ جي ٽڪري، هڪ شخصيت ٻه پهلو؛
(4) سنڌي ادب جا رجحان. رسالي ”فردوس“ جو ايڊيٽر،
انجمن فروغ ادب هالا جو سرپرست، سنڌي ادبي بورڊ،
شاهه لطيف ڪلچرل ڪائونسل ۽ شهباز ڪلچرل ڪائونسل جو
ميمبر رهيو. پاڻ 24 نومبر 1977ع تي، مڪي شريف ۾
وفات ڪئي. _ ادارو)
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
دل منڌي پئي آهي. قلم جي ڌار وسيلي ڦاٽ کائڻ ٿي
چاهي؛ پر هٿ لکڻ کان لاچار. اي منهنجا مولا.
مالڪ، جيئن تنهنجي واکاڻ ڪرڻ ڏکي آهي، تيئن تنهنجي
محبوب جي محبوب جا ڳُڻ ڳائڻ پڻ محال آهن. سوچيان
ٿي، ته محبوب سائينءَ جي ڪهڙي پهلوءَ کي روشناس
ڪرايان؟ سمجهه ۾ ڪجهه به نٿو اچيم! پاڻ شفيق
استاد، ذميوار آفيسر، يارن جا يار، چاهيندڙ پيءُ ۽
سٺا جيون ساٿي هئا. ٻين جي ڏُک تي ڏُکڻ، سُک تي
سرهو ٿيڻ، سدائين رب تي ڀاڙڻ ۽ اصول پرستي سندن
مکيه ڳُڻ هئا. ان ڏس ۾ کين سور به سهڻا پيا، پر
پاڻ اٽل رهيا.
علم جي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪڏهن نه ڇڏيائون. قلم ۽
پني جي وٽن عزت هئي. پَٽ تي بيڪار پنو به پيل
ڏسندا هئا يا ڪنهن ڪتاب جو ورق ڦٽو ٿيل ڏسندا هئا،
ته سندن نراڙ تي گهنج پئجي ويندا هئا. ڪتاب ۽ قلم
سندن سيرانديءَ هوندائي هوندا هئا. پاڻ جڏهن به
هوم اڪنامڪس ڪاليج ڪراچيءَ جي هاسٽل ۾ مون سان ملڻ
ايندا هئا، ته منهنجي اندر اچڻ تي اٿي بيهندا هئا،
ڇاڪاڻ ته اها رسول پاڪ صلعم جن جي صفت آهي. گهر ۾
گهڙندا هئا ته آواز ڪري گهڙندا هئا ۽ گهڻو ڪري
پوئين در کان نه ايندا هئا. اسان نياڻين کي ڏاڍو
مان ۽ پيار ڏيندا هئا، ان هوندي به هر ٻار ائين ئي
سمجهندو هو، ڄڻ ته بابا سائين کيس ئي گهڻو ٿو
ڀانئي. ڪاوڙ گهٽ ايندي هين، اُها به نه پڙهڻ تان
يا عبادت نه ڪرڻ تان.
پاڻ ڪڏهن ڪنهن بندي آڏو نه جهُڪيا. چوندا هئا:
جهُڪجي رب سائينءَ جي اڳيان، جنهن جي هٿ ۾ بندن جي
ڪَل آهي. ڪنهن به ڪم لاءِ نڪرندا هئا، ته پهرين
انهيءَ جي لاءِ نماز ۾ ڌڻيءَ کان دعا مڱندا هئا.
پاڻ وڏيءَ دل وارا هئا ۽ مهمان نوازيءَ ۾ پنهنجو
مَٽ پاڻ هئا، ان سمي خوش ۽ ٻهڪندا نظر ايندا هئا.
پاڻ خوش مزاج پڻ هئا. ٻارن تي پنهنجو ڪونه ڪو نالو
رکيو هئائون. ڪنهن کي آلو بخارو، ته ڪنهن کي
تاراٻائي ۽ مون کي ڏاڏي سڏيندا هئا ۽ هيٺيون شعر
ترنم سان پڙهي چيڙائيندا هوم:
جا زال زال آهي، سا مرد مُور ناهي!
پاڻ ڪيڏي به وڏي تڪليف ۾ ڇو نه هجن، اسان جي ننڍڙي
ڏک تي به پريشان ٿي ويندا هئا. ساڻن ماءُ پيءُ جون
دم دم دعائون شامل هيون ۽ پاڻ به سندن خدمت ۾ ڪا
ڪوتاهي نه ڪيائون. پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ کي دوست
کان اهميت ڪڏهن به ڪونه ڏنئون؛ سندن مشورن کي
سدائين مان ڏنئون- پر علم ۽ اُصول جي ڏس ۾ پاڻ
ڪنهن به ڳالهه کي اهميت نه ڏنئون.
پاڻ ننڍي لاڪون ئي تهجد گذار هئا ۽ ڪوشش ڪري ڪابه
نفلي نماز نه ڇڏيئون. پير جي سُور هوندي به بابا
سائينءَ جن نماز جا پابند رهيا ۽ ڪوشش ڪري بيهي
نماز پڙهندا هئا. جيستائين قرآن پاڪ جو دؤر نه
ڪندا هئا، سڪون نه ملندو هون. دؤر سان گڏوگڏ شاهه
لطيف جا بيت به پڙهندا هئا ۽ مختلف ڏينهن تي مختلف
دعائون ضرور پڙهندا هئا، بلڪه هر مهل تي قرآن پاڪ
جون آيتون پڙهندا هئا.
سندن ڪچهريءَ ۾ عالم، اديب، امير، غريب ته ويهندا
هئا، پر ڌاڙيل ۽ چور به کانئن فيض پرائڻ لاءِ
ايندا هئا. اُن وقت پاڻ چنڊ جيان پيا چمڪندا هئا،
پاڻ سچ پچ ته هئا به قلندري فقير. پاڻ زندهه ته
زندهه، پر مري ويلن جي به سار لهندا هئا. عيد جي
ڏينهن جيستائين ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ مِٽن مائٽن جي
قبرستان نه ويندا هئا، تيستائين بيچين رهندا هئا.
پاڻ ڏک ڏسي به اسان ٻچن لاءِ سک ڳنهندا هئا.
پنهنجي تڪليفن جو ذڪر ٻچن سان ته ڇا، جيون ساٿيءَ
سان به نه ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن دنيا جو دُلبو پسي،
فارسيءَ جو هڪ شعر پڙهندا هئا، جنهن جو مطلب هن
ريت آهي:
مان سمونڊ آهيان ۽ توهان ڪناري تي بيٺل ماڻهن جيان،
توهان کي ڪهڙي ڄاڻ ته سمونڊ ۾ ڪهڙو اُڀري پيو
طوفان!
مِٺو مالڪ اسان کي سگهه ڏئي، ته پنهنجي مٺڙي ابي
جي ڏسيل واٽ تي وِکَ وڌايون ۽ انهيءَ سمنڊ جي
گهرائيءَ کي لهون.
-
پروين چنا
عبدالڪريم ”گدائي“
گدائي صاحب 1 جنوري 1901ع تي، ڪريم آباد، تعلقي
ٺُل ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو بجار خان لاشاري
بلوچ آهي. ابتدائي تعليم ٺُل ۾ ورتائين ۽ ميٽرڪ
تائين جيڪب آباد ۽ سکر ۾ پڙهيو. 1918ع ۾ گدائي
صاحب ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ کان متاثر ٿي پڙهڻ ڇڏي
ڏنو ۽ انهن تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ساڳئي سال
پوسٽ کاتي ۾ ملازم ٿيو، پر سگهو ئي استعيفا
ڏنائين. 23-1922ع ۾، ٺل ۾ لطف الله بدويءَ سان
واقفيت ٿيس ۽ بدوي صاحب جي صحبت ۾ ئي ”گدائي“ تخلص
اختيار ڪري شعر چيائين ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ
ساڳئي جوان جذبي سان شعر چوندو رهيو. ”فرنٽيئر
گزيٽ“ جيڪب آباد، ”سنڌ زميندار“ سکر، ”صداقت“،
”سنڌو“ شڪارپور ۾ سندس قومي نظم ڇپجڻ لڳا.
گدائي صاحب جي شاعري، انساني درد ۽ پيڙا جي احساس
جي پالوٽ آهي. اهو احساس کيس پنهنجي جيجل کان ورثي
۾ مليو. 1922ع کان 1926ع تائين هڪ وڏي زميندار جي
نوڪريءَ ۾ رهيو ۽ اتي هارين نارين تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ
جو عملي مشاهدو ٿيس ۽ گدائي صاحب جي شاعري هاري ۽
پورهيت طبقي تي ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف هڪ للڪار بڻجي
ويئي. اهو نئون ۽ حقيقي موڙ، گدائي صاحب جي
شاعريءَ ۾ 28-1927ع کان پوءِ آيو ۽ ان تي هو آخر
تائين ڪارونجهر وانگر اٽل ۽ اڏول رهيو.
گدائي صاحب صحيح معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي. 4 مارچ
جي تحريڪ هجي، ون يونٽ خلاف هلچل هجي، ”روح رهاڻ“
جا جشن هجن، گدائي صاحب پنهنجي نوجوان ساٿارين سان
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌندو رهيو ۽ سندس لهجي ۾
ٿَڪ ۽ مايوسي ڪڏهن به نه آئي. نوجوان ساٿاري کيس
پيار ۽ اُڪير مان ”چاچو گدائي“ چوندا هئا.
تصنيفون: (1) ساڻيهه جا سور (شاعري)، (2) پکڙا ۽
پنهوار (شاعري)، (3) پيماني تي پيمانو (شاعري) ۽
(4) خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين.
هن جهوني جوڳيءَ، مُني صديءَ جي اکين ڏٺي شاهد، 28
جنوري 1978ع تي لاڏاڻو ڪيو.
آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هي ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين،
هت حُبِ وطن جو پوين ۾، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين!
رحيمداد خان مولائي شيدائي
سنڌ جو عظيم مورخ مير رحيمداد خان مولائي شيدائي،
1894ع ۾ سکر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو مير شير
محمد خان آهي. سکر ۾ ئي پاڻ ابتدائي سنڌي، فارسي،
عربي، اڙدو ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. سندس وڏا
اصل ۾ بلوچستان جا رهاڪو هئا، جتان سندس ڏاڏو مير
رحيمداد خان روزگار سانگي سنڌ ۾ آيو ۽ پهرين سيوهڻ
۾، پوءِ ڪوٽڙيءَ لڳ ”نانگي لين“ ڳوٺ ۾ رهيو. جڏهن
ڪوٽڙي- ڪراچي ريلوي لائين پئي، تڏهن سندس والد کي
فائر مئن جي نوڪري ملي ۽ جڏهن ريلوي لائين کي
ملتان سان ڳنڍيو ويو، تڏهن مير شير محمد خان کي
سکر جي انجن شيڊ ۾ رکيو ويو؛ جتي سنڌ جي هن عظيم
مورخ جنم ورتو.
مولائي صاحب جي والده جي مرضيءَ موجب، کيس غريب
آباد سکر ۾ آخوند خدا بخس ابڙي جي مدرسي ۾ داخل
ڪيو ويو، ته جيئن هو ”مولوي“ ٿي سگهي. اتي هن
”قاعده بغدادي“ پڙهيو. آخوند صاحب جي وفات سبب
مولائيءَ کي آخوند عبدالحڪيم ڀُٽي جي مدرسي ۾ داخل
ڪيو ويو، جتي هن قرآن شريف جا ڏهه سيپارا ختم ڪري،
اڃا ”ڪريما“ ۽ ”پند نامه عطار“ مس شروع ڪيا، ته
کيس سنڌي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. مولائي صاحب کي
مطالعي جو شوق سنڌي چوٿين درجي کان ٿيو ۽ گهران
جيڪا به خرچي ملندي هيس، انهن مان ڪتاب خريد ڪندو
هو. تن ڏينهن افسانوي ڪلاسيڪي ادب ۽ نيم تاريخي
قصن ڪهاڻين سان ئي چاهه هئس ۽ سندس من پسند ڪتاب
هو ”داستان امير حمزه“.
چار درجا سنڌي پاس ڪري مولائي صاحب ائنگلو
ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي ڇهين درجي
انگريزيءَ تائين تعليم حاصل ڪيائين. چوٿين درجي
انگريزيءَ ۾ سندس تاريخ جو استاد مسٽر هيمراجاڻي
ٽلٽيءَ وارو هو؛ جنهن سندس چاهه ڏسي کيس اڳتي وڌڻ
تي اُڀاريو ۽ خانگي وقت ۾ تاريخون پڙهائيندو رهيس.
ان ئي عمر ۾ مسٽر هيمراجاڻيءَ، کيس آرچيبالڊ
ايليسن جا انقلاب فرانس ۽ جي- بي- ماليسن جي لکيل
تاريخ ”غدر 1857ع“ جا سڀ جلد پڙهايا.
شاگرديءَ واري زماني ۾، سکر مان ڇپجندڙ سنڌي
اخبارون ”الحق“ ۽ ”آفتاب“ ڏاڍي چاهه سان پڙهندو
هو. ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن انهن اخبارن جي دفتر ۾
بنا اُجوري ڪم پڻ ڪندو هو. سندس هرڪا شام سکر جي
مشهور جنرل لائبريريءَ جي بِلي هوندي هئي، جتي رڳو
انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي پنج هزار کن ڪتاب موجود هئا ۽
پرڏيهي اخبارون ۽ رسالا پڻ ايندا رهندا هئا. ان ئي
زماني ۾، خرچيءَ جا پئسا ميڙي، يوروپين ريلوي
انسٽيٽيوٽ لائبريري ۽ سول يوروپين انسٽيٽيوٽ سکر
کي منٿ ميڙ ڪري، کانئن گهٽ قيمت تي پراڻا انگريزي
رسالا ۽ مخزنون خريد ڪري ايندو هو ۽ واندڪائيءَ ۾
انهن کي ويٺو پڙهندو هو.
1913ع ۾ ڇهه درجا انگريزي پڙهي، اسڪول ڇڏي،
روهڙيءَ جي انجن شيڊ ۾ ڀرتي ٿيو، جتان ترقي ڪندو
پهرين ٽرين ڪلارڪ، پوءِ يارڊ فور مئن، سيڪنڊ گارڊ
۽ گارڊ جي عهدي تي رسيو. مولائي صاحب پاڻ جيئن ته
مزدور ٿي ڀرتي ٿيو هو، ان ڪري کيس مزدورن سان دلي
همدردي هئي، ۽ پاڻ مزدورن ۾ ڏاڍو مقبول رهيو.
1919ع ۾ پاڻ شادي ڪيائين. ان شاديءَ مان کيس جملي
ڇهه ٻار ٿيا، پر رب جي رضا سان هڪٻئي پٺيان فوت ٿي
ويا. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس گهر واريءَ به لاڏاڻو
ڪيو. ان کان پوءِ مولائي صاحب ٻي شادي ڪئي، جنهن
مان هڪ نياڻي ڄائي.
1930ع ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ، ڪراچيءَ مان
”توحيد“ رسالو جاري ڪيو، ته مولائي صاحب جا تاريخي
مقالا ۽ مضمون سڀ کان پهرين اُن ۾ ڇپجڻ لڳا. جيئن
ته پاڻ سرڪاري ملازم هو، ان ڪري وقت جي تقاضا آهر،
پر علي محمد راشديءَ ۽ پير حسام الدين راشديءَ
سندس لاءِ ”مولائي شيدائي“ ادبي نالو تجويز ڪيو.
”ستاره سنڌ“ کان وٺي پاڻ صحافت ۾ رهيو. 1939ع ۾
ملازمت کان رٽائر ٿيو ۽ ٻي عالمگير جنگ جي زماني
۾، ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ روزاني ”آزاد“ اخبار ۾
جو نائب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ پاڻ روزاني
”هلال پاڪستان“ حيدرآباد جو چيف ايڊيٽر ٿيو. 1950ع
۾ مولائي صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فيلوشپ ملي ۽
سئو روپيا پگهار مقرر ٿيس.
تصنيفون: (1) روضت السنڌ، (2) تاريخ هندوستان، (3)
”تمدن سنڌ“ (4) تاريخ بلوچستان، (5) جنت السنڌ،
(6) سفينتہ النوح، (7) موسوين جي تاريخ (8) تاريخ
خاصخيلي.
سنڌ جي هن عظيم سپوت، مڻيادار مڙس 12 فيبروري
1978ع تي وفات ڪئي؛ پر سنڌ جي ادبي تاريخ ”مولائي
شيدائي“ لافاني ۽ امر ٿي ويل نالو آهي.
الطاف عباسي
ڪاتيءَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِجهلڻ وڍئو،
ماريس سُور تَنهِين، جو نه جِئاري جيڏيون.
”جي جيءَ کي جيئارين...“ ۾ الطاف تي به لِکڻو
پوندو! اهو سوچي ئي، آماس راتين ۾ ٽياس تي ٽنگيل
ڀائيندو آهيان پنهنجو پاڻ کي! ۽ اهي پل، جيڪي جُڳن
تائين پکڙيا پيا آهن__ مُٺ ۾ بند ڪري سگهجن ٿا؛ پر
منهنجو هٿ ته کليل ئي رهجي ويو آهي... ۽ انهيءَ هٿ
مان الطاف جو ڇڏائجي ويل هٿ... سدا لاءِ ڇڏائجي
ويو آهي!؟
جِتي من هو اُتي الطاف جي ڦورائي جو ڦٽ آهي هاڻي:
اُٺي جئن مورَن، اوڀَرَ وَلهاَرنن جئن،
سا پَرِ گُوندر ڪن، جُه ڦوڙائو سَڄڻيِن.
موت اٽل آهي. برحق آهي. برحق آهي. جيڪو ٿانُ گهڙيو
آهي، اُهو اَوس ڀڄڻو آهي؛ پر اها ڪا وڃڻ جي وَهِي
آهي؟ پر الطاف هليو ويو آهي__ بنا ٻڌائڻ جي... هُن
ته نوابشاهه هلڻ لاءِ صلاحيو به نه هو مون کي__
هوڪاريو به نه هئائين_ پر جن کي هُن هاڻ لاءِ چيو
هو... وَسَ ۽ ايلاز ڪيا هئا...! |