سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :5

 

 

ننڍڙا اديب

 

نظم

 

قوم جا تون ننڍڙا ساٿي،

ديس جو تون ٿيءُ ڀاتي.

سوير اٿڻ جو تون ٿيءُ سجاڳ،

پنهنجي درس جو تون ٿيءُ ڀاڳ.

درس ٻڌائڻ ۾ تون درجو کڻ،

سنگتين ساٿين ۾ هجي تنهنجو گڻ.

استاد مان توکي ملي مان،

هر ٻار رکي تنهنجو شان.

علم سان رک تون الفت،

جيئن قوم ڪري تنهنجي عظمت

نمائيءَ ۾ رک تون پنهنجا اقدام،

جيئن قوم ساري توکي مدام.

ميراڻي عبدالرزاق ”معصوم“

 

ماءُ جي محنت

هڪ ڳوٺ ۾ عارب نالي هڪ ڪاٺير رهندو هو، ان کي هڪ ضعيف زال ۽ گلاب جي گل جهڙو پٽ سڪندر هو.

هڪ ڏينهن عارب جهنگ ۾ ڪاٺين ڪرڻ لاءِ ويو ۽ ڪاٺيون ڪري شهر ۾ کپائي گهر موٽيو ته هن کي گهر پهچڻ شرط مدي جو تپ ٿي پيو ۽ ان ۾ گذاري ويو. عارب جي مرڻ کان پوءِ سڪندر جي ماءُ آمنه وڏيري جي گهر نوڪري ڪري سڪندر ۽ پنهنجو پيٽ پاليندي هئي، جڏهن سڪندر 5 سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ کيس ڳوٺ واري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو. جڏهن سڪندر جي پڙهڻ جي خبر وڏيري کي پئي ته هن سڪندر جي ماءُ کي گهرائي چيو ته ”هاڻي تنهنجو پٽ وڏو ٿي ويو آهي، ان کي مون وٽ ٻيلي ڪري رکينس.“ تنهن تي سڪندر جي پوڙهي ماءُ وراڻيو ته منهنجو پٽ اسڪول ۾ پڙهندو. انهيءَ ڳالهه تي هن کي چڙ لڳي، چي ”اسان جا هاري ڪمي پڙهي، اسان سان گڏ ڪرسين تي ويهن، ائين ڪڏهن نه ٿيندو.“ وڏيرو ڪاوڙجي کيس ڳوٺان نيڪالي ڏئي ڇڏي. هي ٻئي ماءُ پٽ رلندا پنندا ڀر واري شهر ۾ آيا، اتي ڪو اجهو ڳولڻ لاءِ روز صاحبن جي بنگلن تي نوڪريءَ لاءِ ويندا هئا. جتان هو مايوس ٿي ڪنهن فوٽ پاٿ تي رات گذاريندا هئا.

نيٺ هڪ ڏينهن هڪ بنگلي ۾ نوڪري جي تلاش ۾ ويا، ڏسن ته ٻه زال مڙس آهن جيڪي پنهنجي بنگلي جي لان ۾ کيڏي رهيا آهن، اتي هنن نوڪريءَ لاءِ عرض ڪيو. اتي جي صاحب مسٽر اسلم ۽ سندس زال فوزيا هنن جو عرض قبول ڪيو ۽ کيس چيو ”ٺيڪ آهي تون اسان جي گهر ڀلي پورهيو ڪر اسان کي قبول آهي.“

ٻنهي ڄڻن کي رهڻ لاءِ هڪ ڪوارٽر مليو، جتي هو رهندا هئا، سڪندر کي صاحب اسلم جي سفارش سان هڪ اسڪول ۾ داخلا ملي، جتان هن مئٽرڪ ڪئي، مسٽر اسلم جي فرزند اڪرم سان گڏ هنن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي اسلم صاحب سڪندر کي پٽ ڪري سمجهندو هو ۽ اڪرم کيس ڀاءُ سمجهندو هو. هي ٻئي ڪاليج گڏ ويندا هئا شام جو ٽيوشن گڏ پڙهندا هئا.

نيٺ هڪ ڏينهن اهو به ٿيو جو سڪندر ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿيو ماءُ جي خوابن جي تعبير بڻيو.

هنن ماءُ پٽ اسلم صاحب کان اجازت ورتي ۽ اسلم جي مدد سان پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ڪلينڪ قائم ڪئي جتي هو پاڻ جهڙن غريب هارين جو علاج ڪندو آهي.

ڊاڪٽر سکيو ستابو آهي ۽ اهو وڏيرو جيڪو پيرسن ٿي چڪو هو. سو به هن کان علاج ڪرائيندو آهي.

عابد حسين جسڪاڻي، جوهي

 

 

زميندار جي پڳ

هڪ ڳوٺ ۾ هڪ زميندار جي شادي هئي. شادي خير سان پوري ٿي ته ميربحر، ڪنڀر ۽ حجم پنهنجو پنهنجو حساب ڪتاب ورتو. باقي مڱڻهار رهجي ويو.

مڱڻهار زميندار کي بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌل ڏٺو جيڪو گهٽ ۾ گهٽ تاڪيو کن ٿئي ها.

هن دل ۾ خيال ڪيو ته زميندار وڌ ۾ وڌ کڻي ويهه يا ٽيهه روپيه ڏيندو ۽ هن پٽڪي مان ته رنگ ٿي ويندا. بس پٽڪي جي صدا ٿو هڻانس پوءِ هن زميندار کي ٻانهون ٻڌي چيو سائين عرض آهي جي قبول پوي. زميندار چيو ابا ٻڌاءِ.

سائين اگر ناراض نه ٿيو ۽ گستاخي معاف ٿئي ته سائين جن جي دستار مبارڪ ملي.

زميندار کي پهريان ته غصو آيو مگر خوشيءَ جهڙو موقعو هو. چيائين ٻيا سڀ راضي ٿي ويا مگر هاڻي هي هڪڙو ناراض ٿي ويو ته سٺي ڳالهه نه ٿيندي سو وڏيري صاحب دستار مڱڻهار کي لاهي ڏني.

مڱڻهار خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي زميندار کي پيرين پئي موڪلايائين.

مڱڻهار گهر پهتو ته پٽڪو جو کوليائين ته ٻاهران هڪ وال بوسڪيءَ جي ڪپڙي جو هئو اندر ۾ سڀ اڳڙيون.

پوءِ ته مڱڻهار جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون زهر جو ڍڪ ڀري ماٺ ڪري ويهي رهيو.

محمد انور ملڪ، سيوهڻ شريف

 

داغ

چانڊوڪي رات هئي، چنڊ جي سندر روشنيءَ ۾ ڪائنات جي هر شيءِ خوبصورت نظر اچي رهي هئي وقت تيز وهڪري وانگر گذري رهيو هيو جنهن ۾ ڪنهن جا پير مشڪل سان ٿي ٽڪيا.

چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ محو خيالن جي دنيا ۾ سير ڪندي احمد ڇرڪ ڀري اٿيو خاموشين جو راڄ سانت جي آواز ۾ ڌرتيءَ جي سڌ ۾ چال ڄڻ گم ٿي وئي هئي اوچتو ئي اوچتو ڄڻ آسمان ڦاٽي پيو.

احمد هڪ ڏتڙيل، غريب، يتيم، بيوس پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ ٻين جي نظر ۾ گهٽ، ٻالي شاهيءَ جو اولاد شهر جي صفائي ڪندڙ، ماڻهن جي صحت جو راکو ماڻهن کي صاف رکي پنهنجي برادري تي داغ قبوليندڙ صابوءَ جو پٽ. کيس ننڍڙن ۽ پتڪڙن ٻارن کي هٿ ۾ ٿيلها ڏسي ڪيڏي نه تمنا ٿيندي هئي ته هو گند جو دٻو ڇڏي انهن سان گڏ ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي اسڪول پڙهڻ وڃي.

هن ڪيترائي دفعا پڻس کي چيو تنهن تي پڻس چيو پٽ اسان ٻاليشاهي آهيون نه اسان ته ماڻهن جي صفائي ٿا ڪريون سي وري اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ ڪيئن ڏيندا پر جو ننڍڙو ذهن انهن ڳالهين سمجهڻ کان وڏو هو سو سوچڻ لڳو ته اسان به مسلمان ۽ هي به مسلمان پوءِ فرق ڇا جو.

آخر سندس ڪوڪن دانهن رنگ لاتو پڻس کيس اچي اسڪول ۾ داخل ڪيو اڄ صبح سندس دل خوشين جي ساگر ۾ ترڻ لڳي. هو خوشيءَ ۾ ان جي ساگر جي ڪناري واريءَ جا گهرڙا اسڪول ۾ داخل ٿيا. پر هڪ ئي لهر سندس محلاتن ۽ اميدن کي ٻوڙي ڇڏيو. اسڪول ۾ کيس هرڪو احمد ڀنگي، احمد ڀنگي ڪري چيڙائڻ لڳو ڪي ته مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا ته ڀنگي به هاڻي پڙهڻ آيو آهي ڪلاس ۾ ڪنهن به پنهنجي ڀرسان ويهڻ نه ڏنو سڄو ڏينهن ڪنڊ ۾ ويٺو رهيو خاموش حسرت ڀرين نگاهن سان هر ڪنهن کي ڏسندو رهيو پر ڪنهن به مٿان ٻاجهه جي نظر نه ڪئي استاد به کيس سبق نه ڏنو. موڪل ملڻ تي هو سهڪندو گهر پهتو، ”بابا مان ڪونه پڙهندس مان.... ڀنگي آهيان نه“ ائين چئي سندس اکين مان ڳوڙهن جون ڪئين بوندون ڳلن تان ترڪنديون پيرن ۾ جذب ٿي ويون.

- ذوالفقار علي مهر، سکر


 

 

جادوءَ جي دکي

اڳين زماني جي ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙيءَ ماٿريءَ جي ڪناري تي ٽڪريءَ مٿان اڏيل هڪ جهوپڙيءَ جي دروازي تي پوڙهو فليمن ۽ سندس پوڙهي زال باسس، پاڻ ۾ ويٺي ڳالهيون ڪيون. سج لهڻ وارو هو. وڻن وغيره جا پاڇا تمام ڊگها ٿيندا پئي ويا. صبح جا ڪرڻا به هاڻي ٿڌا ۽ سونهري رنگ جا ٿي ويا هئا. هو ويچارا تمام غريب هئا ۽ گهر ۾ جيڪي ٿوريون گهڻيون شيون هين، سي کائي پي واندا ٿيا هئا ۽ اهڙي ماٺيڻي سمان ۾ پنهنجي باغ ۽ ٻين شين بابت صلاح مصلحت ڪري رهيا هئا. باغ جي وڻن، گلن ۽ ڀاڄين بابت ڳالهائي وري ڍڳيءَ جي کير ۽ مکين جي ماناري بابت ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪري اچي جهوپڙيءَ جي ڀتين تي پکڙيل انگورن جي ول وٽ بيٺا. انگورن جي ول ۾ لڳل انگورن جي ڇڳن جو رنگ ساواڻ مان ڦري هاڻي گلابي رنگ جو ٿي رهيو هو. اڃان هنن انگورن جو ٿورو ئي نڪريو ته ايتري ۾ ڀر واري ڳوٺ مان ٻارن جي رڙين ۽ ڪتن جي ڀونڪن جو آواز ٻڌائون. اهو گوڙ هاڻي ايترو ته گهڻو ۽ ويجهو پئي آيو جو هي ٻئي پوڙها هڪٻئي جو آواز به ٻڌي نٿي سگهيا ۽ ٿوري دير ماٺ ڪري، فليمن چيو ته ”آءٌ سمجهان ٿو ته ڪو مصيبت جو ماريل مسافر انهيءَ ڳوٺ ۾ رات گذارڻ لاءِ ڪو اجهو هٿ ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ اسان جي پاڙيسرين هن کي ماني ۽ رهڻ جي جاءِ ڏيڻ بدران مورڳو پنهنجا ڪتا مٿس ڇوڙي ڇڏيا آهن. پوڙهيءَ ويچاري هڪ اونهو ساهه کڻي چيو ته ”افسوس آهي جو انهن کي پاڻ جهڙي انسان تي ڪو به قياس ڪونه ٿو اچي. پنهنجي ٻارن کي به هميشه اهڙيون ئي پڇڙيون عادتون ٿا سيکارين. سندن ٻار هميشه جي عادت موجب ڪنهن واٽهڙوءَ کي پٿر هڻي رت ۾ ڳاڙهو ڪريو ڇڏين ۽ هو انهن کي روڪڻ بدران پاڻ شاباس ٿا چون، جنهن ڪري هو وڃن وڌيڪ بگڙندا.“ پوڙهي فليمن پنهنجو اڇن وارن وارو مٿو لوڏي جواب ڏنو ته ”اهي ٻار ڪڏهن به ڪو نه سڌرندا. مون کي ته ڊپ آهي ته ڪڏهن انهن جي بڇڙاين سبب هيءُ ڳوٺ تباهه نه ٿي وڃي. باقي پاڻ کي ڇا آهي، ٻه سر آهيون جي دال روٽي حاصل ڪري سگهون ٿا، جنهن مان آيل مسافر کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ کان ڪڏهن به ڪين مڙنداسون“ سندس زال خوشيءَ مان چيو ته ”بيشڪ اسان جيترو ٿي سگهندو اوترو مسافرن ۽ واٽهڙن سان ڏک ڀائي ٿيندا رهنداسون.“ هي ٻئي زال مڙس ڏاڍا غريب هئا، پيٽ قوت لاءِ به کين گهڻي هلاڪي ڪرڻي پوندي هئي، پوڙهو فليمن ته سڄو ڏينهن باغ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ باسس گهر ۾ چرخو ڪتيندي هئي ۽ پنهنجي ڍڳيءَ جي کير مان مکڻ ۽ گيهه ٺاهيندي هئي سندن ڏينهن رات جو کاڌو به بلڪل سادو هوندو هو؛ مثلا: مانيءَ جو ٽڪر، پنهنجي ڍڳيءَ جو کير يا باغ جي ڀاڄي يا مانارن جي ماکي جو کاڄ هو گهر جي ڀتين تي پکڙيل انگورن جو پڪل ڇڳو. اهو هوندو هو سندن رات ڏينهن جو کاڌو. پر هو پنهنجي انهي ٿوري کاڌي تي به صابر ۽ شاڪر، بعضي ته پنهنجو کاڌو به مسافرن کي کارائي، پاڻ صبر ڪري سمهي پوندا هئا. هو چوندا هئا ته ”در تي آيل مهمان قدرت جو موڪليل قاصد آهي، جنهن جي خدمت ڪرڻ اسان تي فرض آهي.“ پوڙهي فليمن جي ڀونگيءَ کان ٿورو ئي پرڀرو هڪڙي اڌ ميل کن ويڪري ماٿري هئي، جنهن ۾ انهن نالائق ماڻهن جا گهر هئا، جي مسافر کي ستائيندا هئا. اڳين زماني ۾ جڏهن دنيا اڃا نئين پيدا ٿي هئي، تڏهن اها ماٿريءَ واري هيٺاهين زمين شايد ڪا ڍنڍ هئي جنهن جي اونهي پاڻيءَ ۾ مڇيون ترنديون هيون ۽ ڪيترا ڇانودار اُڀا بيٺل هئا، جي ڍنڍ کي صاف اوجل پاڻيءَ ۾ سدائين پنهنجو پاڇو پيا ڏسندا هئا. مگر جڏهن آهستي آهستي ڍنڍ جو پاڻي سڪي ويو، تڏهن ماڻهن اچي اتي آبادي ڪئي ۽ گهر ٻار ٺاهي ويٺا، ان وقت اها زمين آباد ۽ زرخيز هئي، اڳوڻي ڍنڍ جو نالو نشان به ڪونه رهيو هو. البت ان جي هو هڪ ننڍي نهر ڳوٺ جي وچان وهندي هئي. جنهن مان ڳوٺ جا ماڻهو پاڻ ۽ پنهنجي مال کي پاڻي پياريندا هئا ۽ ٻنين کي ريج ڏيندا هئا. ان ماٿريءَ ۾ ڪيترين ئي جاين تي شاهه بلوط جا وڻ ڦٽي وڏا ٿيا هئا ۽ وڏا ٿي سڙي ويا هئا، اهڙي سهڻي نظاري واري وادي ويجهڙائيءَ ۾ ٻي ڪابه ڪا نه هئي.

عزيز الله قنبراڻي

 

ڪٽي ٻڌي

سنڌو ۽ لطيفان پاڻ ۾ وڙهي پيون ننڍڙن نينگرين جي پاڻ ۾ وٺ وٺان لڳي پيئي هئي. ٻئي پاڻ ۾ ڀينرون هيون. سنڌو ننڍي ۽ لطيفان وڏي هئي. ٻنهي هڪ ٻئي جا ڏاڍا ڄُنڊا پٽيا. هڪ ٻئي کي ڏاڍيون گاريون ڏنائون. ڪپڙا مٽيءَ ۾ لوئيائون. ڪنهن جي ڇڏائڻ تي کڻي هٿ ڪڍيائون ۽ پوءِ ٻئي روئندي گهر آيون. لطيفان ڪجهه وڏي هئي تنهنڪري ٿورو روئي کڻي بس ڪيائين، پر سنڌوءَ ته روئي روئي ڪن ڪري ڇڏيا چي: امان مان ان چهڙيءَ جي بابا سان شڪايت ڪنديس. روئندي روئندي ننڊ کڄي ويس ته گهر ۾ ڪجهه ماٺ ٿي. شام جو جڏهن ننڊ مان اُٿي ته سنڌو جو وري ساڳيو رينگٽ.

لطيفان چيس ته هل ته هلي راند کيڏون، پر سنڌوءَ ٺهه پهه وراڻيو ته ”مان ڪانه هلنديس. تون اڪيلي وڃي راند رهه ته خبر پوي، منهنجي توسان ”ڪٽي“ آهي. ڀل ڇا به ڪرين مان ڪين پرچنديسانءِ، اهو گڏو ڏيندينءَ تڏهن به ڪين پرچنديسانءِ.“

ماڻس سنڌوءَ کي پرچائڻ لڳي: ”نه ڌيءَ ايڏي ڪاوڙ ڪبي آ ڇا؟ لطيفان به تنهنجي ڀيڻ آ، اُها به تو جهڙي آ، وڃ وڃي راند کيڏينس.“

”نه نه منهنجي اُن سان ڪٽي آهي، مان ان سان راند ڪانه کيڏنديس ۽ پرچنديسانس به ڪانه.“

”چَڱو نه کڻي پرچينس، مان به تنهنجي ماءُ ڪانه آهيان“ ائين چئي ماڻس رڌڻي ڏانهن وڃڻ لڳي.

”ڇا چيئي؟ تون منهنجي ماءُ ڪونه ٿيندينءَ! نه ٿي ته کڻي نه ٿي، تو سان به ڪٽي آ، مان بابا کي چئي ٻي امان وٺي اينديس.“

”چڱو چڱو وٺي اچجاءِ ٻي ماڻهين.“ ائين چئي ماڻس اڳتي وڌڻ لڳي.

لطيفان به وڃي راند ۾ لڳي، سنڌو اڪيلي رهجي ويئي.

لطيفان کي راند ڪندي کار به ڏاڍي لڳس، ٻاراڻو روح هئو، روح نه رهيس ۽ اچي لطيفان جي ڀر ۾ ويٺي ۽ چوڻ لڳس ته ”لطيفان مون کي به کيڏڻ ڏي نه، مون ته توسان ڪوڙ بچاڻي ڪِٽي ڪئي هئي، مان بابا کي به ڪانه ٻڌائينديس ۽ ها هو آ نه منهنجي سهيلي حميدان، اُن جيڪا مون کي ’ڪافور جي گُڏي ڏني هئي نه، اُها به توکي ٿي ڏيان، هاڻ ته مون سان ٻڌي ڪر نه.

لطيفان سڄي هٿ جون آڱريون ڏانهن وڌايون ۽ سنڌوءَ به جهٽ ڪري پنهنجيون ٻه آڱريون لطيفان جي ٻن آڱرين سان ملائي ڇڏيون ۽ پوءِ ٻئي ويهي ”گڏوگڏيءَ راند“ ڪرڻ لڳيون.

- علي اصغر ڏاهري، نوابشاهه

 

 

شهزادي ۽ ظالم جادوگر

گهڻو وقت اڳ فارس جي ملڪ تي قادر بادشاهه جي حڪومت هوندي هئي.

بادشاهه سخي نيڪ ۽ عوام پسند واقع هو. قادر بادشاهه جي هڪ ڇوڪري هئي جيڪا نهايت سهڻي ۽ بادشاهه کي پياري هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ هي ملڪ خوشحال هو. پر ان وقت فارس جي ملڪ تي مون جهڙي خاموشي طاري ٿي هر هڪ جو منهن زرد هو ڪو ڪاري لباس ۾ ملبوس هو.

بادشاهه جو محل هن وقت نئون ٺهيل هو. بادشاهه عالي جهان پناهه ۽ ملڪه تخت تي سر جهڪائي خاموش ويٺا هئا.

درٻاري به خاموشي هئا بادشاهه جي ساڄي پاسي فارس ملڪ جو وزير ويٺو هو. هي سڀ ان ڪري ٿيو ته اڄ صبح جو اوچتو شهزادي ويٺي ويٺي غائب ٿي ويئي. پوءِ شهزادي کي هر طرف تلاش ڪيائون پر نه ملي. بادشاهه پنهنجي شاهي نجومي کي گهرايو، ۽ نجومي پنهنجي ستارن جي حساب سان شهزادي جي خبر لهڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيو هو. نجومي جي سامهون هڪ اڇي سليٽ پيل هئي ۽ اهو ان سليٽ تي آڏا ڦڏا ليڪا ڪڍندو رهيو. آخر مسلسل ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ ان کي ڪاميابي سان همڪنار ڪيو. پوءِ ادب سان اُٿي بادشاهه سلامت کان سوال ڪيائين: ”عالي جهان پناهه جان و مال جي امان پايان ته عرض ڪريان،“ بادشاهه سلامت سوچن ۾ گم ٿيل هو ته نجومي جي آواز تي ان ڏانهن ڌيان ڏنائين ۽ چيائين:

”شاهي نجومي جلدي ٻڌاءِ ته ڪٿي آهي منهنجي ڌيءَ ڪجهه پتو پيو اسين پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ بي چين آهيون، خبر ناهي ان کي ڪهڙي نظر کائي ويئي.“

شاهي نجومي عرض ڪيو: ”جهان پناهه! شهزادي صاحبه هن وقت منهنجي مشاهدن جي ذريعي ڏکڻ واري پهاڙي علائقن جي هڪ غار ۾ قيد آهي. هي سڀ هڪ ظالم جادوگر جو ڪم آهي. هو جادوگر اصل ۾ انڌو آهي. هو شهزادي جون اکيون ڪڍي پنهنجي اکين ۾ وجهندو. اکيون ڪڍي لاش کي هڙپ ڪري ڇڏيندو. هي ظالم جادوگر آدمخور به آهي. جهان پناهه شهزادي هن وقت ظالم جادوگر وٽ غار ۾ قيد آهي.

”نجومي“ بادشاهه سلامت چيو ته پوءِ ڇا ڪريون نجومي جلدي ٻڌاءِ.

”نجومي“ ٿوري دير وري سليٽ کي ڏٺو ۽ وري بادشاهه سلامت کي چيائين ته ”جهان پناهه شهزادي کي يمن جو شهزادو واپس آڻي سگهي ٿو اهو شهزادو عنقريب پهچڻ وارو آهي.

”شڪر آهي خدا جو، جو اسين پنهنجي ڌي سان ته ملي سگهنداسين.“ بادشاهه خوش ٿي پنهنجا ٻئي هٿ مٿي ڪري چيو. بادشاهه خدا خدا ڪري پوري رات ڪئي ۽ پوءِ درٻار ۾ ويو. اڌ ڪلاڪ به نه گذريو ته هڪ چوڪيدار درٻار ۾ آيو ۽ چيائين ته ”جهان پناهه، يمن کان هڪ شهزادو آيو آهي ۽ اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ چاهي ٿو. بادشاهه يڪدم چيو ته وڃي جلدي عزت ۽ احترام سان ان کي محلات ۾ آڻ. چوڪيدار درٻار کان ٻاهر ويو ۽ تقريباً 5 منٽن ۾ ملڪ يمن جو شهزادو جهان زيب درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ بادشاهه ان کي اها ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ هو ڏهن ڏينهن ۾ ظالم جادوگر کي ماري واپس شهزاديءَ کي وٺي آيو ۽ پوءِ بادشاهه شهزاديءَ جي شادي جهان زيب سان ڪرائي.

ساڌومل ولاسائي

 

 

سَلام ۽ سَنيهَا

اشفاق احمد ڀٽو، بنگل ديرو: ادا، آگسٽ واري پرچي ۾ به منهنجا قول نه هئا، ڇو ڀلا؟

(ڀاءُ، سٺا قول لکي موڪليو ته شايع ڪبا.)

محمد جعفر ميمڻ، لاڙڪاڻو: ادا، عرض ته آگسٽ جو پرچو پڙهيو اٿم. هن پرچي ۾ شميم جي ڪهاڻي ۽ چارلس ڊارون جو مضمون پرچي جي جان هئا، منهنجو مواد ڪڏهن شايع ڪندا.

(ڀاءٌ، مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. توهان ٻي ڪهاڻي موڪليو.)

وزير علي چنا، فريدآباد: ڀاءُ، توهان منهنجو ڪو به خط شايع نه ٿا ڪريو، جي هن ڀيري شايع نه ٿيو ته رسالو وٺڻ ڇڏي ڏيندس، آگسٽ جو پرچو پسند آيو.

(ڀاءُ، مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. يار خط شايع نه ٿيڻ تي رسالو نه وٺڻ جذباتي فيصلو آهي.)

عبداللطيف سينائي، هالا پراڻا: آگسٽ جو پرچو وڻيو خاص طرح ڊارون جي زندگي جو احوال.

(مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني).

شمس الدين ميمڻ: ڀاءُ، آگسٽ جو سڄو پرچو سٺو سينگاريل آهي. اڃا ڪي ڪالم ڏيو ته سٺو.

(ڀاءُ، جنوري کان ڪجهه ڪالم وڌائبا.)

مس عائشه يوسف ميمڻ: ادا، مان 81ع ۾ رسالو پڙهندي هيس، پوءِ وري 1983ع ۾ پڙهيو اٿم، مواد سٺو اٿس. ڪي نوان سلسلا شروع ڪريو.

(ڀيڻ، ڀلي ڪري آئينءَ- مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.)

·غلام محمد ميمڻ، بدين: مواد پسند آيو. خاص طور شميم کٽياڻ ۽ عبدالجليل جروار جو مواد پسند آيو. وتائي فقير جو مواد شايع ڪندا.

(مواد توهان ٻيو لکي موڪليو.)

پانڌي خان ٽالپر، آراضي: ادل، پرچو دير سان ٿا ڪڍو، جڏهن ته اردو ۾ ٻارن جا رسالا پهرين تاريخن کان اڳ نڪرن ٿا.

(ادل، اميد ته رسالو جلد پهرين تاريخ تي نڪرندو.)

نياز اي نائيچ: ايڊيٽر صاحب، منهنجو خط ڇو نٿا شايع ڪريو، هن پرچي ۾ مواد سٺو ڏنل آهي، اڃا قلمي دوستي ۽ ٻيا ڪالم ڏيو ته بهتر ٿيندو.

(اوهان جي راءِ نوٽ ڪئي ويئي آهي.)

ظهير احمد عباسي، نندو شهر: ڀاءُ، پرچو مليو. مواد به بهترين هو، نوان ڪالم، قلمي دوستي، سوالن جا جواب شروع ڪريو.

(ڀاءُ، جنوري ۾ ڪجهه ڪالم وڌائبا.)

ضميرالدين سومرو حيدرآباد: ڀاءُ مون چئن سالن کان پوءِ وري گل ڦل کي پڙهيو آهي، رسالو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. پر ڪي نوان سلسلا شروع ڪريو.

(ادل ڀلي ڪري آئين، مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.)

مير ممتاز علي ٽالپر، بدين: ڀاءُ، پرچو سٺو ڪڍيو اٿو خاص طرح شميم کٽياڻ جي ڪافي وڻي ۽ ڊارون جو مضمون به پنهنجو مٽ پاڻ هو. سينور مان سون به سٺو مضمون هو.

(مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.)

امتياز ميمڻ، نصرپور: ادل، مان فوٽو موڪليان ته شايع ڪندا، مواد هن ڀيري سٺو ڏنل هو.

(فوٽو موڪلي ڏيو پر شرط آهي ته ٻارن جي البم جي ڏانوَ جو هجي.)

صبغت الله ڀٽو، ميهڙ: ڀاءُ، گهڻي انتظار کان پوءِ رسالو مليو. مواد بهترين کان بهترين هو، ڪجهه ٽڪرا موڪليان ٿو شايع ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

(ڀاءُ، اوهان جي مهرباني؟ مواد پسند ڪيو اَٿَوَ.)

ان کان سواءِ هيٺين ٻارن جا خط آيا آهن.

ذوالفقار علي ميمڻ، دڙو، امان الله سنڌي گهوٽڪي، عبدالجليل هڪڙو، عرفان گل مٺواڻي، ڏيپلو.

 

 

اچو ته ڪهاڻي لکون

اچو ته ڪهاڻي لکون جو سلسلو ٻارن ۾ مقبول ٿي ويو آهي. (هن ڀيري 89 ٻارن حصو ورتو آهي.) پهريون ۽ ٻيو نمبر ايندڙ ٻارن کي ڪتاب انعام ۾ موڪليا ويندا.

اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ هڪ رهنما مواد هر مهيني ڏنو ويندو آهي ۽ ان لاءِ هيٺيان اصول ۽ شرط مقرر ڪيا ويا آهن:

1- ارڙهن سالن جو ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي سگهي ٿو.

2- هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون نمبر 15 جو ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.

3- ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو، جو اسان وٽ 15 نومبر 1983ع تائين پهچڻ گهرجي.

4- ڪهاڻي گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي ۽ ڪهاڻي پني جي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل ڪهاڻي کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.

5- ڪهاڻيڪارن کي گهرجي ته پوري ائڊريس لکي موڪلين سندن نالا پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

 

 

اچو ته ڪهاڻي لکون 15

رهنما مواد

توهان ڪڏهن پولار ۾ جهاز کي اڏامندي ڏسندا آهيو. توهان جي دل ۾ به اهو خيال ايندو هوندو ته ڪاش اسان به جهاز ۾ سوار هجون ها. اهو سوچي ڪهاڻي لکو.

ڪهاڻي موڪلڻ جو پتو

اچو ته ڪهاڻي لکون

ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد

 


 

 

نتيجو اچو ته ڪهاڻي لکون

ماهه آگسٽ 1983ع جي پرچي ۾ ”اچو ته ڪهاڻي لکون“ جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو.

1- قاضي منظر حيات رتوديرو. 2- نجمه بيگم پٺاڻ صوڀوديرو. 3- اسماعيل سليم هنڱورجا. 4- نوشابه لاڙڪ نوابشاهه. 5- ٻاجهائي غلام رضا ٻاڙي شريف. 6- شميم کٽياڻ ميرپورخاص. 7- مشتاق شيخ خيرپور ناٿن شاهه. 8- عبداللطيف سنائي هالا پراڻا. 9- شاهه زمان قريشي ٺٽو. 10- رخسانه ناز سومرو. 11- عبدالجليل جروار خيرمحمد جروار. 12- محموده منگي شڪارپور. 13- غلام رباني قريشي ٺل. 14- منظور چانڊيو قمبر. 15- اعجاز علي نوناري ڪنڌڪوٽ. 16- آصف ميمڻ شڪارپور. 17- اڪرم علي شاهه خيرپور ميرس. 18- ممتاز علي ٽالپر بدين. 19- الهه بچايو ميمڻ چوهڙجمالي. 20- غلام عباس سولنگي ميرپورخاص. 21- عذرا پروين عباسي نوابشاهه. 22- شوڪت راهمون ميرپورخاص. 23- نبي بخش خاصخيلي ڍالو خاصخيلي 24- بدرالدين ميمڻ ڦل 25- حبيب الرحمان سومرو ميرپورماٿيلو 26- مس سردار عباسي ٺل. 27- الهداد ميراڻي دادو. 28- نور علي بوزدار هاشم آباد. 29- ايم صادق درس ڍليا. 30- ايم اڪرم سومرو ميرپور ماٿيلو. 31- رياض ميمڻ راڻي پور. 32- نديم الطاف جعفري لاڙڪاڻو. 33- محمد ايوب شيخ لاڙڪاڻو. 34- منظور سومرو مورو. 35- امتياز ميمڻ نصرپور. 36- ايم نواز ڀٽي ٽنڊوڪرم خان. 37- ايم نواز بوزدار. 38- وجيه ڪمار عمرڪوٽ. 39- احمد خان ڪاملاڻي سجاول. 40- سترامداس عمرڪوٽ 41- رفيق احمد کٽي ڏيپلو. 42- مهربان علي چانڊيو اعتبار علي خان چانڊيو. 43- اقبال احمد ميمڻ. 44- ايم رفيق نظاماڻي ٽنڊوقيصر. 45- فداحسين ڦلپوٽو باڊهه. 46- ارشاد سومرو ڏوڪري. 47- ڪريمداد کهڙو نئون ديرو. 48- جمال عيدالبدالناصر بلوچ پنوعاقل. 49- ناشاد پانڌياڻي ڏيپلو. 50- نظام علي ميمڻ باقراڻي. 51- عبدالمطيع سومرو مورو. 52- ايم اسلم خاصخيلي ڍالو خاصخيلي. 53- ڪوثر سومرو. 54- نفيس انصاري. 55- ضمير حسين جلالاڻي ٻاڙي شريف. 56- غلام محمد سانگي لاڙڪاڻو. 57- ريوو ٺڪر دودو خان. 58- گل حسن شيخ لاڙڪاڻو. 59- اسلم شاهه ٽنڊومحمد خان. 60- شهزاده نثار ميمڻ حلوائي گولاڙچي. 61- غلام محمد بروهي فريدآباد. 62- ايم حنيف ميمڻ چوهڙجمالي. 63- عبدالحميد ممڀائي ٺٽو. 64- نادر حسين ڏاهاڻي مينڌر ڏاهاڻي. 65- بشير احمد ڀٽي لاڙڪاڻو. 66- ايم يوسف رستماڻي نوابشاهه. 67- غلام مرتضيٰ شاهه علي واهڻ. 68- ظهير احمد انڙ خيرپورميرس. 69- جيتو ترام روهڙي. 70- عابد بڙدي کوسا پل. 71- فيض محمد سومرو ميرپور ٻرڙو. 72- زاهده محبوب لغاري ميرپورخاص. 73- علي گوهر الطاف ملڪاڻي حيدرآباد. 74- مقصود احمد قاضي مٽياري. 75- پريم چند ٽنڊو جان محمد. 76- عابد نياز ميمڻ شڪارپور. 77- آفتاب احمد قادرپور. 78- شفقت حسين، حسين ڪلوڙ. 79- زين العابدين شاهه حيدرآباد. 80- انور علي ڪلوڙ حسين ڪلوڙ. 81- تبسم کٽياڻ ميرپورخاص. 82- علي سرور شاهه لاڙڪاڻو. 83- عبدالعزيز ٻٻر جوهي، شوڪت ابڙو لاڙڪاڻو. 85- اسد کٽي چوهڙجمالي. 86- اسدالله سومرو. 87- وسايو ڀيو. 88- نورمحمد سومرو. 89- شير محمد ڀٽي لاڙڪاڻو.

(ججن جي فيصلي موجب هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنيون ويون آهن، پنهنجي صحيح ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.)

1- قاضي منظر حيات، رتوديرو.

2- نجمه بيگم پٺاڻ، صوڀوديرو.

 

درستي

گل ڦل ماهه سيپٽمبر جي پرچي ۾ آڏ اکري ڳجهارت نمبر 47 جو جواب غلطيءَ سان هڪ غلطي واري ٻار جو نالو ڇپجي ويو هو. جڏهن ته سمورو صحيح جواب موري مان عبدالعزيز سومري جو هو. جنهن کي ڪتاب پڻ روانا ڪيا ويا آهن، هڪ غلطي واري ڀاءُ معذرت ٿا گهرون.

 

هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ

ڪنهن جو به جواب صحيح ڪونه آيو

چئن ٻارن جو جواب هڪ غلطي ڪري شامل ڪيو ويو

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 48 جو نتيجو ظاهر

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 48 جو نتيجو عيد جي موڪلن ڪري 24 سيپٽمبر تي ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن جي روبرو مسٽر غلام رباني آگرو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ظاهر ڪيو.

ساڄي کان کاٻي:

1- ست 3- ڏک 4- گهوڙو 5- اجرڪ 7- ڳن 8- اتي.

مٿان کان هيٺ:

2- سچو 3- ڏيج 6- رات.

چئن ٻارن جو جواب هڪ غلطي هجڻ ڪري شامل ڪيو ويو آهي. هڪ سؤ روپين جا ڪتاب صحيح ائڊريس لکي حصي آهر گهرائي وٺن.

1- ضمير حسين جلالاڻي صاحب خان جلالاڻي محراب پور جنڪشن.

2- پانڌي خان ٽالپر معرفت: الهه بچايو ڪلهوڙو پوسٽ آفيس آراضي، دادو.

3- شمس الدين ميمڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصرپور، تعلقو ٽنڊوالهيار.

4- غلام سرور نطاماڻي پڙهندڙ نائون ڪلاس- پوسٽ نم ليار وايا ٽنڊومحمد خان.

ڪل 2500 ٻارن حصو ورتو. جيڪي سڀئي مقابلي ۾ شريڪ ڪيا ويا.

 

 

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 50

هڪ سؤ روپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ:     12- نومبر 1983ع

نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 13- نومبر 1983ع

هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن. انهن کي اهڙي طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ بامقصد ٿي وڃن. جملن ۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن. ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن.

نمبرن جي روشني ۾ جملا پڙهي، خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان کي مقرر تاريخ کان اندر ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏاکري ڳجهارت50 لکڻ ضروري آهي.

جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا. انهن کي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح جواب ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻار هوندا ته انعام وارا ڪتاب هڪ جيترا ورهيا ويندا. جيڪڏهن صحيح ڪوبه نه آيو ته هڪ غلطي وارن ۾ انعام ورهايو ويندو. جيڪڏهن هڪ غلطيءَ ۾ به جواب نه هوندو ته اهو انعام رد سمجهيو ويندو.

هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻار ٻڌل رهندا. ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي، پوسٽ باڪس نمبر 12 حيدرآباد تي آڏ اکري ڳجهارت جا خال ڀري موڪلڻ گهرجن.

 

ساڄي کان کاٻي

2- _________ جي تواريخ اوترو ئي قديم آهي جيترو انسان خود پاڻ.

3- دوست پنهنجي جاءِ تي _________ تڏهن آهي جڏهن سندس هر ڳالهه سچ تي ٻڌل هوندي.

4- ______ کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون.

7- اٽليءَ جي دارلحڪومت ________ جنهن جا اکر اڳتي پوئتي لکيل آهن.

8- طعام به _______ ٿي سگهي ٿو.

9- بلا جو هڪ قسم ________ جيڪا سنڌ جي هيٺيئن ڀاڱي ۾ وڏي تعداد ۾ لڀندي آهي.

10- _______ جي اهميت کان ڪير باخبر نه هوندو؟

مٿان کان هيٺ

1- سٺو ______ ڪنهن کي پسند نه ايندو!؟

2- هڪ اسلامي ملڪ جو رائج العمل سڪو ______ جنهن جي (هه) گم آهي.

4- هي دنيا اٿاهه سمنڊ مثل آهي. جُنگن جيان _________ کان جيڪي نه ڊڄندا آهن تن جي حياتيءَ جي ٻيڙيءَ کي نڪا لهر لوڏو.

6- گٽر کليل نه ________ گهرجن.


 

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 50

ڪوپن 50

آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان ٿو/ ٿي.

نالو:__________________________________________

پوري ائڊريس:_______________________________________

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com