جاويد عباسي لاڙڪاڻو
ناني گم ٿي وئي
دوستو ٿيو هيئن جو اسان (يعنيٰ امان ۽ گڊو) گهر ۾ داخل ٿياسين
ته اسان جي ڪنن ڪنهن چقمق وانگر گهر ۾ ٿيندڙ گوڙ
ڏانهن ڌيان ڇڪايو. اسان ڏاڍو پريشان ٿياسين، هر
طرف ”ناني گم ٿي وئي،“ ”ناني گم ٿي وئي“ جي صدا
لڳي وئي هئي، گهر جي هر ڪنڊ ڳولهي پر ناني اصل
ڪونه ملي.
ايتري ۾ بابا ۽ چاچا وارا به اچي ويا جڏهن کين ناني جي گمشدگي
جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته اهي به پريشان ٿي ويا. سڄي
شهر ۾ پڙهو ڏياريو ويو. اهو ڪم ڪيو اسان جي چاچي،
بابو ويو اخبار ۾ اشتهار ڏيڻ، گڊو کي مولوي
عبدالحق ڏي موڪليو ويو ته مسجد جي لائوڊ تي اعلان
ڪري ۽ باقي رهيس مان ناچيز ته مون کي وري ڳوٺ وارن
کي ٻڌائڻ لاءِ موڪليو ويو.
هر طرف نانيءَ لاءِ قاصد ڊوڙايا ويا، هر طرف افراتفري جو عالم
هو. ڪو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو ته ڪو ڪيڏانهن.
آخر گهڻي دير ٿي وئي، سڀ گهر ۾ پريشانيءَ جي حالت ۾ ويٺا هئا
بابا، چاچا ۽ گڊو اچي چڪا هئا. ايتري ۾ مان به ڳوٺ
جا ماڻهو وٺي گهر ۾ داخل ٿيس. هر طرف روئڻ پٽڻ
شروع ٿي ويو، عورتون هونئن به روئڻ ۾ اڳڀريون سو
سائين رنيون ته گونگي مينهن وانگر بس ئي ڪونه ڪن.
گهر ۾ عجيب افراتفري جو عالم هو.
ان گوڙ گهمسان ۾ وقت جي خبر ئي ڪانه پئي. جو اچي شام ٿي ماني جو
وقت به ٿيڻ تي هو ان ڪري سڀ گهر جا ڀاتي اچي وڏي
ڪمري ۾ گڏ ٿيا. ڪمري جي وچ تي هڪ وڏي فراسي وڇائي
وئي ان تي ويهڻ لاءِ اڃا ڪي ويٺا ڪي بيٺا هئا جو
ناني دوڌڙ ۾ شل منهن، لٽا، وار مٽيءَ سان ڀريل،
”هيڏو سارو ڪمرو گهڻي گند ڦٿ سان ڀريو پيو هو“
چوندي لٽا ڇنڊيندي ”اسٽور روم“ مان نڪري رهي هئي.
سڀ کان پهرئين منهنجي نظر ناني تي پئي.
”ناني اچي وئي، ناني اچي وئي.“
منهنجو ائين چوڻ ۽ سڀ ڀڳا نانيءَ ڏي حال احوال پڇڻ، ناني ايترن
ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي وٺي ڀڳي واپس اسٽور
روم ڏانهن. اڳيان ناني پويان مائٽ ڀڄ ڀڄان، ڀڄ
ڀڄان.
اڃان ناني اسٽور روم تائين پهتي مس جو سندس ماڻهو گهيرو ڪري ويا
۽ مٿس سوالن جي ٿيڻ لڳي فائرنگ، ناني فائرنگ سهي
نه سگهي بيهوش ٿي ڪري پئي ۽ سندس مائٽ بجاءِ
نانيءَ کي کڻڻ جي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا
نانيءَ جي ملڻ جي.
دنيا آهي گول
نوجوان شاعر مختيار مڱڻهار جي ٻاراڻي شاعري جو مجموعو ”دنيا آهي
گول“ ڇپجي ويو آهي.
گهرائڻ لاءِ لکو
ڪنول ڪتابي سلسلو رحمت پور لاڙڪاڻو.
غلام حسين سومرو، سڪرنڊ
چوريءَ کان توبهه
منير ڪلاس ۾ شوق سان پڙهڻ ڪري هوشيار هو ۽ سڀني استادن ۽ ڇوڪرن
جي نظر ۾ منير چڱو ۽ اخلاق وارو ليکيو ويندو هو.
واندڪائي مهل ڪلاس جا ڇوڪرا منير سان ڪچهري ڪندا
هئا. منير شهر جي هڪ سيٺ جو پٽ هو. منير پئسن سبب
مغرور هوندو هو. هو هر وقت چاهيندو هو ته مون وٽ
دولت هجي، جيئن ته منير اسڪول ۾ استادن ۽ ڇوڪرن
سان ملڻ ۾ سٺي نموني اخلاق سان پيش ايندو هو. پر
منير جي اندر جي خبر ڪنهن کي به نه هئي.
منير ۾ هڪ ڪني عادت چوري جي هئي جو هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري
جي پين يا ڪتاب چوري ڪري کپائيندو هو ۽ اهو ڇوڪرو
استاد کي شڪايت ڪندو هو ته بيگناهه ٻين ڇوڪرن کي
مار ملندي هئي ۽ حقيقي چور بچي ويندو هو ۽ اهو
تماشو ڏسي خوش ٿيندو هو. استادن ۽ ڇوڪرن منير تي
ڪڏهن به شڪ نه ڪيو ته منير چور آهي.
منير جي لوفر چورن سان دوستي هئي ۽ انهن سان گڏجي ننڍيون چوريون
به ڪندو هو.
هڪ ڏينهن منير اسڪول ۾ اختر جي سائيڪل چوري ڪئي ته اختر
هيڊماستر وٽ دانهن کڻي آيو ته سائين منهنجي سائيڪل
چورائجي ويئي آهي، پوءِ ته ڇوڪرن ۾ وٺ وٺان ٿي
ويئي، ڪيترن ڇوڪرن کي ڏاڍيون مارون ڏنيون ويون ۽
پوليس گهرائڻ ۽ جيل ۾ هڻڻ جا دڙڪا ڏنا ويا، پر ڪو
به کڙتيل ڪو نه نڪتو.
آخرڪار هيڊماستر کي خبر ملي ته اختر جي سائيڪل منير چورائي آهي،
تنهن تي هيڊماستر ڪلاس ۾ اچي منير کي چيو ته مون
کي ثابتي ملي آهي ته اختر جي سائيڪل تو چورائي
آهي. منير اهو ٻڌي چيو ته سائين مون سائيڪل نه
چورائي آهي. اهو الزام ڪوڙو آهي. توهان استادن ۽
ڇوڪرن کي خبر آهي ته منهنجي پوزيشن ڪهڙي آهي.
هيڊماستر منير کي چيو ته تو جهڙا ڪي ڇوڪرا چالاڪي سان چوريون
ڪندا آهن، پر نيٺ هڪ ڏينهن تي ڳالهه ڦاٽندي آهي.
منير سائيڪل جي چوري جي ثابتي لاءِ هن ڪلاس جا
ڇوڪرا شاهد آهن. جيڪڏهن تون سچي ٻڌائيندين ته توکي
ڪجهه به نه چيو ويندو. پر منير نه مڃيو. تنهن تي
هيڊماستر ڪلاس جي جند ڇوڪرن دودو، گلڻ، رحيم کان
پڇيو ته اوهان پڪ سان چئو ته منير اختر جي سائيڪل
چورائي آهي. سڀني ڇوڪرن چيو ته ها سائين اسان منير
کي اختر جي سائيڪل هلائيندي ڏٺو. منير وري به نه
مڃيو ۽ هيڊماستر کي چيو ته مان قسم کڻي ٿو چوان ته
سائيڪل مون نه چورائي آهي ۽ هي ڇوڪرا سڀ ڪوڙ ٿا
ڳالهائين.
هيڊماستر کيس چيو ته خير سوچي وٺ ٻه- ٽي ڏينهن مهلت اٿئي منير
کي هيڊماستر جي ڳالهين جو اثر نه ٿيو ۽ هن اها پڪ
ڪئي ته موڪل بعد سائيڪل کپائي ڇڏيندس.
موڪل ملي منير گهر پهتو ماني کائي سڌو دوستن وٽ ويو ۽ اتان
سائيڪل کڻي کپائڻ لاءِ ٻاهر تيزي سان هلائيندي ويو
ته اوچتو ڪار سان ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ منير روڊ تي
ڪري پيو ۽ سائيڪل وڃي پرتي ڪري ۽ ماڻهن جو ميڙ ٿي
ويو ۽ منير کي اسپتال پهچايو ويو، اها خبر جڏهن
منير جي ماءُ پيءُ هم ڪلاس ڇوڪرن کي، جهڙوڪ اختر
کي پئي ته اسپتال پهچي ويا.
ڊاڪٽر منير جي پيءُ کي چيو ته منير جي زندگي بچائڻ لاءِ رت جي
ضرورت آهي. منير جو پيءُ اهو ٻڌي پريشان ٿي ويو ته
رت ڪٿان اچي. اختر کي جڏهن رت جي خبر پئي ته ڊاڪٽر
وٽ آيو ۽ چيائين ته منير جي زندگي بچائڻ لاءِ آئون
ٿو رت ڏيان. ڊاڪٽر اهو ٻڌي اختر جو رت ڪڍي منير جو
علاج شروع ڪيو ۽ منير هوش ۾ آيو ۽ چاڪ ٿيو ته پڻس
ٻڌايس ته تنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ اختر رت ڏنو هو.
منير اختر جو نالو ٻڌي شرمندو ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ منير
ڪلاس ۾ اختر ۽ ٻين ڇوڪرن کان معافي ورتي ۽ چوري به
مڃيائين، ان ڏينهن کان پوءِ منير چوري نه ڪئي.
انهن برن ڇوڪرن کي هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين ۽ برن
ڪمن کان به توبهه ڪيائين.
قرآن ڪريم جون مُقدس آيتوُن ۽ نَبِي ڪَرِيم جُون حَدِيثُون
تَوهَان جي دِيني معلوُمات ۾ اضَافي ۽ تَبِليغ
لاءِ شَايعَ ڪَيوُن وَڃَن ٿِيُون. اُنهَن جو
اِحتَرام توهان جو فَرض آهي. اُن ڪري جِن صُفحن تي
اُهي آيتون هُجن، تن کي صحيح اسلامي طريقي مُطابق
بيحُرمتي کان محفُوظ رکيوَ وڃي.
مقبول ناز گهلو
چالاڪ ٽوني
اڄ کان ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته جپان ملڪ جي هڪ ننڍي شهر ۾
کير جي دٻن جو هڪ ڪارخانو هئو. ان ڪارخاني ۾
ڪيترائي مزدور ڪم ڪندا هئا.
انهن مان هڪ مزدور ناڪا سوني نالي هئو.
ناڪا سوني جڏهن به ڪاڏي نڪرندو هو ته پاڻ سان گڏ هڪ گلر ساڻ
ڪندو هو. اهو گلر ان کي تمام گهڻو پيارو هئو.
هو ڪارخاني تي هميشه گلر کي ساڻ ڪري ويندو هئو.
ڪارخاني جا سڀئي مزدور ان گلر کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا،
ڇاڪاڻ ته اهو گلر عام ڪتن ۽ گلرن وانگر نه هو. هي
هڪ چالاڪ گلر هو.
ڪارخاني جا مزدور ان کي پيار مان ٽوني ڪري سڏيندا هئا. ٽوني
اهڙيون پياريون ۽ دلچسپ حرڪتون ڪندو هئو جو سڀئي
مزدور خوش ٿي کيس پنهنجي سيني سان به لائيندا هئا.
هڪ ڏينهن ان ڪارخاني ۾ گهڻو ڪم ٿي پيو. سڀني مزدورن سڄو ڏينهن
رات تائين ڪم ڪري باقي رات اُتي بسر ڪرڻ جو فيصلو
ڪيائون. جڏهن ڳچ رات گذري وئي سڀئي مزدور ۽ ٽوني
مزي سان ننڊ ڪري رهيا هئا. هلڪي آواز تي ٽوني جي
اک کلي پئي، هن ڏٺو ته ڪي ڪاري پوشاڪ سان نقاب پوش
ماڻهو آهن جن جي هٿن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا هٿيار هئا
۽ اهي دٻن جي ڍير ڀرسان ڪجهه ڪري رهيا هئا.
ٽونيءَ سوچيو ته هي پڪ چور آهن ۽ ڪارخاني مان چوري ڪرڻ آيا آهن
اگر مان هنن تي الر ڪندس ته هي مون کي ماري
ڇڏيندا. اگر پنهنجي مالڪ کي اٿاريندس ۽ جي هنن ڏسي
ورتو ته به مون کي ۽ منهنجي مالڪ کي ماري پاڻ ڀڄي
ويندا. انهن چورن جي پاسي ٽونيءَ ڏٺو ته کير جا
دٻا هڪ ٻئي جي مٿان پيل آهن ۽ دٻن جا وڏا ڍير آهن
ٽونيءَ کي هڪ اٽڪل سمجهه ۾ آئي هو اتان اٿي آهستي
آهستي هڪ ڍير طرف ويو ۽ اتي بيهي هڪ ڌٻي تي ٽڪ ٽڪ
جا آواز ڪرڻ لڳو.
چورن جڏهن اهو اوچتو آواز ٻڌو تڏهن ڦڙتيءَ سان پنهنجا هٿيار
سنڀالي ان ڍير کي جيئن ئي جاچڻ لاءِ آيا ته يڪدم
ٽونيءَ ڍير جي ڌٻن تي ٽپ ڏنو ۽ سڄو دٻن جو ڍير وڃي
چورن مٿان پيو.
دٻن ڪرڻ جي اوچتي ڌماڪي تي سڀئي مزدور جاڳي پيا.
اتي ٽونيءَ کي ڏسي اوڏانهن ويا انهن ڏٺو ته چور ڌڪن لڳڻ ڪري
ڪنجهي رهيا هئا.
مزدورن سڀني چورن کي سوگهو ڪيو.
هنن کي جاچڻ مان معلوم ٿيو ته چور ٽونيءَ جي چالاڪيءَ تي سوگها
ٿيا آهن ۽ هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ٽوني کي پيار مان
سيني سان لائيندا رهيا. صبح جو خبر پئي ته اهي ملڪ
جا بدنام چور هئا. جن جي پڪڙجڻ تي حڪومت ڪيترو ئي
انعام رکيو هئو.
ڪيترا ماڻهو انهن کي پڪڙڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي چڪا
هئا.
جڏهن حڪومت کي خبر پئي ته چورن کي ڪيترائي بهادر ماڻهو پڪڙي نه
سگهيا ۽ ناڪاسوني جي ننڍڙي گلر ٽونيءَ بدنام چورن
کي پنهنجي چالاڪيءَ سان سوگهو ڪرايو آهي تڏهن
حڪومت ناڪاسوني کي تمام گهڻو انعام ڏنو ٽونيءَ کي
چالاڪيءَ لاءِ سونو ٻلو پارايو ويو ان سان گڏ
حڪومت ناڪاسوني کي مبارڪ ۽ اهڙي گلر پالڻ تي داد
ڏنو. انهيءَ خوشيءَ ۾ ڪارخاني جي مالڪ هڪ وڏو جشن
ڪرايو جنهن جو مهمان خصوصي ناڪاسوني هئو. ان کان
پوءِ ٽوني ۽ ناڪاسوني زندگيءَ جا باقي ڏينهن مزي
سان گذارڻ لڳا.
رخسانه ناز سومرو سائنس
مينهن ڪيئن وسندو آهي
تمام هوا مختلف گيسن جو مجموعو آهي جنهن ۾ خاص ڪري نائيٽروجن
78%،
آڪسيجن
21%،
آرگان، هئڊروجن، ڪاربان- ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ گهم
1%
آهي ان کان سواءِ ٻيون به گئسيون آهن جيڪي
نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون. مثلا: ڪريپٽون، اورون ۽
زنيون وغيره. انهن گئسن کان سواءِ هوا ۽ پاڻي جا
بخار هر وقت موجود هوندا آهن.
زمين جي مٿاڇري سان ٽڪرائڻ جي ڪري هوا گرم ٿي ڪري ڦهلجي ويندي
آهي ان ڪري ان جي گهم گهٽ ٿي ويندي آهي هوا جو اهو
ڦهلاءُ ان کي مٿي ڌڪيندو آهي ۽ بخار سان ڀريل ٿڌي
هوا اچي ڪري گرم هوا جي جڳهه والاريندي آهي اهڙي
طرح سلسلو هر وقت جاري رهندو آهي.
سمنڊن، دريائن، ڍنڍن ۽ تلائن جي مٿاڇري تي ڏينهن وقت بخار ٿيندا
رهندا آهن. اهي بخار نظر ته ڪونه ايندا آهن پر هوا
۾ هر وقت موجود هوندا آهن. جڏهن هوا خشڪ ۽ ان جي
گرمي جي درجي ۾ واڌارو ايندو آهي ته ان ۾ بخار جذب
ڪرڻ جي طاقت، گهميل، هوا کان وڌيڪ هوندي آهي يعني
گرم هوا ٿڌي هوا جي نسبت پاڻي کي وڌيڪ جذب ڪندي
آهي.
گرميءَ جي موسم ۾ بخار تيزي سان ۽ وڌيڪ مقدار ۾ اٿندا رهندا
آهن. رات جي وقت زمين به پنهنجي گرمي خارج ڪندي
آهي. ڇاڪاڻ ته ڇٻر، گل ۽ وڻن جا پتا به پنهنجي
گرمي تمام جلد خارج ڪري ڇڏيندا آهن، ان ڪري اهي
تمام جلد ٿڌا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن ۽ انهن جي ويجهو
جي هوا به ٿڌي ٿي ويندي آهي هيءَ ٿڌي هوا پاڻيءَ
جي بخار کي وڌيڪ مقدار ۾ جذب نه ڪري سگهندي آهي.
تنهنڪري ان جو ڪجهه حصو ڇٻر گلن ۽ پتن تي ننڍڙن
پاڻي جي قطرن جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندو آهي انهن ننڍن
ننڍن قطرن کي ”ماڪ“ يا ”شبنم“ چيو ويندو آهي.
جڏهن گرم گهميل هوا ٿڌي هوا سان گڏبي آهي، ته پاڻي جا ننڍا قطرا
گرد و غبار جي ذرن تي ڄمي پوندا آهن ۽ اهي ذرا
زمين جي مٿاڇري جي ويجهو هوا ۾ ملي ويندا آهن. ان
وقت ائين لڳندو آهي ته هر هنڌ دونهون ئي دونهون
آهي ان کي ڌنڌ چيو ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح گرم ۽ گهميل هوا ٿڌي هوا سان ملي ڪري ڪڪرن جي شڪل
ڪندي آهي. ڪڪر بلڪل ڌنڌ وانگي هوندا آهن، فرق صرف
ايترو هوندو آهي جو ڌنڌ زمين جي مٿاڇري جي بلڪل
ويجهو هوندي آهي ۽ ڪڪر فاصلي تي هوندا آهن. تيز
هوا بخار سان ڀريل هوا کي مٿي ڌڪيندي آهي ٻين لفظن
۾ هوا ڪڪرن کي مٿي ڌڪيندي آهي. فضا مٿئين حصي ۾ ٿڌ
هئڻ ڪري، ڪڪرن ۾ جيڪي بخار هوندا آهن سي ڄمي ويندا
آهن. ڄمڻ ڪري انهن جو وزن به وڌيڪ ٿي ويندو آهي ان
ڪري زمين جي ڪشش انهن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي آهي.
ان ڪشش جي ڪري ۽ زمين جي گرمي جي درجي جي ڪري اهي
ڄميل بخار وري ٻيهر پاڻي جي صورت اختيار ڪندا آهن
۽ جنهن جي شڪل ۾ زمين تي ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن.
پيارا ٻارو! هاڻي توهان کي خبر پئي ته مينهن ڪيئن وسندو آهي.
شوڪت علي راهمون (اچو ته سنڌ گهمون)
ميرپورخاص
ميرپورخاص شهر ضلع ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر آهي. هي شهر مير علي
مراد خان ٽالپر 1806ع سن ۾ اڏايو هو. جو سندن نالي
پٺيان ”ميرپور“ يعني مير جو شهر سڏجڻ لڳو.
سنڌ ۾ جڏهن هندن جي صاحبي هئي، تڏهن ڪاهو نالي هڪ هندو راجا
هاڻوڪي ميرپورخاص طرف راڄ ڪندو هو. ميرپورخاص جي
بازار جي هڪ ڀاڱي کي انهيءَ راجا جي نالي پٺيان
ڪاهو بازار ڪري ڪوٺيندا آهن. ميرپورخاص کان سڏ پنڌ
پري اتر طرف هڪ وڏو دڙو آهي، جو ڪاهو جو دڙو سڏجي
ٿو.
1900ع سن ۾ جمڙائو واهه کليو ته ميرپور جو نئون شهر ٻڌو ويو.
اصلوڪي شهر جي ويجهو جيڪا غيرآباد زمين پيل هئي،
اتي هي شهر ٺهيو. پهرين ٿرپارڪر جي آفيس عمرڪوٽ ۾
هئي. 1904ع ۾ اها آفيس ڦيرائي ميرپورخاص ۾ ڪيائون.
ان سان گڏ نيون آفيسون ۽ نوان بنگلا تيار ٿيڻ لڳا.
اهڙي طرح هڪ شهر کان ٻه شهر ٿيا، ٻئي شهر هڪ ٻئي
کي ويجهو آهن. هڪ کي ميرپورخاص ۽ ٻي کي ميرپور
پراڻي چئبو آهي.
انگريز سرڪار هتي ريلوي اسٽيشن ٺهرائي. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هي
شهر تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ميرپورخاص شهر ۾ ضلعي
جا سڀ وڏا آفيسر رهن ٿا. ميرپورخاص ۾ هڪ وڏو
راندين جو ميدان ٺهيل آهي. جنهن جو نالو گاما
اسٽيڊيم آهي. ميرپورخاص ۾ ٻه وڏيون مسجدون آهن. هڪ
کي مدينه مسجد چوندا آهن. جيڪا شاهي بازار ۾ وڏي
مينار جي ڪري مشهور آهي ۽ ٻي کي جامع مسجد چوندا
آهن. جيڪا شاهي مسجد جي نموني تي ٺهيل آهي. جا
خانبهادر غلام نبي شاهه جي همت سان جوڙي ويئي هئي.
ميرپورخاص ۾ هڪ سرڪاري فروٽ فارم آهي. جو پوري پاڪستان ۾ انبن
کان مشهور آهي. هتي ڇهه هاءِ اسڪول ۽ ٽي ڪاليج
آهن. جن مان گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۽ پبلڪ
اسڪول ۽ ڪاليجن مان شاهه عبداللطيف ڪاليج ۽ ابن
رشيد ڪاليج پوري ٿرپارڪر ۾ مشهور آهن. ميرپورخاص ۾
هڪ وڏو هوائي اڏو ٺهي رهيو آهي. هتي هڪ وڏو کنڊ جو
ڪارخانو ۽ ڪيترائي ڪپهه جا ڪارخانا آهن. ميرپورخاص
۾ ڪيتريون ئي ادبي تنظيمون آهن. انهن ۾ گل ڦل ادبي
سنگت سڀني کان زياده سرگرم آهي.
ميرپورخاص ۾ هڪ وڏو زرعي تحقيقاتي ادارو ”سنڌ هارٽيڪلچر
انسٽيٽيوٽ“ آهي. جيڪو 1904ع سن ۾ وجود ۾ آيو ۽ 114
ايڪڙن تي مشتمل هڪ ايگريڪلچر جي صورت ۾ آهي. جيڪو
ڪاهو جي دڙي وٽ آهي. ان کان علاوه ميونسپل باغ ۽
گلستان بلديه ۾ عجائب گهر، لائبريري ۽ آرٽ گيلري
آهن. جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان آهن. |