سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

 

قاضي منظر حيات                             ڪهاڻي نمبر- 1

سلسلو 12

نئين سفر جو آغاز

اڄ هو اداس هو. هر شيءِ کيس بي مزي محسوس ٿي رهي هئي. چپ چاپ، ٽٽل وجود ڌڙانب ڪري پلنگ تي ڦٽو ڪيائين. ماحول ۾ گهٽ ۽ هٻس محسوس ٿيس. نه ڪيسٽ پليئر فل آواز ۾ آن ڪيائين. پَکي هلڻ جي باوجود به پگهر ۾ پنهنجي پيشاني پسيائين. کيس پڇتاءَ جي پيڙا هئي. حالتن جي دغا جو درد هو. صحبتن جو عطا ڪيل سورهيو. هرهڪ دوست کي دوست نه پر دشمن سڏي رهيو هو. ان سان گڏ پنهنجو پاڻ کي به برو چئي رهيو هو.

سندس ذهن ۾ اوچتو ئي اوچتو دليپ جو عڪس تري آيو هو. اهو اُن ڪري ٿيو هو جو، هو اڄ پنهنجي سالياني امتحان جي نتيجي ۾ ناپاس ٿيو هو.

پلنگ کي ٽيڪ ڏئي اکيون بند ڪري ماضي جي لمحن کي ذهن جي اسڪرين تي ڏسڻ چاهيو. سندس ماضي ڪيڏو نه پيارو ۽ وڻندڙ هو. کيس هرڪو پيارو گهرندو هو. سندس والدين، استاد، دوست، مٽ مائٽ سڀ کيس عزت ڏيندا هئا ۽ ڀائيندا هئا. سڀني کان وڌيڪ گهاٽي دوستي دليپ سان هيس، جو پڻ پاڙيسري به کيس. صبح جو روز گڏجي اسڪول ويندا هئا. اتان موٽي هرڪو پنهنجي گهرن ڏانهن راهي ٿيندو هو. ماني وغيره کائي آرام ڪرڻ کان پوءِ شام جو پاڙي واري ننڍڙي باغيچي ۾ گڏ ٿيندا هئا. هوم ورڪ ۽ ٻيو ضروري پڙهڻ جو ڪم پورو ڪري وقت بچندو هين ته راند روند ڪندا هئا. اهڙي نموني سندن روز جو معمول هوندو هو. ڪلاس ۾ ٻئي پڙهيا. هميشه کان سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندا آيا. سندس تعريفون اسڪول جي هر هڪ استاد ته ڇا هيڊماستر ۽ ٻين صاحبن تائين پهتل هيون. اهڙي طرح سندن دوستي هڪ ٻئي لاءِ سنگِ ميل ثابت ٿي. ستين درجي ۾ به امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائون.

هينئر هو اٺين ڪلاس ۾ داخل ٿيا هئا. دليپ ڪجهه ڏينهن مائٽن ڏانهن ٻئي شهر کانئس موڪلائي ويو. هڪ ڏينهن ساجد معمول جيان اڪيلو ئي باغ ۾ پڙهڻ ويو. جتي ڏٺائين ته سندس پاڙي جا رول ڇوڪرا تاش کيڏي رهيا آهن. هو پنهنجي منهن پڙهندو رهيو. پر کيس ڇوڪرن اڪيلو ڏسي ساڻن کيڏڻ لاءِ ڀڙڪايو. هن پهريائين سوچيو ته هليو وڃي ۽ ساڻن ئي کيڏي پر دل ئي دل ۾ خيال ڪيائين ته ڇو نه اڄوڪو ڏينهن دل وندرائجي. انهن جي ٽوليءَ ۾ شامل ٿي ويو. کيس مزو تمام گهڻو آيو. پهريون ڏينهن ته جلدي کيڏي واپس گهر وريو. ٻئي ڏينهن تي ڪتاب به گهران ڪونه کڻي آيو. سوچيائين ته دليپ اڃا ٻه- ٽي ڏينهن نه ايندو سو کيڏي وٺان. اڄ به هنن سان ئي کيڏڻ لڳو، پر شرط ۾ به شامل ٿين. پئسا کٽندو ويو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. هينئر سندس معمول بنجي ويس. پئسا نه هوندا هيس ته ماءُ کان زوريءَ کسيندو هو. سندس دنيا ۾ تبديلي اچي وئي. هر وقت ڪتاب هئڻ جي جاءِ تي تاش جا پتا هوندا هيس. اسڪول کان به گسائڻ لڳو.

ڪجهه ڏينهن بعد دليپ به واپس آيو. جڏهن هو اسڪول پهتو ته ڏٺائين ساجد جي سيٽ خالي پئي آهي ۽ کيس خبر پئي ته هو هينئر گسائڻ لڳو آهي. موڪل ۾ سڌو ئي ساجد جي گهر ويو. ساجد جي ماءُ دليپ کي روئي سندس پٽ جون شڪايتون ڪرڻ لڳي. دليپ ساجد کي ڳوليندو باغ ۾ پهتو، جتي هو راند ۾ مشغول هو. دليپ کيس پيار سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيس ته اهي خراب ڳالهيون ڇڏي ڏي پر ساجد ڪا ڳالهه ٻڌڻ جي بجاءِ ڏاڍيان چئي ڇڏيس ته ”مان پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن جو دخل پسند نه ڪندو آهيان. مان جهڙو به آهيان، ٺيڪ آهيان. توکي ڪجهه چوڻ جو ڪو به حق نه آهي.“

دليپ ناڪام ٿي موٽيو. سندن راهه ۾ رڪاوٽ نه بنيو، پر کيس تمام گهڻو ڏک رسيو. ڇو جو هن ته ڪڏهن ڄاتو به نه هو ته سندس دلي دوست انهن راهن جو راهي ٿيندو ۽ هن سان ائين پيش ايندو.

ساجد پنهنجي ماضي جا ورق ورائي رهيو هو ۽ ان جي مطالع ۾ مشغول هو جو سندس گهر جي دروازي جي رِنگ وڳي. نه چاهيندي به در تي ويو. سندس پراڻو دوست دليپ بيٺو هو. ان کي ڏسي ساجد جڏهن اکيون مٿي کنيون نه ٿيون. هيٺ ڪنڌ ڪندي ڏانهن وڌيو. دليپ چوڻ لڳس ته ”دوست! مون کي اڄ خبر پئي ته امتحان ۾ ناپاس ٿيو آهين. بس مان ٻيو ڪجهه وڌيڪ نه چوندم، ڇو جو تون پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن جو به دخل پسند نه ڪندو آهين. بس ايترو چوندم ته ڏس خراب سنگت جا اثر ۽ نتيجا؟! جيڪڏهن تون مون سان اڳي جيان دوست رهين ها ته ڪاش! هي گهڙيون نه پسين ها. اچ موٽي آ انهن راهن تان. نئين منزل ڏانهن وک وڌاءِ. مان تو سان گڏ آهيان، تنهنجي هر مدد ڪندم؛ پوءِ ڏس ته دنيا جون هر سهوليتون ۽ سهنج تنهنجي قدمن ۾ هوندا.

تنهن کان پوءِ ساجد وري نئين سفر جو آغاز ڪيو. پنهنجي اصلي دنيا ۾ واپس آيو. محنت ۽ جدوجهد سان اڳتي وڌندو رهيو. اڳتي ...... ۽ اڳتي.....!!!

 

تعليم

مرد کي تعليم ڏيڻ سان هڪ فرد چڱو ٿئي ٿو، پر عورت جي تعليم حاصل ڪرڻ سان سڄو گهر خوشحال ٿئي ٿو.

 

نجمه بيگم پٺاڻ                              ڪهاڻي نمبر- 2

سلسلو 12

ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي

 

ڪاشف ۽ نظير ٻئي هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا ٻئي هڪ ٻئي کان هوشيار هوندا هئا ائين سال بسال سٺن سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندا هئا. هاڻ به ٻنهي جا امتحان ٿيا ته نظير ۽ ڪاشف ئي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيا.

اوچتو نظير جي ڪن خراب ڇوڪرن سان سنگت ٿي وئي جيڪي پڙهڻ ۾ به صفا ٻڙي هئا.

ڪاشف نظير کي ڪيترو ئي سمجهائيندو هو ته خراب ڇوڪرن سان تون سنگت نه رک توکي اهي وڏي نقصان ۾ رسائيندا ليڪن نظير ڪاشف جي نصيحتن تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندو هو ۽ رولاڪ ڇوڪرن جي چوڻ تي ڪڏهن پارڪ گهمڻ ويندو هو ۽ ڪاشف کي ٽوڪيندو هو ته زندگي ته رڳو کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت ڪرڻ لاءِ آهي نه ڪه پڙهڻ لاءِ خبر اٿئي ته گهڻي پڙهڻ سان ماڻهو انڌا ٿي پوندا آهن توکي ته پڙهڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي تون ته ڪلاس ۾ به هوشيار آهين.

ڪاشف نظير جي ڳالهين تي ڪوبه ڌيان يا بحث نه ڪندو هو. ۽ پنهنجي پڙهڻ ۾ سدائين مشغول هوندو هو. نظير کي ڪلاس ۾ ڪوبه لطف نه ايندو هو ان ڪري پيرڊن جا پيرڊ ڪلاس مان گسائي اچي پنهنجي سنگتين سان ڳالهيون ڪندو هو. زندگي جو ڦيٿو به ڦرندو رهيو هاڻي هنن جي سالياني امتحان ۾ باقي هڪ مهينو وڃي بچيو هو جن ڇوڪرن اڳ محنت ڪئي هئي سي ته اڃا به وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳا وري نظير کان جو ڪو استاد پڇندو هو ته وڏي فخر مان چوندو هو ته مان هن سال ته سڀني ڇوڪرن ۽ ڪاشف کان به نمبر کڻي ڏيکاريندس هاڻي امتحان ۾ فقط هڪ هفتو اچي بچيو هو سڀڪو پنهنجي خوشي ۾ هفتي گذرڻ جا انتظار ڪري رهيو هو نيٺ امتحان جو اهو به ڏينهن آيو جو سڀڪو پنهنجي اسڪول ۾ ڪٺو ٿيو پٽيوالي بيل هنيو سمورا ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي سيٽ نمبر تي ويهي رهيا ايتري ۾ استاد جوابي ڪاپيون کڻي آيا سڄي ڪلاس ۾ خاموشي ڇانئجي وئي.

استاد اعلان ڪيو ته جنهن به شاگرد وٽ ڪتاب يا ڪو لکيل پنو هجي ته ٻاهر ڪڍي ڇڏي انهيءَ اعلان ٻڌڻ سان ته نظير ۽ ان جي سنگتين مٿان ڄڻ ته جبل ڪري پيو مجبور ٿي پنهنجن کيسن ۽ ورن مان ڪاپيون ۽ ڪارتوس ڪڍڻا پين پوءِ سڀني شاگردن ۾ سوالي پيپر ورهايا ويا.

جن ڇوڪرن سڄو سال محنت ڪئي تن جا منهن گلاب جي گل وانگر ٽڙي رهيا هئا.

انهن کي سمورو پرچو ڄڻ آسان لڳي رهيو هو.

ان جي ابتڙ نظير ۽ سندس ساٿين سڄي سال ۾ ڪتاب کي اٿلائي به ڪو نه ڏٺو هين تن جي منهن تي ڄڻ خشڪيون چڙهي ويون.

پيپر جو ٽائيم ختم ٿي ويو نظير بي دلي ٿي استاد کي پرچو ڏنو نظير ٻاهر نڪتو ته ڪاشف پيپر بابت پڇيس ته نظير پرچو ڪيئن ٿيو.

نظير کلندي چيو ته ها ادا بهترين پرچو ٿيو آهي ۽ آءٌ توکي به مارڪن ۾ ماري ويندس.

آخر امتحان جا سمورا پرچا گذري ويا نتيجو نڪتو ته ڪاشف سڄي اسڪول ۾ فرسٽ نمبر آيو.

نظير ۽ ان جا ساٿي فيل ٿيا ڪاشف نظير کي وري به ڪيئي سمجهاڻيون ۽ مثال ڏنا ته پڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه اٿئي.

اڃا به ٽائيم اٿئي نه ته اڳتي هلي پڇتائيندين.

نظير کي اهي الفاظ ڄڻ چڀي ويا پوءِ چيائين ته دوست تون سڀڪجهه سچ چئي رهيو آهين.

مون وڏي غلطي ڪئي آهي آئينده لاءِ مان واعدو ٿو ڪريان ته علم کي مان دل سان پڙهندس.

ان ڏينهن کان وٺي نظير ڪاشف جو ٻيهر گهرو دوست ٿي ويو ۽ ڪاشف جي صحبت ۾ رهڻ لڳو.

 

حديث

حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو. خوف الاهي ۾ ڳوڙها جتي به ڪرن ان جڳهه تي دوزخ جي باهه حرام آهي.

مؤمنو دوزخ جي عذاب کان ڊڄو، دوزخ ۾ ازدهائون (بلائون) آهن جيڪي جيڪر زمين ۾ ڦوڪ ڏئين ته سلو به ڪين اڀري.

صبغت الله ڀٽو ميهڙ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com