سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

 

 

محبوب علي جوکيو                                   (ترجمو)

جن جي آزادي

آل- پئرس آمريڪا ۾ رهندو هو. جيڪڏهين هو ڪنهن ٻئي شهر جو رهندڙ هجي ها، ته پوءِ شايد هي واقعو نه ٿئي ها، پر هو پئرس جو رهندڙ هو. هڪ ڏينهن آل جو پاليل ڪتو، جست جي پيالي جهڙي شيءِ وات ۾ کنيو آيو.

آل پڪاريس، ”سنوپر، تو اها شيءِ ڪٿان هٿ ڪئي آهي.“ اها ته اله دين جي جادو جو چراغ پيو معلوم ٿئي، جنهن جو ذڪر الف ليليٰ جي قصي ۾ آيل آهي.“

آل، اهو چراغ ڪتي کان ورتو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي، ان تان مٽي لاهي صاف ڪرڻ لڳو. اوچتو ڪمرو دونهي سان ڀرجي ويو ۽ هن جي مٿان هڪ وڏي صورت نمودار ٿي.

آل هن کي چيو، ”مون کي خبر آهي ته تون ڪير آهين. تون هڪ جن آهين. مون توکي ٽي-وي تي ڪارٽونن ۾ ڏٺو آهي. تون ڪنهن صابڻ جي مشهوري ڪري رهيو هئين.“

”مون ته ڪنهن به شيءِ جي مشهوري ڪا نه ڪئي آهي.“ جن وراڻيو.

آءٌ تنهنجو شڪر گذار آهيان، جو تو مون کي انهيءَ جانور کان پري ڪري ورتو. آئون چراغ جو جن آهيان. تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي.“

”هڪ منٽ ترس.“ آل نرميءَ سان چيس، ”آءٌ تنهنجي احساسن کي زخمي ڪرڻ ڪو نه ٿو چاهيان، پر مون کي خطرو آهي ته تون منهنجي ماءُ کي نه ڊيڄارين.“

پوءِ آل ڪمري جو دروازو بند ڪيو ۽ درن ۽ درين جا پردا لاهي ڇڏيا.

”هاڻ مون کي حال احوال ڏي. آل چيو، ”تون هت ڪيئن اچي نازل ٿئين؟ توکي ته عربستان ۾ يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ کپندو هو.“

”هي پئرس جو شهر آهي نه؟“ جن پڇيو.

”هائو، هي پئرس، آمريڪا، جو شهر آهي.“

آل چيو.

”ٺيڪ آهي.“

”جن جواب ڏنو،“ مون کي اڳوڻي مالڪ چيو هو ته هن چراغ سميت مون سان پئرس ۾ ملاقات ڪج. پر هت ته پئرس جي نالي سان ڪيترائي شهر آهن. هن مون کي اهو ته ڪو نه ٻڌايو ته ڪهڙي پئرس. سو مون وري هيءَ آمريڪا واري پئرس پسند ڪئي.“

آل پڇيس، ”ڇو؟ تو هيءَ آمريڪا واري پئرس ڇو پسند ڪئي؟“

”ڇاڪاڻ ته مون ڪجهه وقت آرام ڪرڻ چاهيو.“ جن ٻڌايو، ”مون کي اها ته خبر ڪانه هئي ته تنهنجو ڪتو مون کي هت آڻيندو. هاڻ ته تو وٽ هي چراغ آهي، تنهنڪري آءٌ تنهنجو هر هڪ حڪم مڃيندس.“

”ٺيڪ آهي.“

”آل چيو،“ ڏسون ته تون منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪرين.“

هن پنهنجي ڪمري ۾ نگاهه ڊوڙائي ۽ ڏٺائين ته ڌاڳا، تارون ۽ ڪاغذ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، ”هي سمورو گند ڪمري مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر.“ جن کي چيائين.

هن هن ڏانهن افسوس مان نهاريو. ”توهان جو مطلب آهي ته آءٌ اهڙو خسيس ڪم ڪريان؟ ڇا، توهان کي ڪا سوني محلات، هاٿين جو ڌڻ يا اهڙي قسم جي ٻي ڪا قيمتي شي ڪا نه کپي.“

”انهيءَ ڳالهه کي پوءِ ڏٺو ويندو“ آل جواب ڏنو.

”هن وقت، آءٌ اهو ٿو چاهيان ته هي سڀ شيون منهنجي ڪمري مان نڪري وڃن- سڀ شيون.“

”آءٌ ٻڌان ٿو ۽ تعميل ڪيان ٿو.“

جن چيو.

هن تاڙي وڄائي ۽ هڪ پل ۾، سڄو ڪمرو خالي ٿي ويو- فرنيچر کان به. سڀ ڪجهه کڄي ويو. پلنگ ۽ بسترو به.

”ابول!“ آل چيو، ”منهنجو مطلب اهو ته ڪونه هو. مهرباني ڪري سڀ شيون واپس آڻ ۽ انهيءَ جاءِ تي، جتي هيون.“ هڪ پل ۾، وري سڀ ڪجهه واپس اچي ويو ۽ پنهنجي جاءِ تي رکجي ويو. پر هن وقت ته ڪمرو اڃا به وڌيڪ ميرو ٿي لڳو.

”اهو سٺو ڪو نه ٿيو.“

آل چيو، ”آءٌ توکي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ آزمائيندس. هن وقت آءٌ ۽ منهنجو ڪتو بکايل آهيون. اسان جي لاءِ گوشت جون ٻه گرم رانون اچي وڃن.“

”آئون ٻڌان ٿو ۽ تعميل ڪريان ٿو.“

جن وراڻيو، هن تاڙي وڄائي ۽ ايتري ۾ ٻه ڪتي جون رانون، گرم گرم پهچي ويون. اهي ايترو ته گرم هيون، جو ان کي ٺارڻو پيو.

”مهرباني ڪري، هي کڻي وڃ، اسان جي ڪم جون نه آهن.“

اوچتو، اهي رانون گم ٿي ويون ۽ ايتري ۾ جن به غائب ٿي ويو.

آل پنهنجي بستري ۾ وڃي ستو ۽ سوچڻ ته اهڙي جن کان ڪهڙو ڪم وٺان، جيڪو ڪنهن حلال جانورن جي بدران حرام جانورن جون رانون آڻي ٿو ڏي!“

اوچتو هن پنهنجي ڪمري جي دريءَ هيٺان، خوفناڪ رڙيون ٻڌيون، هن هڪدم بستري مان اٿي ٽپ ڏنو ۽ ٻاهر ڏسڻ لڳو. ڪهڙو نه عجيب نظارو هو! ٻار سندس گهر ڏانهن ڊڪي رهيا هئا ۽ سندس گهر جي ڀرسان هڪ باهه وسائڻ واري مشين بيٺي هئي. ”ڇا، اسان جي گهر کي باهه لڳي آهي ڇا؟“ آل اهو سوچيندي، در وٽ اچي پهتو. ڏٺائين ته سندس ماءُ، باهه وسائڻ وارن جي هڪ ماڻهو سان سندس در تي بيٺي آهي.

”خدا جو شڪر؛ جو تون صحيح سلامت آهين.“ ماءُ چيو، ”پاڙي وارن هنن باهه وسائڻ وارن کي گهرائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ ته هنن تنهنجي ڪمري مان دونهون نڪرندي ڏٺو.“

”اوهو!“ آل سک جو ساهه کنيو، ”انهيءَ دونهين جي پرواهه نه ڪريو. اهو ته منهنجي جادوءَ واري چراغ جو دونهون هو.“

”جادو وارو چراغ!“ باهه وسائڻ واري جي وات مان اوچتو دانهن نڪري وئي. ”مون کي ته اهو ڏيکار، ڏسون ته اهو وڌيڪ خطرناڪ ته نه آهي.“

”اجهو هي آهي.“ آل چيو، ”پر هن کي مهٽيو نه. متان جن اچي پهچي ۽ منهنجي ماءُ ڊڄي وڃي.“

هن چراغ کي ڪو نه مهٽيو. هن لاءِ ته اهو هڪ جست جو پيالو هو. هن کي رڳو اهو ڏسڻو هو ته انهيءَ مان باهه پيدا ٿيڻ جا امڪان ڪو نه آهن. پوءِ هن اهو چراغ واپس ڪيو. انهيءَ وچ ۾، آل جي ماءُ ڏاڍو پريشان ٿي رهي هئي.

ماءٌ چيس، ”مهرباني ڪري انهيءَ جادوءَ جي چراغ کان ڪوبه ڪم نه وٺ آل پوءِ ماڻس باهه وسائڻ واري عملي جي ماڻهن کي ٻاهر وٺي وئي ۽ انهن کان معذرت گهريائين. پوءِ آل ڏٺو ته باهه وسائڻ واري مشين به هلي وئي ۽ ڇوڪرا به ٽڙي پکڙي ويا، وڌيڪ لاءِ، آل به پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ موزون ڪونه سمجهيو. هن کي ڪٿي ڪرڪيٽ راند ڪرڻ جو پروگرام ڏنل هو. هن سوچيو ته هاڻ انهي راند ۾ جن کان ڪا مدد حاصل ڪجي، پوءِ، آل وري دريون بند ڪيون ته جيئن ٿورو دونهون به ٻاهر وڃي نه سگهي. ائين ڪري جن کي گهرايائين.

”توکي خبر آهي ته بيٽ ڇا ٿيندي آهي.“ آل پچيس.

”هائو، آقا. مون کي خبر آهي.“ جن وراڻيو.

”تون جادوءَ جي بيٽ ٺاهي سگهين ٿو؟“ آل پڇيو.

”هائو، آءٌ ٺاهي سگهان ٿو.، جن چيو، ”جادوءَ ۾ ماهر آهيان.“

”ڏاڍو چڱو.“ آل چيو. هاڻي چراغ ۾ اندر ترس. پوءِ جڏهن آءٌ توکي اشارو ڏيان ۽ چوان ته هاڻي، ته ان وقت مون کي اها جادوءَ جي بئٽ ڏج.“

”آءٌ ٻڌان ٿو ۽ تعميل ڪريان ٿو.“ جن چيو پوءِ آل، اهو چراغ هڪ ڳوٿري ۾ وڌو ۽ اها گوٿري راند واري ميدان تي کڻي ويو.

ڪجهه وقت لاءِ ته آل کي اهڙيءَ بئٽ جي ضرورت ڪانه پئي. پوءِ اوچتو اهڙو موقعو پيدا ٿي پيو. آل هاڻي پڪاريو. اوچتو، چوطرف رانديگرن ۾ رڙيون پئجي ويون. ڇا ڏسي ته چوطرف ميدان تي هڪ چمڙو ڇانيو پيو آهي ۽ اهو ايڏو وڏو آهي، جيڏو هڪ تمام وڏو تنبو. (ياد رهي ته انگريزيءَ ۾ بئٽ، چمڙي کي به چوندا آهن.) بس، سڄي ميدان تي ڇانوَ ٿي وئي. آل جي پاليل ڪتي، چمڙي کي پنهنجي مٿي ڏسي، ان کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رانديگر ته هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي، ميدان خالي ڪري ويا. ڪي ڪاڏي ويا ته ڪي ڪاڏي.

جلدي، آل جن کي وري گهرايو. ”اهو چمڙو (بئٽ) واپس ڪري ڇڏ.“ آل ڪاوڙ ۾ چيس، ڇا، توکي راند واريءَ بئٽ ۽ هن بئٽ (چمڙي) ۾ ڪو به فرق نظر نٿو اچي؟

آءٌ سمجهان ٿو ته تون اهي غلطيون ڄاڻي ٻجهي ٿو ڪرين.“

جن مشڪيو. ”آءٌ صرف ٻڌان ٿو ۽ تعميل ڪريان ٿو.“

هن چيو.

چمڙو ته غائب ٿي ويو ۽ جن واپس انهيءَ چراغ ۾ سمائجي ويو. پوءِ آهستي آهستي، وري ڇوڪرا به گڏ ٿيا، پر هو اڃا به انهيءَ چراغ ڏانهن حيرت ۽ خوف ۾ نهاري رهيا هئا. ايتري ۾ ڪنهن وڻ تان ڪنهن رانديگر دانهن ڪئي. سڀني اوڏانهن نهاريون ۽ ڏٺائون ته همراهه جي پينٽ، وڻ جي ڪنڊن ۾ وچڙي پئي آهي، پوءِ آل پنهنجي جن کي گهرايو ۽ حڪم ڪيو ته ”انهيءَ همراهه کي هت، هيٺ پهچاءِ.“

جن چيو، ”آءٌ ٻڌان ٿو ۽ تعميل ڪريان ٿو.“

جن تاڙي وڄائي ۽ اهو همراهه هيٺ، آل جي ڀرسان اچي پهتو. پر کل جهڙي ڳالهه اها هئي، جو همراهه کي پئنٽ هئي ڪا نه اها ته مٿي وڻ ۾ اڃا به ڦاٿل هئي.

”او، تو هي ڇا ڪيو؟

همراهه پينٽ ته پائي ها.“

گهڙيءَ ۾ ڏٺائون ته انهيءَ همراهه جي پينٽ جن کي پهريل هئي. اها پينٽ جن کي اهڙي ته بڇڙي لڳي رهي هئي، جو سڀ اچي کل ۾ ڇٽڪيا.

”اها پينٽ، انهيءَ همراهه کي پاراءِ.“

آل چيو. پوءِ مس ڏٺائين ته اهو همراهه پينٽ ۾ ملبوس هو.

پوءِ، آل جن کي حڪم ڪيو ته ”هرهڪ جي اڳيان ڏهن ڊالرن جي نوٽن جي ڍڳي پيدا ڪر، پر خبردار، ڪو به نوٽ جعلي نه هجي.“

”آءٌ ٻڌان ٿو ۽ تعميل ڪريان ٿو.“

جن تاڙي وڄائي ۽ هرهڪ جي اڳيان نوٽن جون ڍڳيون پيدا ٿي پيون. رانديگرن جون اکيون ڦاٽي ويون ڪنهن کي به پنهنجي اکين تي اعتبار ڪونه پئي آيو. پوءِ ته اهي اچي نوٽن تي ڪريا ۽ انهن کي ڳڻڻ ۽ سهيڙڻ شروع ڪيائون.

ڪافي وقت تائين، نوٽن جو آواز ٿيندو رهيو.

اوچتو، پوليس وارن جي دانهن سان فضا گونججي وئي، خوف ۾، رانديگر ته هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي ويا ٻه پوليس وارا ظاهر ٿيا، جن مان هڪڙو چئي رهيو هو، ”هائو، مون به اهو ٻڌو آهي“.

شهر جي سڀني بئنڪن مان ڪو ڏهن ڊالرن جا نوٽ چورائي ويو آهي. جيڪو به اهي نوٽ هلائڻ جي ڪوشش ڪندو، تنهن کي جيل ڀوڳڻو پوندو.“

اهو ٻڌي، ڇوڪرا هڪٻئي جو منهن تڪڻ لڳا. پوءِ انهن سڀني، اهي نوٽ آل جي اڳيان اچي اڇلايا.

هن ڇوڪري چيو، ”تون ڄاڻ تنهنجو جن ڄاڻي. پهريان ته تو انهيءَ جن جي مدد سان راند کٽڻ چاهي هاڻي وري تنهنجو جن اسان کي چورايل ناڻو ٿو ڏئي. توهان ٻئي ٺڳ آهيو.“

”مون کي اها ته خبر ڪانه هئي ته اهو ناڻو ڪو چوريءَ جو آهي.“ آل چيو.

”باقي جادوءَ واري بئٽ ته هڪ مذاق هئي، پر ڇوڪرا ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.

آل پنهنجي جن کي حڪم ڪيو ته ”اهو ناڻو بئنڪن ۾ واپس ڪر.“

آل چاهيو ته هاڻ گهر هليو وڃان ۽ هي جادوءَ جو چراغ ٻوٽن جي پٺيان اڇلي ڇڏيان.“

پر پوءِ هن سوچيو ته ٿي سگهي ٿو ته اهو چراغ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچي ۽ اهو تڪليف ۾ اچي وڃي. سو وري به اهو چراغ ڳوٿريءَ ۾ وڌائين ۽ گهر ڏانهن رخ رکيائين.

پوءِ، سمورو وقت، آل ايترو ته پريشان رهيو، جو هن جن سان ڪا به گفتگو ڪانه ڪئي. جڏهن کٽ تي اچي ليٽيو، تڏهن سوچيائين ته هاڻي جن کي ڪو سولو ڪم ٻڌايان هن چراغ کي مهٽيو ۽ جن کي چيو، ”روشني وساءِ.“

پوءِ ته بجلي بند ٿي وئي. آل پاسو ورائي سمهي رهيو، کيس اوچتو هڪ خيال آيو، هنڌ مان اٿي، ٻاهر نظر ڪيائين ته مار! سڄي شهر جي بجلي بند ٿي وئي آهي. وري جن کي حڪم ڪيائين ”بجلي واپس اچي.“ ائين ٿيو.

اتي آل سوچيو ته سڀاڻي هن جن کان جند آزاد ڪرائجي.

هو سڄي رات بستري تي پاسا ورائيندو رهيو. صبح جو آل اٿيو ته هن کي ياد آيو ته هن اسڪول جو ڪم، جيڪو کيس گهر ۾ ڪرڻ لاءِ مليو هو، سو هن ڪيو ئي ڪونهي هن کي اسڪول ۾ اهو مضمون ڏيکارڻو هو ته، آمريڪا جي کوجنا ڪيئن ٿي، هاڻ هن لاءِ بس اهو ئي هڪ رستو هو ته انهيءَ لاءِ هو جن کان مدد وٺي.

آل چراغ کي مهٽو ڏنو ۽ جن اچي حاضر ٿيو.

”توکي ڪولمبس بابت ۽ آمريڪا جي کوجنا بابت خبر آهي.“

آل پڇيس.

”هائو، مون کي خبر آهي.“

جن وراڻيو.

”ٺيڪ آهي.“

آل چيو، ”مون کي ٻه يا ٽي صفحا ان بابت لکي ڏي ۽ اهي پنا منهنجي ڊيسڪ جي هيٺان اسڪول ۾ رکي ڇڏج. پر خيال رکجان، جيڪو لکين سو سچ هجي.

آءٌ چاهيان ٿو ته هن دفعي، انهيءَ مضمون ۾ ڪا به غلطي نه هجي.“

”آءٌ ٻڌان ٿو ۽ تعميل ڪريان ٿو.“ جن چيو

پوءِ آل اسڪول ڏانهن روانو ٿيو ۽ ڊڪندو ڊڪندو، ان وقت ڪلاس ۾ داخل ٿيو جڏهين ڪلاس مانيٽر ڇوڪرن وٽان نوٽ بوڪ گڏ ڪري رهيو هو.

آل کان دانهن نڪري وئي.

هن به پنهنجي ڊيسڪ مان نوٽ بوڪ ڪڍي مانيٽر جي حوالي ڪيو. هن کي ايترو به وقت ڪونه مليو، جو انهيءَ مضمون کي نظر مان ڪڍي بس، دل ۾ سوچيائين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هوندو.

ٿوري وقت کان پوءِ، استاد هن جو بوڪ ڏسي، غصي ۾ لعل ٿي ويو ۽ آل کي مخاطب ٿي چيائين، ”آل، مون کي تو ۾ اها اميد ڪا نه هئي ته تون هت ڪلاس ۾ اهڙي مذاق ڪندين.

آءٌ تنهنجو بوڪ پرنسيپال ڏانهن ٿو موڪليان ۽ مون کي يقين آهي ته صاحب توکي گهرائي باز پرس ڪندو.“

آل عجب ۾ پئجي ويو ته آخر جن اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪئي آهي. بس پوءِ ته هو سمورو وقت ڏاڍو پريشان ۽ منجهيل رهيو. ان وقت سندس دل ٻڏڻ لڳي، جڏهن پرنسيپال جو ماڻهو کيس سڏڻ آيو.

پرنسيپال هن جو بوڪ ڏسي رهيو هو ته آل به اندر داخل ٿيو.

آل ڊڄندي پڇيو، ”سائين، ڇا مون پنهنجو گهرو ڪم غلط ڪيو آهي.“

”ٺيڪ آهي.“

پرنسيپال چيو، ”نه مون کي ئي پتو پوي ٿو ته تو ڪم صحيح ڪيو آهي يا غلط ۽ نه وري اسڪول جي ٻئي ڪنهن به استاد کي.“

آل، تون اهو ته ٻڌاءِ ته ڪهڙي سبب جي ڪري تو هي مضمون عربي ۾ لکيو آهي؟“

”عربيءَ ۾!“

آل جون وايون بتال ٿي ويون، ”مون برابر جن کي صاف طور تي ڪو نه چيو هو ته اهو مضمون انگريزيءَ ۾ لکج.“

هن پنهنجي دل ۾ چيو.

پوءِ، آل کي سموري حقيقت ٻڌائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪونه هو.

هن سموري جن واري حقيقت پرنسيپال کي ٻڌائي ڇڏي.

پرنسيپال هن جي سموري ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ چيائين.

”آل، تو ڏٺو ته انهيءَ جن سمورين بئنڪن مان ڊالرن جا نوٽ چورايا ۽ پوءِ وري واپس رکيا.

تو پنهنجي دوست رانديگرن کي ناراض ڪيو ۽ پريشان ڪيو. هاڻ تنهنجي لاءِ بهتر آهي ته اهو چراغ واپس ڦٽو ڪر ۽ تون انگريزيءَ ۾ منهنجو مضمون لکي اچ.“

”هائو، سائين.“

آل چيو، ”انهيءَ جن مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي.“

هن جي ڪري ئي منهنجا همدرد دوست مون کان ناراض ٿي ويا آهن. هن سال آءٌ جلد پنهنجي جان آزاد ڪرائيندس.“

آل، جيئن اسڪول کان موٽي گهر آيو، ته پهريون ڪم اهو ڪيائين جو ڪمري ۾ وڃي، در ۽ دروازو بند ڪري، جن کي گهرايائين.

جن پڇيو، ”مالڪ ڇا حڪم آهي؟“

”آءٌ چاهيان ٿو ته ”آل وراڻيو،“ ۽ ڌيان سان ٻڌ. هاڻ جيڪڏهن منهنجي حڪم جي تعميل ۾ ڪابه غلطي ڪيئي، ته پوءِ توکي اهم حڪم ڏيندس ته ننڍڙي چانهه واري چمچي سان، سمورا سمنڊ خالي ڪري ڏي.“

”آقا، آءٌ ڌيان سان اوهان جو حڪم ٻڌي رهيو آهيان.

اوهان جي ڪهڙي خواهش آهي.“

”پنهنجو چراغ کڻ“ آل چيو، ”پئرس (فرانس واري) ڏانهن هليو وڃ، ۽ وري ڪنهن به حالت ۾ ۽ ڪنهن به وقت هت واپس نه اچ.“ جن کي انهي حڪم تي البته غصو آيو، پر هن کي حڪم جي تعميل ڪرڻي هئي.

ٿورو دونهون پيدا ٿيو ۽ هو هليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com