ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ:
اسان کي اهو لکندي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي ته ٻار گل ڦل ۾ ”اچو ته
ڪهاڻي لکون“ سلسلي ۾ دلچسپي وٺي لکي رهيا آهن، هن
ئي پرچي ۾ 89 ٻارن حصو ورتو آهي.
اچو ته ڪهاڻي لکون سلسلي شروع ڪرڻ جو مقصد به اهو هو ته ٻارن ۾
تخليقي ذهن پيدا ڪيو وڃي، جيئن اڳتي هلي اهي سٺا
ڪهاڻيڪار ٿي سگهن. اسان اوهان کي اها گذارش ضرور
ڪنداسين ته جن ٻارن جون ڪهاڻيون نمبرن ۾ نه ٿيون
اچن، انهن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، پر وڌ مان وڌ
ڪهاڻي لکڻ ۾ حصو وٺڻ گهرجي، ڇو ته ان لکڻ سان
اوهان ۾ تخليقي صلاحيتون پيدا ٿينديون ۽ اڳتي هلي
اوهان سٺا ڪهاڻيڪار ٿيندا.
ٻارن جو عالمي ڏينهن 4- آڪٽوبر 1983ع تي گڏيل قومن جي اداري
طرفان ملهايو ويو، اسان ان ڏينهن تي عالمي دنيا کي
اپيل ٿا ڪريون ته انهن معصوم گلڙن جهڙن ٻارن لاءِ
ڪجهه ڪيو وڃي، جيڪي ننڍي هوندي اسڪول وڃڻ بدران
پورهيو ڪن ٿا اِن لاءِ اهڙا ادارا ٺاهيا وڃن، جيڪي
غريب ٻارن جي تعليم ۽ رهائش جو انتظام مفت ۾ ڪن.
جيئن غريب ٻار به تعليم حاصل ڪري سگهن.
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي.
انور هالائي
لطيفي لات
’ڀڳو‘ آئون نه چوان، ’ماريو‘ ته وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سوُنهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هُونِسِ پُٺِ ۾.
(شاهه)
هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ سُر ڪيڏارو ۾ داستان
چوٿين جو نائون بيت آهي.
سمجهاڻي:
هڪ سؤ ورهيه مڙس جي زال ٿي چوي ته آءٌ پنهنجي ڀتار کي جنگ جي
ميدان مان ڀڳل نه چونديس، پر آئون ان اعتبار تي
جيئڻ ٿي چاهيان ته هو جنگ ۾ مارجي ويو. جي پنهنجي
گهوٽ جي منهن ۾ ڌڪ لڳل هوندا ته انهن کي هيڊ
لائيندي پيئي مرڪندس ۽ ملڪ ۾ به مانائتي ٿينديس.
پر جي پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳل هوندس ته سندس بزدليءَ باعث
لڄ ۾ مري وينديس. جنهن ملڪ جون عورتون به ايڏيون
غيرت مند هونديون ته ان ملڪ جي سونهن سوڀيا ضرور
شانائتي ٿيندي.
معنيٰ:
ڪانڌ=
مڙس. ڌڪڙا=سنها،
سنها گهاؤ. سيڪيندي= علاج ڪندي.
نصير مرزا
ٽئبلو گيت
هڪ ٻار: هي سمنڊ ڪنارو ٻارو،
هي ڪوڏ سپون لهرون،
هي منظرَ شهر نگر،
هي ڦولَ ڪتاب ڪليون،
ڪنهن جا آهن ڪنهن جا؟
کوڙ ٻار: پنهنجا آهن پنهنجا.
هڪ ٻار: هُو چنڊ ڪتيون تارا،
هي کيت- ٻنيون ٻارا،
چُپ چاپَ چون پيا يارو،
ڪَن لائي ٻُڌو سو سارو.
کوڙ ٻار: ڇا چون پيا چنڊ تارا،
هي کيت ٻنيون ٻارا.
هڪ ٻار: هن ديس جي خوابن ۾،
خالي سکڻن خاڪن ۾،
ڪجهه رنگ ڀريو ٻارو،
اُوندهه جتي آهي.
ٿي ديپ ٻَرو ٻارو.
هڪ ٻار: هُو چنڊُ پُڇي ٿو توکان،
هي ڦول، پڇي ٿو مون کان،
هي ديس آهي ڪنهن جو.
کوڙ ٻار: هي ديس آهي پنهنجو،
هي ديس آهي پنهنجو!
غلام ڪبريا قمر
ننڍڙا ٻار
ابي امڙ جي اکين جو ٺار،
اسين آهيون ننڍڙا ٻار.
پيار اسان کي ڏاڍو ڪن ٿا،
چيزون خرچيون خوب ڏين ٿا،
وڏڙا ٿيو جهٽ ائين چون ٿا،
ڪا نه پوي ٿي ڪنهن تي مار.
پاڻ ۾ پيار ۽ محبت ٿئون،
وڏڙن لئه نت عزت ٿئون،
حاصل سڀ جي شفقت ٿئون،
ڪونه ڄاڻيون ڪا گذد ۽ گار.
ڪم اسان جو پڙهڻ لکڻ آ،
دنيا جو ڪم ڪار سکڻ آ،
وري انهيءَ کي منهن ڏيڻ آ،
سگهه ڏيندو سا سائين ستار.
غلام محمد غازي عبدو
ٻاراڻو گيت
ٻارن جون ٻاجهاريون ٻوليون، ڏيندا آهن ڄڻ هو لوليون.
دل کي وڻندا آهن ڏاڍو، ٺاهي نڪرن جڏهن ٽوليون.
لڪ لڪوٽيءَ راند ڪيون ٿا، هڪڙي کي سڀ پيا ٿا ڳولهيون.
بند پئي آ کاڻ خوشيءَ جي، گڏجي سڏجي ان کي کوليون.
ڳاڙها پيلا گل ٿا ڦڙڪن، ڀرجي وينديون پنهنجون جهوليون.
غازي آهن گهٽ ته نه آهن، چاهت جون ٿا پائن ڇوليون.
علي نواز صابر نظاماڻي
کير
ٻارو کير اَٿوَ اَڪسير،
پيارا پيئندا مانجهي مير.
(1)
کير اُٺيءَ جو آهي پيارو، پيئي سائي ٻرهل وارو،
چاق ٿئي سو وه وه وير.
ٻارو کير اَٿوَ اَڪسير، پيارا پيئندا مانجهي مير...
(2)
مينهن جي کير ۾ طاقت آهي، چُستي، هّمت، جُرئت آهي،
کيرن جو سو آهي پير.
ٻارو کير اَٿوَ اَڪسير، پيارا پيئندا مانجهي مير...
(3)
کير ڍڳيءَ جو لذت وارو، جنهن مان گيهه ٺهي ٿو پيارو،
ماکي مکڻ کائن مير.
ٻارو کير اَٿوَ اَڪسير، پيارا پيئندا مانجهي مير...
(4)
ٻڪري جو کير هلڪو آهي، ٻار ٻڍو ٿو جنهن کي چاهي،
ٿڌي لسي ڏي هينئڙي هير.
ٻارو کير اَٿوَ اَڪسير، پيارا پيئندا مانجهي مير...
(5)
رڍ جو کير به گهاٽو ڏاڍو، جنهن ڏي قلب ڪري ٿو ڪاڍو.
پيارا آهن پنجئي کير.
ٻارو کير اَٿوَ اَڪسير، پيارا پيئندا مانجهي مير...
ناز سنڌي
نظم
هي ننڍڙا مٺڙا سهڻا ٻار،
سنڌي ٽوپين وارا ٻار.
سندر، سندر، پيارا پيارا،
چنبيلي، گلاب ۽ موتيي جهڙا.
جهومي جهومي گيت هي ڳائن،
پنهنجي ديس جو شان وڌائن.
جاهلن سان هر ويل وير اٿن،
علم سان هر پل پيار اٿن.
پيارو سندن آواز آهي،
سنڌ کي مٿن ناز آهي.
لطيف جي پڙاڏي سان،
ڄڻ ته ڪو ساز آهي.
ديس سندا دلدار آهن،
ڪيڏا پيارا ٻار هي آهن.
ابن حيات پنهور
جارج برنارڊشا
ويهين صديءَ جو جڳ مشهور ناٽڪ نويس، جارج برنارڊشا 26- جولاءِ
1856ع، آئرلنڊ جي هڪ غريب خاندان ۾ پيدا ٿيو. هن
جو والد عدالتي کاتي ۾ هڪ معمولي درجي جو ملازم
هو، ۽ جڏهن کيس نوڪريءَ جي معياد پوري ٿيڻ تي
پينشن ملي، ته اها ٽي چار سؤ روپيا سالياني
آمدنيءَ کان وڌيڪ نه هئي. هن جو پنهنجو ذاتي خرچ
به انهيءَ آمدنيءَ کان وڌيڪ هو؛ ڇاڪاڻ ته هو
بدقسمتيءَ سان پاڻ کي هميشه امير طبقي جو فرد تصور
ڪندو رهيو، ۽ انهي اميراڻي قسم جي ٺاهه ٺوهه قائم
رکڻ جي ڪشمش ۾، ساري ڄمار مبتلا رهيو. پيءُ جي هن
ذهني خود فريبيءَ، برنارڊشا جي زندگيءَ تي ننڍپڻ ۾
ئي وڏو اثر ڪيو.
پيءُ جي وفات بعد جڏهن روزگار جو ٿورو گهڻو وسيلو ختم ٿيو ۽
ڏائڻ بک موت جو روپ وٺي ڊيڄارڻ لڳي، تڏهن برنارڊشا
روزگار جي تلاش ۾، اَباڻي اجهي کي موڪلاڻي چئي،
لنڊن پهتو. هن جي ماءُ لنڊن ۾ اڳي ئي مڙس جي وفات
کان پوءِ، ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ راڳ جي ماسترياڻي
هئي. هن لنڊن جي شروعاتي زندگي نهايت دکدائڪ غربت
جي احساس ۾ گذاري. وڏين ڪوششن ۽ جدوجهد کان پوءِ
هن کي روزگار جو ذريعو ميسر نه ٿيو؛ فقط ماءُ جي
معمولي آمدنيءَ تي گذارڻ نهايت مشڪل هو. نوَ سال
غربت ۽ بيروزگاريءَ جي صبرآزما عرصي، هن ۾ زندگي
جي هر مسئلي کي خنده پيشاني سان منهن ڏيڻ لاءِ،
وڏي همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو. هن طويل عرصي ۾ زندگيءَ
جي هر گهڙي، ايتري ڏکي ۽ ايتري ڊگهي هئي؛ جيڏيون
لنڊن جون ڊگهيون سڙڪون، جن تي هزارين برنارڊشا، هر
سفيدپوش راهگير ڏانهن نهاري، انساني تهذيب ۽ تمدن
تي دل ئي دل ۾ ملامت ڪندا ٿي رهيا، غربت ۽
گمناميءَ جا هي نو سال، برنارڊشا جي مستقبل ٺاهڻ ۾
نهايت مفيد ۽ اهم ثابت ٿيا. هن انهيءَ دوران ۾،
انساني زندگيءَ جي خوفناڪ ترين صورتن ۾، تمام
ويجهو مشاهدو ڪيو. هن ڪيترائي دفعا انساني رحم،
همدردي ۽ انصاف جا جنازا اکين سان نڪرندي ڏٺا. هن
جي حساس فطرت سماج جي ظاهري توڙي پوشيده قدرن کي
انهيءَ روپ ۾ ڏٺو، جنهن ۾ صدين کان انسانذات جي
چيخ ۽ پڪار هڪ حساس ۽ باشعور انسان کي بيچين ڪندي
رهي آهي.
هيتريءَ جدوجهد ۽ درد سريءَ کان پوءِ به هو نااُميد هو-
نااُميدي هن جي تصور ۾ انسان جو بدترين موت هو،
ڇاڪاڻ ته اميد ۽ عمل انسان جي مستقبل ٺاهڻ ۾ هميشه
وڏو پارٽ ادا ڪيو آهي- فطرت هُن جي روشن مستقبل جو
سنگِ بنياد رکڻ واري هئي، ته هڪ ڏينهن هن کي هڪ
آمريڪن ٽيليفون ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي ويئي. هُن تي
اها جوابداري هئي ته ماڻهن کي گهرن ۾ ٽيليفون
لڳائڻ جا فائدا ٻڌائي ۽ کين مشورا ڏئي. پر مستقبل
برنارڊشا جي هن معمولي فرائض کي ڏسي ٽهڪ ڏيئي رهيو
هو، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ته هن معمولي ڪلارڪ هٿان
اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ هڪ غير معمولي ڪارنامو
سرانجام ٿيڻ وارو آهي. هن جي حساس طبيعت کانئس اهو
فيصلو ڪرايو ته هو ڪنهن به حالت ۾ روزانو 5 صفحا
ضرور لکندو رهندو. هن مضبوط فيصلي ۽ اٽل ارادي،
برنارڊشا ۾ پنهنجو پاڻ تي وڏو اعتماد پيدا ڪيو ۽
هو هڪدم انهيءَ ملازمت کي خيرباد چئي، تصنيف ۽
تاليف جي ڌنڌي ۾ لڳي ويو- 15 سالن جي عرصي ۾ قلمي
ذوق هن کان 5 ناول لکايا، پر بدقسمتي چئجي جو هنن
پنجن ئي ناولن جو لنڊن جي پبلشرن ڪو به قدر ڪونه
ڪيو- فقط ڇهه پائونڊ معمولي اجورو ڏنو ويو. هڪ
ناپخته ذهن ۽ دماغ لاءِ هيءَ وڏي آزمائش هئي، پر
برنارڊشا انهيءَ بيقدريءَ جي ڪا به پرواهه نه
ڪندي، پنهنجي اعليٰ مقصد جي سرانجاميءَ لاءِ
لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. هڪ بامقصد دل ۽ روشن
نگاهه، ناسازگار حالتن کان ڪڏهن به دلشڪسته نه ٿي
آهي، پر پاڻ تنهائي ئي وڌيڪ انهيءَ ڪوشش ۾ رهي آهي
ته پنهنجي فرض کي ايمانداريءَ سان نباهيندو رهجي ۽
نتيجي کي آئيندي تي ڇڏي ڏجي.
ادب سان هن بي پناهه محبت ۽ اڻٿڪ محنت. پنجيتاليهن سالن جي عمر
۾ برنارڊشا کي اهڙي دور ۾ پهچايو، جتي مالي
خوشحالي ۽ ذاتي شهرت، ٻئي سندس قدم چمي رهيون
هيون، پر آسودگي توڙي ذاتي شهرت، هن جي عظيم مقصد
۾ ڪڏهن به دخل انداز نه ٿيون. هن جي دل توڙي دماغ،
راحت ۽ سڪون جي حالت ۾ به پاري جيان بيقرار تڙپندا
رهيا. انساني زندگيءَ جا دردناڪ واقعا ۽ انسانيت
سوز مشاهدا ڪڏهن به هن جي ذهن کان الڳ نه ٿيا- اها
ئي غربت، اها ئي بک ۽ بي بسي، ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جيان
سندن ذهن تي چهٽي، هن جي پنهنجي ڪردار ۾، هڪ
لافاني عمل کي وڌائيندي ۽ تيز ڪندي رهي.
برنارڊشا نه فقط ناول نويس هو، پر ساڳئي وقت هڪ صحافي،
تنقيدنگار، موسيقار ۽ مقرر پڻ هو. سماجي براين کي
دور ڪرڻ لاءِ هن ڪيترن عام جلسن ۾ تقريرون ڪيون.
هو سڄي ڄمار زندگيءَ جي هر ميدان ۾ انسانذات جي
بهبوديءَ خاطر جدوجهد ڪندو رهيو. هن سڄي زندگي
بامقصد گذاري. پنهنجي ادبي شهپارن ۾ به مقصدي ادب
کي هميشه ترجيح ڏيندي، ادب برائي ادب جي نظريي تي
سخت چوٽون ڪيون.
ويهين صدي يورپ جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جو آغاز هئي- سائنس جي
ترقيءَ سببان نئون سامراجي دور، هڪ هيبتناڪ ديو جي
صورت ۾، دنيا جي تباهيءَ جو خطرو پيدا ڪري چڪو هو.
دنيا جي ڪمزور قومن مٿان هيءَ نئين پيڙا ۽ نئين
مصيبت ڪنهن به باشعور انسان کان مخفي نه هئي.
برنارڊشا، هڪ عظيم اديب، سڀڪجهه ڏسي رهيو هو. هن
سوچيو ته مشيني دور ۾ ايتري فرصت ڪٿان آئي جو
ماڻهو دلچسپيءَ سان ويهي ناول پڙهي. انهيءَ ڪري هن
نئين دور، ڊرامي ۽ افساني لکڻ جو دنيا جي اديبن کي
عام احساس ڏياريو. برنارڊشا به انهيءَ ڪري ناول کي
خيرباد چئي، پنهنجي سموري تخليق ۽ قلم جو زور ناٽڪ
تي ڏنو. هن ڄاتو ٿي ته انساني ذهن کي شعور ۽ تربيت
لاءِ ناٽڪ کان وڌيڪ اثرائتي ٻي ڪا به ادبي صنف ٿي
نٿي سگهي، اسٽيج کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪارائتو
درسگاهه نه آهي- اخلاقيات جا منجهيل مسئلا، رسم و
رواج جي انڌي تقليد، پورهئي جو نامناسب معاوضو ۽
ٻيا اهڙا زندگيءَ جا سوين مسئلا، ڊرامي وسيلي عوام
کي آسانيءَ سان سمجهائي سگهجن ٿا. ۽ پوءِ، جڏهن
انسان جي فطري زندگي صحيح روپ ۾ عام ماڻهن جي
اڳيان ايندي، تڏهن فرد ذاتي صلاحيتن جون دٻيل
چڻنگون دُکي ڀنڀٽ ٿيڻ ۾ دير ئي ڪين ڪنديون- اسٽيج
تي ماڻهن کي فقط کلائي خوش ڪرڻ سان اديب، اديب نٿو
رهي. اهڙي اديب ۽ هڪ مسخري ۾ ڪو به فرق نه آهي-
نوجوانن کي زندگيءَ جي روشن راهه ڏيکارڻ اديب جو
ئي فرض آهي. برنارڊشا ساري ڄمار، وڏيءَ
ديانتداريءَ سان زندگيءَ جي قدرن کي پرکيندو، لڪل
راز ظاهر ڪندو، جهالت ۽ بزدليءَ جي خلاف عام احساس
ڏياريندو رهيو.
برنارڊشا اٽڪل 50 ڊراما لکيا؛ جي دنيا جي ڪيترين زبانن ۾ ترجمو
ٿيا ۽ اسٽيج تي آندا ويا. اهو ساڳيو برنارڊشا هو،
جنهن کي اڳ سندس لکيل پنجن ناولن جو ڇهه پائونڊ
اجورو ڏيڻ وڏي ڳالهه ڄاتي ٿي ويئي، پر هينئر
انهيءَ ساڳئي اديب کي، لنڊن جي پبلشرن، هن جي
مرضيءَ مطابق معاوضو ڏيڻ ۽ وڏي اهتمام سان شايع
ڪرڻ پنهنجي لاءِ فخر ٿي ڄاتو.
برنارڊشا سڄي حياتي ۾ شادي ڪانه ڪئي. هن جي ڪن همعصرن جي راءِ
آهي ته برنارڊشا کي شاديءَ کان نفرت پنهنجي پيءُ ۽
ماءُ جي بي جوڙ رشتي مان پيدا ٿي- هن جي ماءُ، مڙس
کان ويهه سال عمر ۾ ننڍي هئي، ۽ جن اهو رشتو
پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي ظلمن کان پاڻ کي بچائڻ ۽
پري رهڻ خاطر قبول ڪيو، جنهن اڳتي هلي گهر جي اهڙي
فضا قائم ڪئي جو برنارڊشا کي سڄي حياتي شاديءَ جي
خلاف فيصلو ڪرڻو پيو.
2- نومبر 1950ع، دنيا جو هيءُ عظيم ناٽڪ نويس، جنهن 94 سالن جي
عمر پنهنجي حساس دل، روشن نگاهه ۽ اعليٰ تخيل جي
ذريعي انسانذات جي خوشحاليءَ ۽ امن لاءِ جدوجهد
ڪئي، اهو ساڳيو عظيم انسان جذبات کان بيوس ۽
زندگيءَ جي حرڪت کان مجبور هوندي به موت کي شڪست
ڏيڻ لاءِ آخري لڙائي لڙي رهيو هو- هيءُ گهاٽيءَ
ڏاڙهيءَ ۽ سفيد وارن وارو لافاني اديب ساري رات
جدوجهد ڪندو رهيو، پر جڏهن صبح جي پهرين باک ڦٽي،
تڏهن هن اعليٰ ڪردار ۽ عمل جي مثالي اديب، دنيا
کان هميشه هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي.
رمون پيٽي
اڪبر جسڪاڻي جون خاص ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻيون ”رمون پيٽي“ جي
نالي سان ڇپجي ويون آهن، جنهن ۾ اڻ ڇپيل ۽ ڇپيل
ڪهاڻيون شامل آهن. قيمت صرف ٽي روپيا آهي.
گهرائڻ لاءِ لکو
پوسٽ باڪس نمبر 238، حيدرآباد سنڌ.
طارق بلوچ ڪهاڻي
لڙڪ ۽ مرڪ
رسيس جو بيل وڳو سڀ ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي پسند جون شيون وٺي کائڻ
لڳا. آئون آئس ڪريم جي پيالي وٺي کائڻ لڳس. اڃا هڪ
چمچو مس کاڌم ته هڪ غريب ڇوڪر اڳيان هٿ ٽنگيندي
چيو.
”سائين ڏاڍي بک لڳل آهي ڪالهه کان ماني نه کاڌي اٿم...“ مون کان
ڇرڪ نڪري ويو، جلدي ۾ چيم.
”غفور تون....؟“
غفور جا اڄ ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل وار وڏا ۽ وکريل، پير اگهاڙا،
وياڪل وياڪل چهرو، سڪل بت...!
پنهنجي دوست جي اهڙي حالت ڏسي مون کي اٿاهه ڏک ٿيو. هو اسان سان
گڏ پڙهندو هو. پنجون ڪلاس پاس ڪرڻ کان پوءِ اسڪول
نه آيو. کيس پڙهڻ جو ته تمام گهڻو شوق هو، پر پوءِ
خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ڇڏي ڏنو هئائين نه ته
هر سال پهريون نمبر ايندو هو.
کن پل لاءِ منهنجون اکيون هن کي گهورينديون رهيون.
”سائين بک ڏاڍي لڳل آهي، ڇولا ته وٺي ڏيو. خدا ڪندو توهان
امتحان ۾ پهريون نمبر ايندا“ هن التجائي نظرن سان
مون ۾ نهاريندي چيو.
کيس ڇولن جي پليٽ وٺي ڏنم ۽ کيس چيم ”غفور تو مون کي سڃاتو
آهي؟“
”ڇو نه.... آئون ته سڀن کي سڃاڻان، دوست دشمن، سڀ سڃاڻان“ هن
اداس ٿيندي چيو.
”غفور هي تو پنهنجي حالت ڪهڙي ڪري رکي آهي. ڪپڙا ڦاٽل، پير
اگهاڙا وار کنڊريل؟“
مون سواليه نظرن سان هن ڏي نهاريندي چيو.
منهنجي ان سوال تي پهرين ته سندس لبن تي مئل مرڪ تري آئي پر
پوءِ جلدي اُها مرڪ گم ٿي ۽ ان جي جاءِ تي غمگين
اکين مان لڙڪن جي قطار آبشار جيان هن جي ٺوٺ ڳلن
تان ٿڙندي اچي ڇولن جي پليٽ ۾ پئي.
هو ڪجهه به جواب ڏيئي نه سگهيو.
”غفور هي تنهنجي اکين ۾ لڙڪ ڇو آهن؟“
”يار محمود ڏکن جي داستان ٻڌائڻ جي مون ۾ همت ناهي.“
هن کي وڌيڪ چوڻ مناسب نه سمجهيم ۽ کيس اُتي ويهاري آئون اسڪول
منجهان پنهنجا ڪتاب کڻي آيس ۽ پوءِ هن کي گهر وٺي
آيس. ماني آڻي هن جي اڳيان رکيم جيڪا هن کن پل ۾
کائي ڇڏي. کيس پنهنجن ڪپڙن مان هڪ وڳو آڻي ڏنم
جيڪو هن پاتو.
اُهو ساڳيو سوال وري ورجائيندي چيم غفور آخر اهو ڪهڙو واقعو آهي
جنهن تنهنجي اهڙي حالت ڪئي آهي. مون کي تون ٻڌاءِ
مان تنهنجي هر مدد ڪندس.
هن دکدائڪ لهجي ۾ چيو ”محمود تون منهنجو ٻالڪپڻ جو دوست آهين.
توکي خبر آهي ته مان مائٽن جو اڪيلو پٽ هوس، ان
ڪري منهنجي پرورش ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان ٿي هئي. مون
ڪڏهن به ڏکن سان ملاقات نه ڪئي هئي. پر اڄ ڏک ئي
منهنجو مقدر بنيا آهن.
هوکن پل لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين.
”محمود هڪ ڏينهن بابا ۽ ٻيا مزور کنڊ جي مل ۾ ڪم ڪري رهيا هئا
ته بابا جا هٿ اوچتو وڃي مشن ۾ ڦاٿا ۽ ڪپجي ويا...
ڪارخاني ۾ گوڙ مچي ويو.
بابا کي اسپتال پهچايو ويو پر رت گهڻي وهي وڃڻ ڪري ۽ ڊاڪٽرن جي
مغروري جي ڪري بابا بچي نه سگهيو ۽ هميشه هميشه
لاءِ اسان کي موڪلائي ويو.
جنهن جي ڪمائي جي ڪري گهر هلي رهيو هو اهو هاڻ نه هو. ان ڪري
جيڪي پئسا بچت ۾ هئا سي به اچي پورا ٿيا ۽ مٿان
وري بابا جي جدائي جي ڪري امان به بيمار ٿي پئي ۽
پوءِ مان اسڪول نه ويندو هوس پر ڇولا وڪڻندو هوس.
هڪ شام جيئن مان ڇولا وڪڻي گهر آيس ته امان کي رت جي الٽي ڪندي
ڏٺم. ان ئي ڏينهن امان مون کي بنا ڪنهن سهاري ڇڏي
هلي وئي هئي ڪنهن اڻموٽندڙ منزل ڏانهن...!
بابا ۽ امان جي مري وڃڻ ڪري چاچا گهر تي قبضو ڪري ڏنو ۽ مون کي
ڪڍي ڇڏيو. آئون ڀٽڪندو رهيس، رلندو رهيس، پنندو
رهيس.“
سندس ڏکائتو داستان ٻڌي سچ ته منهنجي اکين ۾ به لڙڪ تري آيا،
کيس دلداري ڏيندي چيم.
”غفور تون دل نه لاهِه الله مالڪ آهي.“
پوءِ کيس ڇهين درجي جا ڪتاب آڻي ڏنم جيڪي مون پڙهي ڇڏيا هئا.
صبح جو اسان ٻئي اسڪول وياسين جتان هن جو سرٽيفڪيٽ
ڪڍائي مڊل ۾ داخل ڪرايوسين.
اسان هر روز گڏجي اسڪول ويندا هئاسين. مان کانئس هڪ درجو مٿي
هوس. هو اسان وٽ رهندو هو. مان کيس پنهنجي خرچي
مان اڌ ڏيندو هوس.
هن جي ذهانيت ۽ هوشياري ڏسي استاد کيس ڊبلپروموشن ڏياري. هاڻ هو
اسان سان گڏ اٺين جماعت ۾ آهي، امتحان ٿيا رزلٽ
آئوٽ ٿيڻ واري ڏينهن سڀ ڇوڪرا جمع هئا. هيڊماسٽر
چيو.
”اڄ غفور پنهنجي محنت ۽ شوق سان پڙهڻ جي ڪري فرسٽ نمبر آيو آهي.
ان ڪري کيس اسڪالرشپ جو انعام ڏجي ٿو. سڄي اسڪول ۾
تاڙيون وڄي ويون. مون ان مهل پهريون ڀيرو غفور جي
چپن تي مرڪ ڏٺي هئي، خوشي واري مرڪ گهر ۾ جنهن
بابا ۽ امڙ کي خبر پئي تڏهن ڏاڍو خوش ٿيا ۽ غفور
کي بابا امڙ پنهنجو ٻچو ڪري سمجهندا آهن ۽ مان
غفور کي ڀاءُ سمجهندو آهيان. |