قرباني
ڳوٺ کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري عامر جي پيءُ جو باغ هيو؛ جنهن ۾
عامر هڪ پينگهه پڻ ٻڌرائي هئي، اڄ موڪل جو ڏينهن
هيو عامر ڪجهه پنهنجن ڪلاسين کي باغ ۾ دعوت ڏني
هئي، نديءَ جي ڪناري اڪثر ڳوٺ جون عورتون اچي ڪپڙا
ڌوئينديون هيون.
عامر ۽ سندس ڪلاس فيلو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نمبر وارو شرط لڳائي ڪري
پينگهه کي تمام مٿي نيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
انهن ٽولا ٺاهيا جنهن ۾ هر ڇوڪري سان گڏ ان جي ڀيڻ
ساٿي هئي، تنهن ڪري عامر جو ساٿ سندس ڀيڻ ”آمنه“
ڏيئي رهي هئي ۽ هي ٻئي پاڻ ۾ پينگهه کي تمام مٿي
نيئڻ لاءِ پنهنجي پوري طاقت لڳائي رهيا هئا. هتي
هي دلچسپ مقابلو ٿي رهيو هيو ٻئي طرف ندي تي ڪپڙا
ڌوئيندي هڪ غريب عورت زبيده جو ٽن سالن جو پٽ
کيڏندي نديءَ ۾ وڃي وريو، نديءَ وڏي تيزي سان وهي
رهي هئي، زبيده رڙيون ڪرڻ ۽ مدد لاءِ پڪارڻ لڳي،
پر هتي ته سڀ عورتون ۽ ڪجهه ننڍا ٻار هئا. وڏا ته
سڀ ٻنين ۾ ڪم ۾ مشغول هئا، ۽ هتان کان پري به
هئا. جيئن ئي عامر هي سڀ ڪجهه ڏٺو، ته هي بي قرار
ٿي ويو، زبيده انهن جي نوڪرياڻي هئي ۽ ويچاري جو
هڪ ئي پٽ هيو عامر انهي وقت پينگهه تان ٽپو ڏنو.
ٻار غوطا کائي رهيو هيو جيئن ئي هن جي ڀيڻ آمنه کي
خبر پئي هو ٻين ڇوڪرين سان گڏ وڏن کي ٻڌائڻ ويئي.
زبيده ڏاڍي روئي رهي هئي ٻيون عورتون کيس پڪڙي بيٺيون هيون ٻار
غوطا کائيندو پاڻيءَ ۾ ترندو پئي ويو. عامر هن
تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي پوري طاقت صرف ڪري رهيو
هيو، عامر جو ساهه بند ٿي رهيو هيو ۽ هن جون
ٻانهون ٿڪجي پيون هيون. پر ان جي باوجود هن جي
حوصلي ۾ ڪوبه فرق نه آيو. سياري جي موسم هئي، ندي
جو پاڻي برف وانگر ٿڌو يخ هيو، جنهن سان عامر جو
جسم سن ٿي ويو هيو، هن کي صرف هڪ ئي خيال هيو ته
ڪنهن به طريقي سان ٻار کي ٻڏڻ کان پهرين پڪڙي وٺي.
ٻنهي جي وچ ۾ فاصلو آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو هيو،
عامر کي پنهنجي جان جي پرواهه نه هئي، بس اهوئي
خيال هيس ته غريب نوڪرياڻي جو ٻار بچي وڃي، ان
لاءِ کڻي هن جي جان به ڇو نه هلي وڃي. ان ڪري هو
ٻار تائين پهچڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪري رهيو هو.
انسان جڏهن همت ڪندو آهي ته خدا ان جي ضرور مدد ڪندو آهي. اهڙي
طرح ڳوٺ کان پري وڃڻ بعد آخرڪار عامر ٻار کي بچائڻ
۾ ڪامياب ٿي ويو.
سنڌيڪار: ”بيوس“ وحيد لاڙڪ
نتيجو هڪ ڏينهن جي ڳالهه
ماهه آگسٽ 1989ع جي پرچي ۾ ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ تحت اسان کي
هيٺين ٻارن جا مضمون پهتا، جن مان پهرين ٻن نمبرن
کي انعامي ڪتاب موڪلبا، باقي نالا شايع ڪجن ٿا:
سرور سنڌي داد لغاري 2- مهيندر لعل هرجاڻي، ڪلاس ڏهون، نور محمد
هاءِ اسڪول حيدرآباد 3- دائود علي شهزاد ميرپور
بٺورو 4- الياس ايس. محافظ نيو ڇور 5- شوڪت علي
وسطڙو سڪرنڊ 6- اشفاق احمد ميمڻ هنگورجا 7-
ذوالفقار بڙدي ميرواهه 8- الهه نواز نوحاڻي ڪوٽ
ٻاروچو 9- ظهيرالدين بابر ڪڍڻ 10- فارينه يوسفاڻي
ڏيپلو 11- رب نواز خاصخيلي ڪڍڻ 12- عبدالستار
جروار صاحب خان جروار 13- راجا بشير احمد ميمڻ
سجاول 14- عقيل عباس خواجه ڪڍڻ 15- نصرت عائشه
فارياڻي دادو 16- شهناز سنڌو ابجي 17- محمد اقبال
ميمڻ گجو 18- امتياز سومرو نواب شاهه 19- اسماءِ
شيرين سومرو شڪارپور 20- اعجاز حسين پٺاڻ عمرڪوٽ
22- شاهد گل سمون ٽنڊو محمد خان 23- زاهد حسين
ٿيٻو ميرپورخاص 24- غلام حسين ميمڻ چوهڙ جمالي 25-
عاشق علي ڪلهوڙو ميهڙ 26- احمد نور گاڏهي ميهڙ 27-
محمد شريف ڀنڊ ميهڙ 28- غلام مصطفيٰ هاليپوٽو ڇتو
مادراڻي 29- قادر ڪنڌر حيدرآباد 30- فرمان علي
چانڊيو 31- مسعود جوڻيجو ڏيپلو 32- ويرو مائيسري
بلڙي شاهه ڪريم 33- محمد اسماعيل چاچڙ ڪنڌڪوٽ 34-
نظير سنڌي ڪنڌڪوٽ 35- حمايت علي راشدي شهدادپور
36- مختيار علي ميرجت 37- محمد هاشم عباسي لاڙڪاڻو
38- غلام حيدر سومرو قمبر 39- محمد يعقوب ڊهيو
پنوعاقل 40- مقصود احمد ميمڻ بلڙي شاهه ڪريم 41-
سيد محمد مسلم الدين راشدي 42- محمد يعقوب مهر ڀڙ
شريف 43- محمد جمن چانڊيو ڪڍڻ 44- سهيل حمزه ميمڻ
سجاول 45- نديم احمد مخدوم کهڙا 46- زاهده پروين
شهدادپور 47- مهيش ڪمار مولواڻي گهوٽڪي 50-
عبدالحفيظ کٽياڻ ميرپورخاص 51- امتياز دايو ميرپور
ٻرڙو 52- ذوالفقار عالماڻي ميرپور ماٿيلو 53- پرنس
سريچند ڪپور خانپور مهر 54- شڪيل احمد ميمڻ
هنڱورجا 55- پورن لعل جروار 56- محمد علي منگي
قمبر 57- ممتاز علي خاصخيلي 58- تبسم، نصرالله
ميمڻ سجاول 59- رفيق احمد شيخ گهوٽڪي 60-
عبدالرئوف ميمڻ سجاول 61- سعد احمد آزاد پنهور 62-
اندر لعل انداڻي خانپور مهر 63- مجيب الرحمن شيخ
لاڙڪاڻو 64- سنتوش ڪمار چاٻڙيا خانپور مهر 65-
محمد نعيم مهيسر ميهڙ 66- فدا حسين سنديلو چوهڙ
پتافي 67- محمد عالم جوڻيجو مجيد ڪيريو 68- محمد
قاسم ڀٽو ڪنڌڪوٽ 69- مهيش ڪمار ڪنڌڪوٽ 70- شبير
احمد کٽي ڏيپلو 71- اياز احمد انصاري سکر 72-
ڪئلاش ڪمار ڪنڌڪوٽ 73- علي اڪبر ميمڻ لاڙڪاڻو 74-
بابر سنڌي ماٿيلو 75- غلام اصغر چانڊيو لاڙڪاڻو
76- ابرار احمد آرائين ملڪاڻي 77- شاهد احمد قريشي
موري 78- آغا نيڪ محمد خان گهوٽڪي 79- حبيبان
گاڏهي ميهڙ 80- فياض احمد ميمڻ ڪڍڻ 81- شاهنواز
ڪنڊراهه ٽنڊو محمد خان 82- عبدالحميد چنو 83- خادم
حسين لوڊرو 84- بشير احمد بروهي لاڙڪاڻو 85- دلدار
حسير کنڊ 86- فريد انور شيخ شهدادڪوٽ 87- محمد
اسلم مري ميرپورخاص 88- عبدالحفيظ ميمڻ خانواهڻ
89- انور عباسي نبي آباد 90- ڀاڳي خاصخيلي شهداپور
91- عباس پتوجو ميهڙ 92- اسلم شيخ کهڙا 93- زاهد
حسين ابڙو عمرڪوٽ 94- جميل احمد جتوئي ميرپورخاص
95- گل راجپال باڊهه 96- مصطفيٰ جلالاڻي سڪرنڊ 97-
انور علي ابڙو پيارو واهڻ 98- عبدالرئوف ڏيٿو ڳوٺ
لونگ ڏيٿو 99- آزاد خان ڪڍڻ شهر 100- عبدالله
شاهاڻي سن 101- فرحان عبدالله ميمڻ مٺوائي 102-
سردار علي شهر لاڙڪاڻو 103- انعام الله سومرو
ميرپور ٺل 104- برنس گل راجپال باڊهه 105- منور
علي ميرجت بهار خان ميرجت 109- ڪاشف علي سندراڻي
دڙي 110- محمد نور گاڏهي ميهڙ 111- عبدالقادر
انصاري سکر 112- وفا ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو
113- امر لال مينگهواڙ ڏهرڪي 114- احسان علي
چانڊيو ڪڍڻ.
ٻه سئو رپين جي ورڇ
نتيجو ڀڃ ڳجهارت- 3
هن سلسلي ۾ اٽڪل ٻه هزار ٻارن حصو ورتو. تن مان ٽنهي ڳجهارتن جا
درست جواب هيٺين ٻارن جا آيا آهن. کين حصي آهر 20
ٻارن کي انعام ڏبو. باقي نالا شايع ڪجن ٿا.
مسعود جوڻيجو ڪلاس اٺون اي هاءِ اسڪول ڏيپلو، 2- شعيب احمد ميمڻ
ڪلاس ستون بي هاءِ اسڪول هنڱورجا، 3- عبدالغفار
ڪٽپر ڪلاس نائون اي هاءِ اسڪول عمرڪوٽ، 4- نويد
قاضي گهر نمبر 1550 غريب آباد محلو نواب شاهه، 5-
شبير احمد کٽي ڏيپلو، 6- محمد رفيق کٽي ڪلاس ڇهون
گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول، 7- علي اڪبر ميمڻ ڪلاس
ڏهون ڊي گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، 8- سبين ناز
جوڻيجو ڪوٽڙي، 9- عبدالسلام عباسي ڪلاس ڇهون اي
گورنمينٽ پائلٽ جوڻيجو ڪلاس تون بي هاءِ اسڪول
ڏيپلو. 11- انور عباسي نبي آباد وايا مديجي
شڪارپور، 12- نسيم پتافي ڪلاس ستون مڊل اسڪول
پراڻي وحدت ڪالوني حيدرآباد، 14- معشوق علي ٻرڙو
ڪلاس نائون هاءِ اسڪول قمبر علي خان، 15- روشن
ڪمار گهر نمبر 6/1320/بي ميرپورخاص، 16- محمد آصف
جاهه مهر گهر نمبر 2202/115 اَي، ٽنڊوولي محمد
حيدرآباد، 17- سڪندر علي ڪلاس نائون پوسٽ ڪڍڻ، 18-
محمد جمن چانڊيو ڪلاس اٺون بي هاءِ اسڪول ڪڍڻ، 19-
آزاد خان ڪلاس اٺون هاءِ اسڪول ڪڍڻ، 20- محمد
ابراهيم ڪلاس ڏهون اي هاءِ اسڪول خانپور دادو، 21-
نديم احمد پتافي 59 اي نيو وحدت ڪالوني حيدرآباد،
22- سلامت علي پنجابي ڪلاس چوٿون بڪيرا شريف
ٽنڊوالهيار، 23- شفقت جبار ميمڻ ڪلاس ستون ڪڍڻ،
24- سراج الحق سبيرو ڪلاس ڇهون ڪڍڻ، 25- محمد هاشم
بيڪرو بڪيرا شريف، 26- نعمان راشد مٺواڻي ڏيپلو،
27- عبدالحفيظ کٽياڻ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو، 10-
اسدالله ڪلاس ڇهون اِي ڪمپريهنسو اسڪول ميرپورخاص،
28- احسان علي چانڊيو ڪلاس اٺون ڀٽائي هاءِ اسڪول
ڪڍڻ بدين، 29- سنڌو مڱريون ڪنڊيارو، 30- دامن علي
شاهه مٽياري، 31- محمد ياسين ميمڻ هنڱورجا، 32-
ساجده مٺواڻي ڏيپلو، 33- ظفر علي کيرو مڏ باهو
ڏوڪري، 34- عقيل عباس هاءِ اسڪول ڪڍڻ، 35- سليمان
شيخ عامل ڪالوني حيدرآباد.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه-5
”اچو ته مضمون لکون سلسلو“ جي جاءِ تي ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ جي
عنوان کي ٻارن پسند ڪيو آهي. هن عنوانکي ذهن ۾
رکي، جيڪي محسوس ڪريو ٿا، اهو لکي موڪليو. ان
عنوان تحت آيل مواد ۾ ٻن ٻارن کي پهريون ۽ ٻيو
نمبر انعام ڏبو. باقي نالا شايع ڪبا. هن سلسلي ۾
مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا.
موضوع ٻارن جي حوالي سان هجي. مضمون ٻن وڏن پنن کان وڌيڪ لکيل
نه هجي. مواد موڪلڻ وقت لفافي تي ”هڪ ڏينهن جي
ڳالهه“ لکڻ ضروري آهي.
مضمون موڪلڻ جو پتو
”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“
ايڊيٽر گل ڦل سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070
مرتب: قلندر شاهه لڪياري
انعامي مقابلو ڀڃ ڳجهارت- 5
ٻه سئو رپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 25 آڪٽوبر 1989ع آهي. ٻارؤ! توهان
جي وندر وورنهن ۽ سوچ ويچار لاءِ ڀڃ ڳجهارت جاري
ڪري رهيا آهيون. هي سلسلو جناب قلندر لڪياري لکي
رهيو آهي. صحيح جواب اچڻ تي ڪڻن وسيلي ٻارن کي
انعام ڏبو. گهڻا جواب صحيح ٿيڻ تي ويهه ٻارن کي
انعام ڏبو. باقي نالا شايع ڪبا.
آءُ ڳجهارت گڏجي ڳوليون پيار ڀريون ڪي ٻوليون ٻوليون
سوچي سوچي سوچ وڌايون، لال لڀڻ جي لوچ وڌايون
سوچيندڙ جو شاهي شان، ملڪ مٺي جو ٿيندو مان.
ڳجهارت
1- واهه ڏٺو هو وڻ مون ڪالهه آڱوٺو ٿَڙُ پن هو ٿالهه
ڪيئن جهلي ٿو ميوا مال، رنگ رنگيلا ڳاڙها لال
2- بيٺو آهي بر ۾، جهلمل ڪري جوتي
ٽار ٽاريون چانديءَ جا، ميوا جهلي موتي
3- ڪاڪ محل ڏسو مومل وارو جنهن ۾ ڪوٺيون سو هزار
ڪوٺيءَ ڪوٺيءَ منجهه ڪينزڪ ويٺي واهه ڪري سينگار
شاهي شربت، مال مليدا، دسترخوان سدا تيار
مڙني ۾ آ مومل هڪڙي، ڏاها ڳولي تون ڏيکار |