سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽرانچارج: اڪبر جسڪاڻي

 

حاجي شاهنواز

 

ڪلام الله

الله ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلو ۽ پاڻ ۾ ڏند نه ڏيو. نه ته دل دهلجي ويندو ۽ همت هارجي ويندو. سدائين سانت سان سعيو ڪندا رهو، ڇو ته الله تحقيق سانت سان سعيو ڪندڙ جو ساٿي آهي.

(سورت التوبه 46)

 

 

 

حضور صلعم

حضور صلعم هڪ ڀيري فرمايو ته، جي ڪير ڪنهن کان ڪوئي علمي مسئلو پڇي، ۽ ٻڌائڻ وارو ان کي لڪائي ٿو ته قيامت ڏينهن ان جي منهن تي باهه جي لگام چاڙهي ويندي.

(عن ابوهريره ترمذي)

 

 

حال احوال

پيارا ٻارؤ!

گل ڦل آڪٽوبر جو پرچو به اوهان کي انهن حالتن ۾ ملي رهيو آهي. جڏهن حيدرآباد جا ٻارڙا اسڪول وڃڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن. پر حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو آهي جو هر وڏو ۽ ننڍو مايوس آهي. ٻارؤ! آڪٽوبر جو مهينو اوهان جو مهينو آهي. هن مهيني جي پهرئين سومر تي دنيا ۾ اوهان جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ڇو ته ان ڏينهن کي اقوام متحده طرفان منظور ڪيو ويو هو ۽ ٻارن جي حقن جو پڌرنامو به منظور ڪيو ويو هو. جنهن ۾ اهو واضح لکيل آهي ته ڪنهن به ٻار کان زور زبردستي سان جسماني پورهيو نه ڪرايو وڃي. پر افسوس جو اڄ به اسان وٽ معصوم ٻار بجاءِ اسڪول وڃڻ جي محنت مزدوري پيا ڪن. ان لاءِ ٻارؤ ڪجهه توهان همت ڪريو. جيئن اهي ٻارا بجاءِ هوٽلن تي بيراگيري ڪرڻ جي، اسڪولن ۾ داخل ٿين. ڏسو اسان وٽ ٻارن جون ڪيتريون تنظيمون آهن. انهن کي پهرين ته اهو ڪم ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ ٻارؤ توهان جنهن به تنظيم جا ميمبر آهيو، ان تنظيم جي عهديدارن تي زور رکو ته هو هن ڪم ۾ اڳڀرا ٿين. هن مهيني ۾ اوهان اهو به وچن ڪريو ته اوهان پنهنجي اسڪول ۾ بنا رنگ ۽ نسل جي هر ٻار کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ماحول کي پر امن رکڻ جي ڪوشش ڪندؤ.

چڱو ساٿ سلامت

اوهان جو ڀاءُ اڪبر جسڪاڻي

 

 

لطيفي لات

لَڙُ م، لاڙائو ٿيو، هلي ڪر همٿ

سِجُ سامهون منهن ۾، متان ڪرئين ڪٿ

سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سج ڳالهه مڙين

 

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت سر حسيني جي داستان پهريون جو، پهريون بيت آهي.

سمجهاڻي: تون پاڻ نه پٺتي لَڙُ، متان  چئين ته سج ٿو لهي، پر همٿ ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪر. سج منهن سامهون بيٺو اٿئي. متان هلڻ ۾ ڪا ڳڻ ڳوت ڪرين. تون نماشام جنهن وقت سج ڳاڙهو هوندو آهي. ان وقت ئي هلي محبوب جي جماعت سان هلي مل.

معنيٰ: ويچار = سوچ. سٿ = ساٿ ڪچهري.

ڪلياڻ آڏواڻي
 

ڏاهپ جا نڪتا

ٻُڌل ته ڪوڙ، ڏٺل ته سچ. (جرمن پهاڪو)

نااميدي بيوقوفن جو شيوو آهي. (ڊزرائيلي)

هڪ ڳالهه ۾ کوٽو، سڀني ۾ کوٽو. (قانوني نڪتو)

ڪُوڙَ سچ جا ته ويري آهن، پر پاڻ ۾ به ڪونه ٺهن. (ڊينيل ويبسٽر)

ٻنهي ڌرين کي ٻُڌڻ کان سواءِ فيصلو ڪرڻ انصاف سان ٺٺولي چئبي. (ارسٽوفينس)

ناڪامي، ڪاميابي جي راهه ۾ هڪ ڏاڪو آهي. (سائوٿ)

اهوئي صحيح معنيٰ ۾ آزاد آهي، جيڪو پنهنجين خواهشن جو غلام ناهي. (اِي. آر. ايل. ليبولي)

مريض لاءِ مُرڪندڙ مُهانڊو، اهڙو من موهيندڙ آهي جيئن موافق آبهوا. (فرينڪلن)

ڪڙمي هميشه آئيندي سال سڻڀو ٿيندو. (فليمن)

وڏيون مڇيون، ننڍين مڇين کي ڳڙڪايو وڃن ۽ ماڻهو به ساڳيو ڪم ٿا ڪن، فرق صرف پاڻي ۽ خشڪي جو آهي. (پيريڪليز)

مون کي کڻڻ لاءِ توکي مٿانهون ٿيڻو پوندو. (ايمرسن)

ڪجهه خواهشون اڻپوريون ڇڏيو، متان خوشيءَ مان بيزار نه ٿي پئو. (بلٽاسر گريشين)

نديءَ جو سمنڊ ڏانهن وهڪرو ايڏو تکو ڪونهي، جيڏو ماڻهوءَ جو برائي ڏانهن لاڙو. (وولٽيئر)

سنڌيڪار: عبدالغني شيخ

 

منظور پريمي

لولي

لولي لولي لولي لولي

منهنجي مٺڙا مٺڙي ٻولي

مرڪ هندوري ۾ تنهنجي سانول

ڪينجهر تي ڄڻ ڪو ٽڙيل ڪنول

لولي.....

ڀائر توکي ٿا ڀاڪر پائن

ڀينر چمي ٿيون ڳلي لڳائن

لولي.....

مامن چاچن کي تون پيارو

جيجل جي جيءَ جو تون سهارو

لولي.....

مارو سانگي جهانگي جا ٻولنِ

تنهن کي ٻچڙا منهنجا ڇو ڳولنِ

لولي.....

گهر اباڻا هي پنهنجا پراڻا

ڇٽ جان ٻچڙا منهنجا سياڻا

لولي.....

خوش رهين آباد هجين تون

کلندو رهين شاد هجين تون

لولي.....

 

عزيز گوپانگ

رانديڪا

هِن شهر جا ٻار پڇن ٿا،

پوپٽ ڪاٿي آهن؟

رنگ، روشني

گيت، سنگيت

رانديڪا ڪاٿي آهن؟

رنگ برنگي پکي

باغ ڪاٿي آهن؟

هن شهر جا ٻار پڇن ٿا.

امڙ جي ٿڌي جهولي ڪاٿي آهي؟

ڪوئل جي ڪوڪ،

لولي ڪاٿي آهي؟

ڪا آکاڻي،

چاهي پراڻي،

آکاڻي جو شهزادو ڪاٿي آهي؟

ڪا شهزادي ڪاٿي آهي؟

آزادي ڪاٿي آهي؟

هن شهر جا ٻار پڇن ٿا.

 

نثار حسيني

ٻارن جو قليچ

پيارا ٻارؤ! اوهان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نالو ته ٻڌو هوندو. اوهان مان گهڻن سندس ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب به پڙهيا هوندا پر اوهان مان جن نه پڙهيا آهن، تن کي ٻڌائيندو هلان ته مرزا مرحوم جا هي ڪتاب خاص اوهان لاءِ لکيل آهن:

شيطان جي ناني، عجيب جواهر، وامق عذرا، رستم، لبا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ، عجيب طلسم، قدم برگ شهزادي، نيلو پکي، ٽي ديو يا راڪاس، ٻه جاڙا ڀائر، شهزادي محبوب جي آکاڻي ۽ پائي وائي پائي وزو.

مرزا قليچ بيگ پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکيو هو، جنهن جو نالو رکيو هئائين ”سائو پن يا ڪارو پنو“. اهو ڪتاب ڇپيل آهي. اُن ۾ هُن پنهنجي ٻاراڻي وهي ۽ ننڍپڻ جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن، جن مان ڪي ٿورڙيون هتي مان اوهان کي ٻڌائيندو ٿو هلان.

مرزا مرحوم لکي ٿو ته ”اڃان ننڍڙو هوس ته لکڻ پڙهڻ جو مون کي شوق پيدا ٿيو. ٻيا سڀ ٻار، راند روند ڪرڻ ويندا هئا، پر آئون ڪاغذ، قلم ۽ مس کڻي، ويهي ليڪا ڪڍندو هوس. ماڻهن کي عجب لڳندو هو ته هن کي ٻين وانگي ڇو ٻيءَ راند جو شوق ڪونه ٿو ٿئي؟ انهي شوق وڌائڻ لاءِ امان، مون کي رنگ برنگ جا پنا ۽ قلمدان ۽ ڪمانگري ڦرهي وٺي ڏيندي هئي...“

هاڻي ڏسو ته اوهان جي قليچ کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو تنهن ڪري ته هو تمام وڏو ماڻهو بنيو. پاڻ اٽڪل 457 ڪتاب لکيا اٿس ۽ هر موضوع تي لکيا اٿس. تڏهن ته کيس ”شمس العلماء“ يعني ”عالمن جو سج“ جو لقب مليو هو. سندس ننڍپڻ جون ڪي ٻيون ڳالهيون:

”قليچ بيگ اسڪول روزانو پنڌ ويندو هو، جيڪو سندس اسڪول کان ٻه اڍائي ميل پري هو. پاڻ صبح جو سويل هڪڙي ماني کائي، ٻي ٻن پهرن لاءِ ساڻ ٻڌي، اسڪول ويندو هو. هو پنهنجي اسڪول ۾ سنڌي توڙي فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. هميشہ پهريون نمبر ايندو هو. کيس ڪيترائي انعام مليا هئا. پاڻ ستن اٺن ورهين جي ڄمار ۾ ئي شاعري ڪرڻ لڳو هو. ها، هُو رڳو پڙهندو به ڪونه هو پر اُن سان گڏ مقرر وقت تي لڪ لڪوٽي يا ڪنگر ڪلوٽو، کينهون ۽ چڌن جي راند به کيڏندو هو. پر ٻاهر نه گهر جو گهر ۾. ٿوري گهڻي شطرنج راند به ڪندو هو. اسڪول جي زماني ۾ کيس راڳ جو شوق به پيدا ٿيو، سرندو ۽ ستار وڄائڻ سکيو ۽ ڳائيندو به هو.“

قليچ بيگ سان سندس پيءُ جي ڏاڍي محبت هئي ۽ قليچ کي وري سندس پيءَ جي صحبت ڏاڍي وڻندي هئي. هو اڪثر پنهنجي پيءَ سان گڏ هوندو هو ۽ رات جو سمهندو به پنهنجي پيءُ سان گڏ هو. رات جو جڏهن سندس بابو اچي ليٽندو هو ته کيس زور ڏيندو هو ۽ گرميءَ ۾ پنهنجي پيءُ کي پکو ويهي هڻندو هو يا جهلي ڇڪيندو هو. ان ڳالهه بابت قليچ هيٺيون شعر جوڙيو:

فيض جيڪي مون کي ٿيو حاصل، سو پنهنجي پيءَ کان رات جو ٿي گڏ سُتس جنهن سان، ۽ ويٺس ڏينهن جو ننڍي هوندي قليچ کي خوش طبعي ۽ مسخري يا چرچيبازي ڪرڻ جي عادت هوندي هئي. پاڻ نقلون به عمديون ڪڍندو هو. سندس ڀوڳ چرچن تان سڀ گهر جا ڀاتي ۽ ملاقاتي ڏاڍو کلندا ۽ خوش ٿيندا هئا، ايتري قدر جو سندس پيءُ ته ايترو کلندو هو جو کلندي کلندي سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. قليچ بيگ جو ڀوڳ ۽ چرچن تي ٻڌل هڪ ڪتاب به آهي. جنهن جو نالو آهي: ”هزليات“.

انهيءَ زماني ۾ بجلي ته هوندي ڪانه هئي. تنهن ڪري قليچ بيگ ۽ سندس ڀائر رات جو هڪ تڏي تي گڏ ويهي وچ ۾ شمعدان يا ڏياٽي يا دلو اونڌو ڪري انهيءَ تي ڏيو رکي ٻاري پڙهندا هئا.

هي ته هيون قليچ بيگ جي ننڍپڻ جون ڪجهه ڳالهيون جيڪي اوهان پڙهيون پَر وڏو ٿي هُن ڇا ڇا ڪيو ۽ سندس نالو ڪيئن نِڪتو سو سندس ننڍپڻ جي سُٺين عادتن مان ئي پڌرو آهي.

ٻارؤ! وڏو ماڻهو ٿيڻ لاءِ پنهنجي محنت پاڻ ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته محنت، ڪشالي، پورهئي، ڌنڌي، ڪسب يا هنر کان عار نه ڪريون ۽ پنهنجي اجائي وڏماڻهپ ۽ پيءُ ڏاڏي جي فضيلت ۽ لياقت تي فخر ڪري پاڻ پوئتي نه ٿيون. قليچ بيگ پنهنجي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:

پنهنجو پُٽ ٿيءُ، پيءُ جو پُٽ نه ٿي،

پيءُ ۽ ڏاڏو ڇڏ، تون پنهنجو پاڻ جِي.

مينا بلوچ

ڳاڙهي ڍڳي

پراڻي وقت جي ڳالهه آهي، ته هڪ هاري، سندس زال هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو. ان هاري جو نالو خليفو هو. هڪ دفعي خليفي جي زال تمام گهڻو بيمار ٿي پئي ۽ آخر مري وئي. ويچارا ننڍڙا ٻار، ان قابل نه هئا جو پنهنجو  پاڻ کي سنڀالي سگهن. خليفي ٻارن جي چڱي سار سنڀال لهڻ لاءِ ٻي شادي ڪئي. هر ماٽيجي مائرن وانگر اها به تمام ظالم ۽ حاسد هئي. بجاءِ ٻارن کي پيار ڏيڻ جي، انهن کان طرح طرح جا ڪم وٺندي هئي. جيئن ته خليفو ڪم تي ويندو هو، تنهن ڪري ان کي ڪابه خبر نه هئي.

خليفي جي پٽ جو نالو طالب ۽ ڌيءُ جو نالو ماهه لقا هو. روايت موجب انهن کي به ٻني ٻاري جي ڪم جي لاءِ زمينن تي وڃڻو پيو. انهن جي ماٽيجي ماءُ انهن کي سڪل ماني جو ڀور ڏيندي هئي، جيڪو انهن لاءِ ناڪافي هو. سو ڏينهون ڏينهن پئي ويا سڪندا.

هڪ دفعي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ رنا پي ته سندن هڪ ڳاڙهي ڍڳي جيڪا ان وقت گاهه چري رهي هئي. پڇيو ته، توهان ڇو روئي رهيا آهيو. ڍڳيءَ کي ائين ڳالهائيندي ڏسي، ٻار ڏاڍا حيران ٿيا، پر خوش پڻ ٿيا. جواب ۾ ٻارن پنهنجو قصو ٻڌايو. جنهن تي ڍڳي کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ٻارن کي چيائين ته توهان فڪر نه ڪريو، مان توهان سان گڏ آهيان. توهان جي ماءُ جيڪا توهان کي ماني ٽڪر ڏيندي آهي، ان کي منهنجي کير ۾ ٻوڙي کائيندا ڪيو ۽ منهنجو کير پيئندا ڪريو. منهنجو کير توهان لاءِ نهايت قوت بخش هوندو.

اهڙي طريقي سان وقت گذرندو رهيو. ان وچ ۾ خليفي جي ٻي زال کي ڌيءَ به ڄائي. ٿوري وڏي ٿيڻ تي اها به طالب ۽ ماهه لقا سان ٻني تي وڃڻ لڳي. پر سندس ماءُ کيس سڪل ماني جي ڀور بدران سڄيون سڄيون مانيون ۽ گوشت ڏيندي هئي. جيئن ته طالب ۽ ماهه لقا ڳاڙهي ڍڳي جو کير پيئندا هئا، تنهن ڪري پنهنجي ماٽيجي ڀيڻ کي به ڏيندا هئا. پر خدا جي قدرت جو کير ان لاءِ ڪڙو زهر جهڙو ۽ تمام خراب ٿي ويندو هو، تنهن ڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو بيمار ٿي پئي. ماءُ پڇيو ته توکي گوشت ۽ مانيون ڏيڻ جي باوجود به تون بيمار ٿي وئي آهين ۽ ڇا سبب آهي جو طالب ۽ ماهه لقا سڪل ماني کائڻ سان به تازه ۽ توانا آهن. ماءُ جي پڇڻ تي هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته ڪيئن هن لاءِ ڳاڙهي ڍڳي جو کير خواب ۽ ماهه لقا ۽ طالب لاءِ قوت بخشن هوندو آهي. اهو ٻڌندي ئي هن کي ڪاوڙ وٺي وئي ۽ پنهنجي مڙس کي ڪوڙ ڳالهائيندي چيائين ته: هن خواب لڌو آهي ته اگر ڳاڙهي ڍڳي کي ڪهي ڇڏجي ته هنن جي ڌيءَ ٺيڪ ٿي ويندي. زال جي اها ڳالهه ٻڌي خليفو ڍڳي ڪهڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻارن يعني طالب ۽ ماهه لقا جو اها ڳالهه ٻڌي ته رئندا رئندا ڍڳي وٽ ويا ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائون. ڍڳي چيو ته توهان پريشان نه ٿيو. منهنجي ڪهجڻ کان پوءِ توهان منهنجا سنڱ زمين ۾ پوري ڇڏجو ۽ اتان کان توهان، جيڪا شيءِ گهرندا اها شيءِ توهان کي ملندي.

ڳاڙهي ڍڳي ڪهجي وئي ۽ ٻارن سڱن کي زمين اندر پوري ڇڏيو. اهڙي طريقي سان وقت گذرندو ويو ۽ طالب ۽ ماهه لقا ته اچي جوان ۽ حسين ٿيا.

هڪ دفعي سندن ماٽيجي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي سٺا ڪپڙا پارائي شادي ۾ وٺي وئي ۽ طالب ۽ ماهه لقا کي گهڻو سارو ڪم ڏئي وئي. ٻئي ويچارا افسوس ڪرڻ لڳا ته ڪاش اسين به ان شادي ۾ وڃي سگهون ها. فوراً طالب کي ڳاڙهي ڍڳي جي سڱن جو خيال اچي ويو. فوراً اتي ٻئي ڊوڙندا ويا ۽ تمام سهڻا ڪپڙا طلب ڪيائون. طالب کي سج جهڙا ۽ ماهه لقا کي چنڊ جهڙا حسين ڪپڙا ملي ويا. اهي ٻئي ان شادي ۾ ويا، پر اها کين سڃاڻي ڪانه سگهي. سڄي محفل جون اکيون انهن ڏانهن کنيل هيون. ان شادي ۾ مُلڪ فاران جو شهزادو به آيل هو ته پنهنجي ڪنوار کي ڳولي سگهي. هن ماهه لقا کي ڏٺو ته ان ڏانهن ويو ۽ ان سان شادي ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. پر جيئن ئي ماهه لقا ڏٺو ته سندس ماءُ واپس گهر وڃي رهي آهي ته ٻئي وٺي ڀڳا. تنهن ۾ سندس جتي ڪري پئي. شهزادي اها جُتي کنئي ۽ اعلان ڪيائين ته جنهن به ڇوڪري کي اها جُتي پوري ايندي، هو ان سان شادي ڪندو، پر اتفاقاً ڪنهن کي به اها پوري نه آئي. نيٺ اچي ماهه لقا جي گهر پهتو. سندس ماٽيجي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي اڳيان ڪيو. پر کيس جتي پوري نه آئي. اندران ماهه لقا نڪري آئي، جنهن جتي پاتي ته، کيس پوري اچي وئي. شهزادي ماهه لقا سان شادي ڪئي ۽ طالب کي پنهنجو وزير مقرر ڪيائين.

 

علي حسن ملاح

پڙهڻ جي سزا

شمن اوشمن، اٿي ست ٿي ويا آهن، اسڪول نه ويندين ڇا؟“ ادا وڏي مون کي سڏ ڪيو. اکيون کوليم ته ادا وڏو ڏندڻ ڏيئي رهيو هو.

”ادا واقعي ست ٿي ويا آهن ڇا؟“ مون اوٻاسي ڏيندي چيو.

”ٻيو نه ته ڇا؟ آئون ڪو مذاق پيو ڪريان ڇا؟“ ادا گهڙي ڏي نهاري چيو. بس پوءِ مون ديرئي نه ڪئي، جلدي ڪري هٿ منهن ڌوئي نيرن ڪري، هاڻ آئون اسڪول وڃڻ لاءِ تيار هئس ته مون سوچيو ته اڄ مون کي ته ڪافي دير ٿي چڪي آهي پر اڄ سڄڻ به ڪين آيو آهي سو ڇو اهو خيال ڪري آئون جلدي، سڄڻ جي گهر ويس.

”ماما پيرل ڪتو ٻڌل آ“ مون لوڙهي جي اوٽ ڏئي غيب جيان آواز ڪيو ”اچ اچ پٽ ڪتو ٻڌل آ“ سڄڻ جي ماءُ کير ولوڙيندي چيو:

آئون جڏهن گهر ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم ته سڄڻ جي ماءُ منجيءَ تي ويهي کير ولوڙي رهي هئي، سڄڻ جو وڏو ڀاءُ ڦوٽو کٽ تي رلي منهن تي وجهيو ستو پيو هئو.

”ماسي سڄڻ ڪيڏانهن ويو آهي“ مون سڄڻ کي گهر نه ڏسندي چيو:

ابا پڻس سان گڏجي ٻنيءَ تي ويو آهي. بس اجهو ٿو اچي.“

سڄڻ جي ماءُ مکڻ ڪڍيندي چيو:

”ڇو ماسي اسڪول سڄڻ نه هلندو ڇا“ مون سڄڻ جي ماءُ سان مخاطب ٿيندي چيو، ابا چئن پنجن ڏينهن کان وٺي پڻس سڄڻ کي پيو چئي ته، آئون توکي اسڪول ڪونه ڇڏيندس، ڇو ته ڦوٽو اَٺ اَٺ ڏينهن گم ٿيو وڃي خراب ماڻهن جي صحبت ۾ رهي نڀاڳو ٿي پيو. ڍڳيون ڀٽاريون بيٺيون بک ۾ پاهه ٿين. جيڪي ٻه ٽي کير جا پانڌا اٿن سي به سُڪِي ويندن، پوءِ اسين کير فيڻ وارا ماڻهو پوءِ پنهنجو گذر ڪين ٿيندو؟

سڄڻ جي ماءُ يڪساهي ۾ چئي ٻڌايو.

”چڱو ماسي آئون هلان ٿو“ مون اٿندي چيو.

”شمن او شمن“ مون کي پوئتي سڏ ٿيو، مون پوئتي ڪنڌ ڦيرايو ته سڄڻ کي مون هٿ ۾ ڪتاب ڏٺا ۽ مون ڏانهن ڊوڙندو آيو.

”ادا منهنجا ڪتاب کڻي هل ۽ بابو مون کي اسڪول نه ٿو ڇڏي. چوي ٿو ته تون ڍڳين سان وڃ، پر آئون ڍڳيون پاڙي واري ڌنار چاچي ڪالو کي ڏيئي ٿو اچان“ سڄڻ سهڪندي مون کي ڪتاب ڏيندي چيو:

چڱو ٺيڪ آ، جيڪڏهن توکي دير ٿي ويئي ته آئون سائين کي چوندس“ مون سڄڻ کي دلداري ڏيندي چيو:

هاڻ آئون سڄڻ جي باري ۾ سوچڻ لڳس، ڇو ته سڄڻ منهنجو گهرو دوست اسين هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين. شام جو راند به گڏجي کيڏندا هئاسين ۽ سڄڻ نه فقط حسابن ۾ مدد ڪندو هو.

پر ٻين سبجيڪٽن ۾ به ڪافي مدد ڪندو هو، تنهن ڪري مون کي سڄڻ جي نه پڙهڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مون سوچيو ته جيڪڏهن سڄڻ کي مائٽن اسڪول نه ڇڏيو ته ڇا آئون به اسڪول نه ويندس. ايتري ۾ آئون سوچيندو سوچيندو اچي اسڪول جي دروازي وٽ پهتس پوءِ آئون سڀني سان هٿ ملائيندو اچي پنهنجي ڊيسڪ تي وٺيس ”ڇو اڄ سڄڻ نه آيو آهي؟“ قاسم مون سان مخاطب ٿيندي چيو ”نه“ مون کي خبر هوندي به مون اڻڄاڻ جيان ڪنڌ لوڏيو.

”اسلام عليڪم“ سائين علي نواز سلام ورايو:

”وعليڪم اسلام“ اسان سڀني اٿي، با ادب سائين جي سلام جو جواب ڏنو، ڇوڪرن وري گوڙ شروع ڪيو ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا.

”خاموش“ رعبدار آواز ۾ چيو:

محمد پٽ هيڏانهن اچ، هي چاٻيون وٺ ۽ ڪٻٽ مان حاضري رجسٽر ڪڍ، سائينءَ ڪرسيءَ تي ويهندي چيو.

”حاضر سائين“ محمد نماڻائيءَ ۾ هائو ڪئي؛ استاد حاضري رجسٽر وٺي، سڀني جي حاضري ڀري ۽ پوءِ اسان کي سبق پڪو ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ سائين ڪن ضروري فائيلن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ اسين پنهنجا پنهنجا سبق ۽ کوڙا پڪا ڪرڻ لڳاسين.

سائين اندر اچان“ سڄڻ ڊڄندي ڊڄندي وراڻيو ”هي اسڪول جي اچڻ جو ٽائيم آهي، توکي شرم اچڻ گهرجي، استاد گهڙيءَ ڏي نهار چيو.

”سائين مون شمن کي چيو هو ته سائين جن کي ٻڌائي“ سڄڻ روئڻهارڪي انداز ۾ چيو، ڇو توتي ڪهڙي مصيبت اچي ڪري هئي، جو شمن تنهنجي ماجرا بيان ڪري ها، توهين ته خوامخواه، نٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو“ استاد سڄڻ کي نفرت جي نگاهن سان ڏسي ٿو. استاد کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ٿو. استاد کي چئي ٿو ته، سائين مون کي ته ڏاڍو پڙهڻ جو شوق آهي، پر بابا جو ضد لڳو پيو آهي ته آئون ڍور چاريان، سائين خدا جي واسطي توهين بابا کي سمجهايو نه ته آئون تباهه و برباد ٿي ويندس، ايتري ۾ سڄڻ جي اکين مان لڙڪ ڳڙي پون ٿا.

استاد علي نواز کي هن معصوم جي حالت ۽ خيالن تي رحم اچي وڃي ٿو. سڄڻ جي مٿي تي هٿ ڦيريندي دلداري ڏئي ٿو، سڄڻ ڳوڙها اگهندو، پنهنجي ڊيسڪ تي ويهي ٿو. هوڏانهن جيئن ته اڄ سڄڻ ڍڳيون ٻئي ڌنار کي ڏيئي آيو هو سو ڌنار ويچارو جيئن ئي ٿورو پري نار تان پاڻي پيئڻ ويو پٺيان سمورو مال پوک ۾ وڃي پيو. فصل جي مالڪ ڍور پوک ۾ ڏسي ڍور ڍڪ حوالي ڪيا.

”چاچا او چاچا“ سانوڻ پيرل کي سڏ ڪيو.

”ابا ڇا ٿيو، سهڪين ڇو ٿو“ پيرل تعجب مان چيو.

چاچا توهان جا ڍور ڍڪ تي بيٺا آهن“ سانوڻ يڪساهيءَ ۾ چئي ٻڌايو، نه نه منهنجن ڍورن سان ته سڄڻ کي موڪليو اٿم“ پيرل خاطري ڏيندي چيو، نه چاچا آئون پنهنجن اکين سان ڏسي آيو آهيان تو وارو ڪارو گابو ڳاڙهي ڍڳي ۽........؛

هاڻ پيرل گاهه ڇڏي سڌو ڍڪ ڏي رخ ڪيو. پيرل سوچيندو رهيو ته هاڻ پئسا ڪٿان اچن جو ڍور ڇڏايان، سکڻيون سوچون، ۽ کوکلا خيال ڪجهه پئسا ته آهن پر مٿان عيد ۽ خرچ..............

يا زميندار وڏي ڏي وڃان، پر سندس گاريون دڙڪا ۽ تارن ڦوٽاريل چهرو مون کان برداشت ڪونه ٿيندو. اڃان سندس ٻج وارا پئسا به بيٺا آهن، انهن پئسن لاءِ اڳي ئي ڪمدار منهن پٽيو ٿو وڃي. ايتري ۾ پيرل ڍڪ جي دروازي تي اچي پهتو.

”جلدي ڪر پئسا کڻي آ، آئون ڍڪ بند ڪري ٿو وڃان“ منشي رعبدار آواز ۾ چيو. ايتري ۾ پيرل کان اوچتو ڇرڪ نڪري ويو، مٿي ڪنڌ کڻي ڏسي ته سندس پير ڍڪ جي دروازي تي اچي بيٺا آهن سندس مال هن ڏي نهاري پيو. پيرل جي سوچن جو سلسلو شيشي جيان ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو.

”پر پيرل احتجاج ڪندي چيو“

پر ٻر ڪانهي، مون کي صرف پئسا کپن، مون کي خبر آهي ته اوهين مختلف بهانا ڪري، اوڌر جو جواز پيدا ڪندا آهيو مون کي هن اوڌر ئي ته هن منزل تي پهچايو آهي، جو چئن هزارن جو قرضي آهيان“ منشيءَ پنهنجي سخت لهجي ۾ چيو“

پيرل ڪنڌ مٿي ڪري منشي ڏي ڏسي ٿو، ڄڻ پنهنجي نماڻين اکين جي زبان ۾ چئي رهيو هجي، ته مون کي هن وقت ڍور ڏي ۽ پوءِ پئسا آئون توکي ضرور ڏيندس، پر پيرل زبان سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ۽ پيرل گهر ڏي واپس اچي ٿو ۽ گهران پئسا کڻي ڍور ته ڇڏائي ٿو اچي، پر هاڻ هن کي سڄڻ تي ڏاڍيون خارون آهن.

مون اڄ اسڪول مان سوير موڪل ورتي ڇو چاچي چيو هو، سو ائون جڏهن گهر پهتس ته چاچي مون کي چيو ته، آئون اڄ ڪنهن ضروري ڪم سانگي شهر پيو وڃان، تنهنڪري مينهن لاءِ گاهه ڪري اچجان.

آئون ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪتس ته رئڻ ۽ رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آئون اڳتي ڊوڙيس ته مون کي ٻيا ٻار ڊوڙندي نظر آيا. اسين سڌو چاچي پيرل جي گهر وياسين.

ڇوڪري کي، ڇتو ٿي پيو آهين ڇا؟ ماڻهو ٻيا به گهڻا ڏٺاسين پر تو ته انڌ ڪري ڇڏيو آهي“ ماما حاڪم پيرل کي سمجهائيندي چيو، ڇڏ ته کل لاهيانس ٿو، هي وڏو نافرمان ۽ نالائق آهي ڪيترو روڪيومانس، ته بابا اسڪول نه وڃ پڙهڻ نه وڃ، پر هن جو ساڳيو ئي ڳن ڪهاڙي ۾، هي پڙهي اڪ ڪارا ڪندو اسان جي ابن نه پڙهيو هو ۽ ڏاڏن به پيرل چهبڪ هٿ ۾ لوڏيندي چيو.

ٻڌوسون! ٻڌوسون، هاڻ گنج ڪيئي، ڇو ٿو هروڀرون ماڻهو کلائين ماما حاڪم کيس کٽ تي ويهاريندي چيو.

اسين سڀئي ڳوٺ ۽ پاڙي جا ٻار اچي گڏ ٿيا هئاسين سو ڄڻ ميلو لڳو پيو هو، سڄڻ اڃان تائين رنو پي، سڄڻ جي ماءُ کيس پرچايو پي اوچتو پيرل کٽ تان اٿيو.

”هلوڙي ٻارؤ هت ڪا امداد پئي ورهائجي ڇا؟ يا هت ڪو تماشو آهي“ پيرل اکيون ڦوٽاريندي چيو.

اسين سڀئي گهر کان ٻاهر نڪتاسين، هر ٻار پنهنجي پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو پر مان ۽ رزاق سڄڻ جي گهر جي دروازي وٽ ٽالهيءَ جي اوٽ ڏئي اڃان به سڄڻ کي ڏسڻ لڳاسين آئون اڃان سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو هوس ۽ منهنجي ذهن اهي سڄڻ جون لڱ ڪانڊاريندڙ رڙيون نڪرڻ لاءِ تيار هرگز ڪونه هيون ۽ سوچيم ته سڄڻ جو ڪهڙو ڏوهه هو جو کيس جسماني ايذاءُ ڏنا ويا هو ته صرف پڙهڻ پيو گهري انهي ئي ڏوهه ۾ سندس نافرماني هئي.

 

خير محمد ”خاموش“ موريجو

نصيحت (نظم)

وِکَ تِکيري کَڻ او ٻارَ؛

قوم جو ٿيندين تون معمار؛

ڇو ٿو رسين؛ ڇو ٿو روئين؛

ڇو ٿو رڙين؛ ڇو ٿو رينگين؛

منزل ڏي نهار او ٻار.

ڪافي ڪشالا ڪٽڻا پوندئي؛

ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندئي؛

نصيحت دل تي ويهار او ٻار.

هاڻي مٺيون آهن تنهنجون ٻوليون؛

توکي مٺيون ڏئي ٿو سڀڪو لوليون؛

پوءِ ڪلهن تي ايندئي بارُ او ٻارَ.

ديس ۾ تنهنجو نالو آهي؛

شان تنهنجو نرالو آهي؛

تون وطن جي ڳچيءَ هارُ او ٻارَ

هرگز نه ٿجانءِ تُون ننڍڙا ضدِي؛

ڪڏهن نه رکجانءِ من ۾ مَدي؛

نانهي تنهنجو اهو شان او ٻارَ.

 

الياس عاڪف

سنڌي ٻارڙا

هي جي سنڌي ٻارڙا

سنڌ جي اُڀ جا تارڙا

جهرمر جَرڪن پيا ٿا جيڪي

سونهن ڀريا ستارڙا

رنگ برنگي گلڙن جهڙا

ڳاڙها ڳورا ڪارڙا

مَٽ نه مُور ڪو تن جو آ

مڙيئي هئين جا هارڙا

مرڪڻ تن جو مکڙين جهڙو

ٽهڪ گلن جا ٽارڙا

ڌوڙ وجهون ٿا ڌارين تي

پنهنجا آهن پيارڙا

ڪي هلن پيا وار سنواريو

ڪِن جا وکريل وارڙا

ڪي ته خوشين ۾ پيا کيڏن

ڪي گوندر ڪن گذارڙا

وقت ته ڪوئي ورڻو آهي

وارا ٿيندا نيارڙا

سهڻي سنڌ جا سونهن سڀئي

آهن ڳچي جا ڳارڙا

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com