سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

مترجم: سليم سهتو                       جاپاني لوڪ ڪهاڻي

هُنر جو ڪمال

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته جاپان جي ڪنهن علائقي ۾ هڪ سنگتراش رهندو هو. هو اڌڙوٽ عمر جو هو ۽ سندس نالو هاڪو هو. کيس نه زال ۽ نه ٻار، اڪيلو رهندو هو. ايترو ڪمائي وٺندو هو، جو سوير گهران نڪرندو هو ۽ هڪ ٽڪريءَ جي ڀرسان ويهي پٿر جي وڏين وڏين سلين کي ڀڃندو هو، پوءِ انهن پٿرن کي گهڙي انهن جي مٿان گل ٻوٽا اُڪيري وڪڻندو هو.

هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي، ته هاڪو هڪ ٽڪريءَ جي ڀرسان ويهي ڪم ڪرڻ ۾ رُڌل هو. اُن ڏينهن اُس معمول کان وڌيڪ تيز هئي، هُو ڇيڻيءَ تي هٿوڙي سان ڌڪ هڻي، هڻي سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. ڪم ڪندي ڪندي، هُو ٿڪجي چڪو هو، هن دل ۾ سوچيو.

”ڇو نه ٿوري دير آرام ڪري وٺان؟

۽ اهو سوچڻ سان گڏهو ٽڪريءَ جي ڇانو ۾ ويهي آرام ڪرڻ لڳو. آرام ڪندي ڪندي کيس ننڊ وٺي وئي.

هاڪو کي ستي اڃان ٿوري ديرئي ڪانه ٿي هئي جو امالڪ نقارن ۽ واڄن جي آواز تي سندس اَکِ کُلي وئي. هو اُٿي ويٺو.

”هيءُ ڇا جو گوڙ آهي؟“

هُن جهڙوڪ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو ۽ بيهي ڪري هِيڏانهن هُوڏانهن نظر ڊوڙائڻ لڳو. هُن ڪجهه وکون اڳيان وڌي ڏٺو ته ويجهو ئي پڪي رستي تان شاهي جلوس وڃي رهيو هو. هاڪو اُتي بيٺي شاهي جلوس کي وڏي حسرت جي نظرن سان ڏسي رهيو هو، هُن پنهنجي دل ۾ سوچيو.

شهنشاهه بڻجڻ به وڏي خوش قسمتي جي ڳالهه آهي، هو پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو.

”جيڪڏهن مان هڪ غريب سنگتراش جي بجاءِ شهنشاهه ميڪارو هجان هان ته عيش جي زندگي گذاريان ها“

هُن جي وات مان اِها ڳالهه نڪتي هئي ته هڪ عجيب واقعو پيش آيو. اهڙو واقعو پيش آيو. اهڙو واقعو جيڪو هاڪوءِ جي وهم ۽ گمان ۾ به نه پئي اچي سگهيو.

ڏسندي ئي ڏسندي سندس پوشاڪ اهڙي ٿي وئي جهڙي شهنشاهه ميڪارو کي پاتل هئي، کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن ٻئي جهان پهچي ويو هجي.

چمڪ ڌمڪ وارو شاهي لباس مٿي تي شاهي تاج واقعي سندس خواهش پوري ٿي وئي هئي.

”مان سَچ مُچ شنهشاهه ميڪارو بڻجي ويو آهيان.“

هُن ڏٺو سندس اڳيان اڳيان سوين وزير، امير ۽ درٻاري وڏي ادب سان ڪنڌ جهڪائي هلي رهيا هئا. هاڪو پنهنجي دل ۾ سوچي رهيو هو، هاڻي مان جاپان جو شهنشاهه آهيان. هي سڀ ماڻهو منهنجي خدمت لاءِ آهن، بس رڳو انهن کي حڪم ڏيڻ جي دير آهي.

گرمي وڌي وڃڻ ڪري هاڪوءِ پالڪي ۾ لڳل سون جي گهنڊڻي وڄائي حڪم ڏنو ته:

جلوس کي ڇانو وارن وڻن جي هيٺان روڪيو وڃي ته ٿوري دير آرام ڪري سگهجي.

حڪم جي دير هئي، هلندڙ جلوس هڪدم بيهي رهيو. اهو ڏسي وزيراعظم ڏڪندو ٿڙڪندو اڳيان وڌيو ۽ ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيائين. ”جهان پناهه! جيڪڏهن هِن غلام کي جان جي بخشش ملي ته هڪ عرض ڪيان؟

”ضرور چئه، منهنجي طرفان اجازت آهي!“

هاڪوءَ پالڪي ۾ ويٺي ويٺي رُعب سان جواب ڏنو. ان تي وزيراعظم ادب سان ڪنڌ نوائي چوڻ لڳو.

جهان پناهه! اوهان صُبح حڪم ڏنو هو ته جيڪڏهن اسان شام کان اڳ ڪيوٽر نه پهچي سگهياسين ته هن خادم کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويندو.“

ايترو چئي هو اڃان به وڌيڪ جهڪي ويو ۽ ٻاڏائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.

جيڪڏهن اوهان هتي آرام ڪرڻ بيهي رهيا شام کان اڳ اسان جو ڪيوٽر پهچڻ ناممڪن ٿي ويندو!“

هاڪو کي وزيراعظم جي حالت تي رحم اچي ويو. هُن هڪ نظر وزيراعظم ڏانهن ڏٺو ۽ حڪم ڏنو.

جلوس کي روانگي جو حڪم ڏنو وڃي. جلوس ٻيهر هلڻ لڳو ۽ هاڪو پالڪي ۾ نرم نرم گاديلن کي ٺيڪ ڏئي ويهي رهيو. ان وقت هو دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿي رهيو هو ۽ سوچي رهيو هو.

”هاڻي مان ڪيترو طاقتور ٿي ويو آهيان. سڄي جاپان تي منهنجو حڪم هلي ٿو.“

شاهي جلوس جو سفر جاري هو. جڏهن ٻن پهرن جو وقت ٿيو ته سِجُ عين مٿي تي اچي ويو. گرمي گهڻي وڌي وئي وزير، امير ۽ خادم پگهر ۾ شل ٿي ويا، هاڪو پاڻ به پالڪيءَ ۾ ڏاڍو بيچين هو. هُن جي بيچيني وڌندي رهي هو سوچڻ لڳو:

هيءُ سِجُ شهنشاهه ميڪارو کان به وڌيڪ طاقتور آهي.

ان سان گڏئي سندس دل ۾ هڪ خواهش پيدا ٿي، هُو سوچڻ لڳو:

ڪاش! مان شهنشاهه ميڪارو جي بجاءِ سِجُ هجان هان، جيڪو سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي.

اڃان هُن سوچيو ئي مس ان سان گڏئي هُو يڪدم فضا ۾ بلند ٿيڻ لڳو پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪڪرن کي چيريندو آسمان تي پهچي ويو جتي سِجُ بڻجي چمڪڻ لڳو.

هاڻي هاڪو سِجُ بنجي چڪو هو. هو پنهنجي آب و باب سان چمڪي رهيو هو. پر ان نئين ۽ بي پناهه طاقت تي قابو رکڻ سندس وس جي ڳالهه نه هئي، هو وڌ کان وڌ چمڪي رهيو هو، تنهن جي ڪري گرمي ۾ تيزي پيدا ٿي رهي هئي. ايتري اُس تيز ٿي وئي جو گاهه سڙي ويو گل ۽ ٻوٽا ڪومائجي ويا، پاڻي مان ٻاڦ جا ڪَڪَر ٺهڻ شروع ٿي ويا سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ بڻجي مٿي وڌڻ شروع ٿي ويو هر طرف گهاٽا ڪَڪَر ڇانئجي ويا، جنهن جي ڪري سِج جي روشني زمين تي پهچي نه پئي سگهي، اهو ڏسي هاڪو پريشان ٿي ويو ۽ پنهنجي دل ۾ سوچڻ لڳو.

”ان جو مطلب آهي ته ڪَڪَر هجان هان، سندس ايترو سوچڻ ئي هو ته هُو ڪَڪَر بڻجي ويو. هُن ڪجهه سوچڻ کان سواءِ وسڻ شروع ڪيو. تيز مينهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ اچي وئي. اَن وهي ويو. گهر ڪري پيا، وڻن ٽڻ پاڙن کان پٽجي پيا هر طرف تباهي ۽ بربادي جو ڏيک ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو. هر شخص پريشان ٿي ٻئي کان پڇڻ لڳو:

هيءُ ڪهڙي مند اچي وئي آهي. جهڙي قيامت اچي وئي هجي، هاڪو ان صورتحال جي ڪري ڏاڍو پريشان ٿي ويو، هو اُڏامندو هڪ ٽڪريءَ جي مٿان گذريو، امالڪ هو بيهي رهيو هُن ڏٺو هيءَ اها ٽڪري آهي، جتي ويهي هو پٿر گهڙيندو هو. هُن کي خيال آيو.

”اها ئي اُها ٽڪري آهي جنهن کي ٽُڪَڻَ ۾ مون کي سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي پوءِ ڄڻ کيس ڪاوڙ اچي وئي هجي. هو طوفان بڻجي ٽڪريءَ تي وسڻ لڳو. هُن ٽڪري تي طوفان جو ڪو به اثر نه ٿيو بلڪ اُها اڃان ته وڌيڪ صاف ۽ سهڻي ڏسڻ ۾ پئي آئي. هاڪو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ گڏو گڏ اِهو سوچڻ لڳو:

”هيءَ ٽڪري ته ڪَڪَر کان به وڌيڪ طاقتور آهي.

هو گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو. هُن جي دل ۾ خيال آيو: هِن طاقتور ٽڪريءَ کي مون جهڙو سنگ تراش ئي ڪٽي سگهي ٿو. هُو ان جي پڙن کي ڀڃي سگهي ٿو. انهن کي چوڪنڊو، گول ۽ هموار گهڙي سگهي ٿو. ان خوبصورت پٿرن مان عاليشان محل جوڙائي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح سڄي جاپان تي منهنجي هُنر جي ڪمال جو ڌاڪو ويهي سگهي ٿو.

اِهو خيال ايندئي، هو ٿورو پريشان ٿي ويو. هُن نماڻين اکين سان آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ وڏي عاجزي ۽ پشيمانيءَ سان دُعا گهرڻ لڳو ڪاش! مان ٻيهر اڳ جهڙو هڪ غريب سنگتراش ٿي وڃان!“

اڃان اِهي لفظ سندس چپن مان نڪتائي مس ته هو گهٻرائجي اُٿي ويٺو. وائڙو ٿي پنهنجي ڀرپاسي نظر ڊوڙايائين ته هو ٽڪريءَ جي ڇانو ۾ هڪ پٿر کي ٽيڪ لڳائي ليٽيو پيو هو اِهو ڏسي هو ٽپ ڏئي اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو:

هاڪو! اڄ تو ڏاڍي ننڊ ڪئي آهي، اُٿ، هاڻي ٿورو ڪم ڪر!“

هُن جلدي سان پنهنجي تيشي، ڇيڻي ۽ هٿوڙي جي مدد سان پٿرن کي ڀڇي انهن کي گهڙڻ ۽ سنوارڻ ۾ مصروف ٿي ويو. هاڪو جي زندگيءَ جو هيءُ پهريون ڏينهن هو، جو هو پنهنجو پاڻ کي سڄي جاپان جو خوش قسمت ترين ماڻهو سمجهي رهيو هو، اِهو رڳو هُن جو خيال نه هو بلڪ سڄو ملڪ سندس هُنر ۽ ڪمال جي واکاڻ ڪندو هو.

 

منير جتوئي

لئنسڊائون پل

جڏهن روهڙيءَ واري ”لئنسڊائون پل“ تيا رٿي رهي هئي ته ان وقت هيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي پل هئي ۽ هن پل کي دنيا جي ستن عجائباتن ۾ شامل ڪيو ويو هيو.

هن پل جي ڪمي ان وقت محسوس ڪئي وئي هئي، جڏهن پهريون دفعو سنه 1870ع ڌاري انڊس اسٽيٽ ريلوي جو بنياد وڌو ويو، تڏهن سنڌو ندي تي ريلوي پل جي سخت ڪمي محسوس ڪئي ويئي ڇو ته انهي ريلوي نظام سان سنڌ جي اوڀر ۽ اولهه وارن شهرن کي پاڻ ۾ ملائڻ تمام ضروري سمجهيو ويو، پهرين انهن ٻنهي شهرن جي آمدرفت ۽ وڻج واپار جو سلسلو ٻيڙين رستي ٿيندو هيو، جيڪو مشڪل ڪم هيو.

هن پل لاءِ روهڙي وٽان سنڌو درياءَ جي ٻن ٽن هنڌن جي چڪاس ڪئي وئي، پر اهي جڳهون وارياسيون هجڻ ڪري هيڏي وڏي ۽ وزندار پل لاءِ ناموزون هيون، نيٺ چڪاسن دؤران بکر جي قلعي ڀرسان زمين پٿريلي ۽ سخت هئڻ جي ڪري پل لاءِ موزون قرار ڏني ويئي، انهي جڳهه جو فيصلو سن 1889ع ۾ ڪيو ويو.

پل جا نقشا ٽن مختلف ڊيزائنن ۾ تيار ڪيا ويا، جيڪي هيٺيان هئا:

لڙڪندڙ پل

ٽن ڪمانن جي جوڙن تي ٻڌل پل

پاسن ۾ بند ٿيل پل

انهن ٽنهي ڊيزائنن کي غور سان چڪاسڻ کان پوءِ ٽئين نمبر ڊيزائين واري پل کي انهي جڳهه لاءِ ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ انهي پل جو نقشو سَر اليگزينڊر رينڊل تيار ڪيو هيو.

انهن سمورن مسئلن جي گذرڻ کان پوءِ هن پل جي فائونڊيشن (بنياد) جي ڪم جو وارو آيو، پل جي فائونڊيشن جو ڪم سال 84-1883ع ۾ شروع ڪيو ويو. پل ۾ ڪتب آيل اٽڪل سمورو لوهه انگلنڊ کان گهرايو ويو هيو ۽ پل جي تعمير جو سمورو ڪم لنڊن جي هڪ ڪمپنيءَ پنهنجي هٿ ۾ کنيو، انهيءَ ڪمپنيءَ جو نالو ”ميٿرس ويسٽو ڊبيلي آف پاپلر“ هيو.

لئنسڊائون پل جي تعمير تي خرچ آيل سموري رقم جو ڳاٿو 4,00,000 چار لک رپيا ٻڌايو وڃي ٿو ۽ هن جي تعمير ٿيڻ ۾ ڪل چار سال لڳي ويا. هن پل جي وچين لٽڪندڙ حصي جي ڊيگهه 200 سؤ فٽ آهي ۽ مجموعي طرح ڪل ڊيگهه ”820 فٽ ٿيندي. هن پل جي ڪم ۾ جن انجنيئرن پنهنجو خاص ڪردار ادا ڪيو، تن جا نالا: انجنيئر مسٽر ”ايف اِي- رابرسٽن“ ۽ اسٽنٽ انجنيئر مسٽر ”ايم- ايس- اين- هيڪٽ“ آهن.

هن پل جي افتتاحي تقريب 1889ع ۾ مارچ جي 25 تاريخ تي ٿي. جنهن جي صدارت بمبيءَ جي گورنر ”لارڊ ريئي“ ڪئي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ”هزايڪسلي وائسراءِ آف انڊيا“ جي طرفان ڏک جو اظهار ڪيو. ڇو ته هو انهيءَ تقريب ۾ شامل نه ٿي سگهيو هيو. هن اهو پڻ ٻڌايو ته وائسراءِ صاحب هن پل کي سندس نالي پويان سڏڻ جي اجازت ڏني هُئي جنهن جيڪري سندس نالو لئنسڊائون پل رکيو ويو.

هن وڌيڪ ڳالهائيندي پل جي انجنيئرن ۽ عملي کي مبارڪ باد پيش ڪئي. پل جي تعمير کان پوءِ سکر روهڙي جو وڻج واپار ۽ آمدرفت جا وسيلا تمام آسان ٿي پيا آهن.

 

سليم الطاف صديقي (مترجم)

بيدي جا ڪارناما

بيدي جي کَل انسان جي هڏن ۽ ڏندن وانگر ڪيلشم سان ڀريل هوندي آهي. هاڻي ڇا ڪجي، جو ڪيلشم کي بيدي جي کل کان لاهجي. ان لاءِ توهان کي هڪ جڳ جي ضرورت پوندي. ان جڳ ۾ ٿورو سرڪو وجهو، بيدي جي کلن جي ٽڪُرن کي جڳ ۾ رکو. ڏسو ته اهي ڪيترا نه سخت ۽ سوٽ آهن. سرڪي سان کلن کي ڀريو. ڪجهه منٽن کان پوءِ توهان ڏسندا ته تمام ننڍا بلبلا کلن ۾ نظر ايندا. ڪمزور ايسيٽڪ تيزاب سرڪي ۾ ڪيلشم ۽ ٻين ڪيميڪلس سان ابتو اثر ڪندو. جڳ کي پاسي تي ڏينهن کن لاءِ رکو. چوويهه ڪلاڪن کان پوءِ توهان ڏسندا ته بيدي جي کَلَ جا ڇلڪا ڪمزور ۽ نرم هوندا. سرڪي (ايسيٽڪ تيزاب) ڪيلشم کي ڳاري ڇلڪن کان هٽائي ڇڏيو هوندو. ساڳئي طريقي سان انسان جا هڏا ۽ ڏند ڪمزور ٿي پوندا آهن ڇو ته انهن کي ڪيلشم نه ملندو آهي.

 

مواد موڪلڻ لاءِ هدايتون

رسالي کي اڃا وڌيڪ سٺو ۽ اوهان جي پسند مطابق ڪڍڻ لاءِ هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو.

مواد پني جي هڪ پاسي صاف ۽ سٺن اکرن ۾ هڪ لائين، ڇڏي لکي موڪليو.

لکيل مواد پنهنجي استاد يا والد کي درستيون ڪري ڏيڻ لاءِ ضرور ڏيکاريو.

مواد موڪلڻ وقت، لفافي تي مواد بابت ضرور لکو. مثلاً ”لطيفا“ ”شعر“ ”ننڍڙا اديب“ يا ”مضمون“.

 

آصف اصغر سولنگي

ٿڌو ساهه

سليم هر روز پنهنجي ڳوٺ کان پنڌ ڪري شهر جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. جنهن واٽ تان ويندو هو، ان واٽ تي هڪ جهوپڙي ٺهيل هئي. هي جڏهن به اتان لنگهندو هو ته جهوپڙي ۾ هڪ غريب ٻڍڙي عورت سليم کي جڏهن ڏسندي هئي، ته ٿڌا ساهه کڻندي هئي. ائين ڪيترا ڏينهن گذري ويا. هڪ ڏينهن سليم پڪو پهه ڪيو ته اڄ ان ٻڍڙي عورت کان ضرور پڇندس ته، هو مون کي ڏسي ٿڌا ساهه ڇو ڀريندي آهي؟ نيٺ موڪل جو گهنڊ وڳو. سليم تکو تکو ڳوٺ روانو ٿيو ۽ واٽ تي جهوپڙي ۾ ويٺل ٻڍڙيءَ عورت سان مليو، ۽ چيائينس ته ”امڙ تون مون کي ڏسي ٿڌا ساهه، ڇو ڀريندي آهين؟“ غريب ٻڍڙي عورت جي اکين ۾ پاڻي تري آيو ۽ سليم کي چيائين: ”ابا تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ”امڙ منهنجو نالو سليم آهي.“ ٻڍڙي عورت سليم کي چيو: ”ابا سليم منهنجو پٽ به تو جيترو آهي.“ سليم وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ”امڙ توکي پٽ آهي پر اهو ڪٿي هوندو آهي؟“ ٻڍڙي وراڻيو: ”ابا اهو شهر جون مينهون چاريندو آهي.“ صبح جو تمام سوير هليو ويندو آهي ۽ سج لٿي گهر ايندو آهي.“ ابا ڇا ڪريون غريب آهيون. ايتري طاقت نه آهي جو مان به پنهنجي پٽ کي تو وانگر پڙهايان. پڻس جيئرو هوندو هو ته منهنجو پٽ به پڙهندو هو. پر ٻن جماعتن ۾ هو ته پڻس هن فاني دنيا مان هليو ويو. هاڻي ته ٻيو ڪوبه سهارو نه آهي. مان پوڙهي ۽ غريب هن کي پڙهائي نه ٿي سگهان. منهنجي پٽ کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ پڙهڻ لاءِ روئندو هو، پر ڇا ڪريون. جيئرو به ته رهڻو آهي ۽ ان لاءِ ڪير ڪمائي.“ سليم ٻڍڙيءَ کي چيو: ”امڙ توهان جي پٽ جو نالو ڇا آهي؟“ ابا جانو. امڙ سڄو نالو. ابا اسان غريبن جا ڪهڙا سڄا نالا. ته به امڙ ٻڌاءِ. ابا جانڻ. سليم کي ٻڍڙيءَ جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو قياس آيو ۽ ٻڍڙيءَ عورت کي چيائين: ”امڙ جانڻ کي سڀاڻي مانپنهنجا رکيل پراڻا ڪتاب ڏيندس ۽ روز صبح جو سوير پڙهائڻ ايندس. توهان ائين سمجهو جانڻ ڄڻ منهنجو ڀاءُ آهي. ٻڍڙي عورت سليم کي دعائون ڏيڻ لڳي ٻئي ڏينهن سليم صبح جو تمام سوير اٿيو ۽ اسڪول لاءِ تيار ٿيو ۽ جانڻ لاءِ ڪتاب به کنيائين. جڏهن سليم جهوپڙي وٽ پهتو ته جانڻ سليم کي ڏسندي ئي پنهنجي ماءُ کي چيو: امان! ڀائو سليم اچي ويو. پوءِ سليم ۽ جانڻ ڀاڪر پائي هڪ ٻئي سان مليا ۽ سليم جانڻ کي ڪتاب ڏنا ۽ سبق به ڏنو.

پيارا ٻارو توهان جي پاڙي ۾ به جيڪڏهن ڪو غريب ٻار هجي ۽ ان وٽ ڪتاب نه هجن ته توهان پنهنجا پراڻا ڪتاب ان کي ڏيندا ڪريو، جيئن توهان جي ان غريب ڀاءُ کي به علم جي روشني نصيب ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com