مهيندر لعل هرجاڻي (مضمون نمبر 2)
هڪ ڏينهن جي ڳالهه
مان هر روز موڪل بعد، باغ جو سير ڪندو هوس، ۽ ٿوري ئي وقت لاءِ
هڪ باغيچي تي ويهي رهندو هئس. اڄ مان پاڻ سان هڪ
ڪتاب پڙهڻ لاءِ آندو هو. هوڏانهن گهوريئڙن جي رڙ
مٿان رڙ، هوڪي مٿان هوڪو پئي آيو. سامهون هڪ شخص
اداس نگاهن سان ڪنهن ڏانهن ڏسي رهيو هو. شايد
بکايل هو! هو ڪنهن گهوريئڙي ڏانهن ٽڪ ٻڌي نهاري
رهيو هو. نيٺ هڪ ڇولن واري کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيائين
۽ چيائين ته ميان! ڇولا ڪيئن ٿو ڏين؟ (شايد ٻهراڙي
جو هو) ڇوڪر وراڻيو: ”ڪيئن ٻيئن ڄاڻان ڪونه، باقي
ٻي چئين آني جا کپنئي ته ڏيانءِ!“
”چڱو ڀلا آڌيءَ کن جا ته ڏي!“ هن چيس.
ڇوڪر دل ئي دل ۾ مسڪرائي رهيو هو. شايد هي اٺن آنن جو پهريون
گراهڪ هيس. ڇولن ۾ پٽاٽن جي ڪاتر ۽ بصرن جي ڪاتر
رنگ برنگي ۽ مرچ مصالحا وجهي تيار ڪري، همراهه کي
هٿن ۾ ڏنائين ۽ وڃڻ لاءِ اٿيو ئي مس، ته هن چيس
”پٽ! ويهه ته سهي، ڇوڪرو گهٻرائجي ويو ۽ الاءِ
ڪهڙي سوچ ۾ گم ٿي ويو. ان واقف شخص ڇولا کائيندي
چيو: پٽ! تون آخر ڇولا ڇو ٿو کپائين. حالانڪ هي
عمر ته تنهنجي پڙهڻ جي آهي. هن جي اکين مان بي
اختيار ڳوڙها وهڻ لڳا. ليڪن آٿت ڏيڻ بعد ان سان
حال اورڻ ويٺو. هن آهستي چيو: مون کي پڙهڻ جو
ايترو شوق هيو، جو بس ڇا ٻڌايانوَ! اسڪول ايترو ته
سوير پهچي ويندو هوس، جو منهنجي ڪلاس جا ٻيا ڪافي
دير سان ايندا هئا. اسڪول جو ماحول ته ڇا هو، هرهڪ
مون تي ٽوڪون ڪندو هو، پر مان جبل جيان اٽل هميشه
پختي عزم سان اڳتي وڌندو رهندو هيس ۽ دل ئي دل ۾
ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏسندو رهندو هوس ۽ اها به پڪ
هيم ته هڪ ڏينهن ڊاڪٽر ضرور ٿيندس. پر پوءِ مون کي
ڪهڙي خبر ته سماج جا ٺيڪيدار مون کي اڳتي وڌڻ ڪونه
ڏيندا منهنجي پيءَ کي هڪ ايڪڙ زمين هئي، جنهن جي
هو پاڻ ڪڙمت ڪندو هو. هو زوري مون کي ٻني تي ڪم
ڪرڻ لاءِ چوندو هو ته ”پڻهين ڏاڏهين به پڙهيو، جو
تون هليو آهين پڙهڻ“. پوءِ ٻني جي ڪم کان پوءِ
اسڪول جو ڪم پورو ڪندو هوس. ليڪن لالچ ڪٿي ٿي ڇڏي.
بابو به ٻين جي پٽن کي ڇولا کپائيندي ڏسندو هو ۽
انهن جي بچت جو به چڱي طرح علم رکندو هو. نيٺ هڪ
ڏينهن مون کي هٿن ۾ ڇولن جو ٿالهه کڻڻو پيو ۽
اسڪول مان خارج ٿيڻو پيو. سوچيندو هوس ٻين جا پيئر
ته پنهنجن ٻارڙن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پر بابو... بابو ته الائي ڪهڙي طبيعت جو ماڻهو
آهي. هاڻي ته سوين ڪم سر تي آهن. مال جو ڪم، گهر
جو ڪم، هي ڇولا کپائڻ! ائين چئي ڇوڪر اڳتي وڌيو ۽
هوڪو ڏنائين: ”چڻا مصالحيدار...... ڇولا
مصالحيدار.....!!
محمد علي ”ماجد“
سنڌي ٻار جيئن
ڦرهي کڻي هٿ ۾ روز اسڪول وڃن
سنڌي ٻار جيئن....
ننڍڙا ويهي ڪلاس ۾ پيا الف ب ٿا پڙهن
سنڌي ٻار جيئن....
سدا پنهنجي سنڌ ۾ شل ٻار هي سکيا رهن
سنڌي ٻار جيئن....
ماءُ پيءُ استاد ۽ ٿا وڏن جي عزت ڪن
سنڌي ٻار جيئن....
پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ٿا ايڪي منجهه رهن
سنڌي ٻار جيئن....
ماجد پڙهي لکي، شل سنڌ جي خدمت ڪن
سنڌي ٻار جيئن....
انيتا بشير صديقي
ٻارڙا
گُل ڦل هي چمن جا
مَاکيءَ جهڙا مٺڙا
مُکڙين جهڙا سُهڻا
ٻولن ٻول سُريلا
ڪوئل ٻولي جهڙا
گل ڦل هي چمن جا
معمار هي وطن جا
ملڪ جو هي مَان شان
جن جي جان سان آ گهر ۾ جان
آهن اهي سَچا ماڻڪ موتيئڙا
گل ڦل هي چمن جا
کل ته سهي
هڪ فقير خدا کان سوال ڪيو ته ”يا الله مون کي پئسا ڏيار.“ ايتري
چوڻ تي زلزلو آيو. ڌرتي لڏڻ لڳي. فقير چيو: مولا
سائين، نه اٿئي ڏيڻا ته نه ڏي باقي ڌڪا ڇو ٿو ڏين.
رضيه نوشين شڪارپور
هڪڙو ڳوٺاڻو رستي سان وڃي رهيو هو. سپاهي ان کي بيهاري چيو:
توهان جو اسم شريف ڇا آهي؟ ڳوٺاڻي ڊڄندي چيو:
سائين اسم شريف ته ياد نه آهي پر چئو ته درود شريف
ٻڌايانوَ.
راهي رياض احمد ڏيپر راڌڻ
استاد: ”ڏِنا! ٻڌاءِ پنجاهه مان گهڻو ڪڍجي جو، باقي پنج بچن.“
ڏِني جواب ڏنو: سائين ٻُڙي.
رضا محمد سولنگي پير جو ڳوٺ
استاد شاگرد کي، اُٺ پکي جون گهڻيون ڄنگهون ٿينديون آهن.
شاگرد: سائين ڇهه
استاد: اهو ڪيئن؟
شاگرد: سائين چار اُٺ جون ۽ ٻه پکي جون.
الياس سومرو نيو ڇور
هڪ ماءُ پنهنجي پٽ کي چيو ته پٽ وٺ رپيو گرم مصالحو دڪان تان
وٺي اچ. ٻار رڙ ڪندي چيو: امان، امان منهنجا هٿ
سڙي پوندا.
عبدالحميد چنو
هڪ ماڻهو ڊاڪٽر کي چيو ته سائين سڄي رات بخار ۾ ڏڪندو رهيو هوس.
ڊاڪٽر چيو: ڀلا ڏند به ٺڙڪي رهيا هئا؟ مريض چيو:
سائين، اهي ته لاهي رکيا هئم.
هڪ مريض: ڊاڪٽر صاحب منهنجي سيني ۾ ڄڻ ته باهه لڳل آهي.
ڊاڪٽر: چريا ته پوءِ فائر برگيڊ وارن کي فون ڪر. مون ڏانهن ڇو
آيو آهين؟
جئه سري شنڪر خانپور مهر
گل ڦل قلمي دوستي
نالو: وحيدالدين جوڻيجو.
ڪلاس: پنجون الف
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪري.
نالو: محمد اسحاق جويو
ڪلاس: پنجون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول ڏوڪري.
نالو: فرحان علي سومرو
ڪلاس: ڇهون
وندر: رسالو گل ڦل ۽ ٻيا ٻاراڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: گهر نمبر 714، سي 13 خير شاهه جو پڙ حيدرآباد.
نالو: غلام حيدر سومرو
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: معلومات سان چاهه
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر.
نالو: عبدالستار لنڊ
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي.
نالو: امام الدين رند
ڪلاس: ستون اي
وندر: تقرير ڪرڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي.
نالو: شاهد علي رند
ڪلاس: ستون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي.
نالو: نعمت الله سومرو
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: الاهي بخش ڀٽي نيوز پيپر ايجنٽ مٺياڻي.
نالو: عبدالرحمان لغاري
ڪلاس: ستون بي
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول داد لغاري.
نالو: سردار علي شر
ڪلاس: نائون اي
وندر: علم پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: ڪوارٽر نمبر 2، زيد ڪالوني لاڙڪاڻو.
نالو: عبدالقادر انصاري
ڪلاس: نائون اي
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ ڪمپريهينسو اسڪول بئراج ڪالوني سکر.
نالو: رحمت الله ميمڻ
ڪلاس: پنجون
وندر: علم سان چاهه
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پراجيڪٽ اسڪول چوهڙ جمالي.
نالو: عبدالستار ميمڻ
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي.
نالو: دليپ ڪمار
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي.
ننڍڙا اديب
شرارت جي سزا
انور پيءُ ماءُ جو لاڏلو پٽ هو. پڙهائي ۾ هو هوشيار ۽ ذهين هو،
پر هن جي هڪ عادت کان سڀ پريشان هئا. ان جي اها
عادت هئي، ته هو شرارتون گهڻيون ڪندو هو ۽ ٻين کي
تنگ ڪرڻ ۾ هن کي مزو ايندو هو.
هڪ ڏينهن جڏهن هو اسڪول کان واپس آيو ته هن سوچيو ته، اڄ ڇو نه
ڪنهن کي تنگ ڪجي ۽ هن اها شرارت پنهنجي ماءُ سان
ڪئي. هن پنهنجي دوست امجد کي چيو ته، مان روڊ جي
ڪناري تي بيٺو آهيان، ۽ تون وڃي منهنجي ماءُ کي
چئو ته، انور جو ڪنهن گاڏي سان ايڪسيڊنٽ ٿي پيو
آهي. اهو ٻڌي امجد ته پهرين انڪار ڪيو، پر انور
جڏهن ان کي چاڪليٽن جي لالچ ڏني ته هو جلدي مڃي
ويو ۽ ڀڄندو وڃي انور جي ماءُ کي چيائين ته ”ماسي!
انور جو ڪنهن گاڏي سان ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي.“ اهو
جڏهن انور جي ماءُ ٻڌو ته اتي ئي بيهوش ٿي ڪري
پئي. اها حالت امجد ڏسي ڊڄي ويو ۽ پوءِ هو ڀڄندو
وڃي انور کي وٺي آيو. انهي وقت اتفاق سان انور جو
پيءُ به آفيس مان موٽي آيو ۽ جڏهن هن انور جي ماءُ
جي اها حالت ڏٺي ته جلدي ۾ ڊاڪٽر کي وٺي آيو ۽
ڊاڪٽر ان کي ڏسڻۡ کان پوءِ چيو ته هي ڪا صدمي جي
ڳالهه ٻڌي بيهوش ٿي ويئي آهي ۽ هن کي جيڪڏهن چئن
ڪلاڪن جي اندر هوش نه آيو ته هيءَ مري به سگهي ٿي.
اهو ٻڌي انور ۽ ان جو پيءُ ڏاڍو پريشان ٿيا. پوءِ
انور پنهنجي پيءُ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ انور جي
پيءُ ان کي چيو ته ”تنهنجي ٿورڙي شرارت وڏو مسئلو
ٿي ويئي آهي.“ اهو ٻڌي انور روئڻ لڳو. ان جي پيءُ
چيس ته اهو وقت روئڻ جو نه آهي. الله تعاليٰ کان
دعا گُهر ته تنهنجي ماءُ ٺيڪ ٿي وڃي. انور الله
سائين کان روئي دعا گُهري، ۽ پنهنجي غلطي جي روئي
روئي معافي ورتائين. آخر الله سائين کي انور تي
ترس اچي ويو، ۽ ان جي ماءُ چئن ڪلاڪن کان پهريائين
هوش ۾ اچي وئي ۽ پوءِ انور پنهنجي ماءُ کي ڀاڪر
پاتو ۽ آئيندا لاءِ شرارت کان توبهه ڪيائين.
عبدالرشيد مهيسر
فائونٽين پين
اڄ کان ٽي سئو سال اڳ پيرس جي هڪ شخص چانديءَ جو هڪ قلم ٺاهيو
اِها هڪ نلڪي هئي، جنهن جي منڍ تي نِب لڳل هو ۽ ان
۾ مس ڀري، مٿان ٻوچ لڳايو ويندو هو، اها دنيا جي
پهرين فائونٽين پين هئي. 1832ع ۾ هڪ انگريز ان تي
ننڍي ٽوپي لڳائي ته جيئن ان کي کيسي ۾ وجهي سگهجي.
1859ع ۾ هڪ ٻئي شخص نلڪيءَ اندر ربر جو ٽيوب
لڳايو، جنهن ۾ مس ڀري ويندي هئي، اهي قلم لکندا ته
هئا، پر انهن ۾ هڪ وڏي خرابي هوندي هئي جو مس هڪ
جهڙي وهي نه سگهندي هئي. لکت ڪڏهن ته هلڪي ته وري
ڪٿي گَهري ٿي ويندي هئي. ڪيڏي مهل ته لکندي لکندي
قلم مان تمام گهڻي مس وهي پوندي هئي ۽ دٻو ٿي سڄو
پنو خراب ٿي پوندو هو. فائونٽين پين جيڪا اڄ ڪلهه
اسين استعمال ڪندا آهيون، سا آمريڪا جي شخص
”واٽرمين“ جي ايجاد آهي. واٽرمين، ويمي يا انشورنس
ڪمپني جو ايجنٽ هو. هن صاحب هڪ ڪروڙ پتي ماڻهو کي
ويمي ڪرائڻ لاءِ راضي ڪيو، پر جڏهن ڪاغذ تي صحيح
ڪرائڻ جو وقت آيو ته پين مس ڇڏي. جنهن سان ڪاغذ
خراب ٿي ويو. اها ڳالهه سيٺ صاحب کي اهڙي ته خراب
لڳي جو هن ويمي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي
وقت کان ئي واٽرمين پڪو ارادو ڪيو ته ڪا اهڙي پين
ٺاهيندس، جيڪا لکڻ واري جي مرضي مطابق لکي ۽ مس نه
هاري. آخر واٽرمين 1880ع ۾ اهڙي فائونٽين پين ٺاهڻ
۾ ڪامياب ٿي ويو. ان وقت کان وٺي هاڻي تائين
فائونٽين پين جي شڪل ۽ صورت ۾ ته تبديليون ٿينديون
رهن ٿيون پر بنيادي طريقو واٽرمين وارو آهي.
بال پوائنٽ پين به فائونٽين پين جو هڪ قسم آهي. ان جي ايجاد
آکاڻي به دلچسپ آهي. ارجنٽينا جي هڪ شهر ”بيونز
آئرس“ جي ڪنهن پوليس مين جو نالو ”الاس پيرو“ هو،
جيڪو ڇپائي جا نقل پروف ڏسڻ جو ڪم به ڪندو هو. کيس
شڪايت هئي ته فائونٽين پين جو نِب ڏهن پندرهن
ڏينهن کان پوءِ ٽٽي، گسيو ٿلهو ٿيو وڃي. سو
سوچيائين ته اهڙي پين ٺاهيان، جنهن ۾ پِنن جو
جنجهٽ ئي نه هجي، انهي ڪوشش ۾ الاس پيرو 1938ع ۾
اهڙي پين ٺاهي ورتي، جنهن ۾ نِب جي بدران هڪ تار
جهڙي نلڪي هوندي آهي ۽ ان ۾ هڪ خاص قسم جي مس ڀري
ويندي آهي. انهي پين کي ”بال پين“ سڏيو وڃي ٿو.
غلام عباس لاشاري
دوستي ۽ فرض
اسلم ۽ سليم ٻئي گهرا دوست هئا. هڪ ئي ڪلا س ۾ پڙهندا هئا. ٻئي
پاڙيسري به هئا. اسلم ڪجهه امير هو ۽ سليم ڪجهه
غريب هو. اسلم ۽ سليم جي ڪلاس ۾ ٻن نون ڇوڪرن
داخلا ورتي. اهي ڇوڪرا خراب هئا. هڪ جو نالو پرويز
هو ۽ ٻئي جو نالو وسيم هو. پرويز ۽ وسيم اچي سليم
سان گڏ ويٺا ۽ هڪ ٻئي کان احوال وٺڻ لڳا. اسلم کي
اهي ڇوڪرا سٺا نه لڳا، ان ڪري اسلم انهن سان گهڻي
ڊيگهه نه ڪئي. پر سليم جي پرويز ۽ وسيم سان دوستي
ٿي ويئي. سليم انهن ڇوڪرن جي صحبت ۾ اچي ويو ۽
اسلم، سليم کي منع ڪندو هو ته انهن سان نه گهم. پر
سليم، اسلم جي ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻئي ڪن کان
ڪڍي ڇڏيندو هو.
هڪ ڏينهن پرويز ۽ وسيم سليم کي چيو ته، اڄ رسيس ۾ اسڪول مان ڀڄي
ٿا هلون ۽ هلي ڀر واري هوٽل ۾ چانهه ٿا پيئون.
سليم اسلم کي به چيو. پر اسلم، سليم کي چيو ته
”آئون ڪونه ڀڄي هلندس. سٺو اٿئي ته تون به نه وڃ.“
پر سليم، اسلم جي نه ٻڌي ۽ پرويز ۽ وسيم سان گڏجي
رسيس ۾ ڀڄي ويا. آهستي آهستي سليم کي اسڪول مان
ڀڄڻ جي عادت پئجي ويئي ۽ هاڻي سليم اسلم کي به
وسارڻ لڳو. تڏهن به اسلم سليم کي منع ڪندو هو ته،
انهن ڇوڪرن سان گڏ نه گهم ۽ اسڪول مان نه ڀڄي وڃ.
اسلم جون اهي ڳالهيون هاڻي سليم کي زهر لڳڻ لڳيون، پر اسلم به
اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته سليم کي ڪڏهن نه ڪڏهن
ضرور صحيح رستي تي آڻيندو. آهستي آهستي ڏينهن
گذرندا ويا ۽ سليم وڌيڪ خراب ٿيندو ويو.
هڪ ڏينهن اسلم ڏٺو ته سليم جي هٿ ۾ سگريٽ آهي. اسلم اهو ڏسي
حيران ٿي ويو ۽ اسلم جلدي جلدي وڃي سليم جي پيءَ
کي ٻڌايو ته، سليم ڦلاڻي هوٽل ۾ خراب ڇوڪرن سان
سگريٽ ٿو پيئي. پر سليم جي پيءُ اسلم جي ڳالهه تي
يقين نه ڪيو ۽ اسلم کي چيائين ”منهنجو پٽ هميشه
اسڪول ۾ سٺين مارڪن سان پاس ٿيندو آيو آهي. منهنجو
پٽ خراب نه ٿو ٿي سگهي.“ اسلم، سليم جي پيءُ کي
چيو ته ”جيڪڏهن اوهان کي يقين نه ٿو اچي ته هلي
پاڻ ڏسو.“ ٻئي هوٽل ۾ آيا ۽ اتي ڏسن ته سليم آهي
ئي ڪونه. سليم جو پيءُ هن تي ڪاوڙجي گهر هليو ويو.
هڪ ڏينهن سليم ۽ پرويز نشي جون شيون وٺڻ پئي ويا ته، اسلم، سليم
جن کي ڏسي ورتو. اسلم سمجهيو ته وري به سليم جن
ساڳئي هوٽل ۾ ويندا. ان ڪري سليم جن جيستائين هوٽل
۾ وڃن، تيستائين مان وڃي سليم جي پيءُ کي ٻڌايان
ته توهان جو پٽ نشي جو عادي ٿي ويو آهي. اسلم سليم
جي پيءُ کي ان هوٽل ۾ وٺي آيو. اتي ڏسن ته وري به
سليم آهي ئي ڪونه. پوءِ سليم جي پيءُ اسلم جي ڏاڍي
بيعزتي ڪئي. ان ئي ڏينهن سليم پنهنجي گهر مان پئسا
چورائي ويو هو. جنهن ڏينهن اسلم سليم جي گهر ويو
هو. انهن پئسن جو الزام اسلم تي لڳو. ڇو ته اسلم
ان ڏينهن سليم جي گهر سليم جي شڪايت ڪرڻ ويو هو.
اسلم جي والدين به اسلم جي ڏاڍي بيعزتي ڪئي. تڏهن
به اسلم سليم جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ چيائين ته مان
پنهنجي دوست جي خاطر ڪجهه ڪري سگهان ٿو. جنهن
ڏينهن سليم گهر مان پئسا چورايا هئا، ان ڏينهن
سليم گهڻو نشو ڪيو هو، ان ڪري سليم تمام گهڻو
بيمار ٿي پيو. ڊاڪٽر سليم جي پيءُ کي چيو ته:
”سليم کي فورن نشي واري اسپتال ۾ داخل ڪرايو
وڃي.ڇو ته هي نشو ڪندو آهي.“ جيڪي سليم جي پيءُ وٽ
پئسا هئا، اهي سليم چوري کڻي ويو هو. سليم جو پيءُ
ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي
آيو.
اسلم کي جڏهن اها خبر پئي ته سليم ڏاڍو بيمار آهي ۽ سليم جي
پيءُ وٽ پئسا نه آهن جو سليم جو علاج ڪرائي. پوءِ
اسلم پنهنجي پيءُ کي چيو ته ”بابا سائين منهنجو
دوست سليم ڏاڍو بيمار آهي. ۽ سليم جي پيءُ وٽ
ايترا پئسا نه آهن، جو هو سليم جو علاج ڪرائي.“
اسلم جي پيءُ اسلم کي ڪجهه پئسا ڏنا. انهن پئسن
مان اسلم، سليم جو علاج ڪرايو. سليم ٺيڪ ٿي ويو.
سليم ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ کي چيو ته
”جيڪي پئسا چورائجي ويا هئا. اهي پئسا مون چورايا
هئا. مون کي معاف ڪريو.“ پڻس کلي چيس ته ”پٽ اسان
لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي جو تون ٺيڪ ٿي ويو آهين.“
هاڻ سليم ۽ اسلم گڏ گهمندا آهن، ۽ اسلم کي فخر آهي
ته هن دوست جي جان بچائي آهي.
قادر ڪنڌر سنڌي
سچار ڇوڪر
احمد هڪ محنتي، هوشيار ۽ سچار ڇوڪر هو. هو هميشہ سچ ڳالهائيندو
هو. هن کي ماءُ جي نصيحت هئي ته ”ابا هميشہ سچ
ڳالهائجائين ۽ ڪوڙ نه ڳالهائجائين. ڪوڙ ۾ لعنت
هوندي آهي ۽ سچ ۾ رحمت هوندي آهي.“
هڪ ڏينهن احمد شهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هن 50 رپيا ۽ هڪ
سون جي منڊي ڏٺي ۽ کڻي اچي هو هڪ جاءِ تي ويهي دل
۾ سوچڻ لڳو ته ڇا ڪريان. ٻيءَ ڏينهن اسڪول ۾ آيو ۽
استاد جي پهچڻ سان سڀ ٻار اٿي بيٺا. استاد ويهڻ
لاءِ چيو. شاگرد ويهي رهيا. استاد شاگردن کان پڇڻ
لڳو ته ”ٻارؤ هڪ ڳالهه ٻڌو.“ ٻار خاموش ٿي ويا.
”ٻارؤ! منهنجا 50 رپيا گم ٿي ويا آهن ۽ ان سان گڏ
هڪ سوني به منڊي گم ٿي ويئي آهي.“ استاد جو اهو
چوڻ ۽ احمد يڪدم اٿي بيٺو. سائين مون ڪلهه 50 رپيا
۽ منڊي شهر مان لڌي آهي.
استاد احمد کي پنهنجي طرف سڏ ڪيو ۽ احمد آيو. استاد احمد جي سچ
ڳالهائڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خوشي مان هن کي 10 رپيا
خرچي يعني انعام ڏنو.
دوستو! اوهان به سچ ڳالهايو ۽ ٻين کي تنقيد ڪريو ته هو سچ به
ڳالهائين.
عبدالغفور سومرو
ڏاهو ٻار
احسن نالي هڪڙو ڏاهو ڇوڪر هو. اٺين جماعت ۾ پڙهندو هو. صبح جو
اٿندي وضو ساري نماز پڙهندو هو. نيرن کائي سڌو
اسڪول ۾ ويندو هو. تمام گهڻي محنت ڪندو هو. ان ڪري
اسڪول ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو. گهر ۾ ڪڏهن
به گهپي نه ڪندو هو. ماءُ پيءَ وڏن جي ادب ۾ رهندو
هو. راند کيڏڻ ويندو هو ته به سوير گهر موٽندو هو.
هڪڙي ڀيري احسن جي ماءُ بيمار ٿي پيئي ۽ مند به هئي سياري جي.
هڪ رات ماءُ سڏ ڪري چيس ته: ”ابا! ٿورو پاڻي ته
ڏِئينم!“ احسن پاڻي کڻي آيو، ماڻس جي اک لڳي ويئي
هئي.
احسن دل ۾ خيال ڪيو ته اميءَ کي ننڊ مان ڪيئن جاڳايان! سو پاڻي
جو گلاس هٿ ۾ جهلي بيهي رهيو. ڪافيءَ دير کان پوءِ
ماڻس سُجاڳ ٿي ته ڏٺائين ته احسن پاڻي جهليو بيٺو
آهي. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. پاڻي پي چيائين ته: ”سدورا
پٽڙا! تون منهنجي لاءِ هيڏي سيءَ ۾ بيٺو هئين. خدا
توکي وڏي عمر ڏئي ۽ توکي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب
ڪري. شال هميشه خوش رهين.“
احسن کي جيڪا ماءُ دعا ڪئي هئي، سا نيٺ پوري ٿي. احسن پنهنجي
مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي. وڏو ٿي هڪ قابل ڊاڪٽر بنجي
پيو ۽ ننڍو وڏو کيس ڊاڪٽر احسن صاحب سڏڻ لڳو.
ممتاز علي ڏيرو
ٽائيپ رائٽر
دوستو! ٽائيپ رائيٽر ته اوهان ضرور ڏٺو هوندو. خاص ڪري ڪاليجن،
اسڪولن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري آفيسن ۾ ته هوندو ئي
هوندو آهي. جنهن تي لکڻ جو ڪلاڪن جو ڪم منٽن ۾ ڪري
سگهجي ٿو. ٽائيپ رائيٽر ڪيئن وجود ۾ آيو ۽ ان کي
ڪنهن ايجاد ڪيو؟ اچو ته ان بابت اوهان کي ڪجهه
ٻڌايان.
اهو شخص جنهن پهريون ٽائيپ رائيٽر ايجاد ڪيو. ان جو نالو ”ڪرسٽو
فرليٿام شولز“ آهي. امريڪا جو رهاڪو هو. ننڍپڻ کان
ئي سائنس، علم و ادب، شعر و شاعري، سير و سياحت ۽
راندين ۾ شطرنج سان بيحد لڳاءُ هوس. اسڪول کان
پوءِ ڪجهه مالي مجبورين سبب والد کيس آرام سان
ڪنهن سٺي ڪاليج ۾ تعليم ڏياري نه سگهيو، تنهن ڪري
ڪجهه تعليم کان پوءِ ”ملواڪي وسڪائونس“ نالي اخبار
جو ايڊيٽر ٿيو. ڪرسٽو فرلٿيام شولز کي ٻين مشغلن
کان علاوه هٿ جي بجاءِ مشين ذريعي ڪم ڪرڻ جو شوق
تمام گهڻو هوندو هو.
سن 1860ع ۾ ”ابراهام لنڪن“ صدر امريڪا ”ملواڪي“ جي بندرگاهه تي
شولز کي ڪسٽم ڪليڪٽر مقرر ڪيو. هن کي ان دؤران
سائنسي تجربن ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت مليو. سن 1864ع ۾
شولز هڪ لوهه جي ڪارخاني جي مالڪ جي چوڻ تي هڪ
صفحن تي انگ وجهڻ واري مشين ٺاهي. پر ان ڪم شولز
کي مطمئن نه ڪيو. هڪ ڏينهن هن تار آفيس ۾ هڪ اهڙي
ڪنجي ڏٺي، جنهن جي مٿئين حصي کي دٻائي چرخي بند
ڪئي ويندي هئي. هن کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته
جيڪڏهن هن ڪنجي جي مٿين حصي ۾ هڪ پلاسٽڪ هُڪ جوڙي
ان تي ڪو حرف ڄمائجي ته اهو بٽڻ دٻائڻ سان آساني
سان ڪاغذ تي پوندو ۽ اهڙي قسم جون گهڻيون ڪنجيون
ٺاهي مشين ۾ فٽ ڪجن ته هڪ سٺو ٽائيپ رائيٽر ايجاد
ٿي سگهي ٿو. انهيءَ کان پوءِ شولز تجربن جو طويل
سلسلو شروع ڪري ڏنو. ڏينهن رات جي سخت محنت سان
آخرڪار اهڙي قسم جون ڪنجيون ٺاهي مشين ۾ فِٽ ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. تجربي طور سڀ کان پهرين هن حرف
”ڊبليو“ بٽڻ دٻائي لکيو ۽ تجربو غير معمولي حد
تائين ڪامياب ثابت ٿيو.
ڪرسٽو فرليٿام شولز بعد ۾ انهي مشين تي وڌيڪ ڪم ڪندو رهيو.
تجربن ذريعي ان ۾ وڌيڪ نواڻ ۽ جدت آندائين. آخرڪار
شولز سن 1867ع ۾ مڪمل ۽ ڪارآمد ٽائيپ رائيٽر ايجا
دڪري، ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. دوستو محنت ۽
لگن سان سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. اميد ته اوهان به
محنت ڪندا ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
محمد نواز ڪورائي بلوچ
شرارت
ڪنهن ڪلاس ۾ بوبي ۽ نويد پڙهندا هئا. نويد تمام ذهين ڇوڪر هوندو
هو ۽ بوبي هڪ شرارتي ڇوڪر. بوبي شرارتي ان ڪري
هوندو هو، جو شاهوڪار جو پٽ هو. انهي ڪري هن کي ڪو
فڪر ئي ڪونه هوندو هو. جڏهن ته نويد هڪ غريب
هاريءَ جو پٽ هو. نويد جو پيءُ ڪراڙو هوندو هو. پر
ان جي باوجود به نويد کي پڙهائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم
ڪندو هو. نويد ۽ بوبي پاڻ ۾ گَهرا دوست هئا ۽ هڪ
ئي ڊيسڪ تي ويهندا هئا. جڏهن به کيس ڪو فري پيرد
ملندو هو، ته ان ۾ نويد پنهنجي پڙهائي ۾ مشغول
رهندو هو. جڏهن ته بوبي شرارت ڪندو هيو. ڪڏهن ڪلاس
ماستر جي ڪرسي تي ويهي، ته ڪڏهن ڇوڪرن سان وڙهي.
ڇاڪاڻ ته نويد بوبي جو گهرو دوست هو، ان ڪري هو ان
کي بار بار سمجهائيندو هو ته يار تون هي حرڪتون ڇو
ٿو ڪرين. ڪرسين تي ويهندي ڪڏهن سائين ڏسي وٺي ته
پوءِ؟ اڙي ڪجهه ڪونه ٿيندو. مان تو وانگر ناهيان،
جو گهر ۾ به پڙهان ته فري پيرڊ ۾ به سڄو ڏينهن
ڪتاب ۾ منهن وجهيو ويٺو هجان. اهڙي پڙهائي مان ڇا
ملندو. آخر جڏهن امتحان جو ڏينهن آيو. ماستر
ڪاپيون ورهائي ويو. جڏهن نويد کي ڪاپي ملي ته هو
لکڻ ۾ شروع ٿي ويو ۽ جڏهن بوبي کي ڪاپي ملي ته هو
هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. هاڻي هن کي پنهنجي
حرڪتن تي پڇتاءُ ڪرڻو پيو. آخر امتحان خير و خوبي
سان گذري ويو. جڏهن نتيجو نڪتو ته بوبي جي پيءُ کي
خبر پئي ته، هن جو پٽ امتحان ۾ فيل ٿي پيو آهي.
پوءِ هن پنهنجي پٽ کي ڏاڍو ماريو. آخر هن جي خرچي
وغيره بند ڪري ڇڏيائين.
پيارا ٻارو! توهان به نويد وانگر ڏينهن رات محنت ڪري سڄي اسڪول
۾ فرسٽ پوزيشن کڻجو. پر بوبي وانگر شرارتي ٻار نه
ٿجو ڇاڪاڻ ته سياڻن جو چوڻ آهي ته شرارت ڪم شيطان
جو آهي.
پرويز سومرو |