اختر مريد بڪڪ
غزل
هي ننڍڙا ٻارڙا ڏاڍا ٿا وڻن
منهنجي دل کي هي پيارا ٿا لڳن
صبح سويري جڏهن وڃن اسڪول
چڻ ڪي گُل گُلشن ۾پيا ٽڙن
هِنن جهڙو ٻيو ڪوبه نه جڳ ۾
هر ڪنهنجي هي عزت ڪن
هر ڪو پيو هنن کي پيار ڪري
چيو وڏن جو ٿا هي مڃن
قبول پوي شل دعا اختر جي
وڏا به ٿي اهڙا ئي هجن.
علي رضا شاهه (انٽرويو وٺندڙ)
ممتاز علي انڙ
(هوشيار شاگرد)
سوال: ادا سڀ کان پهريائين توهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: جي ادا ضرور، منهنجو نالو ممتاز علي انڙ آهي، منهنجو ڳوٺ
الله وسايو انڙ آهي، جيڪو تعلقه ڪنڊياري ۽ ضلع
نوابشاهه ۾ آهي. مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانواهڻ
۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهندو آهيان.
سوال: توهان جي ادب ۾ به دلچسپي آهي ۽ مصوري ۾ به. جيئن ته
توهان مڊل ايليمينٽري جي امتحان ۾ پنهنجي سينٽر ۾
ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي. هاڻي توهان اهو ٻڌايو ته
توهان کي اهي ٻئي شوق ڪيئن ٿيا؟
جواب: شروع شروع ۾ مون کي ڊرائينگ ڪرڻ، ڀتين تي ليڪاپائڻ ۽ پوءِ
پين پنو مليو ته ڪاغذن تي ليڪا ڪڍي تصويرون ڪڍڻ
لڳس. هاءِ اسڪول ۾ اچڻ کان پوءِ اهو شوق ويتر وڌيو
۽ اٺين ڪلاس ۾ ڊرائنگ جو فارم ڀرايم. امتحان ۾
منهنجي سٺي پوزيشن آئي آهي. باقي رهيو ادب سان
دلچسپي جو سوال ته ان لاءِ مان اهو چوندس ته
منهنجو وڏو ڀاءُ منظور پريمي لکندو آهي ۽ ادبي
پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آهي ته هو مون کي به پاڻ سان
گڏ وٺي ويندو آهي. ائين مون کي به اهي ادبي
ڪچهريون ۽ فنڪشن ڏسي لکڻ جو شوق ٿيو.
سوال: توهان ڇا ڇا لکيو آهي؟
جواب: جي ادا مان لکڻ جي شروعات ڊرامن سان ڪئي آهي. ٻه ڊراما
ڪيا اٿم مان چاهيان ٿو ته مان ٽي وي جو ڊرامو
لکندڙ ٿيان.
سوال: توهان جو پڙهائي جو طريقه ڪار ڇاهي. ڪيترو وقت ڪتابن کي
ڏيندا آهيو؟
جواب: منهنجي پڙهائي جو طريقه ڪار منهنجي نظر ۾ ته بهتر آهي ڇو
ته مان اسڪول ٽائيم کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ چار ڪلاڪ
گهر پڙهندو آهيان ۽ ائين آساني سان ڪورس پوروڪري
ويندو آهيان.
سوال: توهان کي رانديون ڪهڙيون پسند آهن ۽ توهان پاڻ ڪهڙي راند
ڪندا آهيو؟
جواب: ادا ڪرڪيٽ، هاڪي، والي بال منهنجي پسند جون رانديون آهن
باقي مان پاڻ ڪرڪيٽ شوق سان کيڏندو آهيان. ڇو ته
راند به صحت لاءِ نهايت ئي ضروري آهي.
سوال: توهان مستقبل ۾ مصوري جو شوق جاري رکندا يا ادبي شوق جاري
رکندا؟
جواب: مان سمجهان ٿو ته منهنجو ذهني لاڙو ادب ڏانهن وڌيڪ آهي.
وقت سان مصوري جو شوق پورو ڪندس.
سوال: ادا ممتاز اهي ته ٿيو سڀ توهان جي شوق جون ڳالهيون. هاڻي
ٻڌايو ته مستقبل ۾ ڇا ارادو آهي. ڊاڪٽر بنجڻ جو يا
انجنيئر ٿيڻ جو؟
جواب: ادا اسان جي گهر ۾ هڪ ڊاڪٽر اڳ ۾ ئي آهي. باقي مون کي
فلائيٽ انجنيئر ٿيڻجو شوق آهي ۽ اميد اٿم ته مان
مستقبل جو فلائيٽ انجنيئر ئي هوندس.
سوال: ادا توهان سان ڏاڍيون سٺيون سٺيون ڳالهيون ٿيون. آخر ۾
پنهنجن دوستن ڏانهن ڪو پيغام ڏيو؟
جواب: جي ضرور. مان پنهنجي دوستن کي اهو چوندس ته وڌ ۾ وڌ محنت
ڪن، ڇو ته اسان جي قوم کي تمام سٺن ڊاڪٽرن، تمام
سٺن انجنيئرن، وڪيلن ۽ وڏن وڏن هوشيار آفيسرن جي
ضرورت آهي. جيڪي قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائي سگهن.
محمد عثمان عباسي
غريب ماڻهو ۽ ان جي زال
ڪنهن زماني ۾ هڪ غريب مرد ۽ سندس زال رهندا هئا. مائي ٻين وٽ ڪم
ڪار ڪندي هئي، تنهن هوندي به ٻئي تنگ زندگيءَ
گذاريندا هئا. هڪ ڏينهن زال چيو مڙس کي:
”ميان ڏس! اسان اهڙي طرح پنهنجي غريبي مان ڪڏهن به ڇوٽڪارو حاصل
ڪري نه سگهنداسين، تون ٻين جاين تي وڃي اسان لاءِ
ڪجهه ڪمائڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟“
مڙس زال جي چوڻ تي عمل ڪيو، ان هڪ مالدار ڳوٺ جو رخ ڪيو. جتي هن
کي هڪ صوفن جي باغ جي نگراني جو ڪم ملي ويو. هي
باغ ۾ ننڍي جهوپڙي ٺاهي رهڻ لڳو. ان عرصي دوران
ڪٿان هڪ ٻلي ڦرندي آئي ۽ ساڻس گڏ رهڻ لڳي، خزان ۾
باغ جي مالڪ هن کي معاوضي طور صوف ڏنا.
انهن ڏينهن ۾ هڪ واپاري، جيڪو هن غريب ماڻهو جي ڳوٺ ۾ رهڻ وارو
هئو سو باغ وٽان لنگهيو، غريب ماڻهو کيس سلام ڪيو
۽ چيو ”مان هڪ ٻوري صوفن جي ڪمائي آهي، ان کان
سواءِ مون وٽ هڪ ٻلي به آهي، بس منهنجي اهائي
ڪمائي آهي. ڇا تون مهرباني ڪري اهي منهنجي گهر
واري تائين پهچائيندين؟“
”ضرور پهچائيندس“ واپاري چيو: ”پر پهريائين ٻين جاين تي وڃي
پنهنجو سامان وڪڻندس.“
هڪ جاءِ تي واپاري کي هر شيءِ جي گهڻائي نظر آئي، پر صوف ڏسڻ ۾
نه آيا، اتي صوف پيدا نه ٿيندا هئا. ماڻهن
واپاريءَ جي خوشامد ڪئي ته اهو پنهنجا صوف وڪڻي،
پهريائين ته هن انڪار ڪيو، پر اشرفين جي هڪ ڍير جي
عيوض سڀ صوف وڪڻي ڇڏيا.
واپاري هڪ ٻئي ملڪ پهتو ۽ پنهنجي سامان سان گڏ واپاري وارو
سامان کڻي بادشاهه جي درٻار ۾ ويو، اتي هن ڪوئن جا
ڌڻن جا ڌڻ چئني طرفن کان ڊڪندي ڏڍا، اتان جا ماڻهو
ان معاملي ۾ ڪجهه به نه پيا ڪري سگهن.
”جيڪڏهن مان توهان جي هنن خطرناڪ ڪوئن کان جان ڇڏايان ته توهان
مون کي ڇا ڏيندو؟“ واپاريءَ بادشاهه کان پڇيو:
”اشرفين سان ڀريل هڪ ٿيلهو ڏيندس.“
واپاريءَ ٻوريءَ مان بکايل ٻلي کي ڪڍيو، ٻليءَ ايندڙ ويندڙ سڀني
ڪوئن کي ماري وڌو.
بادشاهه واعدو پورو ڪيو ۽ واپاري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو.
واپاري غريب ماڻهو جي زال کي ڍير اشرفين جا ڏنا ۽ چيو: ”تنهنجي
مڙس هي تنهنجي لاءِ ڏنو هئو.“ غريب ماڻهو جي زال
دولت مان هڪ سٺو گهر ٺهرايو ۽ پٽ کي اسڪول موڪلڻ
لڳي. تقريباً پنڌرهن سال ٿي ويا. ان سڄي عرصي ۾
غريب هاري فقط ٽي اشرفيون ڪمائي سگهيو. اهي کڻي
پنهنجي ڳوٺ ڏانهن اچڻ جو اردو ڪيو.
سفر دوران هي هڪ رات هاري جي گهر رهيو. ان رات اتي هڪ گهريلو
سامان جي نمائش جو بندوسبت ڪيو هئو. دعوت جاري
هئي، گهڻي تعداد ۾ مهمان، اهي ٿانو کڻي رهيا هئا ۽
خوشي ۾ مصروف هئا. فقط هڪ شخص اهڙو هئو، جنهن نه
ڪجهه کاڌو نه ڪنهن سان ڳالهه ڪئي.
”توهان جو اهو مهمان خاموش ڇو آهي؟ غريب ماڻهو پنهنجي ميزبان
کان پڇيو ”ان ڪري جو هن جي هر ڳالهه سون جو ملهه
لهندي آهي.“
غريب ماڻهو ايتريقدر حيران ٿيو جو ان کيسي مان هڪ اشرفي ڪڍي،
اچي هيءَ هڪ اشرفي“ هن خاموش ماڻهو کي چيو، تون هي
وٺ ۽ مون کي ڪجهه ٻڌايو، خاموش ماڻهو غريب کي چيو:
”تون نه مرندين،جيستائين موت پنهنجو پاڻ نه اچي ۽
اونهائي کان نه ڊڄ.“
غريب ماڻهو اڃا به وڌيڪ حيرت ۾ پيو هن ٻي به اشرفي ڪڍي ”وٺ هيءَ
به رک! هن چيو: مون کي ٻيو به ٻڌاءِ“
بهترين عورت اها آهي جنهن کي تون پنهنجي دل ۽ روح جي گهراين سان
چاهين.“ هن چيو ”تنهنجون ٻڌايل ڳالهيون مون کي
ايترو ته پسند آهن جو مان پنهنجي آخري اشرفي به
ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
” توکي جڏهن ڇڪ (نڇ) اچي ته ڪجهه ڪرڻ کان پهرين بس ڪري سوچ.“
صبح جو غريب ماڻهو پنهنجي سفر تي روانو ٿي ويو، هن هڪ ڳوٺ ۾
کوهه جي چوڌاري ماڻهن جو ميڙ ڏٺو ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟
هن پڇيو:
”هڪ خطرناڪ (ڏکيو) مسئلو سامهون آهي ”هن کي ٻڌايو ويو، کوهه ۾
فقط جڳ ڀرڻ جيترو پاڻي باقي آهي ۽ مصيبت اها آهي
ته جيڪو به پاڻي ۾ لهي ٿو ته واپس نه ٿو موٽي.
هاڻي ستت ئي اسان سڀ اڃ جي ڪري مري وينداسين. شايد
تون اسان لاءِ پاڻي آڻڻ جي ڪوشش ڪندين؟ جيڪڏهن تون
هي ڪري سگهين ته اسان سڀ هڪ هڪ اشرفي توکي
ڏينداسين.“
غريب ماڻهوءَ خاموش ماڻهوءَ جي ٻڌايل ڳالهين کي ياد ڪيو ۽ چيو:
”هيڏي اچو.“ هي کوهه ۾ لٿو، ڏٺائين ته کوهه جي تري
۾ هڪ وڏي ميز رکيل آهي ۽ ان تي هڪ ڪئو ۽ ڏيڏر ڏسي
حيرت ۾ پئجي ويو.
ڪوئي چيو: ”هاڻي جيئن ته اچي ويو آهين! ته منهنجي سوال جو جواب
ڏي. جيڪڏهن تو منهنجي سوال جو صحيح جواب نه ڏئي
سگهئين ته مان تنهنجي سسي ڪپي ڇڏيندس“
”پڇو“ غريب ماڻهو چيو.
”هن ڏيڏري کي ڏس- ڇا هن سان شادي ڪري سگهجي ٿي؟
”بهترين عورت اها آهي، جنهن کي تون دل ۽ روح جي گهراين سان
چاهين“ غريب ماڻهوءَ خاموش ماڻهو جي ٻڌايل ڳالهه
ٻڌائي. هن اهي لفظ ٻڌا ئي مس ته ڪئو ۽ ڏيڏري ڦنڊڻ
شروع ٿي ويا. اهي ٻئي ڦوڪبا ٿي ويا، ته اوچتو هنن
جي کل ڦاٽي پئي ۽ هنن هڪ خوبصورت نوجوان ۽ هڪ سهڻي
ڇوڪري جو روپ ورتو ”تو اسان کي هڪ جادوءَ کان
ڇوٽڪارو ڏياريو آهي.“ نوجوان چيو: شڪريه جي طور تي
هي دولت قبول ڪر.
غريب ماڻهو (جيڪو هاڻي غريب نه هئو) جڳ ۾پاڻي کڻي کوهه مان ٻاهر
نڪري آيو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن به هن کي سندس يقيني موت
کان بچڻ جي عيوض تمام گهڻي دولت سان نوازيو، ايتري
۾ کوهه پاڻي سان ڪنن تائين ڀرجي ويو.
هاڻي اهو ماڻهو پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ هن ڀلا ڇا ڏٺو. هن پنهنجي
جهوپڙيءَ جي جاءِ تي هڪ شاندار گهر ڏٺو ۽ ان جي
چوڌاري هڪ خوبصورت باغيچو هئو. هن دريءَ مان ليئو
پاتو ته هڪ عورت نوجوان سان گفتگو ڪندي ڏٺو.
”آه! هيءَ ماجرا ڇا آهي“ هن سوچيو منهنجي وڃڻ کان پوءِ هڪ
شاهوڪار ماڻهو سان شادي ڪري ڇڏي آهي. مان هنن
ٻنهين کي ٺيڪ ڪندس.“ اهو چوندي هن پنهنجي بندوق
سان نشانو ڪيو، گولي هلائڻ وارو ئي هو ته هن کي ڇڪ
(نڇ) آئي. کيس خاموش ماڻهو جا لفظ ياد اچي ويا.
اهي سوچڻ جي لاءِ بيهي رهيو. هن نوجوان مائي کي
چوندي ٻڌو:
”پياري امان! ڪهڙي ڳالهه آهي جو اڃا تائين منهنجي پيءَ جي خبر
نه پئي آهي؟ مون کي ان جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي
رهي آهي.“
مائي جواب ڏنو، آهه منهنجا جگر روئيندي روئيندي منهنجون اکيون
سڪي ويون آهن، منهنجي دل چاهي ٿي ته اهو واپس اچي
۽ ڏسي ته هو ڪهڙي نه خوبصورت پٽ جو پيءَ آهي.“
ماڻهو هڪ ڌڪ سان دروازو کوليو ۽ گهر واري ۽ پُٽ سان ملڻ جي لاءِ
جلدي گهر ۾ داخل ٿي ويو.
هن سٺي نصيحت جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن آخري درهمن کي قربان
ڪرڻ تي ڪيترائي دفعا پنهنجو پاڻ شڪريه ادا ڪيو ته
اهڙي طرح هن جوڙي کي خوشي نصيتب ٿي ۽ ڪاش! توهان
کي به نصيب ٿئي.
امام راشدي (اسان جا اديب)
مقصود گل
مقصود گل جو شمار سنڌ جي چند انهن اديبن ۽ شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن
ٻارن لاءِ ججهو لکيو آهي. شاعري سان گڏ ٻارن لاءِ
ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿس. پاڻ سنڌ جي تاريخي شهر
رتيديري ۾، مشهور شاعر ۽ اديب محترم قاضي عبدالحئي
قائل جي گهر ۾ 15 اپريل 1950ع ۾ ڄائو. سندس گهراڻو
علمي ادبي هو. ان جو اثر مقصود گل تي به پيو.
تعليم ايم. اي سنڌي، ايم. اي اڪنامڪس اٿس. پاڻ
لاڙڪاڻي شگر مل نئون ديرو ۾ اسٽنٽ مئنيجر آهي.
شاعريءَ ۾ سندس استاد سنڌ جو مايه ناز عالم اديب، شاعر، دانشور
محترم ڊاڪٽر عطا محمد حامي هو. مقصود گل هڪ نهايت
پر خلوص، مٺڙو محبتي ماڻهو آهي. اچو ته کانئس گل
ڦل لاءِ ڪيل ڳالهه ٻولهه ٻڌون:
امام راشدي: ٻالجتيءَ بابت ٻڌايو؟
مقصود گل: ٻالجتيءَ جا پيارا ۽ نيارا ڏينهڙا انڊلٺ جي رنگن
وانگي اڄ به ذهن جي پردي تي رنگ پکيڙيندا رهن ٿا.
پرائمري اسڪول ۾ بئنچ تي گهوڙي وانگر ويهي صورتخطي
۽ چارٽ لکڻ، رسيس ۾ جيڏن ۽ سرتن سان راندين دوران
رسڻ ۽ پرچڻ، استادن جي پيار پاٻوهه واري ڇينڀ ۽
ڪاوڙ، بابي جي آڱر پڪڙي سڳني مل جي هٽ تان گيهر ۽
توشا وٺڻ، ڀائرن ۽ڀينرن سان گڏجي اک ٻوٽ کيڏڻ، امڙ
جي جهولي ۾ سمهي ٿڌڙا ڪڍائڻ ۽ رات جو بابي کان
ٻاراڻا بيت ۽ آکاڻيون ٻڌڻ. سچ پچ ته راشدي سائين
اهي عجيب ۽ انمول گهڙيون پوپٽن وانگر اڄ به خيالن
۾ کنڀڙيون ڦڙڪائي ڦيرا پيون پائن.
امام: شاعريءَ جي شروعات ڪڏهن کان ڪَيو؟
مقصود: امام سائين، ائين کڻي چوان ته مون کي پٽيءَ پڙهڻ وقت کان
شاعريءَ سان چاهه هو ته وڌاءُ نه ٿيندو. پرائمري
وارا بيت، ”واهه ڙي تارا گول تارا“، ”ٻارو اچي مڙو
هڪ ماڳ“، ”تازو تري اچي ٿو دل تي اهو زمانو“، ”خدا
عجب تنهنجي تعريف آ“، ”ڪرڻ آه بهتر ٻين سان
ڀلائي“، سڀ برزبان ياد هوندا هئا. ڪافي ته اڃا به
ياد اٿم جيڪي پنهنجي ٻارن کي ٻڌائيندو آهيان ۽
سُرور حاصل ڪندو آهيان. باقي شاعريءَ جي باقائدي
شروعات تقريباً 1974ع ۾ ڪيم.
امام: ٻارن لاءِ شاعري بابت ڪجهه ٻڌايو؟
مقصود: راشدي ڀاءُ جڏهن کان مون ادبي کيتر ۾ پير ڌريو ۽ قلم
سنڀاليو، تڏهن کان ئي مون ٻارن لاءِ لکڻ پنهنجو
فرض سمجهيو. ائين کڻي چئجي ته مون ادبي دنيا ۾ پير
ئي ٻارن لاءِ لکڻ سان پاتو. شروع ۾ ٻارن جي صفحن ۾
قيمتي قول، پروليون ۽ سائنسي معلومات جا سوال
لکيا. پر جڏهن مون ادب ۾ باقاعدي قدم ڌريو تڏهن
کان وٺي مون ٻارن لاءِ لکڻ پنهنجي زندگي جو اهو
فرض ڄاتو ۽ ٻارن لاءِ گلن جهڙا ٻارڙا، گل ڦل، ادبي
دنيا ۽ ٻارن جي ٻاري ۾ وِت وس آهر لکيو ۽ ڪافي
مواد شايع ٿيو. تازو 1985ع ۾ ٻارن لاءِ شاعريءَ جو
ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ شايع ٿي منظر عام تي آيو آهي. ان
کان سواءِ ”سنڌو ڪپ تي“ ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب تيار
آهي. جنهن ۾ ٻارڙن کي شاعريءَ رستي تقريباً سموري
سنڌ جو سير ڪرايو اٿم. اميد ته اهو به جلد ٻارن
جي هٿن ۾ پهچائي ڏيندس. ٻارن لاءِ مون نظم کان
سواءِ نثر لکيو آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيون، معلوماتي
مضمون ۽ سنڌ جي ادبي ۽ اهم شخصيتن جو تعارف شامل
آهي.
امام: ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو ڪم آهي. اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
مقصود: ادڙا، جڏهن ماڻهو ڪوبه فرض پنهنجي ذمي کڻي ٿو ته پوءِ
ڳالهه ڏکي ڪانهي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته
ماڻهو پختي ارادي سان ڪم جي شروعات ڪري. باقي
ايترو ضرور آهي ته جڏهن ماڻهو ٻارن لاءِ ڪجهه لکڻ
شروع ڪري ٿو، تڏهن ان کي پنهنجي سوچ ۽ شعور کي
ٻارن جي سطح تي آڻڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري وڏا اديب
چوندا آهن ته اهو ڏکيو ڪم آهي، جو اسين پنهنجي سوچ
جي بلندي کي هيٺ ڪريون. باقي مون ٻارن لاءِ لکڻ
وقت ڪابه ڏکيائي محسوس ڪانهي ڪئي.
امام: ٻارن لاءِ لکيل ادب مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
مقصود: مطمئن هئڻ معنيٰ اڳتي وڌڻ جو ارادو تبديل ڪري آرام سان
ويهي رهڻ، ته بس هاڻي اسان منزل حاصل ڪري ورتي
آهي. بس، انهيءَ لحاظ کان مطمئن ڪونه آهيان. ڇاڪاڻ
ته روز بروز بدلجندڙ تقاضائن تحت ٻارڙن کي سائنسي
سوچ جو ادب ڏيڻ سڀني اديبن جو قومي فرض آهي.
ٻاراڻو ادب ٿورو لکيو ويو آهي. مگر سٺو لکيو ويو
آهي. سنڌي ادبين کي گهرجي ته اسان ٻاراڻي سنڌي ادب
کي وڌيڪ شاهوڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. ڇاڪاڻ ته ٻار
بنيادي طرح جڏهن ادب پڙهندو ۽ منجهس ادبي شعور
پيدا ٿيندو، تڏهن ته وڏي هوندي هو ادبي اهميت
سڃاڻي سگهندو.
امام: وڏا اديب ٻاراڻو ادب نه ٿا لکن انهيءَ لاءِ تجويز؟
مقصود: مان مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته وڏا اديب پنهنجي وڏي سطح
کان هيٺ لهڻ پنهنجي توهين ٿا سمجهن ۽ ٻارن لاءِ
لکندڙ اديب کي گهٽ نظرن سان ٿا ڏسن پر اها سندن
ڀولڙي واري ڀل آهي، پر ٻين ٻولين وارا وڏا اديب ان
جي برعڪس ٻارن لاءِ لکڻ کي پنهنجو فرض سمجهن ٿا.
اردوءَ جي وڏن اديبن جو ڪم ڏسو هنن ٻارن لاءِ
ڪيترو نه ادب پيش ڪيو آهي. پر فخر سان پيش ڪيو
آهي. تجويز وري ڪهڙي پيش ڪريان بس وڏن اديبن سڳورن
کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪندس ته مهرباني ڪري قوم جي
ٻارن تي رحم ڪري ٻارن لاءِ لکو ۽ ضرور لکو.
امام: ننڍپڻ جو ڪو واقعو ٻڌائيندا؟
مقصود: راشدي ڀاءُ ننڍڙي لاءِ جا ڪيترائي واقعا آهن. ڪهڙا بيان
ڪجن. مان ڇهين جماعت ۾ پڙهندو هوس. شڪارپور ۾ آل
سنڌ انٽر اسڪول تقريري مقابلو ٿيندو هو. جنهن ۾ هڪ
موضوع ڏيندا هئا، ان جي مخالفت ۽ موافقت ۾
ڳالهائڻو پوندو هو. پهرين سال اسان جو اسڪول
مقابلو کٽي آيو هو. ٻيو سال هو ۽ ساندهه ٻه ساله
مقابلو کٽڻ واري اسڪول کي وڏي ٽرافي ملندي هئي.
مان ۽ منهنجو ساٿي بلڪل سٺي تياري ڪري آيا هئاسون.
جڏهن مون کي اسٽيج تي سڏيو ويو، ته مون پنهنجي
تقرير شروع ڪئي. ٿوري دير کان پوءِ منهنجي نڙي
سُڪي بند ٿي وئي ۽ گهڻي ڪوشش کان پوءِ به آواز نه
نڪتو ۽ مجبورا مون کي تقرير اڌ ۾ ڇڏي واپس اچڻو
پيو. جڏهن منهنجو ساٿي آيو. ان سان به ساڳي حآلت
ٿي. بعد ۾ خبر پئي ته اسان کي سازش ڪري سُندر
پياريو ويو آهي. ان واقعي منهنجي دل تي ايترو اثر
ڪيو جو مان ڪيترا سال اسٽيج کان ڪٽيل رهيس ۽ اڄ به
جڏهن اهو واقعو ياد ايندو اٿم ته دل کي ڌچڪو محسوس
ٿيندو آهي.
امام: ڏينهون ڏينهن تعليم جو معيار گهٽبو ٿو وڃي. اوهان وٽ ان
جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
مقصود: ڀاءُ تعليم متعلق سوال پڇيو اٿوَ ته مان وضاحت سان عرض
ڪندس ته اڄ ڪلهه تعليم جو معيارڏينهون ڏينهن گهٽبو
ٿو وڃي. ان جا ڪارڻ منهنجي خيال ۾ ٽيوشن ۽ ڪاپي
آهن. پرائمري جي پهرين درجي کان ئي اڄ جي ٻار جو
ٽيوشن سان واسطو پوي ٿو ۽ ٽيوشن جو مطلب آهي ته
استاد پنهنجي ڊيوٽي ٽائيم ۾ فرض شناسي سان ٻارن کي
نٿو پڙهائي. استاد سڳورا چون ٿا ته ٽيوشن سندن
مجبوري آهي. ڇاڪاڻ ته کين ايترو معاوضو ڪونه ٿو
ملي جو هو زندگي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. اها
ڳالهه ڪجهه قدر صحيح به آهي پر، ٽيوشن وٺڻ جي
باوجود به ٻار کي صحيح تعليم ڪونه ٿي ملي ۽ استاد
انهن شاگردن کي جيڪي وٽس ٽيوشن پڙهن ٿا. تن کي
ڪاپي جون سهولتون فراهم ڪري ٿو ۽ سيڪنڊري ليول تي
استاد هڪ ٻئي جو خيال رکندي، سفارش تي ٻار ڌڪي
مُڪي پاس ڪري ٿا ڇڏين. هاڻي اهو ٻار جنهن کي
ڪاپيءَ جي تربيت ڏني وئي آهي. اهو محنت واري
خوبيءَ کان وانجهو رهي ٿو. نتيجي ۾ ڪاليج ليول تي
ٻار ڪاپيءَ جي آسري پڙهن ئي ڪونه ٿا ۽ تعليم
ويچاري پنهنجي حال تي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ٿي.
ڊگريون ته ملن ٿيون پر تعليم جو ملهه ڪسيرو آ!
امام: ٻارڙن لاءِ پيغام؟
مقصود: ٻارڙن کي گل ڦل وسيلي پيار ۽ پاٻوهه سان صرف ائين چوندس
ته محنت سان پڙهو، ڪاپي ڪرائيندڙ اوهان جا دشمن
آهن، ڪاپيءَ کان پري رهو بس محنت ڪريو ۽ پڙهو...
پڙهو....
سرور سنڌي داد لغاري (مضمون نمبر 1)
هڪ ڏينهن جي ڳالهه
هي دنيا دورنگي آهي. ڪي ڏسو ته موٽرن، ڪارن، جهازن ۾ ٿا گهمن ۽
پئسي کي اڏائيندا ٿا وتن. ڪي ڏسو ته پئسي جي لاءِ
رات ڏينهن مزدوري ڪري رهيا آهن ۽ سندن جسم تي پورا
لٽا به ناهن. وقت ظالم آهي. ڪنهن جو به انتظار نٿو
ڪري. ڪڏهن ته بادشاهن کي فقير بڻايو ڇڏي ۽ ڪڏهن
غريبن کي امير بنايو ڇڏي. ڪي ويچارا اهڙا به سادا
ماڻهو آهن، جيڪي اڄ جي سائنسي دور ۾ به ساڳي ريت
وڏيرن جي غلامي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙو هڪ
شخص منهنجو ڪلاس فيلو، هوشيار ۽ ذهين دوست حفيظ جو
والد صاحب به آهي، جيڪو اڄ به وڏيري جي غلامي ۾
زندگي گذاري رهيو آهي. تاريخ 15-8-1989ع تي منهنجي
ملاقات منهنجي ڪلاس فيلو دوست حفيظ سان ٿي. هو
گذريل ٽن مهينن کان غير حاضر هو. مون حفيظ کان غير
حاضري جو سبب پڇيو ته هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
مون هن کي مس مس بس ڪرائي ۽ وري غير حاضري جو سبب
دريافت ڪيو؛ ته هن ٻڌايو ته منهنجو والد هڪ وڏيري
جو هاري آهي، جيڪو تمام ظالم آهي. ساري سال جي
محنت کان پوءِ به چوي ٿو ته اڃا منهنجو قرض رهيل
آهي. منهنجو والد هڪ سادو ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو آهي.
ان ڪري وڏيرو حساب ڪرڻ کان سواءِ ئي بابي کي
قرضدار بنائي ڇڏيندو آهي ۽ منهنجو اسڪول جو خرچ به
وڏيرو ڏيندو هو، جيڪو ٻيڻو ڪري هو قرضي واري بوڪ ۾
لکي ڇڏيندو هو. هاڻي وڏيري منهنجو خرچ بند ڪري
ڇڏيو ۽ بابي کي ڌمڪي ڏني ته، اگر تو هن سال مون کي
مڪمل قرض ادا نه ڪيو ته مان توکي پوليس هٿان
بيعزتو ڪرائيندس. بابي وڏيري کي تمام گهڻيون منٿون
ڪيون. آخرڪار وڏيري چيو ته اگر تون هن سال مون کي
قرض ادا ڪرين ته تون آزاد آهين. اگر نه ڪندي ته
مرڻ تائين توکي منهنجو غلام ٿي گذارڻو پوندو. ان
ڪري مان اسڪول نه اچي سگهيس. مون پڇيو ته پوءِ
هاڻي توکي پئسا ڪٿان مليا؟ ته هن چيو ته ”بابا
منهنجي تعليم جي باري ۾ وڏيري کي چيو ته وڏيري چيو
ته، ”مان حفيظ جي باري ۾ حڪومت کي درخواست ڏيندس.
اگر قبول ٿي ته واه نه ته هن جي قسمت. وڏيري
درخواست ڏني ته درخواست منظور ٿي ۽هر ماه منهنجو
500 سو رپيا وظيفو مقرر ٿيو. جيئن ته درخواست
وڏيري ڏني هئي ان ڪري پئسا وڏيري کي ملن ٿا ۽ هو
مون کي 50 روپيا ماهوار ڏئي ٿو.
ٻارو! هي دنيا بدلجي چڪي آهي، ليڪن وڏيرا اڄ به غريب هارين کي
پنهنجو غلام رکن ٿا ۽ انهن جو حق کائين ٿا. |