سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جولاءِ 1989ع

باب: --

صفحو :5

منظور پريمي

نظم

منهنجي ديس جا او ٻالڪ

هن ڌرتي جا او مالڪ

زندهه آباد زندهه آباد

 

هي ڳالهه ٻڌ تون غور ڪري

جو سنڌ امڙ تي زور ڪري

ڀڃي ڇڏ سو ڀور ڪري

سهڻن سپنن جهڙا ٻالڪ

هن ڌرتي جا مالڪ زنده آباد

 

علم پنهنجي سان چاهه وڌاءُ

جنهن سوا نه واٽ ٻي ڪا

دشمن سڀ ڌڪي پڄاءِ

هوشو وانگي پيارا ٻالڪ

هن ڌرتي جا مالڪ زنده آباد

 

سنڌ امڙ جا سنڌي ٻچا

همت وارا سارا سچا

ديس جا ڪندا دور ڏچا

هيمون وانگي سارا ٻالڪ

هن ڌرتي جا او ٻالڪ زنده باد

ننڍڙا اديب

سچ ۽ ڪوڙ

هڪ ڇوڪري جي ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڀيري اسڪول کان گهر دير سان آيو. ماءُ پيءُ دير جو سبب پڇيس ته ”چيائين ته اسڪول ۾ ڇوڪرا بئٽ بال گيم کيڏي رهيا هئا. انهي ڪري اسان کي موڪل دير سان ٿي آهي.“ حقيقت ۾ رستي تي ڪنهن بازيگر ٿي بازي وڌي ۽ ڇوڪر اهو بيٺي ڏٺو. تنهنڪري کيس دير ٿي وئي هئي.

اتفاق سان سندس پيءُ ڪنهن ڪم سان بازار ڏانهن ويو اتي کيس سندس پٽ جو هڪ ڪلاسي ملي ويو، ان سان ڳالهائيندي کيس خبر پئجي وئي ته سندس پٽ ساڻس ڪوڙ ڳالهايو آهي. جڏهن گهر پهتو ته کيس خوب سزا ڏنائين. اهڙي طرح هڪ ٻئي ڇوڪري جي ڳالهه ڪندا آهن. ته هن گهر جي ڪوٺي ۾ بال سان راند ڪئي، اتفاق سان سندس بال وڃي هڪ ٽنگيل تصوير سان لڳو، جنهن ڪري ان جو شيشو ڀڄي پيو. جڏهن پڻس گهر آيو ته تصوير جي شيشي کي ڀڳل ڏٺائين هن جڏهن پٽ کان ان بابت پڇيو تڏهن چيائين ته: ”بابا، اهو شيشو راند ڪندي مون کان ڀڳو آهي، پيءُ پٽ جي سچ ڳالهائڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو، کيس پيار ڪندي چيائين ته آئينده خيال رکج جيئن وري توکان ڪو ٻيو نقصان نه ٿئي.

ٻارو ڏسو ڪوڙ ڳالهائڻ هڪ خراب عادت آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ جتي ڪٿي خوار ۽ خراب آهي سچ ڳالهائڻ سان عزت ملي ٿي.

گل حسن گل سٺيو

ٽيپ رڪارڊر

هن سائنسي دؤر ۾ ٽيپ رڪارڊر به خاص اهميت رکي ٿو. ڇو ته هي آواز کي حاصل ڪرڻ سان گڏ ان کي محفوظ رکي ۽ ضرورت پوڻ تي ٻڌائي به سگهي ٿو.

شروعات ۾ جڏهن ٽيپ رڪارڊر ايجاد ٿيو هو، تڏهن ڪپڙي جي پٽيءَ تي لوهه جو ٻورو چنبڙائي انتي مقناطيسي ڦهلاءَ ذريعي آواز ڇاپيو ويندو هو. اها ڳالهه 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ جي آهي ان کان پوءِ 1930ع ۾ اسٽيل جي تياري کي آواز ڇاپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ برطانيه اسٽيل ٽيپ کان ڪم ورتو. جڏهن ته جرمن پهريون دفعو پلاسٽڪ جي پٽيءَ تي ڌاتوءَ جي ڪَٽ جو تهه چاڙهي آواز ڇاپيو، جتان اڄوڪي جديد ٽيپ رڪارڊر جي شروعات ٿي.

رڪارڊ ڪرڻ جو عمل: مصالحي لڳل پٽيءَ (ڪيسٽ) تي ڪوبه آواز مقناطيسي لهرن جي اصول جي مدد سان ڇاپي سگهجي ٿو. نرم لوهه جي مقناطيسي (رڪارڊنگ هيڊ) تي چڙهيل ويڙ (Coil) مان بجليءَ جو وهڪرو لنگهائڻ سان اهو عمل ڪيو وڃي ٿو. ان وقت ڳالهائڻ واري جو آواز مائڪرو فون ذريعي برقي لهرن ۾ تبديل ٿي ايمپلي فائر ۾ واڌ کائي ٿو، جنهن ذريعي هيڊ جي مقناطيسي طاقت وجود ۾ اچي ٿي، جتي آواز برقي لهرن ۾ تبديلي ٿي مقناطيسي لهرن جي صورت ۾ ٽيپ تي ڇاپجي ٿو.

رڪارڊ ٿيل آواز ٻڌڻ جو عمل: مقناطيسي اشارن ۾ محفوظ آواز جيڪي رڪارڊ ٿيل هوندا آهن سي جڏهن پيدا ڪندڙ هيڊ (Play Head) سان ڇهي گذرندا آهن ته هي هيڊ جي ويڙهي ۾ پنهنجو ارتعاش پيدا ڪن ٿا جيڪو بلڪل پهرين آواز جي فريڪونسيءَ جهڙو ٿيندو آهي. جنهن کي مقناطيسي لهرن مان برقي لهرن ۾ بدلائي ايمپلي فائر ۾ وڏو ڪري لائوڊ اسپيڪر تان ٻڌي سگهبو آهي.

هن وقت ٽيپ رڪارڊرن جي رفتار 5 عه 7 ۽ 13 عه 11 انچ في سيڪنڊ رائج آهي. سائونڊ اسٽوڊيو ۽ نشريات جي ڳرنڪمن لاءِ 15 ۽ 30 انچ في سيڪنڊ جي رفتار به ٿي سگهي ٿي، گهريلو ٽيپ رڪارڊن ۾ گهٽ رفتار وڌيڪ موزون آهي.

منير جتوئي

احساس

اياز هڪ ننڍڙي شهر ۾ رهندو هو. سندس عمر 14 سال هئي. اياز اٺئين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. اياز پنهنجي ڪلاس ۾ سڀن کان هوشيار ۽ ڪلاس جو مانيٽر هو. اياز ڏاڍو سلڇڻو ۽ محنتي شاگرد هو. اياز وڏن جو احترام ڪندو هو. تنهنڪري استاد اسڪول جو مانيٽر گهر جا ڀاتي ۽ پاڙي وارا کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا.

اياز کي هڪ ننڍڙي ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو مريم هو. اياز مريم سان حد کان وڌيڪ پيار ڪندو هو. اياز ايتري خوبين جو مالڪ هئڻ جي باوجود هن ۾ هڪ وڏي خرابي هئي ته هو ننڍن پکين جو گليل سان شڪار ڪندو هو، اياز ننڍن پکين جو شڪار ڪندي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ڄڻ ته هن ڪو شينهن ماريو هجي.

اياز هڪ ڏينهن اسڪول ويل هو ۽ هن جي ننڍي ڀيڻ گهر ۾ هئي. جڏهن اياز اسڪول کان واپس گهر پهتو، ته گهر ۾ ماسي سعيده کان سواءِ ڪنهن کي به ڪونه ڏٺو. اياز دروازي کان ٽپندي ئي ماسي سعيده کان پڇا ڪيو ته امان ابا ۽ مريم وارا ڪٿي، ماسي سعيده اياز وارن جي پاڙي ۾ رهندي هئي، جنهن کي اياز ماسي ڪري چوندو هو. ماسي سعيد روئيندي چيو، ته تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ گهر کان ٻاهر نڪتي ته سامهون ايندڙ ڪار ٽڪر هنيس ۽ ڪار وارو ڀڃي ويو. تنهنجي پيءُ ماءُ وارا مريم کي سول هاسپيٽل کڻي ويا آهن. اياز ڪتابن جو ٿيلهو رکندي ئي سول هاسپيٽل ڏانهن ڊوڙ لڳائي.

اياز مريم کي سول هاسپيٽل جي بستري تي ڏسي روئي ڏنو. تڏهن اياز جي اندر جو انسان (ضمير) جاڳيو ۽ احساس ٿيس ته مان ڪيترن ئي پکين جي ڀيڻين ۽ ڀائرن کي ماريندو آهيان ۽ انهن کي ماءُ پيءَ کان جدا ڪندو آهيان انهن کي به ايترو ڏک ٿيو هوندو جيترو مون کي مريم لاءِ ٿيو آهي. ان ڏينهن اياز قسم کنيو ته مان وري انهن پکين جو شڪار نه ڪندس، چئن پنجن ڏينهن کان بعد مريم کي هاسپيٽل کان گهر آندو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ مريم جا زخم ڀرجي ويا ۽ وري ٻئي ڀيڻ ڀائر خوش رهڻ لڳا ۽ ان کان بعد اياز به پکين کي نه شڪار ڪيو.

اسان کي به گهرجي ته پنهنجي شوق جي خاطر ڪنهن به ساهواري کي نه ڏکايون.

غلام حيدر

فضول خرچي

رضوان هڪ امير گهراڻي سان تعلق رکندو هو. جڏهن هو جوان ٿيو ته سندس والدين وفات ڪري ويا، ۽ هاڻي هو پنهنجي والد جي ڇڏيل ملڪيت کي هر طرح سان کپائڻ لڳو ۽ سدائين خراب ۽ بڇڙن ڪمن تي پئسا خرچ ڪندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس والد جي ڇڏيل سموري ملڪيت ختم ٿي ويئي ۽ هاڻي هو بلڪل غريب ٿي چڪو هو ۽ پنهنجي ڪيل غلطيءَ تي سخت پڇتائڻ لڳو.

پيارا ٻارو! توهان به فضول خرچيءَ کان پاسو ڪريو ائين نه ٿئي ته پوءِ توهان کي پڇتائڻو پوي ۽ بُرن ڪمن کان پاسو ڪريو.

الاهي بخش گاندهي

نتيجو اچو ته مضمون لکون

ماهه مئي 1989ع جي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو، جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو.

1-  عبدالرحمان ڀٽو ڳيريلو، 2- مسعود احمد واره، دلمراد موساڻي ٻرڙو، هيرانند لکياني ميرپور بٺورو، گل محمد سمون ٺٽو، غلام ياسين سومرو ڏوڪري، سني پرڪاش خانپور مهر، مقصود انور پيرزادو هالاڻي، غلام حسين ميمڻ چوهڙ جمالي، امتياز علي شيخ باڪراڻي، مسعود ايم ڏيپلو، وقار اعجاز علي لوهي موري، اعجاز حسين پٺاڻ عمرڪوٽ، نظام الدين ڪلهوڙو لاڙڪاڻو، رعايت ڪپري ڪنري، صاحب خان ميراڻي ڏوڪري، الهورايو مومل ماڙي، شريرام سامارو، اوشاق علي ڪنڊيارو، محمد سومر عباسي بلو کهاوڙ، غلام مصطفيٰ هاليپوٽو ماتلي، پريمي الهڏنو سمون ٽنڊوالهيار، عبدالله شاهاڻي سن، درشن لال ايم کيماڻي خانپور مهر، برڪت علي چانڊيو لاڙڪاڻو، دادو محمد گڏاڻي ميرپور ماٿيلو، لڇمڻ داس خانپور مهر، نياز علي شاهه سکر، پرنس ڪنعيا لال ساولاڻي شهدادڪوٽ، نواب علي گدو باغ، گل محمد ٻرڙو ميرپور ٻرڙو، شبير احمد چناڪارياڻي، محبوب علي بروهي فقير جو ڳوٺ، شير محمد لنڊ ايل ايم سي ڄامشورو، در محمد ابڙو صالح ٻٽ، ممتاز احمد ميمڻ چوهڙ جمالي، شبير احمد لغاري داد لغاري، عبداللطيف سورهيه باڪراڻي، روي ڪمار پنشي ميرپور ماٿيلو، مقبول احمد مهيسر لاڙڪاڻو، بشير احمد ڏاهري شاهپور چاڪر، حسين فاروق گوپانگ قمبر، راحيلا حميدان بهار خان ميرجت، ارشاد علي ڪنڀر پنجو ديرو، اختر علي شيو دادو، منظور حسين لاڙڪ کهڙا، غلام مجتبيٰ سرڪي ٺٽو، آصف علي ميمڻ ميرپور بٺورو، رستم علي عبدالرشيد شيخ ڪراچي، ممتاز علي ميتلو خير محمد ميتلو، رشيد احمد لغاري سائينداد لغاري، واحد حسين ابڙو عمرڪوٽ، امتياز علي دايو ميرپور ٻرڙو، اشفاق احمد ميمڻ هنڱورجا، رجب علي مڱڻهار سرهاري، عبدالمجيد گرگيز ڳوٺ ڀائي خان، عبدالجبار ڪي اين شاهه، محمد سچل انڙ کپرو، عبدالله ٽڳڙ لاڙڪاڻو، فقير محمد جت رتوديرو، خادم حسين بروهي ٺٽو، سيد حمايت علي راشدي شهدادپور، حاجي زاهد سومرو جاتي، سريش ڪپور خانپور مهر، زرينه لاڙڪ گڊو بيراج، چمن لال ڀاڳچنداڻي ڏيپلو، ڪاشف علي سندراڻي، دڙي سندراڻي، رزاق احمد سومرو ميهڙ، ضمير حسين شيخ سکر، درشن ڪمار پريمي خانپور مهر، محمد سليم نظاماڻي سانگهڙ، غلام حسين جوڻيجو راڌڻ اسٽيشن، غلام مجتبيٰ ڪلوڙ عادلپور، ڀرت ڪمار ٽنڊو جان محمد، آغا محمد اقبال پٺاڻ ٽنڊو شهباز، لياقت علي ڀٽو نئون ديرو، عبداللطيف شيخ ڪرمان باغ، ارجڻ ڪمار مکڻ سمون، لياقت علي چنا گمبٽ، غلام علي ڪوريجو نئون ديرو، عبدالرؤف ڪونڌر خانواهڻ، فدا حسين گبول ميرپور ماٿيلو، عبدالوهاب ٻرڙو ميرپور ٻرڙو، محفوظ علي ميرجت ٽنڊوالهيار، نامديو ڪمار بيکاڻي داد لغاري، داد الله آسڪاڻي ڀٽ ڀائٽي، محمد عارف عباسي دادو، آفتاب احمد عباسي لاڙڪاڻو، صابر حسين هيسباڻي ڏوڪري، ممتاز علي ڪليري ميرپور ماٿيلو، عابد علي چانڊيو ڪراچي، محمد الياس شاهاڻي عادلپور، محمد عتيق سومرو لاڙڪاڻو، اسدالله بروهي سڪرنڊ، خان محمد ٻروسر درگاهه شاهه ڪريم، بخشل سومرو ميهڙ، غلام مصطفيٰ جلالاڻي سڪرنڊ، راجا محمد خورشيد خان ڪلوڙ ڪشمور، محمد يوسف قاضي، محمد اسلم شيخ کهڙا، عادل عباس قاضي ماڪن ڪوري، برڪت علي پٺاڻ ٽنڊو شهباز، نظر حسين قاضي ماڪن ڪوري، اياز احمد چاچڙ گهوٽڪي، ناز مهر لوهي، فقير محمد مهر لوهي، عاجز الهڏنو ڀنڀرو رمضان ڀنڀرو، نور احمد ڏيپلو، عبدالوحيد ڪلوڙ عادلپور، محمد سومر پنجو ديرو، گل افشان سومرو سکر، امتياز علي سومرو سڪرنڊ، فرمان علي چانڊيو فريدآباد، انيل احمد ميمڻ بڪيرا شريف، محرم عمراڻي نئون دمبالو، معشوق علي ڪلوڙ عادلپور، رسول بخش قاضي ماڪن ڪوري، ارشاد علي سومرو سڪرنڊ، راجيش ڪمار لهاڻو ٽنڊو محمد خان، ممتاز علي سولنگي گڊو، بشير احمد سيلرو، حاڪم علي لغاري جوهي، حبدار علي ابڙو ابڙا بڪار، غلام سرور ابڙو ابڙا بڪار، فيروز گل بهار خان ميرجت، جاويد لاشاري نواب شاهه، سليم الله سومرو ميرڪ، شفيق حسين ٻگهيو جهونجهاڻ، عبدالرحمان بنگوار ڪنڌڪوٽ، اشفاق ميمڻ ڏيپلو، عبدالله ٽڳڙ لاڙڪاڻو، عبيد سنڌي هنڱورو، خادم حسين گل حاجي خان گهنجو، اڪبر علي سميجو ڪشمور، محمد علي ڪلوڙ مسو خان ڪلوڙ، قمرالدين جهنڊير شادي خان جهنڊير، عبدالوحيد ملاح هالاڻي، امداد علي پليجو ٺٽو، شاهنواز ميراڻي گڊو بئراج، سري رام تلريجا خانپور مهر، افشان ناز ڀنڀرو بڇيري، محسن سومرو ڇانڊاڻ، ستيش ڪمار ٺل، اختر حسين عباسي نئون ديرو، زينب امير شر سڪندر آباد، زاهد حسين شيخ گمبٽ، آغا شرف الدين پٺاڻ ڪنڌڪوٽ، محمد علي بڙدي ٺارو شاهه، بشير احمد مزاري ڪشمور، ارباب علي ڪپري جهڏو، غلام حسين ابڙو روهڙي، شمشاد علي ابڙو روهڙي، غلام فريد هيسباڻي نئون ديرو، وفا ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو، رياض احمد ڪاڪيپوٽو رتوديرو، غلام مصطفيٰ ڪنڀار ٽنڊو محمد خان، جميل احمد کٽي بدين، گووندرام شرما کاهي، محمد ابراهيم گڊو بيراج، غلام رسول سامت ميرپور ٻرڙو، اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو، عبدالرحيم سومرو راضي ديرو، مجاهد علي سنديلو قيصر خان سنديلو، محمد يامين سومرو پيٽارو، اعجاز علي سوهو ڪوٽ ڏيجي، فياض علي چانڊيو لاڙڪاڻو، مينهل ابڙو روهڙي، امداد حسين مگسي شهداد ڪوٽ، اسرار احمد آريجو رحمت پور، اياز علي ڀٽو نئون ديرو، بخشل خان سومرو ميهڙ، نيڪ محمد پٺاڻ گهوٽڪي، راجا منٺار علي چنا ڏوڪري، نعيم ڄامڙو ڪشمور، عبدالحميد ٻگهيو وارهه، احمد خان سمون ٽنڊوالهيار، سليمان ابراهيم ڏيپلو، جميل احمد جتوئي ميرپوخاص، حبيب الله سهتو بڇيري، عبدالرشيد مهيسر ڪشمور ڪالوني، جڳت رام جمناڻي پنوعاقل، غلام مصطفيٰ ميمڻ ميرپور بٺورو، اسدالله ڀٽي سڪرنڊ، شهزادو ڪناسرو لاڙڪاڻو، عائشه خاتون ڪي اين شاهه، غلام رسول بروهي کڏهر، جان محمد لاشاري ميرپور ٻرڙو، اعجاز علي انڊهڙ پنوعاقل، ظفر علي ڪنراڻي ٺل، عاصم زبير شيخ حيدرآباد، مدثر سومرو ميرپور ٻرڙو، محمد هاشم عباسي منورآباد، عبدالله سنڌي سن، افضل ٻرڙو لعل بخش ٻرڙو، محمد يعقوب ڊهيو نئين ٻڍ، اصغر علي عمراڻي ڪراچي، عبدالرفيق ٺٽو، مجيب الرحمان شيخ لاڙڪاڻو، نظير حسين لغاري ٽنڊو الهيار، دائود علي زئونر ميرپور بٺورو، واجد رفيع ميمڻ ڏيپلو، چوئٿ مل ستيجا راڻيپور، نجمه انجم ميرپور ٻرڙو، محمد رمضان خاصخيلي مٺياڻي، عبدالحليم ڪليري لوهي، ذوالفقار چنا ڀرڪڻ، خادم حسين مهتم لوهي، عاصم رضا شاهه هنڱورو، شعيب ميمڻ ڏيپلو، ظهور احمد ڪلوڙ عادلپور، بخت الله شاهه هنڱورو، غلام اصغر چانڊيو لاڙڪاڻو، محمد نعيم مهيسر ميهڙ، منظور احمد ڀيلار، صفدر عباس خواجه ميرپور بٺورو، عبدالغفور ڏيٿو لونگ ڏيٿو، غلام مجتبيٰ کٽي سجاول، رب نواز سمون باڊهه، محمد عبدالله جسڪاڻي جوهي، مري خان ڪليري ميرپور ماٿيلو، جاويد علي لاشاري نواب شاهه، لطف الدين ميرپور ماٿيلو، رضوانه پروين قمبر، منير احمد ميرجت خيرپور ميرس، نور احمد گناڌي محبت ديرو جتوئي، رسول بخش رند بڇيري، رحمت الله بروهي بڇيري، غلام حسين خاصخيلي سڪرنڊ، ايم رمضان سيلرو نم شريف، عبدالسلام چنا بدين، عبدالباسط ڀٽو لاڙڪاڻو، محمد سليم اعواڻ پڪا چانگ، غلام حسين جمالي سڪرنڊ، اياز حسين سومرو لاڙڪاڻو، پرويز علي شيخ لاڙڪاڻو.

ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن:

1.             عبدالرحمان ڀٽو ڪلاس ڏهون گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳيريلو

2.     مسعود احمد بهلال ڪلاس ڏهون هاءِ اسڪول وارهه.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه

اچو ته مضمون لکون سلسلو، مسلسل چار سال کن لاڳيتو هليو آهي. هاڻي ان جي جاءِ تي اسان ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ جي عنوان سان هر مهيني ٻن ٻارن جا ليک ڇپينداسين ۽ انهن کي پهريون ۽ ٻيو نمبر انعام به ملندو. هن سلسلي ۾ صرف مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد لکي سگهن ٿا. انعامي ڪتاب، اسڪول جي ائڊريس تي موڪلبا.

موضوع ٻارن جي حوالي سان هجي ۽ توهان ٻار جيڪي هن معاشري ۾ ڏسو پسو ٿا، انهن کي لفظن جي روپ ۾ لکي موڪليو. مضمون ٻن وڏن پنن کان وڌيڪ لکيل نه هجي. هر مهيني ٻه مضمون پهريون ۽ ٻيو نمبر شايع ڪبا. لفافي تي ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ لکڻ ضروري آهي.

مضمون موڪلڻ جو پتو:

”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“

ايڊيٽر گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070

ٻه سؤ رپين جي شاندار ورڇ

گل ڦل خال ڀريو 7 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو

هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن حصي آهر 20 ٻارن کي انعام ڏبو.

خال ڀريو 7 جا صحيح جواب:

(1)    1971ع (2) القصويٰ (3) حسن علي آفندي (4) آسٽريليا (5) 1293 هجري

·       گل حسن انصاري ڪلاس ڏهون الف، هاءِ اسڪول کهڙا

·       طارق حسين ميمڻ ڪلاس ڇهون بي، هاءِ اسڪول کهڙا

·       نظير سنڌي ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ

·       غلام مصطفيٰ زئونر مڊل اسڪول ميرپور بٺورو

·       عبدالاحد سومرو ڪلاس اٺون سي، هاءِ اسڪول ڪنڊيارو

·       محمد طاهر ڪلوڙ ڪلاس ڇهون بي، هاءِ اسڪول عادلپور

·       سيد امير شاهه ڏاڏهي پرائمري اسڪول بڪيرا شريف ٽنڊوالهيار

·       عبدالستار جروار مڊل اسڪول ڪامارو وليج ٽنڊوالهيار

·       غلام اصغر چانڊيو ڪلاس نائون سي، پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو

·       عبدالرحمان ڀنگوار ڪلاس نائون سي، پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو

·       عبدالرحمان ڀنگوار ڪلاس نائون بي، ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ

·       عبدالغفار هاليپوٽو پوسٽ آفيس هٽڙي حيدرآباد

·       منظور حسين لاڙڪ ڪلاس ڏهون بي، هاءِ اسڪول کهڙا

·       ايم عبدالله جسڪاڻي ڪلاس ڏهون اي، هاءِ اسڪول جوهي

·       شفيع محمد سيلرو ڪلاس نائون هاءِ اسڪول رتوديرو

·       نور محمد ”نور“ ڪنڀر ڪلاس ڏهون هاءِ اسڪول عمرڪوٽ

·       رشيد احمد لغاري ڪلاس نائون هاءِ اسڪول شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو

·       آفتاب ملڪ ڪنڌڪوٽ

·       غلام مصطفيٰ آرائين ڪلاس ڏهون الف، کهڙا

·       اعجاز ٻگهيو ڪلاس ستون هاءِ اسڪول ٻورڙي خيرپور ناٿن شاهه

·       سليم احمد ٻگهيو ڪلاس ڏهون ڊي. ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاهه

·   وفا ايم جوڻيجو ڪلاس اٺون مڊل اسڪول ميرپور بٺورو- عبدالغفار ڪنڀر عمرڪوٽ- دامن علي شاهه بڪيرا شريف- هريرام ڪولهي بڪيرا- فارينه نور احمد ڏيپلو- اسد الله ڪولاچي عادلپور- محمد خان جروار بڪيرا- محمد رمضان لاشاري بڪيرا- نثار احمد ڪلوڙ عادلپور- سيد مراد علي شاهه بڪيرا- ظهور احمد ڪلوڙ عادلپور- عبدالوحيد ڪلوڙ عادلپور- ممتاز علي ميتلو لاڙڪاڻو- گلزار احمد سميجو ڪنڌڪوٽ- عبدالستار ٽانوري تنگواڻي- عالمگير ڪلوڙ- عبدالحميد ڪلوڙ عادلپور- سليم الله سومرو ميرڪ- معشوق علي ڪلوڙ چنگلاڻي- چنگيز خان مگسي حيدرآباد.

مرتب: قلندر شاهه لڪياري

انعامي مقابلو ڀڃ ڳجهارت-2

ٻه سؤ رپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 25 جولاءِ 1989ع آهي

ٻارؤ! توهان جي خواهش موجب ”گل ڦل“ خال ڀريو“ سلسلو ختم ڪري، ان جي جاءِ تي توهان جي وندر ورونهن ۽ سوچ ويچار لاءِ ”ڀڃ ڳجهارت“ جاري ڪري  رهيا آهيون. هي سلسلو جناب قلندر شاهه لڪياري لکي رهيو آهي. صحيح جواب اچڻ تي ڪڻن ذريعي ٻارن کي انعام ڏبو. گهڻا جواب صحيح اچڻ تي، ڪڻن وسيلي 20 ٻارن کي انعام ڏبو، باقي نالا شايع ڪبا.

ها ٻارؤ! هنن ڳجهارتن متعلق پنهنجي راءِ به ته موڪلجو. هي سلسلو اوهان کي ڪيئن لڳي ٿو. اسان کي اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.

آءٌ ڳجهارت گڏجي ڳوليون، پيار ڀريون ڪي ٻوليون ٻوليون

سوچي سوچي سوچ وڌايون، لال لڀڻ جي لوچ وڌايون

سوچيندڙ جو شاهي شان، ملڪ مٺي جو ٿيندو مان

(قلندر لڪياري)

ڳجهارت - 2

1-        دُنبو ڀائي دولت دار، هر ڪنهن دعوت تي تيار

ٿڦڙ لڪڻ خوب جهلي پر، ڪين مڙي هي ڪنهن پر يار

2-       ظاهر ۾ ڀلو ڀل پر، اندر ته اٿس ڪارو

ڦاڙيس پيٽ ڪوئي، نڪريس خون ڳاڙهو

پوڙهو جوان ٻچو، کايو وڃيس ڪچو

3-               ڪاڪ مهل ڏس مومل وارو ڪوٺي اندر ڪوئي يار

کولينس جي ڪوٺي ڪوٺي، ناهي ماڻهو ناهي نار

مٿي ڏنل ٽن ڳجهارتن جي ڀڃڻي نمبر ڏئي موڪليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com