منهنجيون سوادي مکڙيون جيڪي خوردبين کان سواءِ ڏسي
نه سگهبيون آهن. ڏسڻ ۾ گلاب جي گلن جهڙيون لڳنديون
آهن. انهن جو سواد محسوس ڪرڻ به ٻڌڻ جيان هڪ
ڪيميائي عمل هوندو آهي. عجب ته اهي نه رڳو منهنجي
هيٺئين پر مٿئين پاسي به موجود هونديون آهن. ڪجهه
وقت اڳ تائين سائنسدان سمجهندا هيا ته هنن
منهنجيون سڀ سوادي مکڙيون ڳولهي لڌيون آهن ۽
ڀائيندا هيا ته آئون چهراڻ پنهنجيءَ چوٽيءَ سان،
مٺاڻ وچ سان، ڪسارو پوئين حصي سان ۽ ترش پنهنجن
پاسن سان محسوس ڪريان ٿي. (اهي چارئي بنيادي سواد،
بنيادي رنگن، ڳاڙهي پيلي ۽نيري جيان آهن ۽ جيئن
اهي پاڻ ۾ ملي ٻيا هزارين رنگ ٺاهيندا آهن تيئن
بنيادي سوادي مکڙين جي ميلاپ سان به ٻيون هزارين
سوادي حسون پيدا ٿينديون آهن).
پر کوجنا ڪندڙ غلط رهيا جو سوادي مکڙيون ڪنهن به
طرح سان رڳو مون تائين محدود ناهن. پر اهي ته جانڻ
جي سڄي وات ۾ پکڙيل هونديون آهن، جنهن مان ترش ۽
ڪساري جو سواد محسوس ڪندڙ تارونءِ جي نرم ۽ سخت
حصي جي ميلاپ وٽ آهن پر جي جانڻ اهڙا نقلي ڏند
پائيندو جيڪي سندس تارونءَ کي ڍڪي ڇڏين ته انهن
سان گڏ سندس اهي مکڙيون به ڍڪجي وينديون ۽ ائين
کيس سواد جو ايترو مزو نه ايندو. ليمي جي رس مان
ترش ۽ چانهه ۽ ڪافيءَ مان به اصل ذائقو بنهه نه
ايندس. مٺاڻ ۽ چهراڻ جون گهڻيون مکڙيون ڄڀ تي
هونديون آهن. البت انهن مان ڪجهه اوس پاس ۾ به ٿين
ته خاص طور تي لڪيءَ جي مٿئين حصي ۾ به.
کاڌي مان صحيح سواد وٺڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته
ان کي صحيح ڪرڻ سان چٻاڙي پٽڙو ڪيو وڃي. ائين آئيس
ڪريم لاءِ به ضروري هوندو آهي جو اها جيستائين وات
۾ ڳري نه تيستائين مزيدار نه لڳندي آهي. پر هڪ
دفعي جي رجڻ کان پوءِ اها مکڙين جي مٿي سوادي سيلن
تائين پهچي ويندي آهي. جتان پوءِ هڪ هلڪي بجليءَ
جهڙيءَ ڪيميائي وهڪ جهٽيندڙ ڇيڙن تائين پهچندي
آهي. (اهڙا ٻيا وهڪرا چهراڻ، ڪساري ۽ تُرش جا
پيغام ڏيندا رهندا آهن). رنگن جيان اهي سواد تارون
تي ملي جلي، مغز کي گاڏڙ پيغام ڏيندا آهن جيڪو
پوءِ فيصلو ڏيندو آهي ته آئيس ڪريم مٺي ۽ مزيدار
آهي. ڪيتري وقت تائين اهو ڀانيو ويندو هو ته مڙني
ماڻهن کي کاڌي جو ذائقو هڪ جهڙو لڳندو آهي (ائين
ڀانئڻ هڪ عجيب ڳالهه آهي جو هرهڪ کي سڌ آهي ته
هرڪنهن جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي حسد ۾ وڏو فرق هوندو آهي).
جڏهن ته هاڻ اهو پتو پئجي ويو آهي ته هرهڪ جي چکڻ
جي حسد ۾ به وڏو فرق موجود آهي جو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ
لاءِ پالڪ گهڻي مزيدار ۽ سوادي ٿي سگهي ٿي ته ٻئي
لاءِ ڪوڙي ۽ ڪساري. ٻين به ڪيترن کاڌن سان ائين ٿي
سگهي ٿو. ڪيترائي ڪيميائي مرڪب به ائين انساني
سواد جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا. جهڙوڪ: سوڊيم
بينزوئيٽ ڪيترن ماڻهن کي مٺي ته گهڻن کي ڪساري،
ڪوڙي، چهري يا بي سوادي لڳندي آهي، تنهن ڪري
انهيءَ ڳالهه جي بحث ڪرڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي ته
جي ڪنهن کي ڏڌ نٿو وڻي ته اهو توهان لاءِ لذيذ ٿي
سگهي ٿو.
عبدالرحمن ڀٽو
مضمون نمبر 1
سلسلو 51
عيد جي خوشيءَ ۾ غريب دوست کي شامل ڪرڻ
الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو عطا
ڪيو آهي. اهو درجو انسان ذات کي ان جي عقل سوچ
سمجهه ۽ ان مطابق فيصلو ڪرڻ جي ڪري ڏنو ويو آهي.
انسان ۾ عقل جي ذريعي ڪيتريون ئي خوبيون پيدا
ٿيون. جنهن ۾ انسانن سان ڀلائي، رحمدلي، محبت،
مساوات ۽ انهن جي وچ ۾ انصاف ڪرڻ شامل آهن، انهن
مان انسانن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ انهن ۾ مساوات پيدا
ڪرڻ انسان جون ٻه وڏيون خاصيتون آهن. ”سڀ انسان
آدم جو اولاد آهن ۽ آدم کي مٽيءَ مان بڻايو ويو، ۽
اڇي کي ڪاري تي ۽ ڪاري کي اڇي تي ڪابه وڏائي حاصل
نه آهي، انسان کي هر ٻئي انسان جي ڏکن سکن ۾
ڀائيوار ٿيڻ کپي، هر انسان چاهي ٿو ته هو هر وقت
خوشي ۾ رهي اسان جي معاشري ۾ ڪي ويچارا اهڙا به
ماڻهو آهن جن کي اهي خوشيون نصيب نه ٿيون ٿين.
عيد، الله جي نعمتن مان عطا ڪيل هڪ نعمت آهي. جيڪا
نهايت خوشي سان ملهائي وڃي ٿي عيد جي آمد تي دنيا
جي سڀني مسلم ملڪن ۾ وڏيون خوشيون ٿين ٿيون، عيد
جي ڏينهن هر هڪ شهر توڙي ڳوٺ ۾ رونق ئي رونق لڳي
پئي هوندي آهي، امير ماڻهو خاص ڪري ان عيد تي مزا
ماڻيندا آهن، هو جيڪي به چاهين ٿا، سندن خواهشون
پوريون ڪيون وڃن ٿيون، پر جيڪي غريب طبقي جا ماڻهو
۽ سندن ٻار آهن، سي اميرن ۽ انهن جون خوشيون پيا
ڏسندا آهن. هو انهن اميرن جا نوان ڪپڙا ڏسي پنهنجن
ڦاٽل ڪپڙن ڏانهن نگاهه ڪندا آهن. هنن جا بوٽ ڏسي
پنهنجن ڇڳل چپلن کي ڏسندا آهن. ان وقت انهن جي
معصوم اکڙين ۾ ڪو غور سان ڏسي ته کيس پاڻي جا
درياهه نظر ايندا، هو سوچيندا هوندا ته ڪاش جيڪر
هو به انهن جهڙي لباس ۾ پهريل هجن ها، پر سوچ ڪجي
ته انهن جي اها، آس ڪڏهن پوري ٿيندي، پر شايد اسان
جي سوچ کان ڪو اهڙو جواب نٿو اڀري جيڪو انهيءَ
سوال جو پورائو ڪري سگهي.
منهنجا ڪي پاڙيسري دوست آهن، انهن مان ڪي امير ڪي
غريب رهن ٿا، جڏهن عيد ۾ باقي پنج يا ڇهه ڏينهن
بچيا هئا، ته امير عيد جي تيارين ۾ مشغول ٿي ويا.
هر روز بازار وڃي سهڻا خوبصورت ۽ پيارا ڪپڙا خريد
ڪيو اچن، پر شايد غريب والدين کي ايتري طاقت ڪونه
هئي، جو هنن کي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪري سگهن.
جڏهن عيد ۾ باقي ٻه ڏينهن رهيا، اسان جون تياريون
تقريباً مڪمل ٿي چڪي هيون، ان وقت مان پاڙي جي هڪ
غريب ڇوڪري جي روئڻ جو آواز ٻڌو هو منهنجو هم
ڪلاسي آهي. مون وڃي خيريت معلوم ڪئي، ته سندس والد
صاحب ٻڌايو ته هي عيد جي ڪپڙن ۽ بوٽن لاءِ ضد ڪري
رهيو آهي. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته مان هن کي ڪٿان
وٺي ڏيان. آئون هنن کي آٿت ڏيندي گهر ويس ته، مان
هن کي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪندس، مون اها ڳالهه
پنهنجي والد صاحب کي ٻڌائي، جنهن خوشيءَ سان اجازت
ڏيندي چيو ته، ٻئي کي پنهنجين خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ
ثواب جو ڪم آهي. ان کان پوءِ مان جيڪي ٻه نوان
ڪپڙن جا جوڙا ورتا هيم، انهن مان هڪ هن کي ڏنم ۽
وري وٺي بازار ۾ هن جي پسند تي کيس بوٽ وٺي ڏنم،
ان کان علاوه عيد جون ٻيون به ضروري شيون کيس وٺي
ڏنم. هو اهو سمورو سامان کڻي خوشي سان گهر روانو
ٿي ويو. مون کي ائين محسوس ٿيو ته رات جو هن کي
خوشي مان ننڊ ئي ڪانه ايندي.
خير جڏهن رات ٿي ۽ سڀ ماڻهو ٽيليوين ۽ ريڊيو کوليو
ويٺا هئا، ته اوچتو اعلان ٿيو ته ”عيد جو چنڊ“ نظر
آيو آهي. سڀاڻي عيد ٿيندي، ان ٻڌڻ سان هر گهر ۾
خوشي جا گيت ڳائجڻ لڳا ۽ هرڪو خوشي وچان جهومي
رهيو هو. صبح ٿيڻ سان ئي هرڪو پنهنجي ٺاهه ٺوهه ۽
هار سينگار ۾ لڳي ويو. پر جنهن غريب ڇوڪر کي چند
ڏينهن اڳ مون ڦاٽل ڪپڙن ۾ روئيندي ڏٺو هو، اهو
ڇوڪرو اڄ مون کان به وڌيڪ خوش لڳي رهيو هو. هن جي
سڄي نظر پنهنجي لباس ۾ هئي، جيڪو هن کي تمام
خوبصورت لڳي رهيو هو، اهو چوڻ غلط آهي ته نوان ۽
سٺا ڪپڙا صرف اميرن کي ٺهن ٿا، پر جڏهن اهو ساڳيو
ئي لباس ڪنهن غريب کي پارائجي ته امير جي نسبت
غريب کي اهي ڪپڙا سهڻا لڳن ٿا. ۽ ان جي پائڻ سان
امير کان وڌيڪ خوش رهي ٿو.
آئون ان غريب دوست جي اها خوشي جيڪا مون ڏٺي هئي
انهيءَ جي چوڻ کان نٿو رهي سگهان ”ته جيڪڏهن هر
اهو ماڻهو جيڪو عيد خوشي سان ملهائي ٿو، ٻين غريبن
کي انهيءَ خوشيءَ ۾ شامل ڪري ته جيڪر غريب ۽ امير
ماڻهو ۾ ڪوبه فرق نه رهي ۽ مساوات جو گڻ پيدا ٿئي“
ائين ڪرڻ سان هرڪو ئي عيد خوشيءَ سان ملهائي ٿو.
هڪٻئي کان بيزاري ڇڏي محبت پيدا ٿيندي جيئن الله
تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ”توهان مان سڀ کان سٺو
ماڻهو اهو آهي جيڪو ٻين انسانن لاءِ گهڻي کان گهڻو
فائدي مند ثابت ٿئي.“ جيڪڏهن خوشيون ورهائي ونڊي
کائجن ته هر ماڻهو ٻئي ماڻهو جو ڀاءُ رهي گذاريندو
۽ جيڪڏهن هڪٻئي کي ڀائرن وانگر سمجهنداسون ته ملڪ
مان فساد ۽ تعصب جهڙيون خراب عادتون ختم ٿي
وينديون ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي ويندو.
مسعود احمد بهلول
مضمون نمبر 2
سلسلو 51
عيد جي خوشي ۾ غريب دوست کي شامل ڪرڻ
عيد جو ڏينهن هو منظور صبح جو سوير ئي وهنجي نئون
وڳو پهريو هو، جڏهن ٻاهر آيو هو، تڏهن ڏٺائين ته
پاڙي جي سڀني ٻارن کي سهڻا ۽ بهترين ڪپڙا پهريل
هئا. هرڪو پنهنجي نون ڪپڙن ۾ خوش پئي ٿيو ۽
هيڏانهن هوڏانهن خوشيءَ ۾ پئي گهميو، سڀني ٻارن ۾
علي نماڻن وانگر بيٺو هو، کيس ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا
پاتل هئا، منظور ۽ علي وٽ آيو چيائينس ته علي توکي
خبر آهي ته اڄ عيد جو ڏينهن آهي، پوءِ تو اهڙا
ڪپڙا ڇو پهريا آهن؟ علي روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ آهستي
آهستي وراڻيو ته، ادا انهي لاءِ جو اسين غريب
آهيون منهنجو پيءُ گذاري ويو آهي منهنجي ماءُ وٽ
ايترا ڏوڪڙ ڪونه آهن جو مون کي نوان ڪپڙا وٺي
ڏئي.“
پنهنجي دوست جي اها ڳالهه ٻڌي منظور کي ڏاڍو ڏک
ٿيو يڪدم ڊوڙي پيءُ وٽ آيو ۽ چيائينس ته: بابا
اوهين چوندا آهيو ته مسڪينن غريبن ۽ لاوارثن پاڙي
وارن جي مدد ڪرڻ چڱو ڪم آهي اڄ عيد جو ڏينهن آهي ۽
منهنجي سنگتيءَ وٽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونه آهن، اجازت
ڏيوم ته پنهنجي ڪپڙن مان هڪ وڳو کيس ڏيان.“
منظور جي چڱي ڳالهه ٻڌي، پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو، کيس
علي لاءِ نه رڳو ڪپڙا پر خرچي به ڏنائينس، منظور،
علي کي ڪپڙا پارائي پاڻ سان گڏ عيد نماز پڙهڻ لاءِ
وٺي ويو. عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ ٻئي دوست شهر ۾
گهمي ڦري گهر موٽي آيا.
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: رحيم بخش سومرو
ڪلاس: نائون بي
وندر: رسالو پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چڪ.
·
نالو: عبدالله ٽڳڙ
ڪلاس: ستون بي
وندر: انسانيت سان پيار
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻو.
·
نالو: ارجڻ ڪمار
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مکڻ سمون.
·
نالو: اختر علي شينو
ڪلاس: اٺون اي
وندر: ادب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول محلو عزيزآباد دادو.
·
نالو: عبدالعزيز هالي پوٽو
ڪلاس: ستون
وندر: ادب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: مڊل اسڪول هٽڙي
·
نالو: غلام رسول هنڱورو
ڪلاس: اٺون سي
·
نالو: عاقب درس
ڪلاس: اٺون اي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کورواهه.
نالو: چڱو
وندر: ادب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: رومي هائوس نمبر 9 پبلڪ اسڪول حيدرآباد
·
نالو: عبدالرزاق هاليپوٽو
ڪلاس: چوٿون
وندر: آکاڻيون پڙهڻ
عمر: 9 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول هٽڙي
·
نالو: ڪاشف علي سنڌراڻي،
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول دڙي سنڌراڻي ڪنڌڪوٽ.
·
نالو: رستم علي شيخ
ڪلاس: ڏهون جي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: اسلامي مدرسه هاءِ اسڪول ايفسي ايريا
ڪراچي.
·
نالو: ايم منٺار
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کاهي پٿورو.
·
نالو: محمد اعظم ميمڻ
ڪلاس: اٺون
وندر: سنڌي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: شاهه لطيف لائبريري پاٽ دادو.
·
نالو: مشتاق احمد
ڪلاس: اٺون
وندر: ادب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: شاهه لطيف لائبرري پاٽ دادو
گيت
سنڌي پيارا پيارا ٻار
دل جا دلبر من منٺار
هوشو هيمو دودو ٿيجائين
جيجل جو تون جوڌو ٿيجائين،
ڌرتي سان رکجائين پيار،
سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا،
ٽوپي اجرڪ پائڻ وارا،
سنڌڙي جو تون آهين سينگار،
تنهنجا ٻاتا ٻاتا ٻول
مٺڙا مٺڙا ۽ انمول
تون محفل محفل جي مهڪار
ماجد جي مڃين نصيحت تون
علم ادب سان رک چاهت تون
سُرهو ڪر سنسار
محمد علي ماجد
کل ته سهي
·
هڪ ماڻهو رستي تي بيٺو هو. اتان هڪ سپاهي لنگهيو ۽
پڇڻ لڳو ته ادا ڪيئن بيٺو آهين؟
ٻيو ماڻهو: انڌو آهين ڇا؟ مان پنهنجين ٽنگن تي
بيٺو آهيان.
·
هڪ ماڻهو گڏهه کي وهنجاري رهيو هو. ٻئي پڇيو: اڙي
ادا گڏهه کي ڪهڙي خوشيءَ ۾ ٿو وهنجارين؟
پهريون ماڻهو: اڄ منهنجي گڏهه جي شادي آهي.
ٻيو ماڻهو: ته ان خوشيءَ ۾ ڇا کارائيندين؟
پهريون ماڻهو: جو گهوٽ کائي، اهو تون کائجانءِ.
·
پيءُ: (پٽ سان) مون توکي هزار ڀيرا منع ڪئي آهي ته
هر هر قسم نه کڻ.
پٽ (جلديءَ مان) خدا جو قسم آئنده قسم نه کڻندس.
·
پيءُ: (پٽ سان) تون دريون ڇو ٿو کولين؟
پٽ: ته جيئن سردي ٻاهر نڪري وڃي.
·
ڪلاس جا ٻار گوڙ ڪري رهيا هئا. استاد ڪمري ۾ داخل
ٿيو ۽ ڪاوڙ مان چيائين: توهان ۾ شرافت ڪونهي.
ڪامران: (جماعت جو هڪ ڇوڪرو) جناب اهو پاڻي پيئڻ
ويو آهي.
·
استاد: (شاگرد سان) تو اڃا امتحان جي في نه ڏبي
آهي، توکي صبحاڻي امتحان ۾ ويهڻ نه ڏبو.
شاگرد: ڪا ڳالهه ڪانهي. سائين آئون بيهي ڏيندس.
·
هڪ گنجو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان وڙهي رهيو هو.
وڙهندي وڙهندي گنجي چيو: تون ته منهنجي مٿي تي
چڙهندو پيو وڃين؟
ٻيو ماڻهو: تنهنجي مٿي تي ويهي مون کي ڪرڻو آهي
ڇا.
·
هڪ واٽهڙو: (انب واري سان) ڇا انب لنگڙا آهن؟
انبن وارو: جي ها. ان ڪري ته مٿي تي کڻي پيو ڦران.
·
ماستر: (شاگرد سان) اڙي تنهنجو سڄو مضمون غلط آهي.
مان تنهنجي پيءَ سان شڪايت ڪندس.
شاگرد: جناب هي مضمون ته منهنجي پيءُ لکيو آهي.
·
استاد (شاگرد سان) ڊاڪٽر آپريشن وقت منهن تي نقاب
ڇو ٿا وجهن؟
شاگرد: ته جيئن موت جا ملائڪ کيس سڃاڻي نه سگهن.
·
هڪ قاضيءَ جو رنگ ڪاري ڪانو جهڙو هو. هن هڪ ملزم
کي سزا ڏيندي چيو ته هن جو منهن ڪارو ڪري کيس گڏهه
تي ويهاري گشت ڪرايو وڃي.
ملزم هو ڀوڳائي. تنهن چيو ته جناب منهنجو اڌ منهن
ڪارو ڪجو.
قاضي پڇيو: اهو ڇو؟
ملزم جواب ڏنو ته ماڻهو ڪٿي ائين نه سمجهن ته قاضي
صاحب کي گڏهه تي وهاري گهمايو پيو وڃي.
·
هڪ بيوقوف: (ٻئي سان) گڏهه گاڏي ۽ اداڪار ۾ ڇا فرق
آهي؟
ٻيو بيوقوف: گڏهه گاڏيءَ ۾ گڏهه ٻاهر هجي ٿو ۽
اداڪار، ڪار ۾ اندر.
سلام سنيها
·
شهناز سنڌو: ادا مواد موڪلي رهي آهيان شايع ڪندا
ٻيو ته رسالي جا صفحا وڌايو، ۽ سنڌ جي قومي هيرن
جا مضمون شايع ڪريو (ادي مضمون تي ٿوري محنت ڪريو
قومي هيرن جا مضمون شايع ڪندا آهيون. جون ۾ ته
مضمون شايع ٿيو آهي.)
·
عبدالستار جروار ڪامارو وليج: ادا، سلسله سٺا آهن
پر ڪجهه نواڻ آڻيو، ڇو ته سائنسي دؤر آهي.
(ڀاءُ ڪوشش ڪريون پيا)
·
داد الله آسڪاڻي ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي: ادا، اڳيون پرچو
بهتر هو، زاهده گوپانگ جي ڪهاڻي متاثر ڪيو. (مواد
پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.)
·
رضيه شڪارپور: ادا، مان لوڪ ڪهاڻي موڪلي سگهان ٿي
يا نه؟ ٻيو ته قلمي دوستي ۾ نالو ڏيندا آهيو يا نه
(ادي لوڪ ڪهاڻي کان سٺو آهي ته پنهنجي ذهن مان
سوچي لکو، قلمي دوستي ۾ نالو ايندو ته وري مختلف
خط ايندا.)
·
مسعود احمد بهلول وارهه: ادا، اوهان فوٽو به شايع
نه ڪيو آهي، ۽ قلمي دوستي ۾ نالو به ڪونه ڏنو اٿو،
ڀلا گهڻي رشوت موڪليان (ڀاءُ واري سان فوٽو ايندو
باقي رشوت وارن پئسن مان ڪورس جا ڪتاب وٺجو.)
·
محسن سومرو ڇانڊڻ شريف: ادا توهان رسالي کي بهترين
بنائڻ لاءِ مشهور، اديبن جا انٽريو هلايو ۽ بڪ
اسٽال جو مئنيجر ڪير آهي (ادا بڪ اسٽال جي مئنيجر
جو نالو محمد امين بلوچ آهي.)
·
نظير علي گهمرو: ادا، ڇا توهان پورهيت جي پٽن جون
ڪهاڻيون، ڪونه ڇپيندا آهيو (ڀاءُ اهڙي ڳالهه
ڪانهي)
·
غلام حيدر ڀنگر ميرپورخاص: ادا، توهان منهنجو مواد
ڇو نه ٿا شايع ڪريو، ٻيو ته انعام ۾ نالو ڪونه
لکيو (ادا مواد شايع ٿيڻ جهڙو شايع ڪبو باقي نالا
گهڻا هئا ان لاءِ ڪڻن وارا نالا شايع ٿيا هئا)
·
محمد يوسف انڙ ملوڪ مهر: ادا مواد موڪلي رهيو
آهيان شايع ڪندا ٻيو ته ساليانو ميمبر ڪيئن ٿجي
(ادا ساليانو خريدار ٿيڻ لاءِ مئنيجر سنڌي ادبي
بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد جي نالي خط
لکو.) |