سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جولاءِ 1989ع

باب: --

صفحو :2

سليم سهتو                              لوڪ ڪهاڻي

ٻڌڻ واري ٽوپي

پراڻي زماني ۾ جاپان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهو رهندو هو. هو ته غريب پر ڏاڍو نيڪ دل ۽ ايماندار شخص هو. هڪ ڏينهن هو پنهنجي ڳوٺ جي عبادت گاهه ۾ عبادتڪرڻ ۾ مصروف هو، عبادت ڪندي سندس اک لڳي وئي ۽ هو گهري ننڊ ۾ سمهي پيو. ننڊ ۾هُن هڪ خواب ڏٺو. خواب ۾ هُن ڏٺو ته هڪ اڇي ڏارهي وارو ديوتا آيو آهي. سندس مُک تي نور چمڪي رهيو هو. سندس اکين ۾ ڏاڍي چمڪ هئي. هو پوڙهي کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو.

”اي پوڙها ماڻهو! جيئن ته تون ڏاڍو! ايماندار ۽ محنت ڪرڻ وارو آهين تنهن ڪري مان توکي هڪ شيءَ ڏيان ٿو.“

اِهو چئي هُن پوڙهي کي هڪ ڳاڙهي رنگ جي ٽوپي ڏني ۽ چيائين:

”جڏهن تون هيءَ ٽوپي پائيندين ته توکي پکين جون ٻوليون ۽ وڻن جون سرگوشيون اهڙيءَ طرح سمجهه ۾ اچڻ لڳنديون جيئن تون انسان جون ڳالهيون سمجهندو آهين.“ ديوتا ايترو چئي غائب ٿي ويو. پوڙهو ڪنجهندو ڪُرڪندو، ننڊ مان اُٿيو ته اِهو ڏسي اڃان به حيران ٿي ويو ته بلڪل ساڳئي ٽوپي، جيڪا هُن خواب ۾ ڏٺي هئي. سندس ڇاتيءَ تي پئي هئي. هُو اُٿيو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو گهر ڏانهن روانو ٿيو. ٿوري دير پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هُو ٿڪجي پيو ۽ واٽ تي هڪ صنوبر جي وڻ هيٺيان ويهي آرام ڪرڻ لڳو. پوڙهي کي وڻ هيٺيان ويٺي ٿوري دير ئي گذري هئي ته هڪڪانءُ وڻ جي هڪ ٽاريءَ تي اچي ويٺو ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻيون ڪانءُ به ان ٽاريءَ تي اچي ويٺو، پوءِ ٻئي ڪانوَ ڪان ڪان ڪري پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پوڙهي فوراً ٽوپي پنهنجي مٿي تي رکي ۽ ڪانون جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. جيڪو ڪانءُ اُوڀر طرف کان اُڏامندو آيو هو سو اولهه واري ڪانءُ کي چوڻ لڳو ”ڏي خبر اولهه وارا ڪانءُ! گهڻي عرصي کان پوءِ توسان ملاقات ٿي آهي پنهنجي ڳوٺ جي ڪا نئين تازي خبر ته ٻڌاءِ؟ اولهه وارو ڪانءُ چوڻ لڳو: ”يار اسان جي ڳوٺ جو وڏيرو بيمار آهي. دراصل ان کي اها بيماري هڪ نانگ جي بددعا جي ڪري ٿي آهي. ان جو سبب هي آهي ته وڏيري اَن جو گودام ٺهرايو آهي ان جي ڇت جي شهتير ۾ اهو نانگ ڦاٿل آهي ويچارو زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي.“

اولهه وارو ڪانءُ اوڀر واري ڪانءُ کان پڇڻ لڳو ”تون ڏي خبر توهان جي ڳوٺ ڏي ته خير آهي نه؟

اوڀر وارو ڪانءُ چوڻ لڳو: ”ٻيو ته سڀ خير آهي پر اسان جي ڳوٺ جي وڏيري جي ڌيءَ سخت بيمار آهي. ٿيو هيئن جو وڏيري پنهنجي نئين اوطاق ٺهرائي آهي اوطاق جي ڀر ۾ هڪ ڪنڊيءَ جو وڻ هو، جنهن کي ڪپرائي ڇڏيائين. ان وقت کان وٺي اوطاق جي  ڇت جي نيساري مان مينهن جو پاڻي ٽيپو ٽيپو ٿي ڪنڊيءَ جي ٿڙ تي ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري ڪنڊيءَ جو ٿڙ ويچارو ڏينهون ڏينهن سڪندو پيو وڃي، پر اڃا تائين ان ۾ زندگيءَ جا آثار باقي آهي اُن وڻ جي بد دُعا ڪري وڏيري جي ڌيءُ بيمار آهي.“ پوڙهو ٻنهي ڪانون جون ڳالهيون ڏاڍي غور سان ٻڌي رهيو هو. جڏهن ڪانو اُڏامي ويا ته پوڙهو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.

ٻئي ڏينهن پوڙهي تياري ڪئي ۽ اوڀر واري ڳوٺ پهتو وڏيري جي گهر جي ٻاهران بيهي هوڪو ڏيڻ لڳو ته: ”مان قسمت جو حال ٻڌائي سگهان ٿو.“ جيئن هُن هوڪو ڏنو، وڏيري جي گهران هڪ نوڪر ٻاهر آيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته: ”وڏيرو توکي سڏي ٿو.“ هو نوڪر سان گڏ وڏيري جي ڪمري ۾ پهتو. وڏيري کانئس پڇيو ته: ”تون ٻڌائي سگهين ٿو ته، منهنجي بيماري جو سبب ڪهڙو آهي. پوڙهو اکيون بند ڪري سوچ ۾ ٻڏي ويو، پوءِ وڏيري کي چوڻ لڳو“ ڇا توهان ويجهڙائي ۾ ڪو گدام ٺهرايو آهي.“ وڏيري جواب ڏنو. ”ها“ پوڙهي چيو ته: ”گدام جي ڇت ۾ لڳل شهتير ۾ هڪ نانگ ڦاٿل آهي جيڪڏهن توهان ان کي اُتان ڪڍي آزاد ڪندؤ ته توهان جي بيماري ختم ٿي ويندي.“ وڏيري فوراً نوڪرن کي موڪلي اُتان نانگ کي ڪڍرايو ۽ ان کي آزاد ڪري ڇڏيو ان سان گڏئي وڏيري جي بيماري به ختم ٿي وئي، وڏيري خوش ٿي پوڙهي کي انعام طور گهڻي دولت ڏني. پوڙهو ملڪيت کڻي پنهنجي گهر موٽي آيو.

ٻئي ڏينهن پوڙهو تيار ٿي اولهه واري ڳوٺ پهتو اُتي به هن وڏيري جي گهر جي ٻاهران بيهي هوڪو ڏنو ته ”مان قسمت جو حال ٻڌائي سگهان ٿو. ٿوري دير کان پوءِ هڪ شخص ٻاهر آيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ وڃي وڏيري جي سامهون کيس پيش ڪيائين. وڏيري چيو ته پوڙها تون ٻڌائي سگهين ٿو ته منهنجي ڌيءَ جي بيماري جو سبب ڇا آهي؟ پوڙهو اکيون بند ڪري سوچڻ لڳو، پوءِ وڏيري کي چيائين ته توهان ويجهڙائيءَ ۾ڪا نئين اوطاق ٺهرائي آهي؟ وڏيري جواب ڏنو ته ”ها“ پوڙهي چيو ته مان اها اوطاق ڏسڻ ٿو چاهيان، وڏيري کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃي اُها اوطاق ڏيکاري. پوڙهي کي.

اوطاق جي ڀرسان اُهو ٿڙ نظر اچي ويو، جنهن جي باري ۾ ڪانو ذڪر ڪيو هو. پوڙهي وڏيري کي چيو ته هن ٿڙ کي هتان ڪڍرائي گهر جي باغ ۾ لڳرايو ته جيئن وڌي وڻ ٿي سگهي.“ وڏيري فوراً پنهنجي نوڪر کي ان ٿڙ کي ڪڍي باغ ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏنو، جيئن ئي ٿڙ کي باغ ۾ لڳايو ويو وڏيري جي ڌيءَ به صحت مند ٿي وئي. وڏيري خوش ٿي پوڙهي کي گهڻي دولت ۽ قيمتي سوکڙيون انعام طور ڏنيون جيڪي هو کڻي خوش خوش پنهنجي گهر ڏانهن موٽيو کيس خبر هئي ته اهو سڄو ڪارنامو ” ٻڌڻ واري ٽوپيءَ“ جو آهي جنهن جي ڪري کيس گهڻي دولت حاصل ٿي آهي ۽ هاڻي هو باقي زندگي ڏاڍي آرام ۽ سڪون سان گذاري سگهندو.

وزير گل

ادل سومرو

ٻارن جي هن ٻاريءَ ۾ ادل سائين آيو آهي

گلن جهڙا گيت ٻڌائي، ڀاءُ اسان کي ڀائيو آهي

ادل پنهنجي شعرن ۾، ٻارن لئه آ ٻار بڻيو

محبت واري ماڻهوءَ جو، اکر اکر ڄڻ آ مَڻيو

ادل جو هر مجموعو آ، شمع جو ڄڻ شعلو

وسري مون کان مُور نه هِنجو، ”چنڊ پشم گولو“

واندڪائيءَ ۾ وڏڙن لئه به جوڙي پيو هو وايون

ويري جيڪو ديس جو آ مور نه تنهنجا آهيون

ادل تنهنجي عظمت کي ٻارن جو آه سلام

امر سدائين رهڻو آهي، سنڌ ۾ تنهنجو نام

وسيم سومرو

نظم

انگ اگهاڙا ٻارڙا،

هي جي ڪوجها ڪارڙا-

پنهنجي سمجهه سڀاءَ ۾،

ڏاڙهونءَ رتا ڏارڙا،

انگ اگهاڙا ٻارڙا-

اکڙيون ڏرا ڏنل اٿن،

آهن ته به ڄڻ تارڙا،

انگ اگهاڙا ٻارڙا-

پير کڻي پاٻوهه مان،

پرچائيندا چارڙا،

انگ اگهاڙا ٻارڙا-

اُڃيا، اڻڀا تيل لاءِ،

گهنڊڙيون گهنڊڙيون وارڙا،

انگ اگهاڙا ٻارڙا-

هي جي ڪوجها ڪارڙا-

عبيد ڪٽپر نئون ديرو

انٽرويو وٺندڙ

ذهين شاگرد حبيب الله پهوڙ

 

پيارا دوستو! مستقبل جا معمار اسان مان اهي ئي بڻجي سگهن ٿا، جيڪي شوق ۽ محنت سان دل لڳائي پڙهندا هوندا. هڪ ڏينهن استاد جيڪو ڪم چوي، ٻئي ڏينهن تي اهو پورو هجي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته شاگرد دوستن ۾ ۽ معاشري ۾ اوهان جو مان مٿاهون ٿئي ۽ استاد اوهان کي اولاد وانگر ڀانِئن ۽ اوهان کي مارَ بدران پيار ۽ پاٻوهه سان پڙهائين؟ جي ها، ته پوءِ اڄ کان وٺي واعدو ڪيو ته اڄ کان وٺي اجايو رلڻ پنڻ ڇڏي ڏيندؤ ۽ دل لڳائي پڙهندؤ ۽ استادن ۽ وڏن جو چيو مڃيندؤ، پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه سڀڪو اوهان کي چاهي ٿو.

هتي آئون توهان کي هڪ اهڙي ئي هوشيار، ذهني ۽ محنتي شاگرد جون ڳالهيون ٻڌائيندس. جنهن شروع کان وٺي تعليمي ميدان ۾ محنت ڪري پاڻ مڃائڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ توهان کي خبر هجي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ ارادا مضبوط آهن ته ان ڪم ۾ انشاءالله ڪڏهن به ناڪامي نه ٿيندي ۽ هڪ ڏينهن اها تمنا ضرور پوري ٿي ويندي. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو پيارو دوست ۽ ذهين، محنتي شاگرد حبيب الله به هر دفعي امتحان ۾ وڌ کان وڌ مارڪون حاصل ڪري پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ڪندو ٿو رهي ۽ ڪڏهن به همٿ نه ٿو هاري. سندس پورو نالو حبيب الله آهي، جيڪو هڪ مشهور استاد آهي. نئون ديرو شهر ۾ ڄائو ۽ هتي ئي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪيائين، جتي نمبر کڻندو رهيو. ان کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو ۾ ڇهين درجي کان وٺي اسان گڏ پڙهڻ ويٺاسين. اتي به کانئس پهريون نمبر ڪوئي کسي نه سگهيو ۽ هتي هوشيارپ جا اهي جوهر ڏيکاريائين، جن جو اوهان کي صحيح قدر مارڪُن ڏسڻ سان ئي معلوم ٿيندو.

ڇهين درجي ۾ هن 860 مارڪون کنيون، ستين ۾ 834 مارڪون ۽ اَٺين ۾ 932 مارڪون کڻي پهريان نمبر حاصل ڪندو رهيو. پنجين درجي جي اسڪالرشپ واري امتحان ۾ به پاڻ ملهايو هئائين ۽ اٺين درجي جي اسڪالرشپ ۾ به 661 مارڪون کڻي سڄي سينٽر ۾ پهريون نمبر آيو. نائين ۽ ڏهين ۾ به سٺي محنت ڪيائين ۽ نائين ۽ ڏهين ٻنهي سالن ۾ ڪل 731 مارڪون کنيائين. اهڙي طرح پنهنجي محنت سان هن دفعي هو سڄي سکر بورڊ ۾ ٽئين نمبر پوزيشن، اي ون گريڊ ۾ ڪامياب ٿيو. اها ڳالهه اخبارن ۾ اچي وئي. اسان جا ڪلاسي دوست ۽ اسڪول جا ٻيا شاگرد به اها خبر پڙهي خوش پئي ٿيا. ڪو پيو چوي ته اسان جي ڪلاسي دوست ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، ته ڪي وري ان ڳالهه تي فخر پيا ڪن ته اسان جي اسڪول جو شاگرد ٽين پوزيشن اي ون گريڊ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. مطلب ته حبيب الله جي محنت جي ڪري سڄي اسڪول جو ڳاٽ اوچو ٿيو. هن جي محنت کان متاثر ٿي هاءِ اسڪول نئون ديرو جي هيڊ ماستر محترم اختر علي اوستي صاحب (جيڪو هردفعي امتحان ۾ پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ايندڙ شاگردن کي بُڪَ، پينيون وغيره انعام طور ڏيندو آهي، ته جيئن سندن ڪجهه همت افزائي ٿئي.) ان کان علاوه هاءِ اسڪول جي سائنس جي استاد محترم سائين نارائڻ داس به، ٻيو نه ته به پنهنجو گهڙيال ئي لاهي کيس تحفي طور ڏئي سندس همت افزائي ڪئي.

اهو سڀ ڇاجي ڪري؟ اهو رڳو ان جي ڪري ته هن شوق سان پڙهيو ۽ پرايو. اسڪول جو ڪم وقت سر پورو ڪيو ۽ ڪنهن استاد کي ڪڏهن شڪايت جو موقعو نه ڏنائين ۽ محنت ڪيائين، ڀرپور محنت ڪيائين.

حبيب الله واقعي شوق سان پڙهندو آ، پر ائين به نه آهي ته هو رڳو پيو پڙهندو آهي ۽ ڪتاب مان منهن ئي نه ڪڍندو آهي، پر هو گهر جو عام ڪم ڪار ڪرڻ ۾ به ڪنهن قسم جي عار محسوس نه ڪندو آهي. مون پاڻ کيس ڏٺو آهي ته ڪڏهن اٽو پيهائڻ لاءِ اَن جو پَاچڪو ڪلهن تي کنيو، اٽي پيهڻ جي مشين ڏي ويندو آهي ته ڪڏهن وري ٻوڙ ڀاڄي وٺڻ ويندو آهي يا اهڙي قسم جا ٻيا ڪم وغيره ان کان علاوه اسڪول جي اسڪائوٽ ٽيم ۾ به رهي چڪو آهي ۽ ٽيبل ٽنس جو رانديگر پڻ آهي. اسڪول ۾ ٿيندڙ ڪوئز ڪامپٽيشن ۾ ڪئين ڀيرا حصو وٺي چڪو آهي.

منهنجو دوست حبيب الله پهوڙ هڪ ماٺيڻي مزاج وارو ۽ گڏوگڏ وري مزاحيه طبيعت جو مالڪ پڻ آهي. ڪڏهن ته صفا خاموش ۽ ڪڏهن وري جي اَئنٽ ڦريس ته کلائي کلائي واڇان وڏيون ڪري ڇڏيندو آهي ۽ معمولي ڳالهين ۾ به ڀرپور نموني مزاج جو رنگ ڀري ڇڏيندو.

پڇيومانس ته چُپ ڇو هوندو آهين؟ تنهن تي چيائين ته، جڏهن ماٺ ۾ هوندو آهيان، ته ان وقت پاڻ متعلق پنهنجي پڙهائي ۽ زندگيءَ متعلق سوچيندو آهيان.

ٻئي سوال جي جواب ۾ چيائين ته جيتوڻيڪ ٻيا رسالا گهٽ پڙهندو آهيان پر گل ڦل جي مضمون نويسيءَ وارن مقابلن ۾ ڪجهه مضمون لکيا هئم (پر ٻئي جي نالي سان) جن مان هڪڙو ٻئي نمبر تي به آيو هو. سندس خيال موجب ٻاراڻو ادب، ٻئي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت رکي ٿو ۽ ان لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي خدمتن جي ساراهه ڪيائين.

اڄوڪي تعليم معيارمتعلق سندس چوڻ آهي ته ڪورس جي ڊيگهه ۽ بي ڍنگي ترتيب جي ڪري شاگردن جي پڙهڻ تان دل کڄيو وڃي ۽ هو ان معاملي ۾ دلچسپي وٺڻ بدران بد ذوق ٿي وڃن ٿا.

حبيب ڪنگراڻي

پيٽرول حاصل ڪرڻ جا طريقا

قديم زماني کان وٺي انسان پيٽروليم جي استعمال کان واقف آهي. هن جي ابتدائي معلومات اڄ تائين صحيح نموني ڪنهن نه ڏني آهي. پر ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم چين ۾ 200 (ٻه سؤ) سال قبل مسيح کان وٺي تيل طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. پيٽروليم لفظ لاطيني ٻولي مان ورتل آهي، جيڪو ٻن لفظن جو نچوڙ آهي. هڪ ”پيٽرا“ يعني ٽڪري ۽ ٻيو ”اوليم“ يعني تيل. اهڙي طرح پيٽروليم لفظ جي معنيٰ وڃي ٿي ”ٽڪري مان لڌل تيل.“ پيٽرول کي معدني تيل پڻ سڏيو ويندو آهي.

پيٽرول توانائي جو ذريعو آهي. جيئن قدرتي گئس مان توانائي ملي ٿي. اهڙي طرح پيٽرول مان به توانائي حاصل ٿئي ٿي. ٻاهرين ملڪن ۾ تيل جا ذخيرا سعودي عرب، ايران، عراق، ڪويت، لبيا، سوويت يونين، ڪئناڊا، مسڪسيڪو، نائيجيريا، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن.

اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ميال، توت جويامير، ڍوليا ۽ بلڪاس (صوبه پنجاب) ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ پيٽرول جا ذخيرا ضلعي بدين جي لغاري ۽ خاصخيلي ڳوٺن ۽ حيدرآباد ضلعي۾ وري ٽنڊي عالم وٽ وڏي مقدار ۾ لڌا ويا. پيٽرول جا رنگ مختلف ٿيندا آهن. عام طرح ان جو رنگ ساواڻ مائل ڳاڙهو، هلڪو زرد، ڀورو يا ڪارو ٿيندو آهي.

پيٽرول صاف ڪرڻ جو طريقو: جيئن ته هي مرڪب خالص حالت ۾ نه ملندو آهي، تنهن ڪري هن کي ڀاڱيوار چڪائڻ (مرحلن مان گذارڻ) ذريعي صاف ڪبو آهي. انهن مرڪبن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ واري عمل کي رفائينگ سڏبو آهي. ڀاڱيوار چڪائڻ، وري بخارجن ۽ ڄمائڻ واري عمل تي ٻڌل هوندو آهي. هن عمل ۾ استعمال ٿيندڙ سامان کي ٽن اهم حصن ۾ رکيو ويندو آهي.

1-     اسٽل 2- ڀاڱا ڪندڙ ٽاور 3- ڪنڊينسر

پيٽرول کي خاص پٺيءَ ۾ 700 کان 800 تائين گرم ڪبو آهي. انهيءَ بٺيءَ کي ”پائيپ اسٽل“ سڏبو آهي. گرم ڪرڻ وقت داٻ کي اهڙي حد تائين رکبو آهي. جيئن بخارجڻ جو عمل نه ٿئي. گرم تيل يا پيٽرول ان بٺيءَ مان ڀاڱا ڪندڙ ٽاور جي تري ۾ ويندو آهي. جتي داٻ کي ٿورو گهٽايو ويندو آهي. اُتي ئي پيٽرول بخار جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جيئن ته تيل ۾ هيڊرو ڪاربانس جهڙو مادو موجود هوندو آهي. جنهن جو جوش درجو سڀ کان گهٽ هوندو آهي. انهي جا بخار ٽاور جي مٿئين حصي مان ڪنڊينسر ۾ داخل ٿي پاڻيٺ جي صورت اختيار ڪندا آهن. انهيءَ پاڻيٺ کي گيسولين يا پيٽروليم سڏبو آهي.

اهي بخارات پاڻيٺ ذريعي ڪنڊينسر ۾ داخل ٿي پاڻيٺ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، جن کي مختلف وڏين وڏين ٽئنڪن ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح پيٽرول کي صاف ڪري آخري شڪل ڏبي آهي. پيٽرول کان باقي مرڪبن کي وري ڀاڱيوار چڪائڻ ذريعي صاف ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ مرحلي وار گاسليٽ، فيول آئل، بريڪٽنگ ليو آئل ۽ ڏامر وغيره ملن ٿا، جن جي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا پاڪستان ۾ ڪراچي، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ آهن.

غلام علي گبول

ويٽو

ٻارؤ! اوهان گڏيل قومن جي اداري بابت ته چڱي طرح ڄاڻو ٿا. هن اداري جو ڪم آهي دنيا کي درپيش مسئلن کان نجات ڏيارڻ ۽ ڌرتيءَ کي امن جو گهر بنائڻ، پر ان اداري ۾ به هڪ اهڙي طاقت موجود آهي، جيڪا دنيا کي مختلف مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسائيندي آهي، جنهن سان امن بجاءِ جهيڙا جهڳڙا وڌي ويندا آهن ۽ انسان، انسان جو ويري بڻجي ويندو آهي. دنيا ۾ ڦيٽاڙو پئدا ڪرڻ واري اها طاقت آهي ”ويٽو“.

جڏهن ٻي جنگ عظيم جي سخت تباهي ۽ بربادي کان پوءِ 24 آڪٽوبر 1945ع تي اقوام متحده جو منشور منظور ڪيو ويو ته ان ۾ وڏين طاقتن پنهنجي خر مغزي کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ شرط ”ويٽو“ رکي ٻين ملڪن جا حق هڙپ ڪرڻ جو هڪ نئون ڍنگ اختيار ڪيو. اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد اٽڪل 163 آهي. ان جي بااختيار اداري سلامتي ڪائونسل ۾ 15 ملڪ شامل هوندا آهن. 5 مستقل ۽ باقي 10 هر ٻن سالن کان پوءِ تبديل ٿيندا آهن. پنجن مستقل ملڪن ۾ آمريڪا، روس، برطانيه، فرانس ۽ چين شامل آهن. پنجن ملڪن کي ويٽو جو حق حاصل آهي. دراصل انهن پنجن ملڪن جو عرفي نالو به ”ويٽو“ آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي رد ڪرڻ، نامنظور ڪرڻ يا بندش وجهڻ. انهن ملڪن کي ويٽو جي ذريعي اها طاقت حاصل آهي ته انهن مان هرهڪ ملڪ پوري دنيا جي اجتماعي منظوري (جنرل اسيمبلي) کي ٺڪرائڻ جو آئيني حق رکي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com