ويٽو طاقتن ۾ هن وقت آمريڪا ٻين سڀني کان وڌيڪ
ويٽو استعمال ڪري پنهنجي چئمپين شپ کي برقرار رکيو
پيو اچي. جڏهن جنرل اسيمبلي جي وڏن وڏن اجلاسن ۾
لکين ڊالرن جي خرچ کان پوءِ جيڪي ٺهراءَ منظور
ٿيندا آهن، جيئن ته انهن کي عملي جامو سلامتي
ڪائونسل کي پهرائڻو هوندو آهي. تڏهن وڏي آساني سان
انهن مان هڪ نمائندو پنهنجي اسپيشل حق کي استعمال
ڪري مهينن جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو آهي. ويٽو
هڪ زور جو نالو آهي جيڪو صرف دولت ۽ اسلحه جي زور
تي قائم آهي. ويٽو تمام انساني قدرن، مساوات، پيار
۽ محبت جو ضد آهي. ويٽو سڀني جهڳڙن جو مُنڍ آهي.
هن وقت فلسطين، لبنان، ڏکڻ آفريڪا، ايران عراق جنگ
۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا پيچيده مسئلا صرف ويٽو جي ڪري
آهن، جن سان ملڪن جو پئسو هٿيارن جي وَر چڙهي رهيو
آهي. جڏهن ته اڄ جهڙي سائنسي دؤر ۾ به ڏيڍ ارب
ماڻهو بک وگهي تڙپي رهيا آهن. جن مان اڌ تعداد
ٻارن جو آهي. جيڪي مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن. تن
ٻارڙن جي نٻل جسمن جي سُڪل نڙين مان نڪرندڙ دانهون
دنيا جي سڀني ٻارن کي سڏي رهيون آهن ته جيئن سڀ
ننڍڙا مستقبل جا وارث گڏ ٿي ويٽو جي لعنت کي اقوام
متحده مان ختم ڪرائين ته جيئن هي دنيا پيار و محبت
۽ امن ۽ آشتي جو گهر بڻجي پوي.
شائق ڪمبوه
(اسان جا اديب)
انٽرويو وٺندڙ
شرجيل/ فتاح هاليپوٽو
جديد سنڌي ادب جي جائزي وٺڻ سان فتاح هاليپوٽي جو
نالو نمايان نظر ايندو. فتاح هڪ اديب هئڻ سان
گڏوگڏ هڪ سٺي آرٽسٽ جي حيثيت سان پڻ ڄاتو سڃاتو
وڃي ٿو. سندس هيل تائين ڏيڍ هزار کان مٿي سنڌي
ادبي ڪتابن جون ڪور ڊزائينون تيار ڪيل اٿس ۽ ٻيون
ڪيتريون ئي تصويرون ٺهيل اٿس، ڪم اڃا جاري رکيو
پيو اچي.
شرجيل نالي سان هيل تائين ٻه ڪتاب ”پن ڇڻ کان
پوءِ“ (ڪهاڻين جو مجموعو) ۽ ٻيو ”ڇوليون“ (نثري
نظم) ڇپجي چڪا آهن. شرجيل جو اڻ ڇپيل مواد ”هوا جو
وجود“ (ناول) ”الا ڏاهي مَ ٿيان“ (آتم ڪٿا جو
پهريون حصو) اميد ته جلدي ڇپجندا. اسان اميد ٿا
ڪريون ته فتاح آئينده به ذهن جي نئين نڪور سوچن
سان سنڌي ادب جي سينڌ سنواريندو رهندو. فتاح شرجيل
جي نالي سان لکندو آهي ۽ فتاح جي نالي سان، آرٽ
ڪندو آهي. ساڻس ڪيل انٽرويو پڙهو.
شائق: ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
فتاح: پڙهندي ڪرڪيٽ کيڏندي، تصويرون ٺاهيندي، ڏاڍو
مزي سان گذريو.
شائق: اوهان جو ادب ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو ۽ اوهان
جي پهرين لکڻي ڪڏهن ۽ ڪهڙي رسالي يا اخبار ۾ ڇپي؟
فتاح: جوان ٿيندي ٿيندي خبر ئي ڪانه پئي، جو قلم
اچي آڱرين ۾ پيو. سمجهو ته، اها غير شعوري وارتا
هئي. ڪنهن حد تائين محبت ۽ حالتن جي مِٺاڻ، جيڪا
جڏهن به ڪڙي ۽ ڪساري لڳندي هئي، ته لکي ڇڏبو هو.
(۽ اڃا تائين لکندو پيو اچان) منهنجي پهرين ڪهاڻي
”ڪاري ڪاٺي ڳاڙها ڪنڊا“ جي نالي سان 1973ع ۾
”سوجهرو“ رسالي ۾ شايع ٿي. جيڪا مون شرجيل جي نالي
سان ڇپرائي.
شائق: اوهان ٻارن لاءِ نه لکيو آهي. ڇا فرض نٿا
سمجهو؟
فتاح: مون ٻارن لاءِ صرف ڪجهه نظمون لکيون. اهي سڀ
ڪجهه ناهن. سندن قرضي آهيان. خبر ناهي اهو قرض
لاهي به سگهندس يا نه-؟
شائق: هينئر جيڪو ٻاراڻو ادب ڇپجي پيو. ان کان
ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
فتاح: دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. سواءِ راندين ۽
نصيحتن جي ٻيو ڪجهه به نه مليو آهي سنڌي ٻارڙن کي.
ڪمپيوٽر اسپيس ايج ۾ اهڙو ادب زندگي کي بي معنيٰ
ٿو بنائي دنيا کان ڪٽي الڳ ڪري رکڻ جهڙي ڪوشش ٿو
سمجهان اهڙي ادب کي.
شائق: ٽي. وي تي سنڌي ٻارڙن لاءِ تفريحي ۽
معلوماتي فقط هڪڙو پروگرام ”روشن تارا“ هلايو وڃي
ٿو ۽ سوبه 25 منٽ. جڏهن ته اردو ۽ انگريزي
پروگرامن کي وقت تمام گهڻو ڏنو وڃي ٿو. ان جو ڪو
خاص ڪارڻ؟
فتاح: سنڌي ٻارن کي ڪير ٿو پڇي. اسان جا ٻار ته
ڪاٺ جي تختن تي هڪ ٻئي مٿان سٿجي ويهندا آهن. روشن
تارا پروگرام ۾ پهريائين ته انهن کي مهمان جي
حيثيت جهڙي عزت ملي. شايد هاڻي پروگرامن جو وقت
وڌائڻ سان سندن مهمان واري حيثيت جو خيال رکيو
وڃي.
شائق: اوهان جي ابتدائي دؤر جي تعليمي معيار ۽
اڄوڪي تعليمي معيار ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
فتاح: ماسترن جون پگهارون مهانگائي جي ڳاٽي ڀڳي
واڌ کان تمام گهٽ وڌن ٿيون. جنهن ڪري ڊاڪٽرن جي
ڪلينڪ وانگر هينئر تعليم به ٽيوشن سينٽرس تائين
محدود رهجي وئي آهي. پئسو پئسو، هر ماڻهو پئسي جي
پويان آهي. تعليم ويچاري ٿي پئي آهي. ماستر ويچارو
ٿي پيو آهي. ”ٻار“ ويچارو ٿي پيو آهي. پوءِ ڏاڍو
الائي ڪير آهي!
شائق: وڏا اديب ٻارن لاءِ نٿا لکن. ان جو ڪو خاص
سبب؟
فتاح: وڏن اديبن جا مسئلا به وڏا ٿي ويندا آهن، ان
ڪري ننڍڙن ٻارن جي ننڍڙن مسئلن تي ڪيئن لکندا.
شائق: ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
فتاح: شرارتون ته کوڙ ساريون آهن. بهرحال هڪڙو
واقعو آهي، اهو ٻڌايان ٿو. مان ان وقت انگريزي ٻيو
درجو پڙهندو هوس. منهنجي پڦي، جنهن کي اسان گهر جا
سڀ ننڍا وڏا ڀاتي ”جيجي“ ڪري ڪوٺيندا هئاسين. هوءَ
منهنجي انگريزي پڙهڻ ڪري، منهنجو گهڻو خيال ڪندي
هئي. خاص طرح سان ڪپڙي لٽي ۽ کاڌ خوراڪ ۾. هوءَ
صبح جو نيرانو آنو کن ڳائو مکڻ، جنهن جي وچ ۾ چنوڻ
وجهي کارائيندي هئي ته جيئن منهنجي دماغي طاقت ۾
واڌارو اچي. سو هڪ دفعي مکڻ ڳهندي چَنوڻ جي ڪڙاڻ
وات ۾ پکڙجي وئي ۽ مون جيئن تيئن ڪري ان وقت ته
مکڻ ڳهي ڇڏيو. پر اڳتي جي لاءِ مکڻ جي نالي کان به
ڊڄڻ لڳس. سو صبح جو جيئن ئي جيجي مون کي سڏي اهو
مکڻ کائڻ لاءِ ڏيندي هئي ته مان ان کي وات ۾ رکي
مڙئي ڪوڙيون سوڙيون ڳيتون ڏئي ائين ائڪٽنگ ڪندو
هوس. ڄڻ ته مون مکڻ ڳهي ڇڏيو آهي ۽ پوءِ ڪو بهانو
ڪري گهر جي در ٻاهران وڃي ڪڍي اڇلائي، چپ وغيره
صاف ڪري ايندو هوس. پوءِ هڪ دفعي ڇا ٿيو جو منهنجي
ننڍڙي ڀائٽي اهو لقاءُ ڏسي ورتو ۽ وڃي جيجي کي
ٻڌايائين ته فتاح ٻاهر وڃڻ مکڻ اڇلائي ٿو. پوءِ ته
جيجي مون کي اهڙي مار ڪڍي جو مون کي اهو ڪڙو مکڻ
جيجي جي سامهون ئي ڳهي ڇڏڻو پوندو هو.
شائق: ڪا اڌوري آس؟
فتاح: ڪيتريون ئي آسون اڻ پوريون آهن. منهنجون ڇا
سڀني ماڻهن جون. بهرحال ماڻهو وٽ زندگي ۽ وقت آهي
ته پوءِ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن جن سان اهي
خال ڪنهن حد تائين ڀري ٿا سگهجن.
شائق: توهان آرٽ فتاح جي نالي سان ۽ ڪهاڻيون شرجيل
جي نالي سان لکندا آهيو؟
فتاح: فتاح منهنجو نالو آهي ۽ شرجيل نالو مون کي
وڻندو هو، ان ڪري مون ان نالي سان لکڻ شروع ڪيو.
شائق: آخر ۾ سائين گل ڦل جي پڙهندڙ ٻارن لاءِ ڪو
پيغام؟
فتاح: نصيحتون مان نه ڪندو آهيان، البت ايترو ضرور
آهي ته انسان هن دنيا ۽ ڪائنات مان گهڻو ڪجهه سکيو
آهي ۽ ترقي ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. منهنجي خيال
مطابق، اهي ماڻهو ڪامياب زندگي گهارين ٿا، جيڪي
پنهنجي مقصد ۽ آدرش سان سچا آهن. انسان اهو ڪجهه
پڪ سان بنجي سگهي. جنهن جي هو خواهش رکي ٿو. پر ان
سان هڪ ڳالهه لازمي آهي ته ان خواهش لاءِ ايتري ئي
جاکوڙ ڪجي، جنهن جي هوءَ حقدار آهي.
علي مرتضيٰ ڌاريجو
قسط 1
ڄڀ
(Tongue)
جي آتم ڪهاڻي
جانڻ هڪ عام مرد آهي ۽ جنت سندس زال هڪ عام عورت.
جانڻ 47 سالن جو ته جنت 42 سالن جي آهي. کين ڪل ٽي
ٻار آهن. سندن عضوا (جن مان ڪي رڳو جانڻ جا ته ڪي
جنت جا آهن. جڏهن ته ٻنهي ۾ گهڻي ڀاڱي ساڳيا)
پنهنجي پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن. مضمون جو
هي سلسلو ”دَ باڊي اينڊ هائو اٽ ورڪس“ تان کنيل
آهي.
وقت به وقت جانڻ مون کي ٻاهر ڪڍي آئيني ۾ تپاسيندو
آهي. کيس انهيءَ جي پوري پڪ ناهي ته هو ڪهڙيءَ
ڳالهه جي ڪري مون کي ڏسندو آهي. جيڪڏهن ڪا غير
معمولي ڳالهه محسوس ڪندو آهي ته پڪ ئي پڪ انهيءَ
کي ڪا غلط ڳالهه ڀائيندو آهي. بس سندس دلچسپي رڳو
انهيءَ حد تائين هوندي آهي. خير، آئون رڳو چار انچ
ڊگهي ۽ وزن ۾ ٻه آئونس کن ٿينديس. آئون گهڻو ڪري
ڏسڻ ۾ به ڪونه ايندي آهيان. آئون جانڻ جي ڄڀ
آهيان.
عام طور تي مون کي هڪ اهڙو عضوو سمجهيو ويندو آهي
جنهن جي ڪا خاص اهميت نه هجي. اکين ۽ ڪنن جي ڀيٽ ۾
منهنجي اجائي گلا ڪئي ويندي آهي، ته منهنجي چکڻ جي
حش ٻين پنجن حواسن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. انهيءَ کي
آئون زوراوري سڏيندس. مان ته اهو به چونديس ته ڀلي
جانڻ مون کان سواءِ ڪجهه به ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڏسي.
مثال طور ته مون کي ٻاهر ڪڍي، ڏندن جي وچ ۾ ٿورڙو
زور سان بند ڪري پوءِ ڳالهائڻ جي ڪوشش ته ڪري ڏسي
انهيءَ کان پوءِ هو جيڪي ڪجهه ڳالهائيندو. اهو
مشڪل سان سمجهڻ لائق هوندو.
اهو برابر آهي ته ٻين جانورن جي ڄڀ جيان
گهڻ-گڻائتي به ڪونه آهيان جو ڏيڏر جي زبان جيان
ٻاهر نڪري جيت جڻيا پڪڙي ڪونه ٿي سگهان يا نانگ جي
زبان جيان اونده ۾ ڪنهن کي محسوس به ڪري ڪونه ٿي
سگهان. پر پوءِ به مون کي ٻيا ڪيترائي انيڪ ڪم
ڪرڻا پوندا آهن. مان ڪنهن شيءِ کي چٻاڙڻ ۾ مدد ۽
کاڌي کي وات ۾ لواڙڻ جو ڪم ڪندي آهيان ته جيئن اهو
نه رڳو صحيح طور سان پيسجي وڃي. پر اڳتي هلي معدي
کي به ڪا تڪليف نه ڏئي. مان هڪ تمام ڪارائتي ٻهاري
به آهيان جو اهو پسند ڪندي آهيان ته پنهنجي جوءِ
کي هر قسم جي ڍڳن ۽ ڍيرن کان صاف رکان. انهيءَ کان
سواءِ جذبن جو اظهار به ڪري سگهندي آهيان. توهان
ڏٺو هوندو ته جانڻ جا ٻار زبان ٻاهر ڪڍي ڪيئن نه
ٻين کي چيڙائيندا ۽ نفرت جو اظهار ڪندا آهن.
منهنجو سڀ کان اهم ۽ پيچيده ڪم کاڌي ڳهڻ ۾ مدد ڪرڻ
هوندو آهي. انهيءَ ڪم لاءِ منهنجو اڳيئون حصو، وات
۾ تارون جي اڳئين حصي سان وڃي لڳندو آهي. جنهن کان
پوءِ منهنجو پويون حصو ڪٻو ٿي کاڌي کي لُڪيءَ ۾
ڌڪي ڇڏيندو آهي. جيتوڻيڪ اهو ڏسڻ ۾ ته سولو ٿو
لڳي، پر حقيقت ۾ اهو ڪيترن ئي مشغولين جو هڪ مرڪب
آهي، جيڪي تنتون ۽ پيچيده مشڪون ڪرائينديون
رهنديون آهن. جانڻ کي ڄمڻ کان اڳ ئي اها خبر هئي
ته گهٽبو ڪيئن آهي. جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته
زندگيءَ لاءِ ڳهڻ جهڙو ڪم ڪيڏو نه ڪنو آهي.
منهنجو ٻيو ڪم ڳالهائڻ آهي. جيڪو تنتن ۽ مشڪن کي
بازيگريءَ سان هلائڻ جو هڪ غير معمولي ڪم هوندو
آهي. ان لاءِ پاڻ کي هيرائڻو پيو هوم. تنهن کان
پوءِ ئي هو وڃي سادا سودا ۽ ننڍا ننڍا جملا
ڳالهائڻ سکيو هو. اڄ آئون هڪ نه ٿڪجندڙ پهلوان
جهڙي ۽ ايتري ته قابل آهيان، جو پنهنجو پاڻ کي
ڪيترن ئي نمونن سان ڦيرائي- گهيرائي ڳوڙها ۽ وڏا
وڏا جملا ٺاهي سگهان ٿي. انهيءَ کي سمجهڻ لاءِ
جانڻ ڪوبه هڪ جملو ڳالهائي منهنجي حرفت کي محسوس
ڪري سگهي ٿو.
جڏهن هو ڳالهائيندو آهي ته منهنجيءَ چرپر تي پورو
پورو ڌيان ڏيندو آهي. پر جي هو ڳالهائڻ دوران ڪنهن
ٻئي پاسي ڌيان ڌريندو ته ڏند مون کي ڦٽي وجهندا
جيڪي منهنجا اصل ويري هوندا آهن. جن سان آئون گڏ
گذاريندي آهيان. پر جيئن ته آئون هڪ وڏي حرفتڻ
آهيان تنهن ڪري ڪو مشڪل سان انهن جي ور چڙهندي
هونديس.
اصل ۾ ته آئون ميڪوس
(Mucous)
جو هڪ ٽڪر آهيان جنهن ۾ ڪيتريون ئي پيچيده مشڪون ۽
تنتون ڍڪيل ٿين. منهنجو مٿاڇرو ننڍڙن پتڪڙن
گونچڙين جهڙن سيلن
(Papillae)
سان ڍڪيل هوندو آهي. جن مان ڪيترن ۾ سوادي مکڙيون
هونديون آهن. منهنجين انهن سوادي مکڙين ۾ سواد جا
سيل هوندا آهن، جيڪي سواد ۽ چشڪي جو پتو ڏيندا
رهندا آهن. منهنجي هيٺئين پاسي کان هڪ ننڍڙي ڏوري
فرينيولم
(Frenulum)
آهي. جي اها گهڻي ننڍي هوندي آهي ته زبان جي عام
رواجي چرپر ٿي نه سگهندي آهي. جي ائين هجي ها ته
جانڻ کي ڄڀ- مريد
(Tongue-tied)
سڏ تي ها جو هو بي وس هجي ها ۽ چچريل ڳالهائيندو
رهي ها. ڪنهن زماني ۾ اهڙا ماڻهو سڄي زندگي چچريل
ڳالهائيندا رهندا هيا پر اڄڪلهه اهڙي نقص کي
سولائيءَ سان ٺيڪ ڪري سگهبو آهي. |