سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جولاءِ 1989ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جولاءِ 1989ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حاجي شاهنواز پيرزادو

ڪلام الله

بسم الله الرحمان الرحيم

(الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان شروع)

اهو آهي حج، جيڪو الله جي پاڪ رسمن جي تعظيم ڪندو، سو پنهنجي پروردگار وٽ ڀلائي حاصل ڪندو، اي مسلمانو اوهان لاءِ سڀ چؤ پايا پهرو حلال آهن. سواءِ اُنهن جي، جيڪي اوهان کي حرام ڪري ٻڌايا ويا آهن. وڌيڪ اوهان کي بتن جي بندگيءَ جي گندگيءَ کان پاڻ بچائڻ گهرجي ۽ پڻ ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاڻ کي پري رکڻ جڳائي.

(سورت الحج 29)

عبدالواحد لغاري

حضور ﷺ جن فرمايو

حضور ﷺ جن وٽ هڪ ماڻهو آيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسول الله صلعم، منهنجي دل سخت آهي (ڪو علاج ٻڌايو). پاڻ ڪريم جن فرمايو: يتيم جي مٿي تي شفقت جو هٿ ڦير، ۽ مسڪينن کي کاڌو کاراءِ. (مشڪوات)

حال احوال

پيارا ٻارو!

گل ڦل جي جون واري پرچي کان اسان ٻه تبديليون شروع ڪيون آهن. جيڪي اوهان کي پسند آيون هونديون، اوهان جي صلاح سان، اسان پرچي کي اڃان وڌيڪ بهتر کان بهتر ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنداسون، پر هڪ ڳالهه ته ڪيترائي ٻار مواد نقل ڪري ٿا موڪلن، ۽ نه ڇپجڻ تي وري لکن ٿا ته اسان جو مواد شايع ڇو نٿا ڪريو. ان لاءِ پيارا ٻارو توهان پهرين ٻاراڻو ادب پڙهو، ۽ ڏسو ته اهو ڪيئن لکيل آهي، پوءِ توهان به پنهنجي ذهن آهر ڪجهه لکي موڪليو، ڏسو نه هاڻ ته ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ جو عنوان به توهان کي ڏنو اٿؤن، پوءِ ڪو واقعو، ڪو پس منظر جنهن توهان کي متاثر ڪيو هجي، اهو لکي موڪليو ۽ اسان واري سان ٻه مضمون ان مان ٺاهي شايع ڪنداسين.

ٻارو هاڻ ته توهان کي وئڪيشن آهي، توهان وئڪيشن ۾ گهمندا ڦرندا هوندا ۽ توهان جي ذهن آڏو ڪيترائي واقعا ٿيندا هوندا، انهن کي پين پنو کڻي لکي وٺو، ڪئين صلاح پسند آئي، چڱو موڪلاڻي ڪانهي، سدائين گڏ.

چڱو ٻارو ساٿ سلامت

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

 

ڪلياڻ آڏواڻي

لطيفي لات

جر ۾ سپون جيئن، آهين ابر آسري

جئن ڪونجون سارين روهه کي، مون تن اندر تيئن

هُتِ وعدا وڃڻ جا، هِتِ نه ڀانيم هيئن

ڪوٺين ويهان ڪيئن، جي نظربندياڻي نه هُئان

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت سور مارئي جي داستان ڏهين جو ڏهون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي:

جيئن سپون، (سمنڊ) جل ۾ هوندي، بادل جي آسري تي رهنديون آهن، جيئن ڪونجون جبل کي ياد ڪنديون آهن (ڇو جو اهو رهڻ جو هنڌ اٿن ۽ سندن ٻچا به اتي آهن) تيئن مارئي جي اندر ۾ به ملير پيو وسي، هُت (ملير ۾) وڃڻ جو اقرار ڪيل اٿس. هت (بند ۾) هن ائين نه سمجهيو ته اها ڪار ٿيندي، جي پهري هيٺ بندياڻي نه هجي ها، ته هنن ڪوٺين ۾ هڪ منٽ به نه رهي ها. هن بيت ۾ مارئي جي پنهنجي وطن سان حب ڏيکاريل آهي.

معني: روهه = جبل. نظر بندياڻي = قيدياڻي.

عبدالرزاق گهانگهرو

اسلام ۾ حج جي اهميت

اسلام جو پنجون اهم رڪن حج آهي. هي اسان مسلمانن تي سن 9 هجري ۾ فرض ٿيو. حج اسان مسلمانن ۾ وحدانيت، اخوت، محبت، عاجزي، اتحاد، سخاوت، صبر ۽ شڪر جهڙيون اعليٰ خوبيون پيدا ڪري ٿو، ان ڪري اسلامي عبادتن ۾ حج کي وڏي اهميت ۽ فضيلت حاصل آهي.

حج جي لفظي معنيٰ آهي زيارت جو ارادو ڪرڻ. اسلامي اصطلاح ۾ بيت الله جي زيارت جي ارادي سان وڃي، مڪي شريف ۾ ڪي خاص عمل ڪرڻ جو نالو حج آهي. حج زندگي ۾ هڪ ڀيرو هر حيثيت رکندڙ مسلمان تي فرض آهي. ان سلسلي ۾ قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ”۽ الله تعاليٰ جو پنهنجن ٻانهن تي هي حق آهي ته انهن مان ڪوبه سفر ڪرڻ جي طاقت رکندڙ هجي ته اهو حج ڪري.“

قرآن ۽ حديث ۾ حج جي ادائگي جو اصل مقصد ٻانهن جي گناهن کي بخشڻ ٻڌايو ويو آهي. حضور نبي ڪريم ﷺ جن جو ارشاد گرامي آهي ته ”جيڪو الله جي لاءِ حج ڪري ٿو ۽ حج جي دوران گناهن کان پري رهي ٿو ته اهو شخص گناهن کان اهڙي طرح پاڪ ۽ صاف ٿي موٽي ٿو، ڄڻ هاڻي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي.“ حج جي ذريعي پنهنجي گنهگار ٻانهن کي دنيا ۾ ئي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ جو اهو انتظام الله تعاليٰ جي تمام گهڻي مهرباني ۽ ڪرم جو دليل آهي ۽ معافي جي هن موقعي مان طاقت هجڻ جي باوجود فائدو نه وٺڻ يقيناً انتها درجي جي ناشڪري ۽ بدبختي آهي. حضور ﷺ جن جو ارشاد آهي ته جنهن طاقت رکندڙ شخص کي نه ڪا ظاهري مشڪل حج کان روڪي ۽ نه ڪو ظالم بادشاهه ان جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجي ۽ نه ڪو معذور ڪرڻ وارو مرض کيس هجي ۽ پوءِ به حج ڪرڻ بنا مري وڃي ته پوءِ ڪوبه فرق نه آهي ته اهو يهودي ٿي مري يا نصراني ٿي.

اسلامي عبادتن ۾ حج هڪ اهڙي جامع عبادت آهي، جنهن ۾ تمام عبادتون جمع آهن. حج نماز وانگر بدني عبادت آهي ته روزي وانگر روحاني عبادت به آهي. اهڙي طرح زڪوات وانگر مالي عبادت به آهي. نماز ۾ جنهن قبلي جي طرف مُنهن ڪري ٻانهو عبادت ڪري ٿو. حج جي موقعي تي اهوئي بيت الله ان جي سامهون هوندو آهي. جهڙو طرح روز جي حالت ۾ مقرر وقت جي لاءِ جائز ڳالهين کي به ڇڏڻو پوي ٿو، اهڙي طرح حج موقعي تي حاجي چند ڳالهين جو پابند ٿي وڃي ٿو. زڪوات راهه خدا ۾ خرچ ڪرڻ جي تربيت آهي. ان جو اعليٰ مثال حج جي موقعي تي نظر اچي ٿو، جڏهن بندو مال خدا جي خاطر خرچ ڪري بيت الله جي زيارت لاءِ اچي ٿو. مطلب ته حج هڪ اهڙي جامع عبادت آهي، جنهن ۾ باقي دين جي رڪنن جون حالتون به شامل آهن.

حج جو اصل فائدو گناهن کان نجات حاصل ڪرڻ آهي، پر دين جي ٻين عبادتن وانگر هن جا به ڪيترائي سماجي ۽ اخلاقي فائدا حاصل ٿين ٿا. حج جي مبارڪ موقعي تي لکين مسلمان جو هڪ ئي لباس ۾ هڪ ئي جذبي سان گڏ ٿيڻ مسلمانن ۾ عظمت ۽ طاقت جو احساس پيدا ڪري ٿو ۽ هن موقعي تي مسلمانن جي وچ ۾ رنگ، نسل، قوم ۽ وطن جا سڀ فرق ختم ٿي ويندا آهن.

لاکو رحيم بخش ”قمر“

منهنجي امڙ

تُنهنجا هٿ پير چُمان منهنجي جيجل

منهنجي امڙ، مٺڙي امڙ پياري امڙ.

 

پيار منجهان رئون ٿڃ ٿي پياريئي،

لولي ڏيئي ننڊ ڏيا ريئي

ٿورا تُنهنجا ٿورا مَڃان!

منهنجي جيجل مٺڙي امڙ

پياري امڙ منهنجي امڙ.

 

تتيءَ، ٿڌيءَ ۾ جاڳيو راتيون،

باک ڦُٽيءَ تڪ اکيون آ تيون،

ننڊ ڦٽايئي منهنجي مٿان

منهنجي جيجل، مٺڙي امڙ

پياري امڙ منهنجي امڙ.

 

جيجل کي جنهن رَنج رسايو

رب ۽ رسول کي تنهن ڏمرايو

رحمت ٿيندي ان تي ڪٿان

منهنجي جيجل مٺڙي امڙ

پياري امڙ منهنجي امڙ

فائق رب جو آ، هيءَ فرمانُ

ماءُ ۽ پيءَ سان ڪريو! اِحسانُ،

ماءُ ۽ پيءُ جا حق گهڻا،

منهنجي جيجل مٺڙي امڙ

پياري امڙ منهنجي امڙ.

 

مير مُحمّد ﷺ جو هيءُ فرمانُ

ماءُ ۽ پيءُ جو مَڃيو فرمان،

پرت مان توکي هنئين مان چوان

منهنجي جيجل، مٺڙي امڙ

پياري امڙ منهنجي امڙ.

 

تُنهنج نه هڪڙو ٿورو لاهيان

تنهنجي در جو نوڪر آهيان

سج ۽ ”قمر“ ٻئي صدقي ڪيان

منهنجي جيجل، منهنجي امڙ،

پياري امڙ، مٺڙي امڙ

عزيز ڪنگراڻي

پڇتاءُ

عرفان ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. تمام ذهين ۽ هوشيار شاگرد هئو. اسڪول ۾ استاد ۽ شاگرد سندس ذهانت جي ڪري عزت ڪندا هئا. هر سال اسڪول ۾ پهريون نمبر ايندو هو. جڏهن کان وٺي ڪرڪيٽ جي جُنون ۾ ڦاسي ويو هو، تڏهن کان سندس پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي هئي. پنهنجي اسڪول ٽيم جو ڪپتان هو اسڪول کان پوءِ گهر پهچي ماني کاڌي، جهڙي نه کاڌي، کڻندو هو بئٽ هٿ ۾، سڌو گرائونڊ تي سج لهي اوندهه ٿي ويندي هئي، ته گهر موٽندو ٿڪاوٽ جي ڪري ماني کائي سمهي پوندو هو. صبح جو ڀڳل دل سان ويندو هو اسڪول ۽ شام وري ساڳي مشغولي ائين ئي معمول بڻجي ويو هوس.

ڪلاس ۾ به نه پڙهڻ جي ڪري شرمندگي پلئه پوڻ لڳس استاد مٿس ناراض ٿيڻ لڳا، کيس هدايت ڪرڻ لڳا، ته بابا ڪرڪيٽ ڀلي کيڏ پر ڪجهه پنهنجي پڙهائي ڏانهن خيال رک، ايترو جنون ۾ نه وڃ جو ٻيا ڪم ختم ٿي وڃن استاد کيس سمجهائڻ لڳا ته پٽ کيڏڻ گهرجي وقت تي پڙهڻ گهرجي ۽ وقت تي ٻيا ڪم ڪار ڪرڻ گهرجن.

مائٽن جي ڳڻتي وڌڻ لڳي ته ان ڪرڪيٽ جي شوق ۾ سندس تعليم بلڪل پوئتي پئجي وئي آهي، کين استاد پاران رپورٽ ملڻ لڳي عرفان جو تعليم ڏانهن توجهه بلڪل ختم ٿيندو پيو وڃي هن کي مائٽ منع ڪرڻ لڳا. پر هن جا پير ساڳا هئا، نائين امتحان ۾ پڻ انگريزي ۽ بائلاجي جي پرچي ۾ فيل ٿي پيو هو، باقي ٻين مضمون ۾ به رڳو پاس مارڪون کنيون هئائين، هاڻ ته عرفان پاڙي جي مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جو باقاعده ميمبر به بڻجي ويو هو. جتي هيءَ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ لڳو. ظهير عباس هن جو آئيڊيل هو، هن جي ذهن ۾ پاڪستان جو بهترين رانديگر بنجڻ جي خواهش وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳي هئي، مائٽن ۽ استادن جي هدايتن تي بڇان لڳندي هئس. دل ئي دلِ ۾ سوچيندو هو ته هنن کي ڪرڪيٽ جي دنيا جي لطف جي ڪهڙي خبر!

ورلڊ ڪپ سيريز دؤران جنهن ڏينهن ٻن ٽيمن جي مئچ هوندي هئي، ته اهو سڄو ڏينهن گهر ۾ ٽي وي کولي ويهي ميچ ڏسندو هو.

جيڪڏهن زوري اسڪول موڪليو ويندو هوس، ته پاڪيٽ سائيز ريڊيو کيسي ۾ پيل هوندو هوس، مائٽ گهڻوئي چوندا هوس پر ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هو ڏينهون ڏينهن انهي مشغولي ۾ ويو گم ٿيندو.

امتحان جا ڏينهن اچي ويا، پر هن جي صحت تي ڪوبه اثر نه پيو هن ڪتابن کي لوڻو ڦيري به نه ڏٺو هو امتحان شروع ٿيا ڄڻ ڪنهن لاچار کان امتحان ۾ ويٺو هجي، پڙهي نه وڃڻ ڪري هر پرچي ۾ غلطي جو احساس ٿيڻ لڳس، پر عمل ڪرڻ جا ڏينهن گذري ويا جيئن تيئن خير سان امتحان گذريا، ڄڻ ذهن تان مڻن جو بار لهي پيس پاڻ کي تمام گهڻو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو.

هڪ ڏينهن عرفان جي ٽيم ۽ شهباز ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم وچ ۾ ميونسپل پارڪ واري گرائونڊ تي ميچ هئي. عرفان پنهنجي ٽيم جي قيادت پئي ڪئي عرفان ٽاس کٽي ۽ پهرين کيڏڻ جو فيصلو ڪيو. ٽيمون ميدان تي آيون، چوٿين نمبر تي عرفان ڏاڍي اعتماد سان ميدان ۾ آيو. هن ٽيم جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي، تيز کيڏڻ لڳو هر بال تي چوڪا هڻڻ شروع ڪيائين، ٻه اوور کيڏيو، ٽين اوور جي چوٿين بال تي هن شايد ڇڪي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان گسي ويو ۽ بال سندس ساڄي گوڏي ۾ اهڙي ته زور سان لڳو جو وڃي چؤتال ٽُٽو ڪرڻ سان بيهوش ٿي ويو. شايد چوٽ شديد رسي هئس کيس اسپتال آندو ويو، ڪلاڪ کان پوءِ مِس مس هوش ۾ آيو، چڪاس کان پوءِ ڊاڪٽر ٻڌايو ته سندس ساڄي ٽنگ گوڏي کان گهڻي چوٽ سبب نڪري پئي آهي، ٻئي خطري جي ڪابه ڳالهه ڪانهي، پر شايد آئينده ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اهل نه رهي. لفظ عرفان جي ذهن مان ٻسٽ پار ٿي ويا، اکين اڳيان اوندهه اچي ويس، دماغ چڪرائجي ويس، زمين ڦرڻ لڳي اونڇگارون ڏئي روئڻ لڳو، دوستن ۽ مائٽن جي دلداري تي کيس ٿوري آٿت ملي آهسته آهسته صحت سڌرڻ لڳس، پر اڃا پنڌ ڪرڻ جهڙو نه هئو، هليو ٿي ته گوڏي مان سور جي سڏ اڀريس ٿي، ڪجهه ڏينهن بعد ڊاڪٽر جي مشوري تي کيس گهر آندو ويو.

اڄ اخبار ۾ ڏهين ڪلاس جي رزلٽ شايع ٿي هئي، اخبار عرفان جي هٿ ۾ هئي. سندس نمبر فيل وارن نمبرن جي لسٽ ۾ شامل هئو. منهن لٿل ۽ چهرو ملول هئس ان ڳالهه ويتر دل کي صدمو پهچايو هوس، پڇتاءُ ۽ پيشماني جا هٿ ملڻ لڳو، دل ئي دل ۾ تمام گهڻي محنت جو پڪو پهه ڪيائين ۽ ٻيهر امتحان ۾ ڀرپور تياري سان ويهڻ جو اٽل ارادو ڪيائين.

عبدالغني شيخ

ڏاهپ جا نڪتا

·       سهڻي صلاح جهڙي ٻي ڪا سوکڙي ڪونهي. (مزيني)

·       تنبيہ اڪيلائي ۾، تعريف سڀني اڳيان. (سائرس)

·       علم لا عمر جو قيد ڪونهي. (ايسڪائلس)

·       دوستي رکجي ته جانورن سان، نه سوال ڪن ۽ نه وري ڪِر ڪِر ڪن. (جارج ايليٽ)

·       عقل جي کوٽ، ڪاوڙ سان پوري ڪرڻ وڌيڪ نالائقي چئبي. (الگر)

·       هرڪا چمڪندڙ شيءِ سوني ڪونهي. (سروانتيز)

·       اکين هوندي انڌو، سو انڌي کان به انڌو. (سؤفٽ)

·       لاپرواهي، جهالت کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. (فرينڪلن)

·       قرض جو ڪاڙهو، سورن جو ساڙو. (ٽسر)

·       اک تکي رک، ڄڀ مُڏي. (سروانتيز)

·       چِت سالم چُڪ گهٽ. (ڪنفيوشس)

·       مڙني جي ذمي، سو ڪنهن جي نه ڪمي (انگريزي پهاڪو)

مختار گهمرو

ڪلفي وارو

آيو ڪالو ڪلفيءَ وارو

ٿڌڙي ڪلفي کائو ٻارو!

پاڙي ۾ جو هوڪو آيو،

کير ملائيءَ واري ڪلفي،

نادر، ناصر ڊوڙي آيا،

ياسر سان گڏ پهتو زلفي،

جلدي پهتا ٻار ويهارو،

آيو ڪالو ڪلفيءَ وارو

خالص کير منجهان مون ٺاهي،

آڌي ۾ آ وڏڙي ڪلفي

پستا ۽ باداميون تن ۾،

چئين آني ۾ ننڍڙي ڪلفي

کائي هرڪو ٻالڪ پيارو

آيو ڪالو ڪلفيءَ وارو

گرميءَ جي آ دشمن ڪلفي

کائي سڀڪو ڳائيندو آ،

شوق منجهان هر ٻار ٻُڍو ۽،

جوان به ڪلفي کائيندو آ

چسڪو هن جو آهه نيارو

آيو ڪالو ڪفليءَ وارو

ڪلفي کائي قرب وڌايو،

ايڪو الفت ڪريو ٻارو

علم پڙهو ۽ هنر پرايو

ديس جي خدمت ڪريو ٻارو

ديس اسان جو آهه دلارو

آيو ڪالو ڪلفيءَ وارو

ڪلفيءَ ۾ مختار مزو آ،

ڊوڙو جلدي کائو پيارا

مصريءَ ماکيءَ کان آ مٺڙي،

هن ۾ پيل آ مائو پيارا

ٻالڪ ٿيندو ڀاڳ ڀلارو

آيو ڪالو ڪلفي وارو

عبدالله آريجو

ڪمپيوٽر بابت غلط فهميون

ٻارؤ! ڇا اوهان کي اها خبر آهي ته هن دور کي ڪهڙي مشين جو دور سڏيو وڃي ٿو؟

ٻارو هن دور کي ڪمپيوٽر جو دور سڏيو وڃي ٿو.

ڪمپيوٽر ويهين صديءَ جي اهم ترين ايجاد آهي جنهن جي فائدي جي ڪري سندس اهميت وڌي چڪي آهي. آفيس هجي يا هوٽل، اسپتال هجي يا هوائي اڏو جتي ڪٿي حيرت انگريز ايجاد ڪمپيوٽر نهايت شاندار انداز سان استعمال ٿي رهيو آهي.

چند پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڇڏي باقي سڀني ماڻهن کي ڪمپيوٽر جي باري ۾ هڪ عظيم غلط فهمي آهي. ماڻهو سوچين ٿا ۽ وڏي واڪي اظهار به ڪن ٿا ته ڪمپيوٽر هڪ اهڙي مشين آهي جنهن مان هر قسم جي معلومات رڳو بٽڻ دٻائڻ سان ملي وڃي ٿي. ٻارو جيڪڏهن اوهين به ائين سوچيندا آهيو ته پوءِ پڪ سان اوهان به غلط آهيو اچو ته مان اوهان کي ڪمپيوٽر جي حقيقت بابت ٻڌايان.

ڪمپيوٽر هڪ ٽيپ رڪارڊ جيان ٿئي ٿو، جيڪڏهن اوهان ٽيپ رڪارڊ ۾ ڪيسٽ نه وجهو ۽ ان کي هلڻ لاءِ بٽڻ دٻايو ڇا ٽيپ رڪارڊ هلندو، نه ڪڏهن به نه، ڇو ته ڪيسٽ ئي ته اها پٽي آهي جنهن تي آواز ڀريل آهي.

ٻارو ڪمپيوٽر به هڪ ٽيپ رڪارڊر جيان هوندو آهي ڪمپيوٽر ۾ هڪ چپ استعمال ڪبي آهي جنهن تي گهربل پروگرام اڳواٽ ڀريا ويندا آهن. جڏهن اها چپ ڪمپيوٽر ۾ وجهبي آهي ۽ قائدي موجب بٽڻ دٻائبا آهن ته ڪمپيوٽر جي مانيٽر تي اهو ئي ڪجهه ظاهر ٿيندو آهي، جيڪا معلومات اوهان چپ تي رڪارڊ (پروگرام) ڪئي هوندي آهي.

ان جو مطلب ته ڪمپيوٽر اسان کي جيڪا معلومات فراهم ڪري ٿو. اها ڪمپيوٽر جي پنهنجي سوچيل نه هوندي آهي، پر اها معلومات پهريائين اسان ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪندا آهيون جنهن کي پروگرام چئبو آهي اهڙا ڪيئي پروگرام ڪمپيوٽر کي ياد ڪرائي سگهبا آهن ۽ رڳو بٽڻ دٻائڻ سان گهربل پروگرام بنا دير جي ڪمپيوٽر جي مانيٽر (ٽي وي) تي ڏسي سگهبا آهن.

ٻارو واضح ٿيو ته ڪمپيوٽر ڪا پاڻ سوچيندڙ مشين نه آهي، پر ان کي اهو سڀ ڪجهه اڳواٽ ڏبو آهي يعني ڪمپيوٽر انساني دماغ جي طابع هوندي آهي. پر اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ دماغ ڪمپيوٽر تي ڪم هلي رهيو آهي.

آمريڪي سائنسدان سوچڻ جي سگهه رکڻ وارا ڪمپيوٽر ايجاد ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن. انهن ڪمپيوٽرن جو نالو نيورو ڪمپيوٽر هوندو. اهڙا ڪمپيوٽر خود سوچي به سگهندا ۽ انهن ۾ اڳواٽ ڪا معلومات داخل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.

سائنس ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن نه آهي، سائنسدان ڪوششون ڪري رهيا آهن اسان کي انتظار ڪرڻ گهرجي ان ڏينهن جو جنهن ڏينهن نيورو ڪمپيوٽر بازار ۾ عام جام ملندا.

خليل عارف سومرو

ڏاها ٻار

اُهي ٻار ٿا دل کي ڏاڍا وڻن

جيڪي شوق سان ٿا پڙهن ۽ لِکن.

 

قدم ڪاميابي ٿي تن جا چُمي

جيڪي علم جو چاهه دل ۾ رکن.

 

اُهي ٻار ڏاها ۽ سياڻا جيڪي

سويري سُمهن ۽ سويري اُٿن.

 

اچن پيءُ ماءُ جي ڪم جيڪي

اُهي خرچي سان گڏ دُعائون کٽن.

 

سُٺا ٻار سڏجن ٿا عارف اُهي

سدا جيڪي عزت وڏن جي ٿا ڪن.

واحد بخش سولنگي

هلئون اسڪول

آچر، جمعا، گلڻ منهنجا ڍول

هلي اچو ته هلئون اسڪول.

اسين ننڍڙا ٻار آهيون

ٻاتا آهن اسان جا ٻول.

هلي اچو ته هلئون اسڪول

علم سان ئي آهي سڀڪجهه

علم آڏو جهليون پنهنجا جهول

هلي اچو ته هلئون اسڪول

ٻارن لاءِ هي مان گيت لکيو

لفظ پڙهجو ”سولنگي“ جا انمول،

هلي اچو ته هلئون اسڪول

 

ولي محمد طاهرزادو           سُڳڻي سنڌي

مٽي مائٽي جي سڃاڻپ

مائٽيءَ جو سرشتو شادي ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿو. شادي ڪندڙن جا شامل نالا: گهوٽ ۽ ڪنوار آهن. نڪاح جي ٻن حرفن پوڻ سان سندن سنٻنڌ سدائين واسطي قبول، قائم ۽ دائم رهي ٿو. اهو ٻنڌن موت، طلاق يا خُلع ٽوڙي وجهن ٿا.

رت جا رشتا اولاد جي آمد سان وڌن ٿا ۽ ويجهن ٿا پر گهوٽ ۽ ڪنوار جي ڳانڍاپي ڪري رڳو هڪ ٻئي جي عزيزن کي ساهراڻي آڪهه ڪوٺجي ٿو، جنهن ۾ گهوٽ جا لاڳاپيدار سڄڻ ۽ ڪنوار جا مائٽ سيڻ چيا وڃن ٿا. انهن ۾ ڪا خاص آنڊي اُٿل ڪانه هوندي آهي رڳو ويجهڙائيءَ وارن مائٽن ۾ اها رت جي رتي رليل هوندي آهي. پر جڏهن گهوٽ ڪنوار ڄايا ويايا يعني ٻار ٻچا پيدا ٿين ته پوءِ چيا ويندا ”زال مڙس“ ۽ سندن وياءَ جون ولون وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙجي الاجي ڪٿي ڪٿي پکڙي وڃي دنگ ڪنديون. مثلاً: مائٽي جي نڇ آهي مائٽي ۾ ساڳي نُک آهي، يا ماڳهين اَٺينءَ پيڙهيءَ اُٺ ماڪوڙو ماسات هوندا؛ پر هوندا. اولاد جهڙي نعمت نروار ٿي ته زال توڙي مڙس جي طرفن جي مائٽي الڳ ڀاڱن ۾ ورهائجي ويندي.

هڪ ڏاڏنگ يا ڏاڏاڻا يا اباڻا يا ٻاٻاڻا ٻڌڻ ۾ ايندا. اهي ٿيا پيءَ جي پاسي وارو ڪِيڙَ، جن کي پِيئَڪا يا پِيڪا به چئجي ٿو. ٻيا ناننگ يا ناناڻا يعني ماءُ جي طرف جو ڪهول، جن کي مائيتا يا ميڪا به ڪوٺين ٿا. انهن ٻنهي ڌرين بنسبت ڪٿي ڪا ڳالهه ٻولهه ڇِڙي يا قيل مقال هلي ته ٻئي پاسا هڪ ٻئي کي سيڻ سڄڻ ڪري سڃاڻائيندا ۽ چوندا ته اسان جا پاڻ ۾ وار وڇايل آهن.

رت جا ريلا وهڪرا ۽ ويلا هينءَ آهن:

(1)  ڏاڏنگ ڪٽنب:

پيءَ جو پيءُ = ڏاڏو. ڏاڏي جي زال = ڏاڏي. ڏاڏي جو پيءُ = پڙڏاڏو. پڙڏاڏي جي زال = پڙڏاڏي. پڙڏاڏي جو پيءُ = تڙڏاڏو. تڙڏاڏي جي زال = تڙڏاڏي. ڏاڏي جو پٽ ۽ پيءَ جو ڀاءُ = چاچو. چاچي جي زال = چاچي. چاچي جو پٽ = سؤٽ. چاچي جي ڌيءَ = سؤٽِ. ڏاڏي جي ڌيءَ = پيءَ جي ڀيڻ. پڦيءَ جو مڙس = پڦڙ، پڦيءَ جو پٽ = پڦاٽُ. پڦيءَ جي ڌيءَ = پڦاٽِ.

(2) ناننگ ڪڙم:

ماءُ جو پيءُ = نانو. ناني جي زال = ناني. ناني جو پيءُ = پڙنانو. پڙناني جي زال = پڙناني. پڙناني جو پيءَ = تڙنانو. تڙناني جي زال = تڙناني. ناني جو پٽ ۽ ماءُ جو ڀاءُ = مامو. مامي جي زال = مامي. مامي جو پٽ = ماروٽُ. مامي جي ڌيءَ = ماروٽِ. ناني جي ڌيءَ ۽ ماءُ جي ڀيڻ = ماسيءَ. ماسيءَ جو مڙس = ماسڙ. ماسيءَ جو پٽ = ماساتُ. ماسيءَ جي ڌيءَ = ماساتِ.

(3) عورت جي مڙس جا ويجها لاڳاپيدار:

ڀاءُ، ڀاءَ جي زال = ڀاڄايا. ڀاءَ جوءَ يا ڀاڄائي. ڀاءُ جو پٽ = ڀائيٽيو. ڀاءُ جي ڌيءَ = ڀائيٽي. ڀيڻ جو مڙس = ڀيڻويو. ڀيڻ جو پٽ = ڀاڻيجو يا ڀيڻم جو ڀيڻ جي ڌيءَ = ڀاڻيجي يا ڀيڻم جي.

(4) مڙس جا سهراڻا لاڳاپيدار:

زال جو ڀاءُ = سالو. سالي جي زال = سالوني. سالي جو پٽ = سالاٽ. سالي جي ڌيءَ = سالاٽِ. زال جي ڀيڻ = سالي. ساليءَ جو مڙس = سَنڍُو. سنڍوءَ جو پٽ = سونِيو. سنڍُو جي ڌيءَ سونِل.

(5)  زال مڙس جو گڏيل گهراڻو:

پٽ جي زال = نُونهن. نُونهن جو پٽ = پوٽو. نُونهن جي ڌيءَ پوٽي، ڌيءَ جو مڙس = ناٺي. ڌيءَ جو پٽ = ڏهٽو. ڌيءَ جي ڌيءَ = ڏهٽي.

(6) گاڏڙ ساڏڙ سڱ:

جيڪڏهن ڪنهن جوءِ جو مڙس مري ويو. طلاق يا خُلع ڪري ڌار ٿي ويئي ان مڙس مان اولاد ٿيل اٿس. وري ٻيو مڙس ڪيو اٿائين، ان مان به ٻار ٻچا ڄاوا آهنس ته اُهي ٻيا ڄاول ٻار اڳين مڙس مان ڄاول يعني پهرئين مڙس مان پيدا ٿيل اولاد کي اڳ ڄاوا، اڳا، اڳايا، ”ويڳا“ ڀائر ڀينرون ڪوٺيندا. پهرين مڙس مان ڄاول ٻار هن زال جي ٻي مڙس مان ڄاول اولاد کي مائيتا يا ماٽيجا ڀائر ڀينرون چوندا ۽ انهن جي پيءُ کي چاچو ڪري ڪوٺيندا. هڪڙي پيءَ جي ٻن زالن مان پيدا ٿيل اولاد پاڻ کي پيئيتا ڀائر ڀينرون چوائيندا ۽ پيءَ جي ٻين زالن کي ماسي ڪري سڏيندا هڪ ئي ماءُ پيءُ جو اولاد پاڻ کي سڳا (حقيقي) ڀاءُ ڀيڻيون چوائيندا رهندا.

متفرقه:

جن ٻارن ڪنهن به ممائي جي ٿڃ پيتي آهي ته ان عورت جو اولاد ۽ ٿڃ پياڪ پٽ يا ڌيءَ پاڻ ۾ ٿڃ شريڪ (رضاعي) ڀائر ڀيڻون آهن. انهن رضاعي يعني ٿڃ شريڪ اولاد کي به سڳن ڀائرن ڀينرن وانگر ان ٿڃ پياريندڙ مُمائي جي مٽن مائٽن عزيزن اقربائن سان ادب احترام، مباح ۽ حرام ۾ هڪجهڙو ناتو قائم رکڻو آهي.

فقير شهمير خان چانڊيو

امجد جا ڪارناما

خانو جي بيٽنگ نهايت جارهانا هئي، بال بيٽ تي لڳڻ سان هوا ۾ اُڇل کاڌي، هڪ سمت هو پائي جهاز وانگر زور سان ڊوڙڻ لڳو.

”ڇڪو!“ ٻارڙن مان ڪنهن ٻار دانهن ڪئي هئي.“

بال بائونڊري لائين پار ڪري، هڪ اونهي ديوار واري بلڊنگ ۾ وڃي ڪريو هو. امجد هڪ بجليءَ جي پول جي سهاري ديوار تي مٿي چڙهڻ لڳو ۽ آخر ڪارديوار تي چڙهي جيئن هيٺ لهڻ لاءِ ڪو مناسب هنڌ جاچڻ لڳو ته اوچتو نظر ڪجهه ماڻهن تي پئي، جيڪي هڪ هنڌ گڏ ٿي، پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي رهيا هئا.

امجد ديوار تي ويٺي ويٺي، بال کي ڳولڻ لاءِ نهار ڪئي. سندس نظر، ان هنڌ ڄمي بيهي رهي، جتي اهي ماڻهو بيٺا هئا: ان جاچي ڏٺو چئيني پاسي ٻوٽن جون ڪونڊيون ۽ زمين جي سطح تي ڇٻر پوکيل هئي. امجد جيئن هيٺ ٽپ ڏنو ته انهن ماڻهن مان هڪ کيس جهلڻ لاءِ وڌڻ لڳو. امجد ان ماڻهوءَ جا ارادا سٺا نه ڏٺا ۽ هو بال کي ڇڏي، وري مٿي چڙهڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته امجد جي تيز نظر، اهو سڀڪجهه منظر ڏسي ورتو هو. جيڪو کيس هڪ هٿيارن جي ڍير ۾ نظر آيو هو.

امجد ان پول تان آهستي آهستي هيٺ گسڪندو لهڻ لڳو ۽ هيٺ لهڻ سان هڪ طرف ڀڄڻ لڳو. امجد مسلسل ڊوڙندو رهيو، سندس پويان اهو ساڳيو ماڻهو ڊوڙندي نظر آيو هو.

ٻارڙن ۾ امجد کي ائين ڊوڙندو ڏسي افراتفري مچي وئي هئي ۽ پوءِ ڪجهه سمجهي ڇڙوڇڙ ٿي ويا هئا.

هاڻي امجد ٿڪجي پيو هو. هن پويان نهار ڪئي، پر اهو ماڻهو کيس نظر نه آيو. کيس اُڀ ساهي وٺي وئي هئي. هو هڪ هنڌ ويهي ساهه پٽڻ لڳو. دم پٽڻ بعد، هو اٿيو ۽ هڪ دفعو وري هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، هڪ طرف رخ رکيائين. هو شهر کان ڪافي پري نڪري آيو هو، ڪافي دير ڪچي مان هلڻ بعد هو هاڻي پڪي روڊ تي هلڻ لڳو، روڊ جي ٻنهي طرفن سناٽو ڇانيل هو. هن کي هلندي هلندي شام ٿي چڪي هئي، هوڏانهن گهر وارا سندس گهر نه پهچڻ ڪري پريشان ٿي پيا هئا، ريڊيو تي سندس گمشدگي جو اعلان ٿيڻ لڳو.

امجد هاڻي شهر جي وسنديءَ ۾ پهچي چڪو هو. شهر جي وڏين عمارتن سندس استقبال ڪيو هو. هن گهر وڃڻ مناسب نه سمجهيو ۽ سڌو هڪ ويجهي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويو ۽ انچارج سان سڄي حقيقت ڪيائين.

انچارج امجد جي پٺي ٺپي کيس شاباس ڏني ۽ سندس نشاندهيءَ تي ان محل نما بلڊنگ ۾ ڇاپو هنيو ته وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ سماج دشمن عناصر پڪڙيا ويا.

ٻئي ڏينهن اخبار ۾ وڏين سرخين سان امجد جي تصوير ۽ خبر ڇپيل هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com