سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4/ 1997ع

باب: --

صفحو :7

سنڌيڪار: زاهده چنه           [انوار سهيلي جون ڪهاڻيون]

تيز هوش ۽ خرم دل

ٻه دوست هئا، هڪ گهڻو عقل مند ۽ چالاڪ هو، پر ٻيو سڌو سادو ماڻهو هو، چالاڪ پنهنجي چالاڪي سان ماڻهن کي دوکو ڏيندو هو، ان جو لقب تيز هوش هو ۽ ٻيو پنهنجي بي وقوفي ۽ سادگيءَ سبب نفع ۽ نقصان ۾ فرق ڪري نه سگهندو هو. ان کي وري خرم دل چوندا هئا. هنن ٻنهي واپار جو ارادو ڪيو ۽ ٻئي گڏجي سفر تي روانا ٿيا. هو هڪ شهر کان ٻي شهر هلندا رهيا، هلندي هلندي کين واٽ تي روپين سان ڀريل هڪ ٿيلهو مليو. ان کي ڏسي هوُ ٻئي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ بيهي ڪري سوچڻ لڳا ته هاڻ ڇا ڪيو وڃي. عقلمند دوست يعني تيز هوش چيو:

.ادا! هن دنيا ۾ محنت کان سواءِ به فائدو حاصل ٿيندو آهي، اسان کي اشرفين جي ٿيلهي تي قناعت ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ آرام سان ويهي زندگي گذاريون، هيءَ رقم اسان لاءِ ڪافي آهي.“

اهو سوچي ٻئي واپس موٽيا، شهر جي ويجهو پهچي اچي هڪ هنڌ تي بيٺا خرم دل چيو:

”ادا اچ ته هيءَ پنهنجي مڏي ورهايون.“

تيز هوش چيو: ”هينئر ورهائڻ مناسب ڪونهي، هينئن ٿا ڪريون، جو گهرج آهر ڪجهه پئسا خرچ لاءِ ڪڍي ۽ باقي رقم ڪنهن جاءِ ۾ دفن ڪري ٿا ڇڏيون. اهڙيءَ ريت ضروري مهل وري رقم کڻندا رهنداسون، ته جيئن اسان جي هيءَ موُڙي اسان کي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي سگهي.“

نادان دوست، چالاڪ دوست جي اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ان جي دوکي ۾ اچي اشرفين جي ٿيلهي کي هڪ وڻ هيٺيان پوري ڇڏيو ۽ پوءِ شهر ۾ اچي  ٻيئي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا.

ٻي رات تيز هوش، جيڪو چالاڪ هو سو اُن وڻ جي هيٺان آيو ۽ زمين کوٽي اشرفين جي ٿيلهي ڪڍي هليو ويو. خرم دل پنهنجي غفلت جي ڪري، ان ڳالهه کان بي خبر ٿي مزي سان پئسا خرچ ڪندو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن، سندس سمورا پئسا ختم ٿي ويا، پوءِ هو تيز هوش وٽ آيو، چيائين ته:

”ادا، هل ته ان پوريل اشرفين مان ڪجهه ٻيون اشرفيون ڪڍون، ڇاڪاڻ جو مون وٽ ڪجهه به ڪونه بچيو آهي.“

تيز هوش اڻڄاڻ ٿيندي چيو: ”چڱو، جيڪا تنهنجي صلاح، هل ته هلون.“ هلندا هلندا ٻئي ان وڻ هيٺيان آيا، ۽ جلدي جلدي پوريل اشرفيون ڳولڻ لڳا، پر کين ڪجهه به هٿ نه آيو. تيز هوش، خرم دل جو ڳلو جهلي کيس چيو ته: ”پڪ ئي پڪ هي مال تون ئي کڻي ويو آهين ۽ تون مون سان ٺڳي ڪئي آهي.“

خرم دل ويچارو قسم کائيندو رهيو، پر تيز هوش تي ان ڳالهه جو ڪوبه اثر نه ٿيو. آخر انهيءَ ننڍڙي ڳالهه مان وڌندي ڳالهوڙو ٿي ويو، جنهن چڱي خاصي ويڙهه جي صورت اختيار ڪئي. تيز هوش چالاڪيءَ سان خرم دل کي فيصلي لاءِ قاضي وٽ وٺي ويو. ۽ دعوى ڪيائين. هن سڄو واقعو قاضي کي ٻڌايو، خرم دل جي انڪار ڪرڻ تي قاضي تيز هوش کان شاهد گهريو، تيز هوش چيو.

”قاضي صاحب! هن وڻ کان سواءِ جنهن جي هيٺان اسان پنهنجو مال لڪايو هو. منهنجو ٻيو ڪوبه شاهد ڪونهي، ۽ مان اميد ڪريان ٿو ته خدا پنهنجي قدرت سان وڻ کي زبان ڏيندو. جيئن هو منهنجي حق ۾ شاهدي ڏيئي سگهي، ۽ ان بي ايمان جي بد ديانتي کان به ماڻهو واقف ٿيندا.“

قاضي کي ان ڳالهه تي تمام گهڻي حيرت لڳي. نيٺ بحث ۽ مباحثي کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته سڀاڻي قاضي ان وڻ هيٺيان ايندو ۽ وڻ کان شاهدي وٺندو ۽ جيڪڏهن وڻ شاهدي ڏني ته ان تي عمل ڪيو ويندو.

تيز هوش پنهنجي گهر ويو ۽ سمورو قصو پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين ۽ کيس چيائين ته، بابا! مان توهان جي ڀروسي تي اهو بهانو بڻائي مڪر جو ڄار وڇايو آهي. اها سڄي اٽڪل توهان جي شفقت تي منحصر آهي، جيڪڏهن توهان مون تي مهربان ٿي وڃو ته هي مال هضم ٿي سگهجي ٿو. ان جو اڌ حاصل ٿي سگهي ٿو. پوءِ سموري حياتي عيش سان گذارينداسين.“

پيءُ چيس: ”پٽ! هن معاملي ۾ ڀلا مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“

پٽ چيو: ”هن وڻ ۾ هڪ پوُر آهي، رات جو هلي ڪري ان ۾ ويهي رهجو، ڏينهن جو جڏهن قاضي اچي پڇندو ته منهنجي حق ۾ شاهدي ڏجو.“

پيءُ چيس: ”پٽ دوکي بازي ڪرڻ چڱي ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن اڄ تون ماڻهن کي دوکو ڏيئي به ڇڏيو ته ڇا سڀاڻي خدا کي به دوکو ڏيئي سگهندين؟ اڪثر ڪري اهو به ڏٺو ويو آهي ته مڪار پنهنجي وڇايل ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاسندو آهي، ۽ ان مڪاري جو انجام گرفتاري ۽ ذلت نه ٿئي.“

تيز هوش چيو – ”بابا! نصيحتون ڇڏيو، گهڻو ڊيگهه نه ڪريو ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون نه ڪريو. هي ڪم توهان جي مدد سان وڏي فائدي وارو ٿي سگهي ٿو.“

پٽ جي محبت ۽ مال جي هوس پوڙهي کي به بدديانتي تي راضي ڪري ڇڏيو، ايمانداريءَ واري واٽ ڇڏي، هُن بي ايمانيءَ واري واٽ ورتي. پٽ جي چوڻ مطابق رات جي اونڌائي ۾ وڃي. اُن وڻ جي پور ۾ لڪي وڻ جي هيٺيان آيو. هڪ ميڙ، اهو منظر ڏسڻ جي لاءِ اچي گڏ ٿيو هو. قاضي هن جي چوڻ مطابق وڻ کان گواهي گهري، وڻ مان آواز آيو. ”ان مال کي خرم دل کڻي ويو آهي ۽ هن تيز هوش تي ظلم ڪيو آهي.“ هو ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا. پر قاضي هوشياري کان ڪم وٺندي سهي ڪري ورتو ته ان وڻ ۾ ڪو راز آهي، جنهن جو ظاهر ٿيڻ بي حد ضروري آهي ۽ ان لاءِ ڪا اٽڪل ڪرڻ گهرجي، پوءِ ان حڪم ڏنو ته سُڪل ڪاٺيون گڏ ڪري هن وڻ جي چوڌاري رکي پوءِ باهه ڏيو. جڏهن ان ڪاٺين جو دونهون وڻ جي پور ۾ پهتو ته پوڙهي جو ساهه منجهڻ لڳو. تنهنڪري هو گهٻرائجي رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ جان جي امان لاءِ عرض ڪيائين. قاضي کيس ٻاهر ڪڍيو ۽ ان کان حقيقت حال پڇيائين، هن کيس پيرائتي ڳالهه ٻڌائي اهڙي طرح تيز هوش جي بي ايماني ۽ خرم دل جي ناداني سڀني تي ظاهر ٿي پيئي. اها حقيقت ٻڌائڻ کان پوءِ ساهه گهٽجڻ سبب ويچارو پوڙهو مري ويو. تيز هوش ذلت ۽ خواري ۽ پشيمانيءَ سان پنهنجي پيءُ جو لاش کڻي شهر آيو. خرم دل پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري جي ڪري مال حاصل ڪري، نهايت مزي ۽ آرام سان زندگي گذارڻ لڳو. (هلندڙ).

قربان جعفري                                  [قسط 12]

بيربل جي سزا

هڪڙي ڏينهن، اڪبر بيربل کان ناخوش ٿيو ۽ هن کي چيائين ته، هڪدم درٻار ڇڏي وڃي ۽ ڪڏهن ڪين موٽي اچي.“

”حضور عالي“ بيربل چيو، ”توهان هڪڙو واعدو وساريو پيا، جيڪو توهان هڪڙي ڀيري مونسان ڪيو هو.“

”اهو ڪهڙو واعدو هو؟“ اڪبر پڇيو.

”توهان چيو هو ته جيڪڏهن توهان ڪڏهن مون کي سزا ڏيڻ چاهيندا، ته توهان مون کي پنهنجي سزا چونڊڻ جي اجازت ڏيندا.“

”هون.“ اڪبر چيو، هو پنهنجو واعدو ياد ڏيارڻ تي گهڻو خوش ڪين هو، ”پوءِ وارو ڪر، پنهنجو خيال ظاهر ڪر، پر پڪ ڪجانءِ، تون ان کي تمام سولو ڪين بڻائجانءِ.“

”بادشاهه سلامت“، بيربل چيو، ”ڇا توهان شهر جا پنج غريب ترين ماڻهو محل ڏانهن سڏائيندا؟ مان انهن کان پنهنجو فيصلو ڪرائڻ پسند ڪندس.

”ڇا غير معمولي خيال آهي!“ اڪبر چيو، ”مان انهن ماڻهن کي فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪيئن چوندس، ته بادشاهه جي وزير سان ڇا ڪجي؟ هو ڪڏهن به اهڙي قسم جو ڪم ڪرڻ جي همٿ ڪين ساريندو!“

بيربل پنهنجي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيٺو، نيٺ، اڪبر اجازت ڏني ۽ پنهنجا نوڪر ٻاهر موڪليائين، ته شهر جا پنج غريب ترين ماڻهو محل ڏانهن وٺي اچن.

جڏهن هو پهتا، اڪبر چيو، ”مان پنهنجي وزير بيربل کان ناخوش آهيان، مان چاهيان ٿو ته توهان هن لاءِ سزا سوچيو.“

غريب ماڻهن کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نٿي آيو. هو، اڪبر جي پيرن تي ڪري پيا ۽ چيائون، ”اسان غريب ماڻهو“ آهيون، منهنجا سائين، اهو اسان جو ڪم ڪين آهي ته بادشاه جي وزيرن کي سزا ڏيون. مهرباني ڪري اسان کي معاف ڪيو. اسان اوهان کي منٿ ڪيون ٿا.“ پر اڪبر ڌيان ڪين ڏنو. ”توهان ائين ئي ڪيو، جيئن مان توهان کي چيو آهي.“

هن چيو، ”مان اهو ڏسڻ لاءِ هڪڙي ڪلاڪ ۾ موٽندس ته توهان ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي.“

اسان کي جلدي ڪجهه سوچڻ گهرجي.“ ماڻهن چيو، جڏهن بادشاهه هليو ويو. ”ٻي صورت ۾ هو اسان کي پڻ سزا ڏيندو.“

”اسان بيربل جي سسي لهرايون ٿا.“ انهن مان هڪڙي ماڻهوءَ چيو.

”اوهه نه.“ ٻين چيو، ”اها بيحد بي رحمي ٿيندي.“

”اسان هن کي ڏيهه نيڪالي ڏيون ٿا.“ ٻئي چيو.

”نه.“ ٽئين چيو، ”هن جو ڪٽنب هن کان سواءِ ڇا ڪندو؟“

پوءِ اسان هن تي ڀاري ڏنڊ وجهون ٿا.“ چوٿين چيو.

هنن سڀني سوچيو ته، اهو بهترين خيال هو، پر ان رقم تي متفق ڪين ٿي ٿيا ته، هو هن تي ڏنڊ ڪيترو وجهن.

”اسان هن تي ٻه سئو رپيا ڏنڊ وجهون ٿا.“ هڪڙي چيو.

”نه“ ٻئي چيو، ” هن وٽ ڪو پئسو ڪين بچندو ۽ هن جا زال ۽ ٻار بکون ڪاٽيندا.“

”پوءِ هڪڙو سئو،“ ٽئين چيو، پر اهو اڃا تائين ٻين کي تمام گهڻو نظر ٿي آيو. آخر ۾ هو بيربل تي پنجاهه رپيا ڏنڊ وجهڻ تي متفق ٿيا.

جڏهن، اڪبر وري اندر آيو، هنن چيو، ”بادشاهه سلامت، اسان توهان جي وزير تي پنجاهه رپيا ڏنڊ وجهڻ تي متفق آهيون، اسان کي اميد آهي ته اهو تمام گهڻو ڪين آهي.“

اڪبر ماڻهن جي مهرباني مڃي ۽ انهن کي سوکڙين سان روانو ڪيائين، پوءِ هن بيريل کي گهرايو.

”مون کي ڪهڙي سزا ڪاٽڻي آهي؟“ بيربل پڇيو.

”ماڻهن تو تي پنجاهه رپيا ڏنڊ وڌو آهي.“ اڪبر چيو، ”هنن کي ڊپ آهي ته اهو تمام گهڻو آهي.“

بيربل مرڪيو.

”بيربل“، (اڪبر چيو) ”تون ڏاڍو هوشيار هئين جو شهر جي غريب ترين ماڻهن کي پنهنجي سزا چونڊڻ لاءِ سڏايو ئي انهن لاءِ پنهنجي رقم وڃائڻ لاءِ وڌيڪ ڏکي ٻي ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. هنن پنهنجي حياتي ۾ پنجاهه رپيا ڪڏهن ڪين ڏٺا آهن. هنن سوچيو پئي ته هو توتي ڪو خزانو ڏنڊ وجهي رهيا آهن.“

 

مختيار نصير ڏوگر

لومڙيءَ جي چالاڪي

 

جهنگ ۾ هزارين قسمن جا جانور رهندا آهن، انهن ۾ شينهن بهادر، بي ڊپو مقابلو ڪندڙ جانور آهي، شينهن کي جهنگ جوبادشاهه چوندا آهن، اهڙي طرح هر جانور جي ڪانه ڪا خاصيت، چالاڪي يا خامي هوندي آهي، جيڪا ان کي ٻين ۾ ممتاز بڻائي ٿي.

هاڻي اسان اوهان کي لومڙيءَ جي باري ۾ ٻڌائينداسون. هي آهي ته ننڍو جانور، پر عقل ۽ چالاڪيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته : شينهن، گدڙ ۽ لومڙي گڏجي شڪار تي نڪتا، هلندا هلندا، هڪ هنڌ پهتا، اتي شينهن شڪار ڪيو، پهريان جابلو ڳئون شڪار ڪيائين، ان بعد جابلو ٻڪر ۽ هڪ سيهڙ به شڪار ڪيائين، شڪار ته سڀ شينهن ڪيو، پر جيئن ته ٽئي گڏ هئا، ان صورت ۾ هي به شڪار جا ڀاڱي ڀائيوار هئا، شڪار ڏسي، لومڙي ۽ گدڙ جو وات پاڻي – پاڻي ٿيڻ لڳو. شينهن هنن جي نيت سمجهي ويو. جيتوڻيڪ شينهن دل ۾ اهو سوچيو هو ته جابلو ڳئون مان کائيندس، ٻڪر گدڙ کي ۽ سيهڙ لومڙيءَ کي ڏيندس، پرء پوءِ کيس بادشاهي غرور اچي ويو ۽ دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته هنن کي سخت سزا ڏيندم.

پهريان هن گدڙ کي چيو، ”اي، گدڙ تون ٻڌاءِ ته هن شڪار کي ڪيئن ورهائجي، جو انصاف سان هر هڪ کي حصو ملي.“ اهو ٻڌي گدڙ جا ڏند کٽا ٿيڻ لڳا، ۽ جلديءَ ۾ چيائين ته : ”قبله سائين! توهان وڏا آهيو، ان لاءِ اوهان جو شڪار به وڏو يعني ڳئون، ٻڪر، ان کان ننڍو آهي، ان لاءِ منهنجو شڪار آهي، سيهڙ معمولي آهي، سو اهو لومڙي لاءِ بهتر رهندو.“

اهو ٻڌي شينهن گجگوڙ ڪندي چيو ته : ”تنهنجي ڪهڙي مجال، جو مون سان سينو ساهين، تنهنجي حيثيت ڇا آهي، جو منهنجي آڏو حصيدار ٿيئن ٿو.“ ائين چئي، کيس زور سان چنبو هنيائين، گدڙ بيهوش ٿي ويو ۽ زندگي جي امان گهرڻ لڳو، شينهن کي وري ترس آيو، کيس جهنگ نيڪالي ڏيئي ڇڏي، ان کان پوءِ شينهن، لومڙيءَ کي سڏ ڪيو.

”اي لومڙي، تون هن شڪار کي ڪيئن ورهائيندين.“ لومڙي ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”سائينجن، توهين جڏهن صبح جو اٿو ته ڳئون جي گوشت سان نيرن ڪيو، جڏهن توهان گهمي، ڦري منجهند جو واپس اچو، ته توهان لاءِ ٻڪر تيار هجي، اهڙي طرح شام تائين بک نه لڳدو، پوءِ رات جو هلڪي بُک لاءِ سيهڙ ڪافي رهندو.“ شينهن هن جي جواب کان ڏاڍو خوش ٿيو. هن کان پڇيائين ته، ”اهڙي ورهاست تو ڪنهن کان سِکي.“

هن عرض ڪيو ته: ”جان جي پناهه ملي ته ٻڌايان.“ شينهن چيس، ”ٻڌاءِ“ هن چيو ته، ”سائين گدڙ جي بيوقوفيءَ کان، نه ته منهنجو حال ساڳيوئي ٿئي ها.“

ڪجهه ڏينهن بعد شينهن کي زڪام ٿي پيو، سڄي جهنگ جا جانور ڏکڻ ۽ ڪنبڻ لڳا، شينهن کي زڪام جي ڪري، ڪاوڙ به ڏاڍي ٿي پيئي هئي، هر ڪنهن کي دڙڪا به ڏيئي رهيو هو ۽ ماري به پيو، ٻئي ڏينهن صبح جو شينهن سڀني جانورن کي گهرايو ۽ چيو ته ”مون کي ٻڌايو ته منهنجي وات ۾ ڇا جي ڌپ آهي ۽ ڇو زڪام ٿيو آهي، ويچارا جانور ڇا ڪن، واري واري سان جانور اچي ٻڌائين پيا. ڪن چيو ته : ”گوشت جي بوءِ آهي.“ ان کي شينهن چنبو هڻي ماري وڌو. ان کان پوءِ ٻيو جانور آيو، ان چيو ته ”هرڻيءَ جي گوشت جي بوءِ آهي.“ ان کي ماري وڌو. ڪنهن چيو ته ”سهي جي بوءِ“ ڪن خوشامد سان چيو ته ”گلاب جي بوءِ آهي.“ اهو به شينهن جي عتاب هيٺ آيو. ڪن جانورن کي شينهن ڪاوڙ مان کائي ڇڏيو. آخرڪار، لومڙي جو وارو به آيو. هن کي شينهن چيو: ”لومڙي، تون ٻڌاءِ ته منهنجي وات ۾ ڇا جي بوءِ آهي.“ لومڙي عرض ڪيو ته: ”سائين، اڄ معافي ملي سڀاڻي ٻڌائيندم.“ شينهن پڇيس، ”ته ڇو؟“ هن عرض ڪيو ته اڄ مون کي پاڻ زڪام آهي، ان ڪري صحيح بوءِ جي خبر نه پوندي، سڀاڻي انشاءَ الله ضرور ٻڌائيندم.“ شينهن موڪل ڏنس، اهڙيءَ طرح سان، ٻئي ڏينهن شينهن خوش ٿي ويو ۽ لومڙي تان شامت به ٽري ويئي.

توهان ڏٺو نه پيارا ٻارو، لومڙي ڪيڏي نه ذهانت سان، پنهنجي جان بچائي، ان لاءِ سياڻا چوندا آهن ته، ”سوچي سمجهي ڳالهائجي، سياڻن جو چوڻ آهي ته نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو آهي.“

لومڙي هڪ چالاڪ ۽ سمجهدار جانور آهي. موقعي جي نزاڪت سان ڪم ڪندي آهي، بنا سوچي سمجهي ڪم نه ڪندي آهي، جنهن سان کيس پڇتائڻو پوي.

وحيد ڀٽو

دلچسپ معلومات

1-   ڏند صاف ڪرڻ:

پيارا ٻارؤ! جيئن ته توهان کي خبر آهي، ته ڏند صاف ڪرڻ سان، انسان گهڻين بيمارين کان بچي ٿو، ۽ روزانو ڏند صاف ڪرڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي.

پيارا ٻارؤ: ڏند صاف ڪرڻ صاف انسان جو ئي ڪم نه آهي، پر ڪجهه جانور به پنهنجي ڏندن جي صفائي جو خاص خيال رکندا آهن. آفريڪا ۾ هڪ خاص قسم جو مانگر – مڇ واندڪائيءَ جي وقت ۾ درياءَ يا نديءَ جي ڪناري تي سمهي پوندو آهي ۽ پنهنجو وات کولي ڇڏيندو آهي، ۽ ان علائقي ۾ ننڍا ننڍا پکي به تمام گهڻا آهن، جنهن کي مانگر – مڇ جي مناسبت سان (Crocodile Birds) چوندا آهن. ائين ننڍا گوشت خور پکي هوندا آهن ۽ مانگر – مڇ، جي کليل وات ۾ داخل ٿي، ان جي ڏندن ۾ پيل گوشت جا ذرا ڪڍي کائيندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح، ان جا ڏند بلڪل صاف ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ هو درياءَ يا نديءَ ۾ واپس هليا ويندا آهن.

2-  ٽيلي فون ۽ ٽيلي گراف:

پيارا ٻارؤ: جيئن ته توهان کي، خبر آهي، ته هن سائنسي دؤر ۾ ٽيليفون يا ٽيلي گراف صرف انسان ئي استعمال ڪندا آهن، پر ڪجهه جانور به ٽيليفون ۽ ٽيلي گراف استعمال ڪندا آهن، سيهڙ جو هڪ خاص قسم جنهن کي (Cottontail) چوندا آهن. هي سيهڙ دشمن کي ڏسندي ئي پنهنجون پويون ٽنگون زمين تي زور سان هڻڻ شروع ڪندو آهي، ۽ ٻين سيهڙن کي جلدي خطري جو احساس ٿيندو آهي. مزي جي ڳالهه، هي آهي، ته هن قدرتي ٽيليفون سان سيهڙئي نه پر ٻيا به ڪيترائي جانور فائدو وٺندا آهن. ڇو ته جڏهن سيهڙ فون تي پنهنجن ساٿين کي اطلاع ڏيندو آهي ته، ٻيا جانور به اهو ٻڌي وٺندا آهن ۽ پنهنجي دفاع جو بندوبست ڪرڻ شروع ڪندا آهن.

3-  ڌرتيءَ بابت چند حقيقتون:

(1)                        تخميني مطابق ڌرتي جي عمر گهٽ ۾ گهٽ ساڍا چار ارب ورهيه آهي.

(2)        ڌرتي 365 ڏينهن، 5 ڪلاڪ، 48 منٽن ۽ 46 سيڪنڊن ۾ سج جي چوڌاري هڪ چڪر پورو ڪري ٿي.

(3)                       ڌرتيءَ جو وزن (5،887،613230،000،000،000،000،) ٽن چيو وڃي ٿو.

(4)                       ڌرتي 23 ڪلاڪن، 56 منٽن ۾ پنهنجي چوڌاري هڪڙو چڪر پورو ڪري ٿي.

(5)                       ڌرتي سج جي چوڌاري 600، 66 ميل يا 419 يا 172 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڦري ٿي.

(6)        ڌرتيءَ جي مٿاڇري جي ڪل پيمائش (1969601000) چورس ميل يا 316908640 ڪلو ميٽر ٿيندي.

(7)                       خشڪيءَ وارو حصو 57510000 چورس ميل يا 92533590 ڪلو ميٽر ٿيندو.

(8)                       پاڻيءَ وارو حصو (71 سيڪڙو) 139440000 چورس ميل يا 224538960 ڪلو ميٽر ٿيندو.

کل ته سهي

·     مرشد (مريد کي چيو)، ”اٿي گهوڙي کي پاڻي پيار.“

مريد جواب ۾ چيو: ”مرشد سائين! اوهان جي اڳيان اٿڻ تي روح ئي نه ٿو ٿئي....“ مرشد وري به چيس ته: ”بابا گهوڙي کي پاڻي پيار.“ مريد جواب ساڳيوئي ڏنو، ايتري ۾ منجهند جي ماني اچي وئي.

مرشد، (مريد کي چيو) ”بابا، ماني کائيندين ڇا؟“

مريد: (جواب ڏنو) ”سائين هاڻ جي انڪار ڪندس ته ڪافر ٿي پوندس.“

پريمي رسول بخش جمالي، سڍ ميل.

·  تازو حڪومت طرفان ڀت ڪرڻ تي بندش وڌي وئي آهي، ان ڏينهن هڪ بس ۾ ڄڃ وڃي رهي هئي، پوليس ڄڃ کي ۽ گهوٽ کي هيٺ لاٿو. ڄڃ وارن اعتراض ڪيو ته: ”بس ۾ ڀت ته ڪونهي جو روڪيو ٿا.“

سپاهي جواب ڏنو: ”دهلاري جو دهل جو چئي رهيو آهي، ڀت – ڀت – ڀت.“

مڱڻهار چيو: ”نه صاحب نه، دهل ته چئي رهيو آهي، بچ – بچ- بچ.“

محمد ڄام جسڪاڻي، جوهي.

·     زال ۽ مڙس ۾ جهيڙو ٿي پيو، مٿان پٽ به اچي گهر پهتو.

پيءُ: (پٽ کي چيو) ”پٽ ڪڏهن به شادي نه ڪجانءِ“

پٽ چيو؛ ”ها، بابا، مان پنهنجي اولاد کي به اها نصيحت ڪندس.“

عبدالرشيد ڪنڀار، عمرڪوٽ

·     ڊاڪٽر: (نوڪر کي) ڏس دروازي تي ڪير بيل وڄائي رهيو آهي.)

نوڪر جواب ڏنو: ”سائين مريض هوندو.“

ڊاڪٽر: ”نئون آهي يا پراڻو.“

نوڪر کلڻ لڳو، ڊاڪٽر ڪاوڙ مان چيس، ”کلين ڇو ٿو.“

نوڪر چيو: سائين پراڻو مريض اڄ تائين ڪو جيئرو موٽيو به آهي ڇا؟ پڪ ئي پڪ نئون آهي.“

ڪشتائي لعل چند، ڀٽ شاهه

·  هڪ ڏينهن، ڇوڪرو، پيءُ سان گڏ ستو، سندس پيءُ کي ننڊ ۾ کونگهرا هڻڻ جي عادت هئي، ڇوڪري جي ننڊ ڦٽي پئي، اوچتو، پڻس جا کونگهرا پڻ بند ٿي ويا ته پٽ روئڻ لڳو، ماڻس اٿي پڇيس: ”ڇورا، ڇا ٿيو.“ پٽ جواب ڏنو: ”بابا جي انجڻ خراب ٿي پئي آهي، هاڻ ڇا ٿيندو.“

مصطفى ڏاهري، ڄام صاحب

·  هڪ ٻار کان، ڪنهن ماڻهو پڇيو، ”تون ڪهڙي خاندان سان تعلق رکين ٿو.... ٻار جواب ڏنو، ”جانور ۽ پکين سان.“

·  ان ماڻهوءَ چيو: (اهو وري ڪيئن) ٻار جواب ڏنو: گهر ۾، ادي مون کي چٻرو چوندي آهي، ماءُ مون کي لومڙ چوندي آهي، بابا مون کي گڏهه چوندو آهي، ۽ ناني، مون کي ڪبوتر چوندي آهي، ۽ نانون، مون کي شينهن پٽ سڏيندو آهي.“

نانڪ داس ميگهواڙ، داد لغاري.

·  هڪ همراهه، ڪپڙي جو نئون دڪان کوليو، رات جو خواب ۾ ڏسي رهيو هو ته، ان کان گراهڪ ويهه ميٽر ڪاٽن گهري رهيو آهي، سو ننڊ ۾ ان ڪپڙي کي ڦاڙڻ لڳو ته: گهر واري رڙ ڪري چيس: ”مئا، نئين چادر ڦاڙي ڇڏي اٿئي.“ همراهه هو ننڊ ۾، سو چيائين: ”پئسا؟“

سعيد احمد ميتلو، قمبر

·  هڪ بيوقوف (ٻئي بيوقوف کي چيو) ”ماڪوڙي کي ڏند گهڻا آهن.“ ٻئي بيوقوف چيس: ”مان ماڪوڙي کي ڪتڪتاڙي ٿو ڪڍانس تون ڏند ڳڻي وٺينس.“

علي اڪبر چاوڙو، چوهڙ جمالي

·  هڪ ملان،هڪ گهر جي در وٽ بيٺو هو، هڪ واٽهڙي پڇيس: ”مُلان! خير ته آهي، جو پرائي گهر جي در آڏو بيٺو آهين.“

ملان (جواب ڏنو): ”يار، اندر ٻه ڀائر وڙهي رهيا آهن، ۽ هڪٻئي کي چئي رهيا آهن ته، تون ملان جو پٽ آهين، سو انتظار ۾ آهيان، نڪرن ته ڏسان منهنجو پٽ ڪهڙو آهي.“

خاوند بخش اداس سنديلو، چوهڙ جمالي.

گُل ڦُل قلمي دوستي

* نالو: محمد پناهه ڊيهو، ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: ڳوٺ پير لعل مشائخ، پوسٽ آفيس سائيٽ، سکر.

* نالو: پرنس راجيشي ڪمار، ڪلاس نائون، سي

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر 14 سال

ائڊريس: معرفت: رشيد ليڊيز جنرل اسٽور، ريشم گلي شهدادڪوٽ.

* نالو: محمد عثمان رنگريز، ڪلاس ڏهون، سي

وندر: تقريرون ڪرڻ، عمر : 14 سال

ائڊريس: معرفت، عبدالحميد، سگريٽ هول سيلر، نزد ٽيڪسي اسٽينڊ سجاول.

* نالو: اربيلو مهر، ڪلاس: ستون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: معرفت: محمد صيفل مهر دوڪاندار، لڳ ريلوي اسٽيشن روڊ گهوٽڪي.

* نالو: اعجاز علي، ڪلاس: اٺون، بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت: محمد خان سولنگي ڪريانه مرچنٽ، نيو لاهوري محله، لاڙڪاڻو.

* نالو: گل پٺاڻ گڏاڻي، ڪلاس: اٺون، بي

وندر: مارؤڙن سان چاهه، عمر 14 سال

ائڊريس: ويجهو پوسٽ آفيس، ميرپور ماٿيلو.

*  نالو: محمد عالم کوسو، ڪلاس : فرسٽ ايئر

وندر: ادبي ڪچهري ڪرڻ، عمر 17 سال

ائڊريس: معرفت: ڊاڪٽر امير بخش رند ڪلينڪ، جهڏو، ضلعو ميرپورخاص.

*  نالو: سنجه ڪمار ساگر، ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: ڪهاڻيون لکڻ، عمر: 18 سال

ائڊريس: ولي ڪلينڪ، عيدگاهه روڊ، شهدادڪوٽ.

*  نالو: بلال احمد سومرو، ڪلاس ستون، بي

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر 12 سال

ائڊريس: سنڌ بڪ اسٽور، ڏوڪري.

*  نالو: عبدالستار راهمون، ڪلاس: انٽر

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 18 سال

ائڊريس: معرفت: عبدالرحمان دوڪاندار، واهوڙي، ٿر.

*  نالو: سعيد احمد ميتلو، ڪلاس نائون اي،

وندر گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول، قمبر ضلعو لاڙڪاڻو.

*  نالو: عبدالوحيد سومرو، ڪلاس: پنجون

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر 11 سال

ائڊريس: معرفت: غلام شبير سومرو، دڪاندار، مبارڪ پور، وايا ٺل.

*  نالو: غلام مصطفى زنگيجو، ڪلاس ڏهون، اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي.

*  نالو: اخلاق ميرل شاهاڻي، ڪلاس: ڏهون

وندر: ريڊيو ٻڌڻ، عمر 16 سال

ائڊريس: ڳوٺ علي مراد شاهاڻي، تعلقو جوهي.

*  نالو: صاحب خان، ڪلاس ڏهون

وندر: علم سان چاهه، عمر 16 سال

ائڊريس گهنشام داس ڪريانا مرچنٽ، يارو لنڊ، ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: ابوبڪر سومرو، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر 16 سال

ائڊريس: معرفت: حاجي خير محمد مائي وارو، مبارڪپور وايا ٺل.

*  نالو: انيل جمن ڪوري، ڪلاس: نائون اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر 14 سال

ائڊريس: ڪيڊٽ ڪاليج، سانگهڙ.

*  نالو: محمد الياس چانڊيو، ڪلاس: نائون، اي

وندر: انسانن سان پيار، عمر: 14 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس وزير آباد، ڳوٺ سعيد پور، تعلقو ميهڙ.

*  نالو: دليپ ڪمار ناراڻي، ڪلاس: ڇهون، اي

وندر: علم سان چاهه، عمر 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائر اسيڪنڊري اسڪول، ٿاڻو بولاخان.

*  نالو: عاجز عبدالرشيد، ڪلاس: ڏهون، سي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: محمد اقبال بيڪرز، عمرڪوٽ.

*  نالو: قادر سيال جهڏائي، ڪلاس: ڏهون

وندر: نماز پڙهڻ، عمر : 16 سال

ائڊريس: معرفت: ايوب گاسليٽ ايجنسي، نزد محمدي مسجد شاهي بزار، جهڏو.

* نالو: پرنس جاويد احمد مهر، ڪلاس: ڏهون

وندر قلمي دوستي رکڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: پوسٽ رُڪ، وايا لکي، ضلعو شڪارپور.

*  نالو: نديم اختر خشڪ، ڪلاس: ڇهون، بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: الشهباز ڊيڪورشن سروس، راءِ بازار دادو.

*  نالو: ارشاد احمد بڪيجو، ڪلاس: چوٿون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 10 سال

ائڊريس: ڀٽائي ڪالوني، شڪارپور.

*  نالو: سنتوش ڪمار، ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: نصاب پڙهڻ، عمر : 17 سال

ائڊريس: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، مِٺي.

*  نالو: وسيم عثمان کتري، ڪلاس: ڇهون، اي

وندر: علم سان چاهه، عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي.

*  نالو: جليل احمد هاليپوٽو، ڪلاس: پنجون

وندر: پڙهڻ سان چاهه، عمر 10 سال

ائڊريس: معرفت: علي رضا هاليپوٽو، پوسٽ آفيس هٽڙي، ضلعو حيدرآباد.

*  نالو: حيدر شاهه، ڪلاس: چوٿون

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر 9 سال

ائڊريس: روشن تارا ماڊل اسڪول، ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: جان محمد خاصخيلي، ڪلاس پنجون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 11 سال

ائڊريس: معرفت: عبدالرزاق سائيڪل ورڪس، نصرپور

*  نالو: مهر خادم ڪلاس: اٺون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس، رڪ، وايا لکي غلام شاهه، ضلعو شڪارپور.

*  نالو: الطاف سچل اعواڻ، ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: ڪهاڻيون پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: آزاد جنرل اسٽور، مير حسن روڊ، ڪي اين شاهه.

*  نالو: تلوڪ چند آسناڻي، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪچهريون ڪرڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت: پوسٽ ماسٽر، مٺي، ٿرپارڪر.

*  نالو: غلام مصطفى مهر، ڪلاس: نائون

وندر: ريڊيو ٻڌڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: ڳوٺ يوسف مهر، پوسٽ باڪس نمبر5، ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: دلشير دَلُ، ڪلاس: اٺون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت: النور بوٽ هائوس، پوسٽ جروار، ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: يامين قربان کوهارو، ڪلاس: اٺون، بي

وندر: بيڊ منٽن کيڏڻ، عمر 13 سال

ائڊريس: ٽيپو هائوس، ڪيڊٽ ڪاليج لارڪاڻو.

*  نالو: راجه جڳديش، ڪلاس: ڏهون، اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: امر ٽيلر، صمد مارڪيٽ، عمرڪوٽ

*  نالو: انيل گل جوڻيجو، ڪلاس: ڏهون، بي

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: جوڻيجو پلازا، ٻيراڻي روڊ، ٽنڊو آدم.

*  نالو: ظهير احمد چنڙ، ڪلاس: ڏهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر؛ 16 سال

ائڊرس: پوسٽ آفيس، سومر چنڙ، تعلقو ڪنڊيارو.

*  نالو: علي حسين شر، ڪلاس: اٺون،

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت: حيدري هوٽل منڌرو شر، پوسٽ آفيس پڪا چانگ، خيرپورميرس.

*  نالو: نويد علي لاڙڪ، ڪلاس: ڏهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: علي گوهر آباد، لاڙڪاڻو.

*  نالو: نادر علي دَلُ، ڪلاس: ڏهون،اي

وندر: شاعري ڪرڻ، عمر 16 سال

ائڊريس: R.B.U.T هاسپيٽل شڪارپور.

خط

پيارا ڀاءُ

اوهان ڏانهن ڪافي مواد ۽ خط موڪلي چڪو آهيان، پر افسوس ته اوهان منهنجو هڪ به خط شايع نه ڪيو، ڇا اوهان ٻين جي دل ڏکائڻ پسند ڪندا آهيو! مان توهان سان اُفي ٿو ڪريان، اوهان ۽ اوهان جي ’گل ڦل‘ رسالي سان، آءُ اوهان سان ٻڌي، تڏهن ڪندس، جڏهن منهنجو هي خط شايع ٿيندو.

فقط: عمران علي سمون شڪارپور.

ادا! هي منهنجو پهريون خط آهي، جيڪو آئون توهان ڏانهن تمام گهڻين اميدن ۽ نيڪ تمنائن سان لکان پيو. منهنجي پاران توهان کي ايتري گهٽ قيمت ۾ ايترو بهترين ۽ معياري رسالو شايع ڪرڻ تي لک، لک واڌايون هجن، توهان جو رسالو پڙهڻ سان ڄڻ ته دل ٽڙي پوندي آهي، پر اسان کي ٻين گهڻن ادن وانگر، توهان سان اهائي شڪايت آهي، ته توهان جو رسالو اسان تائين دير سان ٿو پهچي.

هن رسالي ۾ مون کي سائين ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ’نئون سال‘ جي دعا تمام گهڻي پسند آئي، ان کان علاوه مستقل سلسلا: لطيفي لات، مختصر حديثون، کل ته سهي، وغيره پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سائنسي مضمون ”ڪمپيوٽر“ معلومات جو هڪ خزانو هو، عيد جي مناسبت سان لکيل ڪهاڻيون به وڻيون.

ادا، آئون توهان جي مستقل سلسلي ”مختصر حديثون“ ۾ ڪجهه حديثون موڪلڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن شايع ڪرڻ جو واعدو ڪريو ته موڪليان.

توهانجي محبتن جو طلبگار:

ارشاد الله ڇٽو، گدو ناڪو، حسين آباد.

چاچا سائين:

جيئن ته توهان جي اعزازي ڪاپي ملي، سچ ته دل، باغ بهار ٿي وئي، ۽ هن کي جلدي پڙهڻ لڳس.

چاچا، رسالو اڳي کان به وڌيڪ ٻهڪي رهيو آهي، هن ۾ سڀ تحريرون سٺيون هيون، خاص ڪري هاري ۽ سوار، ڪبوتر جو پڇتاءُ، ييس – نو – گو، بهادر ڇوڪرو، ايماندار ملازم، سياڻو حڪيم، کل ته سهي، قلمي دوستي تمام سٺا ۽ مزيدار آهن.

چاچا، هي مان ٽيون خط لکي رهيو آهيان، پر منهنجو خط هڪ به شايع نه ٿيو آهي، جي ڪڏهن ڪا اهڙي ناراضگي آهي ته کڻي ٻڌايو، مهرباني – شڪريه.

اوهان جو ڀائيٽيو:

اياز علي ڇڄڙو

پيارا ادا:

جيئن ته ماهه فيبروري جو گل ڦل هٿن ۾ آهي، تمام پسند آيو، جيئن ته گل ڦل توهان تمام گهڻو دير سان شايع ٿا ڪريو.

جيئن ته مان هر ماهه رسالو خريد ڪندو آهيان ۽ حصو به وٺندو آهيان، پر، مان اوهان ڏانهن مواد ۽ قلمي دوستي لاءِ فوٽو به موڪليو هو، پر، خبر ناهي، اوهان نه مواد کي ڪا اهميت ڏني ۽ نه قلمي دوستيءَ کي، آخر ائين ڇو ٿا ڪريو. يا ته ڀاءُ اوهان سفارش تي خط شايع ڪندا آهيو، پوءِ ته اسان جي سفارش صرف رب پاڪ جي آهي ۽ انهيءَ اميد سان ٻيهر خط لکي رهيو آهيان، ته ضرور رسالي ۾ شامل ڪندا، ۽ مواد به شامل ڪندا. مهرباني.

موڪليندڙ: زخمي ذاڪر حسين جوڻيجو.

چاچا، توهان منهنجو فوٽو فيبروري واري پرچي ۾ شايع ڪيو، جيئن ته منهنجي ذات دَلُ آهي، توهان پرچي ۾ گُل ڪري لکي آهي... باقي هي پرچو پنهنجو مٽ پاڻ هو، جيڪو توهان سلسلو ”اچو ته مضمون لکون“ شروع ڪيو آهي، تمام بهترين آهي، ڪهاڻيون هاري ۽ سوار، ڌماڪو ۽ سگريٽ، ڪبوتر جو پڇتاءُ، ناني، بهادر ڇوڪرو وغيره تمام سٺيون هيون.

اوهان جو ڀائيٽيو:

نادر علي دَلُ، شڪارپور.

چاچا:

جيئن ته هن مهيني جو رسالو، مون کي تمام گهڻو پسند آيو ۽ هن رسالي ۾ لطيفي لات، ڪبوتر جو پڇتاءُ، عيد جو ڏينهن، ييس  نو – گو، ۽ ان کان سواءِ وڌيڪ پسنديده ڪهاڻي، بهادر ڇوڪرو ۽ نماز نظر، تمام گهڻو پسند آيون. انشاءَ الله اسان کي خط دير لکڻ جي معافي ڏيندا – امتحان جي تياريءَ جي ڪري خط دير سان لکي رهيو آهيان.

فقط اوهانجو خيرانديش:

گُل پٺاڻ گڏاڻي، ميرپور ماٿيلو.

 

چاچا:

جيئن ته مان گل ڦل جو تمام پراڻو پڙهندڙ آهيان، مون وٽ 1988ع وارو گل ڦل رسالو پيل آهي، ۽ مون گهڻا ڀيرا، توهان ڏانهن خط لکيو آهي، پر هر ڀيري توهان نظر انداز ٿا ڪريو، پر تنهن هوندي به همت نه هاريندي، هي خط لکان پيو. مون کي وري اميد آهي ته رسالي ۾ جاءِ ڏيندا. مهرباني.

اوهان جو ڀائيٽيو:

محمد عثمان رنگريز، سجاول

سائين: مون کي به هڪڙي دوست چيو، ”ته هل ڪتاب گهر تي پُڇون ته ’گل ڦل‘ آيو آهي يا نه؟“ اتان آياسين ته گل ڦل به پهتو، پڙهي دل بلڪل باغ، بهار ٿي وئي ۽ خوشي منجهان خطڙو لکڻو پيو، مهرباني ڪري خط نظر انداز نه ڪجو ۽ شايع ڪري وري انهيءَ کان به وڌيڪ خوشين جو خزانو موڪليندا ته لک لائق _ ساٿ سلامت.

سنتوش ڪمار هريجن، پاٻوهر / مٺي

محترم ايڊيٽر:

جيئن ته هر ڀيري وانگر، هن ڀيري به فيبروري جو گل ڦل وتوسين مواد تمام سٺو لڳو، هر ڀيري وانگر، هن ڀيري به توهان سان اها شڪايت ٿي ڪرڻي پوي، ته اسان جو مواد رسالي ۾ شايع نه ٿو ٿئي. جڏهن ته سلسلي، قلمي دوستي ۽ خط ۾ هر ڀيري خط لکي حصو وٺندو آهيان، پر توهان اسان کي هر ڀيري خط لکندڙ دوستن جي نالن ۾ صرف نالو ڏيئي راضي ڪندا آهيو. مان تقريباًاٺ، نوَ، خط لکيا آهن، پر شايع هڪ به نه ٿيو آهي، گل ڦل رسالو مان شڪارپور مان پنجويهه، ٽيهه رپيا ڪرايو ڀري وٺي پڙهندو آهيان، پر افسوس جو توهان، اسان کي هميشه مايوسيءَ جو منهن ڏيکاريو پيا، مهرباني ڪري هي خط ۽ قلمي دوستي موڪلي رهيو آهيان، اميد ته ٻئي شايع ڪري، اڳتي لکڻ جو موقعو ڏيندا، مهرباني.

فقط : سرويچ عبدالغفار مهر، رُڪ.

چاچا سائين:

گل ڦل فيبروري جو ڏاڍو پسند آيو ۽ پڙهي دل مزي سان کلندي رهي، هن شماري ۾ رڇ جو پڇ، هاري ۽ سوار، ڌماڪو ۽ سگريٽ، ييس  نو گو، ناني، کل ته سهي پڙهي ڏاڍو مزو آيو ۽ منهنجي دل هر هر چئي رهي هئي ته ڇو نه خط لکان، پوءِ دل جي خواهش پوري ڪرڻي پئي.

اوهان جو ڀائيٽيو:

آزاد دليپ ڪي. ايم مالهي، عمرڪوٽ

پيارا چاچا:

گذارش ته فيبروري 1998ع جو ”گل ڦل“ هٿن ۾ آيو، مضمون ۽ ڪهاڻيون سٺيون لڳيون، خاص طور: مختيار نصير ڏوگر جي ڪهاڻي، بهادر ڇوڪرو، تمام گهڻي پسند آئي، ادا مون پهرين به ڪجهه مواد موڪليو، پر توهان شايع نه ڪيو، ۽ اهو مواد توهان جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ٿا مهرباني ڪري ائين نه ڪندا.

توهان جو ننڍو ڀائيٽيو:

وسيم عثمان کتري، چوهڙ جمالي.

چاچا: اوهان ڏانهن ڪافي خط موڪلي چڪو آهيان، پر صرف هڪ خط قلمي دوستي وارو شايع ڪيو اٿوَ. ٻيو ته رسالو گهڻي دير سان شايع ڪيو ٿا، اسان جو گهڻو خرچ ڪراين ۾ لڳي ٿو. اُيتري قيمت رسالي جي نه آهي، ايترو ڪرايو ڀاڙو دُڪان تان پڇندي پڇندي لڳي وڃي ٿو، دُڪاندار چون ٿا ته: ”سڀ رسالا اچي ويا آهن، پر گل ڦل ڪونه آيو آهي.“ مهرباني ڪري رسالو جلد ڪڍندا ۽ اهوئي سبب آهي ته دير سان رسالو ڪڍڻ ڪري توهان جي مارڪيٽ به خراب ٿي وڃي ٿي. باقي فبيروري جو رسالو هٿ ۾ آهي، جنهن ۾ رڇ جو پڇ، ڪمپيوٽر، عيد جو ڏينهن، هاري ۽ سوار پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، اُميد ته التجا تي غور ڪندا.

فقط اوهان جو ڀائيٽيو:

محمد پناهه ڊيهو، ڳوٺ پير لعل مشائخ، سکر.

ادا، گُل ڦُل پڙهيوسين مير آصف پنهور جو لکيل مضمون ڪمپيوٽر جي دنيا تمام ڄاڻ ڏيندڙ مضمون هو. ڪهاڻي، Yes, No, Go, اياڻو اٺ ۽ ناني تمام سٺيون هيون، عزيز ڪنگراڻي جو نظم سٺو هو. قلب سومري جا پنجڪڙا تمام سٺا هئا.

آئون سلسلي نالا سڃاڻو ۾ حصو وٺي رهيو آهيان، جيڪو تمام معلوماتي سلسلو آهي. ادا گل ڦل وقت تي شايع ڪندا ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.

حنيف ’شاد‘ نهڙيو، نيو ڇور.

نتيجو نالا سڃاڻو- 9

هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو، هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا. (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب لکي موڪليا، جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن) هيٺين دوستن کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

جواب: (1) مسڪين جهان خان کوسو (2)مٺڙا گهوڙا اوري آءُ (3) عبدالوهاب (4) مياڻي.

(1)  نعمان علي ٿيٻو، پوسٽ رسول آباد تعلقو گمبٽ.

(2)     علي حسن چاوڙو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي، ٺٽو.

(3) شيوارام سوٽهڙ، ڊان ميڊيڪل اسٽور، مير واهه گورچاڻي، ميرپورخاص.

(4) وفا منير احمد ٿهيم، پوسٽ ملڪ، تعلقو مورو.

(5)  طاهره رسول ٻگهيو، معرفت: هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول، گچيرو پراڻو، تعلقو مورو،

(6) شهزاد حيدر مهر، پوسٽ رُڪ شريف وايا شڪارپور

(7) سعيد احمد ميمڻ، منا ايجنسي، نوراني مسجد روڊ، دادو.

(8)     برڌ سنگ راجپوت، معرفت: شنڪر لال هيئر ڪٽنگ سيلون، مٺي.

(9) چنبيلي مير جت، گهر نمبر 210 – وارڊ اي، ٽنڊو الهيار.

(10)         شبير احمد لغاري، معرفت: فاروق بڪ اسٽور، داد لغاري، وايا ميرپور ماٿيلو.

(11)            غلام شبير ميمڻ، محلو وڏيرو حاجي الهه بچايو ميمڻ، دادو.

(12)   غلام شبير دايو، معرفت: مارئي ڪتاب گهر، سڪرنڊ:

(13)   محمد رفيق بوزدار، المنظر ڪتاب گهر رتوديرو.

نتيجو اچو ته مضمون لکون -2

هن ڀيري نتيجو اچو ته مضمون لکون، ڪجهه ٻارن حصو ورتو.

پهريون نمبر آيو، مير آصف پنهور، ارم برائٽ اسڪول، هائوسنگ سوسائٽِي دادو.

ٻيو نمبر آيو: تيجو رام سوٽهڙ، ميرواهه گورچاڻي.

باقي حصو وٺندڙ ٻار: (3) عبدالجبار کوسو، ميهڙ، (4) نديم احمد پتافي، حيدرآباد. (5) عمران علي مڱريو، حيدرآباد. (6) علاؤ الدين ڪلمتي، ميرپورساڪرو، (7) احمد علي جلباڻي، ميهڙ (8) برڪت علي ميمڻ، دادو (9) حمير حسين راڄپر، تعلقو فيض گنج. (10) غلام عباس مگسي، شهدادڪوٽ.

قول

·       جنهن تي نصيحت عمل نه ڪري، سو سمجهي ڇڏي ته سندس دل ايمان کان خالي آهي. (حضرت ابوبڪر رضه)

·                   دنيا جنهن لاءِ قيد آهي، قبر ان لاءِ آرام گاهه آهي، (حضرت عثمان غني رضه)

·                   بهادر اهو آهي جيڪو غصي کي پابند رکي سگهي. (امام مالڪ رح)

·                   مطالعو غم ۽ اداسيءَ جو بهترين علاج آهي. (شيخ سعدي)

·                   گناهه کان پوءِ شرمندگيءَ به توجهه جي هڪ شاخ آهي. (حضرت مجدد الف ثاني رحه)

·                   قرآن پاڪ هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ توهان ايندڙ دنيا کي ڏسي سگهو ٿا. (امام حَنبل رحه)

·       سڀ کان علقمند شخص اهو آهي، جيڪو پنهنجي ڳالهه صحيح نموني ثابت ڪري سگهي. (حضرت عمر فاروق رضه)

 

اچو ته مضمون لکون – 4

ٻارن جي خواهش تي، ”اچو ته مضمون لکون“ سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون.

هن سلسلي ۾ ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي مضمون لکيل نه هجي، هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا. مضمون موڪلڻ وقت ڪلاس ۽ اسڪول جو نالو ضرور لکيو وڃي ۽ ائڊريس اسڪول جي لکي وڃي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون رسالي ۾ شايع ڪبا.

عنوان:

(مون عيد ڪيئن ملهائي)

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:

نالا سڃاڻو – 11

هيٺ ڏنل نالن جا اکر، اڳتي پوئتي ڏنل آهن، اوهين اکر ملائي صحيح لفظ جوڙي صحيح نالا لکي موڪليو، جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي ”گل ڦل“ رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي. (سادي پني تي جواب قابل قبول نه هوندو).

(1)              م و ع ا ڊ م ن و ج ٽ ڻ هه ا ي (حيدرآباد جو هڪ پاڙو)

(2)              ڳتپسانو (روشني جو رنگ لکو)

(3)             دي – سي – ڪپرو – آن – دي وال (انگريزي جملي جي معنى)

(4)             ءِ گ – ب – ل – و (شاهه جي رسالي ۾ هڪ ٻانهي جو نالو)

 

موڪليندڙ: جو پورو نالو ۽ ائڊريس:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com