·
نالا سڃاڻو-11
حال احوال
پيارا ٻارو، اسان کي جيڪي توهان جا خط مليا آهن،
ان ۾ ’گل ڦل‘ دير سان ملڻ جي شڪايت ڪيل آهي، ان
دير جو سبب اسان اڳين پرچن ۾ لکي چڪا آهيون. ڪجهه
مالي مجبوريون آهن، جيئن بورڊ پاڻ ڀرو ٿيندو، ته
اها شڪايت اميد ته دور ٿي ويندي.
اپريل جي مهيني ۾ توهين امتحان ڏئي، هينئر واندا
هوندا ۽ ها، مٿان حج جي مهيني جي 9 تاريخ تي
مسلمان حج ڪرڻ، سعودي عرب جي شهر مڪه مڪرمه ويندا
آهن، ۽ پوءِ سنت ابراهيم موجب، قرباني به ڪندا
آهن، حج، هر ان ماڻهو تي فرض آهي، جنهن جي مالي
حالت بهتر آهي، حج اسلام جي پنجن رڪنن مان هڪ اهم
رڪن آهي.
توهان ٻار به عيد جي خوشين ۾ نوان ڪپڙا سبرايا
هوندا، ۽ ڪن ٻارن، ته والدين کي چئي، اضحى لاءِ
اڳواٽ ٻڪر، ٻڪري، دنبو وغيره ورتو هوندو، ۽ شام جو
ان کي ٻاهر گهٽي ۾ گهمائيندا هوندا. ائين ڪيترا
دوست پنهنجي والدين طرفان ورتل جانور شام جو ٻاهر
ڪڍي گهمائيندا آهن، اهو به عجيب منظر هوندو آهي! ۽
ٻار ڏاڍا خوش نظر ايندا آهن.
ٻارؤ، هن مهيني ۾ حلال جانورن جي قربان ڪئي ويندي
آهي، جيڪا سنت ابراهيمي آهي، هونئين به اپريل
مهينو، اسان کي ڪيترائي ڪونڌر ياد ڏياريندو آهي،
جن جان ڏني، پر ويساهه نه ڏنو. هي، پرچو پنهنجي
حال آهر، اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
حياتي رهي ته وري ٻئي پرچي ۾ ملاقات ٿيندي. هونئن
ڪوبه ڪم ڪنهن ماڻهو جي ڪري رڪجي نه ٿو اهو دنيا جو
دستور آهي، ان لاءِ دوستو هي پرچو پڙهو ۽ پنهنجي
راءِ کان آگاهه ضرور ڪندا.
اداري طرفان سڀني ٻارن کي عيدالاضحى جون مبارڪون
هجن!
اوهان جو چاچا:
اڪبر جسڪاڻي
لطيفي لات
هيجُ نه هوندو جن، سي ڪيئن وندرُ وينديون،
ويهو وچ رَهن، سهسين سڌن واريون.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيون ويو آهي،
هي بيت سُر سسئي آبري، جي داستان چوٿين جو، پهريون
بيت آهي.
سمجهاڻي:
جن کي اندر ۾ اڪير نه هوندي، سي ڪيئن وندر (جبل)
ڏانهن پنڌ ڪنديون؟ ڪوڙي سڌ ڪندڙ، وچ ۾ ئي ٿڪجيو
ويهيو رهن. هن بيت ۾ سسئي، جو پنهون لاءِ جبل
جهاڳڻ جو ذڪر آهي، جا برپٽ ۾ پنهون کي ڳولي ٿي،
حقيقت ۾، هن ۾ اهو به سبق ملي ٿو ته: جيڪو ماڻهو
ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جي جدوجهد ڪري ٿو ته
ڪامياب وڃي ٿو، پر جي ڪي ماڻهو ان مقصد ۾ سچا نه
آهن، سي ٿڪجي ويهي ٿا رهن.
معنى:
1- هيج = سڪ، اُڪير، 2- وندر = جبل ۽ نئن جو نالو،
3- سُڌُ = خواهش.
(ڪلياڻ آڏواڻي)
ادارو
حج ۽ عيد الاضحى
حج عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ”ارادو
ڪرڻ“ هي سفر مقرر وقت اندر، عربستان جي شهر، مڪي
شريف ڏانهن ٿئي ٿو.
حج اسلام جي بنيادي پنجن رڪنن (فرضن) مان هڪ مکيه
رڪن ۽فرض عين آهي، حج سڄي عمر ۾ صرف هڪ دفعو، هر
مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي، جڏهن، ته انهن وٽ
ايترو مال هجي، جو هو پنهنجي وطن کان مڪه معظمه
تائين امن امان سان وڃن ۽ واپس اچي سگهن ۽
اوستائين پنهنجن پوين اهل و عيال، وٽ کائڻ پيئڻ
جيترو پئسو ڇڏي وڃن.
حج جي ادائيگي لاءِ خاص مهينو مقرر آهي، جنهن کي
ذوالحج جو مهينو سڏبو آهي، جيڪو اسلامي ڪئلينڊر
مطابق ٻارهون مهينو هوندو آهي.
حج جي ادائيگي ڪرڻ لاءِ هر هڪ صاحب حيثيت مسلمان
ذوالحج مهيني جي نائين تاريخ تائين مختلف سوارين
وسيلي، مڪي شريف ۾ پهچندا آهن. جتي مسلمانن جي دين
جو مرڪز ڪعبة الله شريف موجود آهي،
حاجي صاحبان، جڏهن مڪي شريف کان ڪجهه مفاصلي تي
پهچندا آهن، تڏهن پنهنجا روايتي ڪپڙا لاهي اڇي
ڪپڙي جون اڻ سبيل چادرون هڪڙي گوڏ ڪري ٻڌندا آهن،
۽ ٻيءَ سان بت ڍڪيندا آهن، ۽ پنهنجي پيرن جون
جتيون لاهي، ڪاٺ جون چاکڙيون پائيندا آهن، ان کي
’احرام‘ ٻڌڻ چوندا آهن، تنهن کان پوءِ، حج جي نيت
ڪري اڳتي هلندا آهن، انهيءَ حالت ۾ ڪنهن به ساهه
واري شيءِ کي به نه ماريندا آهن، پر مٿو به نه
کنندا آهن، متان ڪا، جونءِ وغيره مري پوي ۽ سنوارت
به نه ڪرائيندا آهن، پوءِ مڪي شريف ڏي منهن ڪري
مقرر ڪيل دعائون پڙهندا ۽ ”لبيڪ، لبيڪ“ چوندا
ويندا آهن. لبيڪ جي معنى آهي، ”اجهو آءٌ آيس“ جيئن
ڪنهن سڏ جو جواب ڏبو آهي، جڏهن ڪبعة الله شريف وٽ
پهچندا آهن ته اُن کي چؤڌاري ست ڦيرا ڏيندا آهن.
ٽي ڦيرا ڊوڙندي ۽ چار ڦيرا آهستي ۽ هي دعا پڙهندا
آهن:
لبيک اللهم لبيک، البيک لاشريک لک لبيک
ان الحمد والنعمة لک والملک، لاشريک لک.
ترجمو: (مان حاضر آهيان، يالله مان حاضر آهيان،
تنهنجو ڪوبه شريڪ نه آهي، مان حاضر آهيان، بيشڪ سڀ
تعريفون ۽ نعمتون تنهنجي لاءِ آهن، ۽ ملڪ به
تنهنجو ڪو شريڪ نه آهي.)
۽ هر ڦيري سان، ڪعبة الله شريف جي ڪنڊ ۾ رکيل
ڪاري پٿر ”حجر اسود“ کي چمندا آهن. ان کان پوءِ
”مقامِ ابراهيم“ تي ويندا آهن ۽ زم زم جي کوهه مان
ٿورو پاڻي پي وري به اچي ”حجر اسود“ کي چمندا آهن،
۽ پوءِ ٻن جبلن جي ٽڪرين ”صفا ۽ مروه“ جي وچ ۾
منهن مٿي ڪري ست ڀيرا ڊوڙندا آهن، ذوالحج مهيني جي
اٺين تاريخ تي حاجي صاحبان مينى ڏي ويندا آهن، جا
مڪي شريف کان ٽي ميل پري آهي ۽ اتي هڪ رات رهندا
آهن، نائين تاريخ تي حاجي سڳورا ”عرفات“ جي ميدان
تي گڏ ٿيندا آهن، جو مڪي شريف کان يارهن ميلن تي
آهي، اُتي هڪ جبل جي ٽڪري تي خطبو پڙهيو ويندو
آهي، جو ٻڌندا آهن. ساڳئي ڏينهن شام جو وري عرفات
۽ مينى جي اڌ پنڌ تي اچي، ست پٿريون چونڊي کڻندا
آهن ۽ ڏهين تاريخ تي مينى ۾ اچي بيٺل ٽن ٿنڀن
(شيطان) کي هڻندا آهن، (ان کي رجمي چئبو آهي) ان
کان پوءِ اُٺ، ڍڳو، دنبو، ٻڪر، يعني حلال جانورن
کي ڪهي قرباني ڪندا آهن، تنهن کان پوءِ مڪي شريف
ڏانهن موٽندا آهن ۽ وري طواف ڪري موڪلائي نڪرندا
آهن. موٽندي وقت مٿا ڪوڙائي پنهنجا رواجي ڪپڙا
پهريندا آهن.
حج جي ادائيگيءَ کان پوءِ، حاجي سڳورا مديني منوره
ڏانهن روانا ٿي ويندا آهن، ۽ اتي پنهنجي پياري نبي
حضرت محمد مصطفى ﷺ
جن جي روضي مبارڪ جي زيارت جو شرف حاصل ڪندا آهن ۽
مسجد نبوي صلعم جي به زيارت ڪندا آهن، ۽ چاليهه
رڪعتون نماز پڙهندا آهن. (جنهن جو بنياد رسول ڪريم
ﷺ جن پاڻ پنهنجن اصحابن سان گڏ وڌو هو) ۽ ٻين
زيارتن کان واندا ٿي حاجي سڳورا پنهنجي پنهنجي وطن
ڏانهن واپس ورندا آهن.
پيارا ٻارو! حج تي وڃڻ ۽ ڪعبة الله شريف جو طواف
ڪرڻ ۽ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت نبي ڪريم ﷺ جن جي
روضي پاڪ جي ديدار ڪرڻ سان من جون ميرايون مٽجي
وڃن ٿيون ۽ قلب کي قرار ۽ سڪون حاصل ٿئي ٿو. جنهن
به مسلمان حج جي احڪامن کي چڱي نيت سان ادا ڪيو،
ته ان جا سمورا گناهه ائين معاف ٿي ويندا، ڄڻ ته
ماءُ جي پيٽان نئون ڄائو هجي. ڌڻي در دعا آهي ته
هر مسلمان کي حج جي سعادت نصيب ٿئي. _ آمين ثم
آمين.
عيدالاضحى:
دنيا ۾ رهندڙ قومن جا ماڻهو، پنهنجا مذهبي ڏينهن
پنهنجي مذهبي عقيدن مطابق، وڏي شان شوڪت سان
ملهائيندا آهن. دين اسلام به مسلمانن کي قومي ۽
خوشيءَ جا سال ۾ ٻه ڏينهن ڏنا آهن، جن کي عيد چئبو
آهي. هڪ عيد الفطر، جا رمضان جي ڀلاري مهيني ختم
ٿيڻ کان پوءِ شوال مهيني جي پهرئين تاريخ تي ۽ ٻي
عيدالاضحى جا ذوالحج مهيني جي ڏهين تاريخ تي
ملهائي ويندي آهي.
عيدالاضحى جي لغوي معنى آهي، ”قربانيءَ جي عيد“ ان
مبارڪ ڏينهن تي وڏي مرتبي واري پيغمبر، حضرت
ابراهيم عليه السلام جن جي پياري فرزند حضرت
اسماعيل عليه السلام جن جي عظيم الشان قرباني واري
واقع جي ياد تازه ڪرڻ لاءِ حلال جانور ذبع ڪيا
ويندا آهن.
ٻارو! الله تبارڪ تعالى طرفان سندس پيارن ٻانهن ۽
نيڪ بندن ۽ دوستن تي هميشه امتحان ۽ آزمائشون
ٿينديون رهنديون آهن، جيئن ته حضرت ابراهيم عليه
السلام به رب پاڪ جي خاص پيغمبر ۽ دوست ”خليل
الله“ هئا، تنهن ڪري اُنهن سان آزمائشون به وڏيون
ٿيون آهن. پر پاڻ هر آزمائش ۽ امتحان جي گهڙيءَ ۾
ثابت قدم رهيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون.
حضرت اسماعيل عليه السلام، جن جي عظيم الشان
قربانيءَ وارو واقعو به اهڙي امتحان ۽ آزمائش جي
هڪ ڪڙي آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي ته: هڪ رات
سندن والد بزرگوار حضرت ابراهيم عليه السلام جن
آرام ۾ هئا ته کين خواب ڏسڻ ۾ آيو ته ”پنهنجن هٿن
سان پنهنجي پياري شيءَ کي قربان ڪر.“ جڏهن ته نبين
سڳورن جا خواب خدا تعالى جي وحي ۽ حڪم هوندو آهي،
تنهن ڪري ان ڳالهه جي سچائي ۾ ڪوبه شڪ نه هو، جنهن
لاءِ پاڻ صبح سان سويل پنهنجن اُٺن جو هڪ وڏو
تعداد جو عربستان ۾ نهايت پيارو مال سمجهيو ويندو
آهي، ڌڻيءَ جي واٽ ۾ قربان ڪري ڇڏيائون، پر ٻي رات
به ساڳيو خواب ڏٺائون، جنهن ڪري ٻيهر به ساڳي
قرباني اڳ کان به گهڻي تعداد ۾ ڪيائون، پر ٽين رات
به ساڳيوئي خواب ڏٺن، پوءِ سمجهيائون ته پياري
شيءِ ته اولاد هوندو آهي، ان لاءِ پنهنجي پياري پٽ
حضرت اسماعيل عليه السلام جن کي الله جي راهه ۾
قربان ڪرڻ جو سوچيائون.
حضرت ابراهيم عليه السلام کي ته سڪ جو سبق پڙهيل
هو ۽ اندر ۾ عشق الاهي جو آڙاهه ٻريل هو، تنهن
ڪري، الله جي رضا لاءِ پنهنجي چوڏهن ورهين جي
سڪيلڌي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي قربان ڪرڻ
جو پورو ڀروسو ۽ يقين هو، پر هوڏانهن پياري پٽ جي
به رضا ڄاڻڻ ضروري هين ته نوجوانيءَ جي باغ جو
تازو گل، حضرت اسماعيل عليه السلام به پنهنجي
ڳچيءَ تي ڪاتي وهندي ڏسي سگهي ٿو يا نه؟
تنهن ڪري پٽ کي اڪيلائيءَ ۾ سڏي پڇڻ لڳا ته: ”اي
پيارا پٽ، مون کي خواب ۾ اچي ٿو ته پنهنجي پياري
شيءِ پنهنجن هٿن سان قربان ڪر ۽ توکان وڌيڪ ڪا
پياري شيءِ ته ڪانهي ڪا، هاڻ تون ٻڌاءِ ته تنهنجي
ڇا صلاح آهي.“
حسين نوجوان ۽ فرمانبردار پٽ پنهنجي پيءَ جي خدمت
۾ ادب سان جواب ڏنو، ”اي منهنجا مهربان ۽ شفيق
بابا، توهان کي جيڪو به حڪم ملي رهيو آهي، اُن ۾
ڪابه دير نه ڪيو ۽ بنا ڪنهن شڪ جي پنهنجو فرض پورو
ڪريو. الله ۾ اُميد آهي، ته مان اوهان جي هٿن ۾
پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ سِر وڍائڻ وڏي سعادت سمجهي، صبر
۽ سانت ۾ رهندس.“ حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي
جانباز فرزند جو اهڙو دلبريءَ وارو جواب ٻڌي ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ رب پاڪ جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ کيس
وٺي مڪي شريف جي ٻاهران مينى جي واديءَ ۾ پهتو.
ٻارو! حضرت ابراهيم عليه السلام جنهن جي عمر 90
ورهين کان وڌيڪ هئي ۽ سندس سڀني اميدن جو دارو
مدار انهيءَ نوجوان نينگر تي ئي هئس، جنهن کي ڌڻي
تعالى جي بارگاهه مان اڌ رات ۽ فجر ويل جو اُٿي
التجائون ۽ دعائون ڪري پئي ورتو هئائون. اڄ اهو
ساڳيو پيرسن پيءَ پنهنجي پيريءَ جي سهاري ۽ پنهنجي
جگر جي ٽڪر کي، پنهنجن هٿن سان سندس گلن جهڙي نازڪ
ڳچي تي ڪاتي وهائڻ جي تياريءَ ۾ هو. ۽ ٻئي طرف
سندس نور نظر لخت – جگر، جبل جي ڪوسي پٽ تي ليٽيو
پيو هو، جنهن ننڍپڻ کان وٺي پنهنجي پيءَ جي محبت
ڀرين نظرن ۽ نازن، ڀري هنج ۾ لاڏلو ٿي پرورش پاتي
هئي، اڄ انهيءَ ساڳيئي شفيق پرور پيءُ جي هٿن سان
پنهنجي پياري ۽ مٺڙي امڙ کان به هميشه لاءِ جدا ٿي
رهيو هو. پر مجال آهي، جو سندس معصوم چهري تي ڪابه
مايوسي يا بي چيني جو ڪو نشان ظاهر هجي، پر، ڪهڙي
ڳالهه ڪجي، حضرت ابراهيم خليل الله جي همت ۽ جذبي
جي، جو هڪ وار جيترو لوڏو به سندس دل کي نه آيو ۽
بسم الله ڪري، يڪدم زور سان ڪاتي وهائي ڏنائين.
اوڏيءَ مهل رب پاڪ جي قدرت جوش ۾ اچيئي ويئي ۽
جبرائيل عليه السلام حڪم الاهي سان بهشت مان گهڙي
پل ۾ هڪ دنبو کڻي آڻي ڪاتيءَ جي هيٺان ليٽائي
ڇڏيو. جيڪو ذبع ٿي ويو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام
جيئرو سلامت رهيو.
اهڙيءَ طريقي سان حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي
مالڪ سان وفاداري ۽ سچائي جو اعلى نمونو پيش ڪيو.
جيڪو باري تعالى کي وڻيو ۽ قبول پيو. قدرت طرفان
ان عظيم الشان واقعي واري ڏينهن کي عيد الاضحى جو
درجو ڏنو ويو آهي، جنهن جي ٽنهي ڏينهن تي شرعي
احڪامن موجب حلال جانورن کي ذبع ڪرڻ ”واجب قرباني
۽ سنت ابراهيمي“ قرار ڏنو ويو آهي.
پيارا ٻارو! دراصل قرباني ڪرڻ وارو حقيقت ۾ پنهنجي
عمل مان اهو ثابت ڪندو آهي ته سندس جي جان به ڌڻي
جي راهه ۾ اهڙي طرح قربان آهي، جهڙي طرح هو جانور
کي قربان ڪري رهيو آهي، پر اڄ اسان پنهنجي ماحول
جي حالتن جو جائزو وٺون، ته اسان کي اهڙي ايثار
واري جذبي جي ڪافي گهٽتائي ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن
لاءِ اسان کي گهرجي ته پنهنجن ذاتي مفادن کي قربان
ڪري پنهنجي پياري ملڪ ۽ قوم جي اٻوجهه ماروئڙن جي
ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيون، تڏهن وڃي اسان
قربانيءَ جو اعلى نمونو دنيا جي آڏو پيش ڪري
سگهنداسين، جيڪو سڀني انسانن لاءِ ڀلائي جو
عالمگير پيغام هوندو.
عبد مصطفوي
چڱي ڳالهه چئو
حديثِ رسول آهي : ” عملن جو دارو مدار نيتن تي
آهي.“
هن حديث پاڪ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته: عملن
جو دارو مدار ارادن ۽ خيالن تي آهي، انسان جهڙي
نموني جا ارادا ۽ خيال سرجيندو، کانئس عمل به
اهڙائي ٿيندا، جي ڪڏهن انسان جي سوچ سمجهه ۽ خيال،
پاڪ ۽ صاف آهن، ته سندس عمل اهڙا صاف ۽ سهڻا
رهندا، پر جي ڪڏهن انسان بري سوچ ۽ برا خيال
پنهنجي ذهن تي غالب آڻي ڇڏيا آهن، ته سندس عمل به
انهي طرزِ فڪر تحت پيا انجام ٿيندا، تنهن ڪري
اخلاقي طرح اهو اصول لازم ٿئي ٿو، ته پنهنجن عملن
کي سهڻو ۽ نيڪ بنائڻ خاطر پنهنجا خيال سهڻا ۽ نيڪ
سرجڻ گهرجن.
اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، جي ڪڏهن ان تي هڪ
احتسابي نظر ڊوڙايون ته ان ڳالهه جو پتو پوندو، ته
اسان جو معاشرو گناهن جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪو آهي، ۽
چؤڏس گناهن جا زهريلا اثر ماحول کي ڏنگي، ان جي
سونهن کي ختم ڪري رهيا آهن، اهوئي ڪارڻ آهي، جو
معاشري ۾ نفرتون، حقارتون، دشمنيون ۽ ڏاڍايون زور
وٺي ويون آهن، جيڪڏهن اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺون
ته معاشري ۾ اهي سڀ اوڻايون ۽ برايون ڪهڙي ڪارڻ
وجود ۾ آيون آهن، ته ان جو سادو سلوڻو جواب اهوئي
ٿيندو ته زبان ۽ هٿ اهي عضوا آهن، جن کي قابو ۾ نه
رکندي انسان گناهن ۽ براين جي زد ۾ اچي وڃي ٿو ۽
انهي جي ڪري ئي اسان جو، اڄ جو معاشرو براين جي
ڌنڌ ۾ ڌڪجي چڪو آهي.
معاشري ۽ انسان جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي. معاشرو
ئي فردن جو مجموعو آهي، تنهن ڪري اسان جو دينِ
اسلام معاشري ۽ ان جي فردن جي اصلاح ۽ سڌاري خاطر
اهڙي تعليم ڏئي ٿو، جنهن جي بنياد تي ئي معاشرو،
امن، آشتي ۽ نيڪين ڀلاين جو گهوارو بڻجي پوي ٿو.
اسلام فرد ۽ معاشري جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ جيڪي
اصول، ضابطا ۽ شرط مقرر ڪيا آهن، تن جو ويجهو
لاڳاپو، ايمان ۽ عمل سان آهي، ”مسلمان اهو
آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان محفوظ
رهن.“ (مسلم – بخاري) يعني ان مسلمان جو ايمان
پختو آهي. جنهن جي هٿ ۽ زبان جي ايذاءُ کان ٻيا
مسلمان حفاظت ۾ رهن.
مٿين حديث پاڪ مان ظاهر ٿئي ٿو ته زبان ۽ هٿ، اهي
عضوا آهن، جيڪي ظلم ۽ زيادتي ۽ نفرت ۽ حقارت ۽
دشمني کي جنم ڏين ٿا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته زبان انسان کي ڳالهائڻ جي قوت
عطا ڪري ٿي ۽ کيس ٻين حيوانن کان منفرد ۽ ممتاز
مقام پڻ عطا ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻيا حيوان ڳالهائڻ
جي قوت جي وصف کان محروم آهن، پر هي هڪ حقيقت آهي
ته زبان ئي اهو عضوو آهي، جنهن کي گهڻين براين جي
نشاني سمجهيو وڃي ٿو، جهڙوڪ: ڪوڙ ڳالهائڻ، طعنا
مهڻا ڏيڻ، گُٿا ۽ گندا ٻول ڳالهائڻ، يا گارگند
ڪرڻ، گِلا، غيبت ۽ چغلي لڳائڻ الزام يا بهتان هڻڻ،
اهڙي طرح ڪاوڙ ۽ غصي، نفرت ۽ حقارت جو اظهار پڻ
زبان جي ذريعي ئي ٿئي ٿو، دين اسلام انهن سمورين
براين ۽ بڇڙاين کي ننديو آهي، ۽ انهن جي روڪ – ٽوڪ
ڪئي آهي. قرآن شريف زبان کي قابو ۾ رکڻ ۽ چڱي
ڳالهه چوڻ جي خاص تلقين ڪئي آهي، (جنهن مان اها
ڳالهه ٿئي ٿي ته چڱائي ۽ ڀلائي جي واٽ، اها آهي ته
زبان جي غلط استعمال کان بچڻ گهرجي ۽ هميشه چڱي
ڳالهه چوڻ گهرجي.) قرآن شريف جي سورة بقرة ۾: الله
تعالى والدين، عزيزن ۽ مسڪينن، يتيمن سان ڀلائي
ڪرڻ جو حڪم ڪندي، ان ڳالهه جي به هدايت ڪئي آهي
ته، هميشه چڱي ڳالهه چئو ۽ ارشاد آهي.
”۽ ماءُ، پيءُ سان ڀلائي ڪريو ۽ مائٽن يتيمن ۽
مسڪينن سان پڻ ڀلائي ڪريو ۽ ماڻهن کي چڱي ڳالهه
چئو.“ |