ڏٺو، اهو ويو آهي، ته اسان جي معاشري ۾ گهڻا اهڙا
ماڻهو به آهن، جيڪي والدين جو چيو نه ٿا مڃين، ۽
نه سندن خدمت ڪن ٿا. اهڙائي ماڻهو پنهنجي والدين
سان وڏي واڪي ڳالهائيندا ۽ کين ڇڙٻون ڏيندا آهن.
ياد رکو والدين سان ڪڏهن به وڏي واڪي ۽ ڇڙٻ سان نه
ڳالهائڻ گهرجي، قرآن شريف ۾ الله تعالى ان ڳالهه
جي خاص طرح سان تاڪيد ڪئي آهي. سورت بني اسرائيل ۾
ارشاد باري تعالى آهي:
”۽ ماءُ، پيءُ سان ڀلائي ڪندا رهو. جي ڪڏهن انهن
مان ڪو هڪ يا ٻئي اوهان جي سامهون ڪراڙپ کي پهچي
وڃن ته انهن کي اُف به نه چئو ۽ انهن کي ڇڙٻ به نه
ڏيو - ۽ انهن سان نرم لهجي ۾ ڳالهه ڪريو ۽ انهن جي
سامهون عاجزي سان جهڪيا رهو.“
حضرت لقمان عليه اسلام پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي
فرمايو:
”۽ پنهنجو آواز جهڪو رک، ڇاڪاڻ ته سڀني آوازن کان
خراب آواز گڏهن جو هوندو آهي.“ (سورة لقمان)
موجوده دور جي سائنس، ان ڳالهه کي ثابت ڪري چڪي
آهي، ته گوڙ گهمسان شور شرابو ۽ تيز ڏاڍ آواز بلڊ
پريشر ۽ شگر جي بيماري جو سبب بنجن ٿا. تنهن ڪري،
اسلام چوڏهن سئو سال اڳ اهو واضح حڪم ڏئي ڇڏيو؛ ته
هميشه سخت ڪلاميءَ کان پاسو ڪريو. جيڪڏهن ڪو شخص
توهان سان سخت ڪلامي ڪري، ته ان جو جواب، توهان
پيارن گفتن سان ڏيو. قرآن شريف ان ڏس ۾ اسان کي
هيٺين طرح صلاح ڏئي ٿو.
”۽ ڀلائي ۽ برائي برابر نه ٿي، ٿي سگهي، جي ڪڏهن
توهان سان ڪو سخت ڪلامي ڪري، ته توهان ان جو اهڙي
طرح جواب ڏيو، جيڪو سٺو هجي، جي اوهان ائين ڪندؤ،
ته اوهان ڏسندا ته جنهن جي ۽ اوهان جي وچ ۾ دشمني
هئي، اهو توهان جو، پرجوش دوست ٿي پوندو. اها
ڳالهه انهن کي ئي حاصل ٿيندي آهي، جيڪي صبر ڪندا
آهن ۽ اهي وڏي نصيب وارا آهن.“ (حمٰ السجدة)
نبي ڪريم ﷺ جن سموري انسان ذات کان وڌيڪ سهڻي ۽
فصيح گفتگو ڪندا هئا. پاڻ سڳورا گفتگو ۾ اعتدال ۽
توازن رکندا هئا، نه گهڻو ڏاڍيان ۽ تڪڙو
ڳالهائيندا هئا ۽ نه ئي جهيڻو ۽ آهستي حضرت انس
رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن،
جڏهن ڪا ڳالهه ٻڌائيندا هئا، ته ان کي ٽي ڀيرا
ورجائيندا هئا، ته جيئن، ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾
اچي وڃي، پاڻ سڳورا ﷺ جن اجائي ۽ فضول گفتگو کان
پاسو ڪندا هئا. سندن ارشاد آهي ته: ”جيڪو شخص الله
۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ٿو، ته اهو يا چڱي
ڳالهه ڪري يا ماٺ ۾ رهي.“
نبي ڪريم ﷺ جن اهڙي شخص کي ناپسند ڪندا هئا، جيڪو
فضول ۽ اڍنگي نموني ڳالهائي، حديث شريف ۾ حضرت
جابر بن عبدالله رضه کان روايت آهي ته:”اوهان مان
مون کي وڌيڪ پيارا ۽ قيامت جي ڏينهن وڌيڪ ويجها،
اهي ماڻهو هوندا، جيڪي اوهان مان اخلاقن جي ڪري
سٺا آهن، ۽ اوهان مان سڀ کان وڌيڪ مون کي ناپسند ۽
قيامت جي ڏينهن سڀ کان پري؛ اهي ماڻهو هوندا، جيڪي
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت واڇون ڦاڙي ڳالهائيندا، بَڪ
بَڪ ڪندڙ ۽ تڪبر ڪندا هجن.”۽ منهنجي ٻانهن کي
فرماءِ ته، اها ڳالهه چون، جيڪا سڀ کان چڱي هجي.“
(سورة بني اسرائيل). ان مان معلوم ٿئي ٿو ته چڱي
ڳالهه چوڻ جي گهڻي فضيلت آهي، ڇاڪاڻ نبي ڪريم ﷺ جن
چڱي ڳالهه کي صدقي جو درجو ڏنو آهي.
دين اسلام جتي چڱي ڳالهه چوڻ جي هدايت ڪئي آهي،
اتي انهن براين اپنائڻ کان به ننديو آهي، جن سان
معاشري ۾ نفرت، حقارت، دشمني ۽ ڏاڍائي زور پڪڙي
ٿي، اهڙن ئي بارين ۾ چغلي به اهم برائي آهي. هتان
جي ڳالهه هُت پهچائي، فردن جي وچ ۾ ڪَروڌ ۽ دشمني
پيدا ڪرڻ، چغلي ڳالهائيندڙ
جو ڪم هوندو
آهي. چغلي ڳالهائيندڙ جي باري ”چغلخور کي جنت ۾
داخل نه ڪيو ويندو.“
غيبتُ به اهڙي اخلاقي برائي آهي، جنهن سان فردن جي
وچ ۾ محبت جا لاڳاپا ٽٽي پون ٿا، ۽ نفرت جا سلسلا
وڌي پون ٿا. ڪنهن فرد جي پرپٺ ان جي ڪنهن عيب ۽
برائي بيان ڪرڻ کي غيبت چئجي ٿو، پر جي ڪڏهن ان
فرد ۾ اهو عيب ۽ برائي موجود نه هجي ۽ ان جي پرپٺ
ذڪر ڪيو وڃي، ته ان کي غيبت نه پر تهمت يا بهتان
چئجي ٿو، غيبت بيان ڪرڻ يا ٻڌڻ ٻئي وڏا گناهه آهن.
قرآن شريف غيبت بيان ڪرڻ کي پنهنجي مئل، ڀاءُ جو
گوشت کائڻ سان نسبت ڏئي ٿو. ارشاد رب العزت آهي،
”۽ نه ڪنهن جي ڏوهه ۾ لڳو ۽ نه ڪنهن جي غيبت ڪريو،
ڇا اوهان مان ڪو اهڙو آهي، جيڪو پنهنجي مئل ڀاءُ
جو گوشت کائڻ پسند ڪري. (سورة الحجرت)
جيڪي شخص غيبت ڪن ٿا، سي دراصل آخرت جي ڏينهن لاءِ
پنهنجي سزا جو سامان تيار ڪري رهيا آهن، اهڙن
ماڻهن کي هن حديث سڳوري مان سبق پرائڻ گهرجي. حضرت
انس رضي الله عنه کان روايت آهي ته، رسول ڪريم ﷺ
جن فرمايو ته: ”مون کي جڏهن معراج ڪرايو ويو، ته
آئون اهڙن ماڻهن وٽان لنگهيس، جن جا ننهن ٽامي جا
هئا، جن سان هو پنهنجن منهن ۽ ڇاتين کي پٽي رهيا
هئا.“ مون پڇيو ته: ”اي
جبرائيل عليه
اسلام، اهي ماڻهو ڪير آهن؟“ چوڻ لڳو ته: ”هي، اهي
ماڻهو آهن، جيڪي ماڻهن جو گوشت کائيندا آهن. يعني
غيبت ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي بي عزت ڪندا آهن.“
(ابودائود)
ڪوڙ ڳالهائڻ جي خراب عادت کي براين جي جڙ سڏجي ٿو.
نبي ڪريم ﷺ ڪوڙ ڳالهائڻ واري کي منافق سڏيو آهي.
حضرت عبدالله بن عمرو رضه کان روايت آهي ته:
”منافق جون چار نشانيون آهن: (1) جڏهن وٽس امانت
رکي وڃي ته ان ۾ خيانت ڪري. (2) جڏهن ڳالهه ڪري ته
ڪوڙ ڳالهائي (3) جڏهن واعدو ڪري ته واعدي خلافي
ڪري. (4) جڏهن ڪنهن سان جهڳڙو ڪري ته گاريون ڏئي.“
هن حديث ۾ منافق جي جيڪا نشاني ٻڌائي وئي آهي. گار
ڏيڻ يا فحش ڳالهائڻ تنهن کي الله تعالى ناپسند ڪري
ٿو.
نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: ”قيامت جي ڏينهن مومن
ٻانهي جي عملن جي ساهمي ۾ سٺن اخلاقن کان وڌيڪ
ڪابه ڳري شيءِ نه هوندي ۽ بي شڪ الله تعالى فحش
ڳالهائيندڙ، بد زبان ماڻهوءَ سان نفرت ڪري ٿو.“
(ترمذي)
انهن براين سان گڏ، الله تعالى اسان کي ڪوڙا قسم
کڻڻ، تهمت هڻڻ، طعنا ڏيڻ، ۽ خراب نالن سا سڏڻ کان
پڻ منع ڪئي آهي، سورت الحجرات ۾ ارشاد آهي ته:
”۽ پاڻ هڪٻئي کي طعنا نه ڏيو ۽ نه هڪ ٻئي کي خراب
لقبن سان سڏيو.“ دعا آهي ته الله تعالى اسان سڀني
مسلمانن کي سڌي راهه تي هلاءِ، ۽ براين کان محفوظ
رکي، ۽ قرآن ۽ سنت مطابق زندگي گذرڻ جي توفيق عطا
فرمائي. آمين.
علي محمد ”درد“ سولنگي
نصيحت
ڪوڙ کان نفرت ڪريو ٻارو،
سچ سان محبت ڪريو ٻارو،
سوير اُٿڻ ۽ ڏندڻ ڪرڻ جي،
پاڻ ۾ عادت ڪريو ٻارو،
فرض اسان تي آهي جيڪا،
روز عبادت ڪريو ٻارو،
ميٺ محبت ساڻُ رهو گڏ،
ڪين ڪدورت ڪريو ٻارو،
علم پرايو علم پرايو،
دور جهالت ڪريو ٻارو،
اڌ ايمان صفائي آهي،
دور غلاظت ڪريو ٻارو،
هَٺُ غرور وڏائي ڇڏيو،
نياز ۽ نوڙت ڪريو ٻارو،
ڌرتي ماءُ برابر آهي،
اُن سان چاهت ڪريو ٻارو،
ڪين وساريو ياد ته هردمُ،
هيءَ نصيحت ڪريو ٻارو.
ملهار سنڌي
پنجڪڙا
ڪمپيوٽر آ نالو منهنجو،
ڏاڍو ليکي ۾ ڀَڙُ آهيان،
ذهين ٻارن کي ٿو چاهيان،
محنت وارن لئه هان سَهنجو،
ڪمپيوٽر آ نالو منهنجو.
مان ته وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس،
ڌرتيءَ کي سينگاريندس مان،
پنهنجو نانءُ جياريندس،
هردم اڳتي وڌندو رهندس،
مان ته وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس.
هو ڏِسُ ٽانڊاڻو ٽمڪي ٿو،
ٻالڪ هُن پويان ڊوڙن ٿا،
۽ ٽانڊاڻي کي پڪڙن ٿا،
اونداهيءَ ۾ چمڪا ڏئي ٿو،
هو ڏس ٽانڊاڻو ٽمڪي ٿو.
لِڪَ لڪوٽي کيڏون ٻارون!
موسم ڪيڏي پياري آهي،
چؤدر ڄڻ ته بهاري آهي،
جهومي پيو آهي جڳ سارو،
لِڪَ لڪوٽي کيڏون ٻارو!
ضراب حيدر ٻاراڻو ادب) سلسليوار ڪهاڻي
زبرسڪي ۽ ٽامڙو
سلسلو ٻيو:
”ٽامڙو ۽ ٽرين“
پرهه ڦٽي ويل مختصر ٻن بوگين واري، ٻاڦ واري ريل
پري کان ڪارو دونهون ماحول ۾ پکيڙيندي، گڙُ گڙ جا
آواز ڪڍندي، سيٽيون وڄائيندي پليٽ فارم سان اچي
بيٺي.
زبرسڪي، اڳ ۾ ئي پنهنجي ٽامڙي جي ٽڪيٽ وٺي، ٽرين
جي انتظار ۾ سامان سميت تيار بيٺو هو. زبرسڪيءَ
خوش هو ته هاڻي هو، سڌو ۽ جلدي ميلي واري شهر ۾
پهچي ويندو.
هو، ٽامڙي کي وٺي ٽرين ۾ چڙهڻ وارو هو، ته گارڊ
کيس روڪيو، ”اي مسٽر! اوهين؛ هن، جانور سميت ڪيئن
پيا ٽرين ۾ چڙهو.“ زبرسڪيءَ کيس ٻڌايو ته: ”هن
ٽامڙي جي ٽڪيٽ ورتي آهي.“
گارڊ جلد ئي قليءَ کي سڏيو ورتو، ۽ کيس چيائين ته
”هن صاحب کي ٻڌائي ته جانورن کي بگيج ڪار ۾ سوار
ڪيو ويندو آهي، (يعني سامان واري گاڏيءَ ۾) هي
صاحب پنهنجي هن جانور کي ان ۾ سفر ڪرائي سگهي ٿو،
تون سندس مدد ڪر، جيئن، هي صاحب پنهنجي جانور کي
بگيج ڪار ۾ سوار ڪري سگهي....“
”پر گارڊ! هي ته مون سان گڏ رهندو آهي.“
زبرسڪيءَ، ريلوي گارڊ کي ٻڌائيندي چيو.
”اوهين ٺيڪ آهيو، پر، محترم هيءَ بهترين عمدي ريل
آهي، جنهن ۾ مسافر پنهنجو سفر انجواءِ ڪندا هلندا
آهن، هتي مسافرن جي، هر سهوليت جو خيال رکيو ويندو
آهي. هِن ريل ۾ جتي مسافر درين کان نظارا ڏسي
سگهندا آهن، اُتي سندن کائڻ پيئڻ لاءِ ڊائينگ ڪار
به آهي، جتي هر کاڌي سان گڏ، چائنيز ۽ تُرڪين کاڌا
به ملندا آهن.“
”اُن کانسواءِ ڊريسنگ روم به آهي، جتي ماڻهو
پنهنجو پاڻ کي سنواريندا آهن، اُن ڊريسنگ روم سان
گڏ باٿ رومس به آهن، جن ۾ وهنجڻ لاءِ وڏا ٽب به
موجود آهن. سو اهڙي مهذب ٽرين ۾ صرف بگيج ڪار ۾
ئي، اوهان جو؛ هي جانور سفر ڪري سگهي ٿو. اسين نه
ٿا چاهيون، ته اوهان جي هن جانور جي ڪري، مسافر
پريشان ٿين ۽ اسان جي ريلوي نظام يا عملي جون
شڪايتون ٿين.“
”ٺيڪ آهي، مسٽر گارڊ! آئون پنهنجي لُڌڙي کي بگيج
ڪار ۾ سوار ٿو ڪيان.... پر آئون ٿوري ٿوري وقفي ۾
پنهنجي پياري پالتو جانور جي سارسنڀال لهندس.“
”ها، ها! ان کان اوهان کي، ڪنهن روڪيو آهي. هونئن
به هي قُلي، اوهان جي مدد ڪندو ۽ خدمت ۾ حاضر
رهندو.“
”ٿينڪ يو مسٽر گارڊ!“
”يو آر ويلڪم مسٽر پيسينجر.“
زبرسڪيءَ، ٽامڙي کي بگيج ڪار ۾ سوار ڪرايو ۽ کيس
خاموشيءَ سان رهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين، کيس
سمجهايائين ته سندس ڪابه هلڪي ڦُلڪي وڻندڙ ڳالهه
يا بي هودي رڙ کين ٽرين مان لاهرائي سگهي ٿي، ۽
پوءِ هيڏو سارو سفر تمام گهڻو مسئلو بڻجي
پوندو.....“
ٽامڙو سڄي مسئلي کي سمجهي ويو پر هو عادت کان
مجبور جانور، پاڻيءَ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهيو،
اُن ڪري، زبرسڪي کي چيائين ته، ”مهرباني ڪري، ڪو
موقعو وٺي، صرف هڪ دفعو باٿ روم ۾، باٿ ٽب ۾ وهنجڻ
لاءِ ڪوشش ضرور وٺي. ڇاڪاڻ جو هو رات کان وهنتو
ناهي.“
زبرسڪي، ٽامڙي کي دلاسو ڏنو ته، ”هو ٽامڙي لاءِ
موقعو وٺي باٿ روم ۽ ٽامڙي جي وهنجڻ لاءِ ضرور
ڪوشش ڪندو.“
هاڻي ٻاڦ واري ٽرين جي ڪاري انجڻ، ٻاڦ جو هڪ
سسُڙاٽ ڪڍيو، ٽرين جي ڊرائيور، هڪ رسيءَ کي ڇڪي
وسل (سيٽي) وڄائي ۽ ريلوي گارڊ ڏانهن ڏٺو، ريلوي
گارڊ کيس سائي جهنڊي ڏيکاري ۽ ڊرائيور هڪ ڀيرو وري
رسي ڇڪي سيٽي وڄائي ۽ پوءِ ليور کي آهستي آهستي
وڌائڻ شروع ڪيائين، پوءِ انجڻ پنهنجا وڏا ڦيٿا
پٽڙين تي چورڻ شروع ڪيا، ٽرين جي سمورن ننڍڙن
فرمانبردار ڦيٿن پڻ، پاڻ کي وڏن ڦيٿن وانگي ڦيرڻ
شروع ڪيو. ائين ريل جو سمورو وڏو ڍانچو هلڻ لڳو،
ريل، هاڻي پليٽ فارم کي ڇڏڻ لڳي.
ڪاري انجڻ ڪارو دونهون، آسمان ۾ ڪڪر جيان
ڦهلائيندي ٽڪ – ٽڪ، ڇُڪ، - ڇُڪ جا رِڌم جهڙا آواز
ماحول ۾ ڇڏيندي، اڳتي ڌوڪيندي وئي.
زبرسڪي، سيٽ تي اچي ويٺو ۽ دريءَ کان نظارا ڏسڻ
لڳو. زبرسڪيءَ کي هاڻي اطمينان هو، ته سندس سفر
خوشگوار گذرندو، پر پوءِ به هو ٽامڙي جي وهنجڻ
لاءِ سوچي رهيو هو، ته ڪهڙي نموني، ٽامڙي کي وهنجڻ
جو موقعو ميسر ڪري ڏي، جيئن هو وهنجي تازو توانو
ٿي سگهي. ڪجهه وقت زبرسڪي، ان سوچ ۾ رهيو، پوءِ هو
سيٽ تي ريلڪس ٿي ويو. اوچتو سندس اک لڳي وئي، اِن
ڪري جو رات جو زبرسڪي پليٽ فارم تي سمهي ڪونه
سگهيو هو. ڪلاڪ اڌ کان پوءِ، هو سجاڳ ٿي ويو، هُن
ڏٺو ته قلُي سندس بوگيءَ ۾ ڪنهن مسافر سان ڳالهائي
رهيو هو، زبرسڪي، قُلي کي سڏ ڪيو ۽ کيس چيائين ته:
”هو، ريلوي گارڊ سان ملڻ چاهيندو.“
قُليءَ کيس چيو ته: ”سر! اوهين فرمايو، آئون جو
آهيان، اوهان جي هر خدمت لاءِ.“ زبرسڪيءَ کيس چيو
ته: ”کيس ٻڌائڻ کان بهتر آهي، ته هو گارڊ سان سڌو
سنئون ڳالهائي.“
پر قُلي کيس حُجت ڪندي چيو ته، ”هو سندس هر خدمت
ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ته پوءِ گارڊ سان ملڻ جي ڪهڙي
ضرورت آهي.“ |