سنڌيڪار : عبدالرحيم ڪنڀر
فقير جو تحفو
ستين ڪلاس جا ساليانه امتحان ٿيڻ وارا هئا، پرچا
ڇپجي اچي چڪا هئا، ۽ ماستر صاحب انهن جو بنڊل
الماڙي ۾ رکي تالو لڳائي ڇڏيو هو.
نديم، اسڪول کان گهر اچي رهيو هو، ته ان کي بازار
۾ هڪ فقير ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو چئي رهيو هو:
”الله جي نالي تي بابا! جيڪو هڪ پنجين جو نوٽ
ڏيندو، ان جي هر مراد پوري ٿيندي.“
نديم، ان فقير جي پويان هلندو رهيو، بازار، کان
ٻاهر هڪ گهٽ رونق واري جاءِ تي، ان فقير کان ڊڄندي
ڊڄندي پڇيائين:
”چاچا! هينئر توهين جيڪو چئي رهيا هئا، ڇا اهو سچ
آهي؟“
”ڇا چئي رهيو هئس آئون؟“
فقير، ان کي پنهنجي ڳاڙهين اکين سان گهوريندي چيو.
”اهوئي!“
نديم جلدي مان چيو:
”ته جيڪو توهان کي پنج رپيا ڏيندو، ان جون سڀ
مرادون پوريون ٿي وينديون.“
”ها ٻچا!“
فقير جهومندي چيو:
”اسين ڪڏهن ڪوڙ نٿا ڳالهايون!“
”منهنجي به هڪ مراد آهي چاچا؟“
نديم، هٻڪندي چيو ۽ پنجن رپين جو نوٽ فقير جي هٿ ۾
ڏنائين.
”ٻڌاءِ پٽ ٻڌاءِ.“
فقير، نوٽ صدري جي کيسي ۾ وجهندي جوش مان چيو:
”تنهنجي هر مراد پوري ٿيندي.“
”چاچا.“ نديم خوش ٿيندي چيو:
“منهنجا ساليانه امتحان اچي ويا آهن ۽ .....“
”تون امتحان ۾ پاس ٿيڻ چاهين ٿو.“
فقير نديم جي ڳالهه ڪٽيندي چيو:
”پاس ٿي ويندين، مون چئي ڇڏيو.“ ان هٿ جهنڊي وانگر
اڀو ڪري ڇڏيو، ”پر چاچا!“ نديم جلدي مان چيو: ”ان
جي صورت هڪ ئي صورت آهي.“
”اها ڪهڙي ٻچا؟“
”اها، هي چاچا،“ ”نديم چيو:
”اسان جي ماستر صاحب، پرچا ڇپائي پنهنجي الماڙي ۾
بند ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن انهن پرچن جا سوال، مون
کي امتحان کان پهرين معلوم ٿي وڃن، تڏهن ئي آئون
پاس ٿي سگهان ٿو.“
”هون!“ فقير جهومندي چيو:
”ڪم مشڪل آهي ٻچا!“
”ته ڇا، آئون پاس نه ٿي سگهندس؟“ نديم مايوسي مان
پڇيو.
”اهو مون ڪڏهن چيو پُٽ!“
فقير جلال ۾ اچي ويو.
”ته پوءِ؟
نديم اميد ڀرين نظرن سان ان کي ڏٺو، ”پنجن رپين ۾
هي ڪم نٿو ٿي سگهي ٻچا!“
فقير ان کي ڏسندي چيو: ”رقم وڌيڪ خرچ ٿيندي!“
”ڪيتري؟! نديم فوراً پڇيو.
”تنهنجي کيسي ۾ هن وقت ٻيا ڪيترا پيسا آهن؟“ فقير
چمٽو وڄائيندي پڇيو.
نديم سڀني کيسن مان پئسا ڪڍيا ۽ ڳڻڻ کان پوءِ فقير
کي ٻڌايائين:
”هي ڪُل پنڌرهن رپيا ٻارهن آنا آهن.“
”آهن ته گهٽ.“
فقير جلد ئي پئسا وٺندي چيو:
”پر مون کي توتي رحم اچي ويو آهي.
نديم خوش ٿيندي فقير ڏانهن ڏٺو، جيڪو پنهنجي صدري
مان هڪ ميرو ۽ گدلو رومال ڪڍي رهيو هو.
”هي وٺ پٽ!“ فقير رومال، نديم ڏانهن وڌايو.
”هي ڇا آهي؟“ نديم، ميرو گدلو رومال وٺندي پڇيو.
”هن کي ڇا ڪريان؟“
”هي جادو جو رومال آهي ٻچا!“
”جادو جو رومال؟“ نديم خوشي ۽ حيرت مان پڇيو:
”ها پٽ.“ فقير چيو:
”هن کي تون، جڏهن پنهنجي مٿي تي ٻڌي ڇڏيندين، تڏهن
ڪنهن کي به نظر نه ايندي، پر تون سڀني کي ڏسي
سگهندين.“
”سچ!“ نديم جي لهجي ۾ بي يقيني هئي.
”بلڪل سچ ٻچا!“ فقير جهومندي چيو:
”هي فقير جو تحفو اٿئي، سنڀالي رکجانءِ.“
”بلڪل سنڀالي رکندس چاچا. ”نديم رومال ٿيلهي ۾
رکندي چيو: ”توهان فڪر نه ڪريو.“
”مون کي فڪر جي ڪهڙي ضرورت آهي ٻچا!“
فقير لاپرواهي سان چيو: ”بس ٻن ڳالهين جو خيال
رکجانءِ“
”اهو ڪهڙو بابا!“
”نمبر پهريون!“ فقير چمٽو وڄائيندي چيو:
”ڪنهن ٻئي کي هن رومال جي باري ۾ هرگز نه
ٻڌائجانءِ.“
”سوال ئي پيدا نٿو ٿئي چاچا.“ نديم جلدي مان چيو:
”آئون ڪو چريو آهيان.“
”لڳين ته ڪونه ٿو ٻچا، پر چريو ٿيندي ڪهڙي دير
لڳندي.“ فقير پراسرار لهجي ۾ چيو:
”۽ ٻي ڳالهه! هن رومال کي ڌوئجانءِ ڪڏهن به نه!“
”اهو ڇو چاچا؟“
”انڪري ٻچا!“ فقير جهومندي چيو: ”ان جو سارو جادو،
ان جي گدلاڻ ۾ آهي، جيئن جيئن ان کي مَيل جو تهه
چڙهندو، هي جادو تيز ٿيندو ويندو.“
”ڇڱو چاچا،“ نديم خوش ٿيندي چيو:
”ها – هاڻي تون وڃ ٻچا! منهنجو ڌنڌو خراب ٿي رهيو
آهي.“ فقير چيو.
”۽ نديم اسڪولي بيگ سنڀاليندي گهر ڏانهن روانو
ٿيو، سندس پير زمين تي نٿي کُپيا.
ٻئي ڏينهن، هن اسڪول (ڪلاس) ۾ پهچندي ئي بيگ ڊيسڪ
تي رکي ۽ جادو جو رومال مٿي تي ٻڌي الماڙي ڏانهن
وڌيو، جتان ماستر صاحب حاضري رجسٽر ڪڍي رهيو هو،
جيئن ئي ماستر صاحب پري هٽيو. هن پرچن جي بنڊل ۾
وڃي هٿ وڌو، ان کي يقين هو ته کيس ڪوبه نٿو ڏسي
سگهي.
”نديم هي ڪهڙي حرڪت آهي!“ اوچتو ماستر صاحب هن کي
جهلي کڻي سوگهو ڪيو:
”تنهنجي اها جرائت جو پرچا ڪڍي رهيو آهين.“
جادو جو رومال (فقير جو تحفو) نديم جي مٿي تي هئڻ
جي باوجود ماستر صاحب جو ڏنڊو ان جي مٿي تي وسي
رهيو هو ۽ سڄي ڪلاس جا شاگرد کلي رهيا هئا.
مير آصف پنهور
[پهريون نمبر مضمون]
منهنجو استاد
”رک ادب استاد سندو – جو پڻ توکي پيار ڪندو.“
دنيا! ۾ انسان لاءِ ٻه هستيون عظيم آهن، ماءُ،
پيءُ ۽ استاد، حقيقت ۾ استاد، جو درجو اعلى آهي،
جيڪو هر شاگرد کي هڪ ئي نظر سان ڏسي ٿو. چاهي امير
هجي يا غريب، پر استاد وٽ سڀني شاگردن جي ساڳي
حيثيت هوندي آهي.
منهنجو استاد بهترين استاد آهي، جيڪو مون کي
والدين وانگر ڀائيندو آهي، ۽ انهيءَ ڪردار تي مان
به استاد جو گهڻو ادب ڪندو آهيان. منهنجو استاد
وقت جو بلڪل پابند آهي، جيڪو پوري وقت تي
اسيمبليءَ کان به اڳ ۾ اچي ويندو آهي ۽ قومي تراني
۾ شريڪ به ٿيندو آهي، اسيمبليءَ کان پوءِ،
پڙهائيءَ جو دور شروع ٿيندو آهي، جنهن جي پڄاڻي
منجهند جو ئي ٿيندي آهي، انهيءَ دوران سائين
پنهنجو هڪ به پيرڊ مس نه ڪندو آهي ۽ ڪلاس ورڪ،
ڊڪٽيشن سٺي طرح ڪرائيندو آهي، ان کان علاوه هر
هفتي ٽيسٽ به وٺندو آهي.
حقيقت ۾ استاد فرش کان عرش تي پهچائي ٿو، جيئن مان
هڪ مثال ڏيندس ته: هڪ ڪنڀر چيڪي مٽي کڻي اچي ٿو ۽
ان مان مختلف شيون، دلا، مٽ، گگهيون، ناديون،
گهريلو شيون ۽ رانديڪا وغيره ٺاهي، انهن کي پچائي
راس ڪري ٿو ۽ انهيءَ پڪل مٽيءَ کي رنگ ڏئي سٺي روپ
۾ آڻي سندر ڪري، پوءِ مارڪيٽ ۾ کڻي اچي ٿو، جيڪي
شيون قيمتي ٿي پون ٿيون، توهان ڏٺو ته مٽي ته مٽي
ئي هوندي آهي، جنهن جو ڪو ملهه نه آهي، پر ڪنڀر جي
محنت جي ڪري، ان مٽيءَ جو مان وڌيو، اهڙيءَ طرح
ٻار به پهريائين نازڪ – نفيس ذهن جو مالڪ هوندو
آهي، جنهن کي بنيادي تعليم جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه
هوندي آهي، پر اهو ئي استاد آهي، جيڪو ٻار کي سٺي
طرح سمجهائي، پڙهائي پنهنجي محنت، مشقت، محبت،
لگن، شفقت سان علم جو ستارو بنائي اڀ تي چمڪائيءَ
ٿو ۽ اهڙي طرح ٻار فرش کان عرش تي پهچي ٿو. اهوئي
استاد آهي، جيڪو زماني ۾ اخلاق، امن، ڀائيچاري جو
سبق سيکاري ٿو. اڄ ڪلهه اهڙو به زمانو اچي ويو
آهي، جو اسان جا ڪي استاد، اهڙا ته ڪم چور آهن،
جيڪي محنتي استادن جي مرتبي ۽ مان تي به داغ هڻندي
دير نه ٿا ڪن، ۽ سولي معنى ۾ ته، اهي اسڪول ۾
شاگردن تي پوري طرح ڌيان به نٿا ڏين، اسان جي
حڪومتن اهڙن نااهل ماڻهن کي، هي پيغمبري پيشو ڏنو
آهي، جيڪي صحيح معنى ۾ نالو به لکي نه ٿا سگهن.
اهي ماڻهو قوم ۾ بيداري ڪيئن آڻيندا، توهان ٻڌو
هوندو ۽ شايد پڙهيو به هوندو ته، انگلينڊ دنيا جو
اهو ملڪ آهي، جتي هڪ اداري مان اگر 100 شاگرد محنت
سان پاس ٿي نڪرن ٿا، ته انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 25
اهڙا ته ذهين شاگرد ايجوڪيشن منسٽري چونڊيندي آهي،
جيڪي هو پنهنجن ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر
ڪندا آهن ۽ سچ پچ ته اهي ماڻهو پاڻ کي خوش نصيب
سمجهندا آهن، ته اسان قوم جي خدمت جي لائق ٿي
وياسين.
حقيقت ۾ مون کي تنقيدي ٽاپڪ ته مليل آهي، پر مان
هي مسئلا دکدائڪ سمجهان ٿو ۽ سڀئي استاد به معاشري
جا بهترين استاد نه ٿا ٿي سگهن، منهنجو استاد سڀني
ڪلاس جي شاگردن کي پڙهائڻ مهل اهو ئي چوندو آهي ته
: ”اگر ڪو سمجهي نه سگهي، ته سو ٻيو ڀيرو پڇي سگهي
ٿو، هينئر ته مان سيڪنڊري ڪلاس جو شاگرد آهيان، پر
مون کي پرائمري واري دور جون ڳالهيون ياد آهن.
اسان جو استاد، جيڪو اسان کي سٺڙا مٺڙا گيت، بيت،
نظم، اهڙي طرح تي پڙهائيندو هو، جو دل باغ – بهار
ٿي پوندي هئي، جيڪي سائين وڏي آواز ۾ پڙهائيندو
هو. اهڙي طرح منهنجي استاد جو رتبو منهنجي نظر ۾
عظيم آهي ۽ عظيم رهندو، اهوئي استاد، جيڪو مون کي
مار به ڏيندو هو ۽ پيار به ڏيندو هو. آکاڻيون به
ٻڌائيندو هو ۽ بيت به ٻڌائيندو هو. منهنجي رب
العزت جي درٻار ۾ اهائي دعا آهي ته : ”شل هميشه
منهنجو استاد خوش ۽ سدا حيات رهي ۽ ايندڙ نسل کي
به پڙهائيندو رهي، ۽ سڀ استاد اهڙا ٿي پون ته هي
ڌرتي جنت ٿي پوي. (آمين ثم آمين)
تيجو رام سوٽهڙ
[ٻيو نمبر مضمون]
منهنجو استاد
منهنجيءَ زندگي جي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ والدين کان
پوءِ منهنجو استاد منهنجي لاءِ هڪ شفقت ڀريو هٿ
آهي. منهنجي استاد، پيار سان منهنجي لاءِ علم جا
دروازا کولي ڇڏيا. سندس تربيت جي ڪري، منهنجو
مستقبل هميشه جي لاءِ روشن ٿي ويو آهي. پنهنجي
استاد جي شان ۾ جيترو لکڻ ويهان، ايترو گهٽ ٿيندو،
منهنجو استاد منهنجي لاءِ، جيڪو علم وقف ڪيو، تنهن
لاءِ مان سندس زندگي ڀر دعاگو آهيان ۽ هميشه
رهندس.
آئون پنهنجي استاد جي عزت ڪريان ٿو، ته موٽ ۾
منهنجو استاد به مون سان پنهنجي سڳئي اولاد وانگر
پيار ۽ پاٻوهه مان پيش اچي ٿو.
اڄ ڪلهه جي هن جديد دور ۾ اسان جي معاشري ۾ اسين
پنهنجي استاد جو مانُ ۽ مرتبو وساري ويٺا آهيون ۽
اسان جي عزت ڪرڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملندا.
استاد جي عزت نه ڪرڻ سبب اسين عملي زندگي ۾ تڪليفن
۽ ڏکن ڏاکڙن کان سواءِ ڪجهه به پرائي نه سگهيا
آهيون. ڪيڏي نه بدقسمتي آهي، جو اسان پنهنجي استاد
جي عزت ڪرڻ وساري ويٺا آهيون! استاد جي عزت ڪرڻ ۾
ئي اسان جو ڀلو آهي، چوڻ آهي:
ماءُ اولاد کي فرش تي پهچائيندي آهي ۽ استاد، عرش
تي.
برڪت علي ڌاريجو
ماکي ۽ سگريٽ
بابا جي چوڻ موجب ته، ”ماکي تقريباً هر بيماريءَ
جو علاج آهي ۽ مون ڪافي ڪتابن ۾ به پڙهيو آهي، ان
ڪري مون پڪو پهه ڪيو، ته ماکي گهڻي کائبي، ان کان
پوءِ آءُ ڳوٺ جي ويجهو جهنگ ۾ ماکي ڳولڻ ويس.
آخرڪار مون کي هڪ ماکيءَ جو مانارو نظر اچي ويو ۽
آءٌ گهر موٽي آيس.“
بابا چيو، ”ته پٽ! ننڊڪر ۽ ان کان پوءِ، اسڪول جو
ڪم ۽ آخر ۾ راند.“ پر مون کي ڪٿان ي ننڊ اچي،
اسڪول جي ڪم کان واندو ٿي، مان پنهنجي هڪ دوست سان
گڏجي، جيڪو ماکي لاهڻ جو ماهر ته نه، پر لاهڻ چڱي
طرح ڄاڻندو هو. ٻئي ڄڻا روانا ٿي وياسين، ارادو
اهو، هو ته ماکي اتي ئي کائينداسين ۽ گهر وارا
ڇٽا، منهنجي دوست وٽ ماچيس به هو، هن مون کي ڇيڻو
ڳولي اچڻ لاءِ چيو، آءٌ ڇيڻو ڳولڻ ويس، پر ناڪام
رهيس. (مجبوراً منهنجي دوست سگريٽ دُکايو ۽ ان جو
هڪ ڊگهو سوُٽوُ هنيو ۽ دونهون ماکي ڏانهن منهن ڪري
ڦوڪي سان خارج ڪيو، جيئن ته سگريٽ ۾ تماڪ هوندو
آهي. ان ڪري دونهون به تيز ٿئي ٿو ۽ ماکي جون
مکيون ڪافي حد تائين اڏري ويون ۽ اهڙي طرح اسان
ماکي لاٿي ۽ کائي گهر ڏانهن واپس آياسين. آهسته
آهسته آءٌ به سگريٽ جي دونهين سان ماکي لاهڻ شروع
ڪئي. پهرين ته سگريٽ سان کنگهه ٿي، پر آهستي آهستي
ختم ٿي وئي، ۽ آءُ ماکي جي بجاءِ سگريٽ استعمال
ڪرڻ لڳس. منهنجي طبيعت به خراب ٿي وئي. ان ڏينهن
بابا سخت مار ڏني. مون سوچيو ته: سگريٽ ڇڏي ڏيندس،
پر ڇڏي نه سگهيس، آخر تنگ ٿي منهنجو علاج ڪرايو
ويو.
اڄ مان هڪ گھر ۾ وچولي درجي واري زندگي گذاريان
ٿو، پر آءٌ پنهنجن دوستن کي اهڙا مشورا ڏيڻ لڳس،
جيڪي سگريٽ جي نه صرف خلاف هئا، پر ان جي برعڪس
ماکي کان به وڌيڪ فائديمند ۽ مٺا هئا. ”اڄ آءٌ
سگريٽ ڇڏي چڪو آهيان، ڇو ته اهو بابا جي محبت ۽
منهنجي مضبوط ارادي جو ڦل آهي، اڄ به آءٌ جڏهن
ماکي ڏسندو آهيان، ته دل مان آه نڪري ٿي ته ڪاش!
مان ائين نه ڪريان ها ۽ بابا جي ڳالهه جو غلط مطلب
نه وٺان ها.“ |