سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4/ 1997ع

باب: --

صفحو :5

ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي

مائونٽ ايوريسٽ

هماليه جبل جي ڊگهي چوٽي کي ”مائونٽ ايورسٽ“ چئبو آهي. ان جي اوچائي 8848 ميٽر سمنڊ کان مٿانهين آهي ۽ دنيا اندر ڪنهن به جبل جي چوٽي ايتري مٿانهين ناهي، ”مائونٽ ايوريسٽ“ نيپال ملڪ ۾ آهي. جتي هن کي ”سگر ماٿا“ (SAGARMATHA) سڏيو وڃي ٿو. ايوريسٽ جو اتريون پاسو تبت ۽ چين ملڪ ۾ آهي ۽ ”ڪومولانگما“ (COMOLANGMA) سڏيو وڃي ٿو. 1852ع ۾ هندستان جي زمين جي ماپ ڪندڙ عملدار سريور جنرل سرجارج ايورسٽ (Surveyor General Sir George Everest) چوٽي جي صحيح ماپ ڪرائي ۽ سندس نالي پٺيان هماليه جي بلند ترين چوٽي جو نالو ”ايوريسٽ“ پيو.

1920ع کان ’ايوريسٽ‘ تي چڙهڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، پر 1953ع ۾ سرلارڊ جان هنٽ (Sir John Hunt) جي اڳواڻي ۾ جبل چڙهڻ جي جٿي (Expedition) ايوريسٽ تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو، سر ايڊمنڊ هلري (Sir Edmund Hillary) ۽ ٽينزنگ نارگي (Tenzing Norgay) پهريان ٻه انسان هئا، جيڪي ايوريسٽ تي پهتا. اٽڪل 700 جبل چڙهڻ جا شوقين، مائونٽ ايوريسٽ تي چڙهي چڪا آهن، هماليه جبل اندر، نيپال، هندستان ۽ چين جا ملڪ اچن ٿا ۽ ان جو سلسلو پاڪستان جي اترين علائقن سان اچي قراقرم ۾ هندوڪش جبلن سان ملي ٿو، جتي اٺ هزار ميٽر سمنڊ سطح کان 5 ڊگهيون چوٽيون آهن، پاڪستان اندر 6000 ميٽر ڊگهيون چوٽيون آهن، جن جو تعداد 730 آهي. ڪي ٽو، قراقرم ۾ جبل جي ’ايوريسٽ‘ بعد دنيا اندر ٻيو نمبر چوٽي آهي، جنهن جي اوچائي سمنڊ کان 8611 ميٽر آهي. جيڪا ايوريسٽ کان صرف 237 ميٽر ننڍي آهي. ناگاپربت، براڊ ۽ گليشربرم وڏيون چوٽيون آهن. ڪوهه سليمان، هالار، جبل، کير ٿر جبل ۽ ڪارونجهر جبل سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود آهن. ڪوهه مري پنجاب ۾ آهي ۽ ڪتي جي قبر ۽ گورک جبل سنڌ ۾ ٿڌيون جبلن جون چوٽيون آهن، ڪارونجهر، جبل، ٿر جي ريگستان ۾ آهي ۽ قديم ترين جبل آهي، ان جي چوٽي عربي سمنڊ کان 1500 فوٽ اوچي آهي، ۽ ان کي تروٽ جو ٿلهو سڏبو آهي، پاڪستان ۾ جبلن ۽ خوبصورت چوٽين جي جنت نظير سونهن ۽ وندر موجود آهي. ٻارڙن کي سير ۽ گهمڻ لاءِ اتي وڃڻ گهرجي. سهڻن نظارن ڏسڻ سان سڪون ۽ صحت سان گڏ علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڊان اخبار ۾ لکيل هو ”جي اوهان ايوريسٽ کي فتح ڪرڻ چاهيون ٿا ته آرام (ريسٽ) نه ڪريو.)

If you want to conquer the Everest, Never rest.

چوٽين تي چڙهڻ بلندين طرف وڌڻ جو حوصلو ۽ همت ملي ٿي. اڳتي ۽ مٿي وڌڻ جو جذبو پروان چڙهي ٿو. انگريزي ۾ چوڻي آهي ”بلندي سدائين خالي رهندي آهي.“

Top is always vacant.

طارق حسين خشڪ

پُراسرار خواب

جديد جِن ۽ ٻهراڙيءَ جا ٻار

 

”اڙي ماهوٽا! هو ڏس هن جهنگ ۾ هڪ ماڻهو پينٽ شرٽ ۽ ٽائي ڪوٽ پايو ڪيڏي نه سڪون سان ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي ننڊ ڪري رهيو آهي.... ۽ سندس آڏو ٽيبل تي ته کائڻ جون الائي جي ڪهڙيون ڪهڙيون شيون پيون اٿس، مون ته زندگي ۾ کائڻ جون اهڙيون شيون نه ڏٺيون آهن.....!“ ڦوٽي، ماهوٽي جو ڌيان هڪ طرف ڇڪائيندي چيو، ”او.... واقعي! پر اهو ماڻهو آهي ڪير...!؟ شڪل ۽ صورت مان ته ڏتڙيل انگريز پيو لڳي....!؟

ماهوٽي به ان ماڻهو کي ڏسي حيراني مان چيو، ”اڙي يار! ضروري ناهي، ته ڪو اهو ماڻهو انگريز ئي هجي، پر اڄ ڪلهه اسان جا سنڌي ويچارا به انگريزن وارو فيشن ڪيو، اهڙي طرح وتن گهمندا، جو ڄڻ انگريز خود فيشن ئي هنن کان سکيا هئا.... ممڪن آهي، ويچارو هي به انهن سنڌين مان هجي...!“ ڦوٽي، ماهوٽي جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو، ”نه ، نه..... ڦوٽا....!“

ڪجهه به ٿي پوي.... هي همراهه هرگز سنڌي نه ٿو ٿي سگهي، ڇو ته سنڌي ويچارن جي نصيب ۾ وري اهڙا کاڌا ڪٿي....!؟“ ماهوٽي پراعتماد لهجي ۾ ڦوٽي کي جواب ڏنو. ”يار ڪير به هجي، ان ۾ اسان جو ڇا....؟ اچ ته پاڻ هلون!“

ڦوٽي، ماهوٽي کي ٻانهن مان ڇڪيندي چيو، ”نه نه يار....! هلون وري ڪيئن .....؟“ ڏسين نه پيو ته کاڌن مان ڪيڏي نه خوشبوءِ پئي اچي، انهن کي ڇڏي ٿورو هلبو. وڏي ڳالهه ته اهو همراهه به ننڊ پيو آي....! هن جهڙو موقعو زندگي ۾ وري ڪونه ملندو، ان ڪري ان موقعي مان ڀرپور فائدو وٺجي....!“ ماهوٽي، ڦوٽي کي روڪيندي چيو، ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي کي روڪيندي چيو، ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي کي گهوري ڏسڻ کان پوءِ، پير، پير ۾ ڏئي، ان ٽيبل جي بلڪل ويجهو پهتا، جيڪا طرحين طرحين جي طعامن سان سينگاريل هئي. هنن پهريان ڪرسي تي ٽيڪيل همراهه کي چڱي ريت ڏٺو، ته کين يقين ٿي ويو ته، هي همراهه واقعي ننڊ ۾ آهي، جنهن کانپوءِ  هنن ٻنهي هٿن سان کاڌي واري ٽيبل تي حملو ڪري ڏنو! جيئن سڀ طعام ڏاڍا لذيذ ۽ مزيدار هئا، ان ڪري هو ويا کائيندا..... ڪافي دير کان پوءِ ڦوٽي، ماهوٽي کي چيو، ”يار! هاڻ صفا ڍوءُ ٿي ويو آهي، اصل پيٽ پيو ڦاٽي.... هاڻ هتان جلدي نڪرڻ کپي...!“ ”اڙي ڦوٽا.....!“ ڪهڙيون پيو بيوقوفن واريون ڳالهيون ڪرين..... اهڙا موقعا ڀاڳ وارن کي ئي ملندا آهن.... ان ڪري کاءُ.... وري وري کاءُ.... آرس..... اورس ڀڃي وري، ٻلهه ڏينس، پيٽ ڦاٽي ته ڦاٽي.... باقي هن کاڌن کي بلڪل ناهي ڇڏڻو....!“ ماهوٽي، هڪ ٺاهوڪي گرهه کي ڳيت ڏئي، ٻئي گرهه کي وات ۾ وجهندي چيو. جنهن تي ڦوٽي ٻيهر تازو دم ٿي کاڌو ڳڙڪائڻ لڳو، جنهن کان ڪجهه دير ئي پوءِ ٽيبل جو بلڪل صفايو ڪري ڇڏيائون ۽ پوءِ هي، ٻئي اتان فرار ٿيڻ ئي وارا هئا، جو هنن جي ڪنن تي آواز پيو. ”خبردار! ٻارو بيهي رهو..... آئون توهان کي ڪچو کائي ڇڏيندس..!“ هنن آواز طرف نظرون ڊوڙايون ته کين ڪرسي تي ويٺل ماڻهو، هاڻ بيٺل نظر آيو ۽ انتهائي ڪاوڙ ۾ کين گهوري رهيو هو. جنهن تي، هي ٻئي هڪا ٻڪا رهجي ويا، جسم ڏڪڻ لڳن، اکيون ڀرجي آين، آخر ڦوٽي روئڻهارڪي انداز ۾ کيس چيو، ”پر.... اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي..... سائين .....!“ اڙي توهان منهنجي سڄي کاڌي جي ٽيبل خالي ڪري ڇڏي آهي، اڃا به پڇو ٿا، ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي....؟ اجهو ٿو، اوهان کي ڪچو کائي پيٽ ڀريان....!“

ان همراهه، اڃا به کين ڪاوڙ ۾ جواب ڏئي، سندن ڏانهن وڌڻ لڳو، ”اڙي يار ڦوٽا! مون ٻڌو هو ته انگريز به اسان جيان ماني تي گذران ڪندا آهن، پر هي انگريز صاحب ته اسان کي جيئرو کايو پيو وڃي....!“ ماهوٽي حيرت مان ڦوٽي کي چيو.

شايد، ماهوٽي جو اهو جملو، ان ماڻهو به ٻڌي ورتو هو، ان ڪري سندس وڌندڙ قدم هڪدم رڪجي ويا ۽ پنهنجي هُليي کي سنواريندي چيائين، ”اڙي انگريز هوندي تون.... آئون ته جن آهيان...!“

”جه ..... جه..... جِن ...... جِن......“ ڦوٽي ۽ ماهوٽي، انتهائي تعجب ۾ کيس گهوريندي چيو. ”ها.... آئون جن آهيان، جن ....!“ ان ماڻهوءَ کين يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. ”پر...... پر جن ته سوٽ بوٽ (پينٽ شرٽ) انگريزن وارو ٽوپلو ۽ ٽائي ڪوٽ ڪونه پهريندا آهن.....!“ ماهوٽي حيرت ۾ کيس چيو،“ ۽ ها .... جن، جڏهن به ڪنهن سان ڳالهائيندا آهن ته پنهنجي مخصوص انداز ۾ وڏي واڪي هوُ..... ها..... ها.... ڪندا آهن....!“

هن ڀيري ڦوٽي ڳالهايو، جنهن تي ان ماڻهو جلدي ورايو. ”اڙي بيوقوف! آئون ڪو عام، جن ٿورو ئي آهيان، جو قديم جنن وارا انداز ۽ لباس پهريان.... پر آئون ته هن دور جو جديد جن آهيان، جنهن جي ڪري پينٽ، شرٽ، ٽوپلو ۽ ٽائي ڪوٽ وغيره پاتو اٿم، ڇو ته اهو ماڊرن (جديد) فيشن آهي، باقي رهي ڳالهه زور سان هوُ .... هوُ..... ها...... ها..... ڪرڻ جي ته، آئون هر هڪ ڪم ڊسيپلين سان ڪندو آهيان ته جيئن ڪنهن کي تڪليف يا پريشاني نه ٿئي......!“

”جنهن جي ڪري، آئون ڄٽ جنن وانگر هوُ ..... ها.... هرگز نه ڪندو آهيان....!“ سمجهيو هاڻ جلدي تيار ٿيو، آئون توهان کي کائيندس، ڏاڍي بک لڳي آهي!“ چاچا اسان کي خبر آهي ته توهان جن نه آهيو، خوامخواه، اسان کي ڊيڄاريو پيا....!“

هن ڀيري ماهوٽي ڪجهه اطمينان سان چيو، جنهن تي ان ماڻهو (جن) کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس ڪاوڙ ۾ چيائين، ”اڙي نڀاڳا.....!“ ڀليو آهين.....؟ آئون تنهنجو چاچا نه، پر جِن آهيان، سو به جديد جن...... پر توهان ٻنهي کي شايد ائين يقين ڪونه ايندو، انڪري پهريان، آئون توهان کي پنهنجي جن هجڻ جو ثبوت ڏئي، پوءِ مزي سان کائيندس...!“ ائين چئي، اهو ماڻهو سندن نظرن کان اوجهل ٿي ويو، جنهن تي هو وائڙا ٿي ويا ۽ کيس ڳولهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائون، پر بي سود....! ”هوڏانهن ڇا ٿا ڏسو؟ آئون توهان جي پويان بيٺو آهيان، ٻارؤ....!“ ڪجهه گهڙين کانپوءِ، اوچتو هنن جي ڪنن تي آواز پيو. هنن پوئتي مڙي ڏٺو ته کين ساڳيو ئي ماڻهو نظر آيو، پر وري سندن نظرن کان غائب ٿي ويو، اهڙي طرح ڪافي دير تائين اهو ماڻهو سندن نظرن اڳيان غائب ۽ ظاهر ٿيندو رهيو، جنهن کان پوءِ ساڳيو ماڻهو پهريان وانگي سندن اڳيان بيهي چوڻ لڳن، ”اڙي چرٻٽ راجا، جا ڀائرو، هاڻ ته اوهان کي يقين ٿي ويو ته آئون جن آهيان، سو به جديد جن....!“ جي .... ها اسان کي هاڻ يقين ٿي ويو ته اوهان واقعي جن آهيو....؟“

ماهوٽي ڀڄڻ لاءِ ڪو موزون رستو جاچيندي چيو، ”ته پوءِ تار ٿيو، آئون اجهو ٿو اوهان کي ڪچو کائي پيٽ ڀريان....!“ ائين چئي جديد جن هڪ هٿ ماهوٽيءَ ۾ ۽ ٻيو هٿ ڦوٽي جي ڪنڌ ۾ وڌو.“ جنهن تي ڦوٽي ٻرڙاٽ ڪندي چيو، ”جن صاحب! خدارا، مون تي رحم ڪريو، ڇو ته مون توهان جي ماني تمام گهٽ کاڌي آهي، باقي هن (ماهوٽي) توهان جي ماني تمام گهڻي کاڌي آهي، ان ڪري ان کي هضم ڪريو....!“ اهو ٻڌي جن ڪرڙين (ٽيڏين) اکين سان ماهوٽي کي ڏٺو، جيڪو سڄو خوف کا نيلو، پيلو ٿي ويو هو، پر پوءِ همت ڪري، جن کي چيائين: ”جن صاحب! مون تي رحم ڪريو، آئون ماءُ پيءُ جو اڪيلو آهيان..... باقي ڦوٽي کي ڏهه ٻارنهن ڀائر اٿئي، ان ڪري ان جي هن دنيا مان ڪڍڻ ڪري اوهان جي پيٽ جي غذا بنجڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو..... باقي جيڪڏهن توهان مون کي کاڌو ته منهنجا ماءُ پيءُ.... منهنجا ماءُ پيءٌ .....!“ ماهوٽو وڌيڪ ڳالهائي ڪونه سگهيو ۽ زور زور سان سڏڪا ڀري روئڻ لڳو.

جنهن تي جن وري پنهنجون اکيون ڦوٽي ڏي ڦيرايون، جنهن تي ڦوٽي به روئيندي چيس، ”جن سائين! اولاد ته سڀ ڪنهن کي پيارو هوندو آهي، اگر توهان مون کي ختم ڪري ڇڏيو ته، منهنجا ماءُ، پيءُ هرگز اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهندا، ۽ ۽.... هوُ.....‘“ ائين چئي ڦوٽي هڪ وڏو، پر بي سرو ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ پنهنجون اکيون به بند ڪري ڇڏيائين، ان کان پهريان ماهوٽي به خوف جي شدت کان اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. ڇو ته هاڻ کين يقين هو ته اسان ڪنهن به لمحي، جن جي پيٽ اندر هونداسين، پر ٻي لمحي هو حيران رهجي ويا، جڏهن هنن پنهنجو ڪنڌ، جن جي گرفت کان بلڪل آزاد محسوس ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي پنهنجون اکيون کوليائون ته هنن جي حيرانگي جي ڪا حد نه رهي، ڇو ته هاڻ جن جي اکين ۾ به ڳوڙها وهي رهيا هئا، جنهن تي هنن کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته جن کي وري ڪهڙو صدمو پهتو، جو روئي پيو، آخر ڦوٽي کان رهيو نه ٿيو ۽ جن کان پڇيائين.

”جن چاچا.....! توهان ڇا لئه پيا روئو....؟“ پر جن کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ روئيندو رهيو. ”جن صاحب!“ ماهوٽي ڳالهايو، ”توهان روئڻ جو سبب ته ٻڌايو، پوءِ سڀئي گڏجي ٿا روئون.....!“

”دراصل .... دراصل توهان جون ڳالهيون ٻڌي مون کي منهنجا ماءُ، پيءُ ياد اچي ويا..... هو منهنجي جدائي ۾ نه ڄاڻ ڪيترو روئيندا هوندا، ڪيترو تڙپندا هوندا.....؟“ جن سسڪيون ڀريندي چيو.

”جن چاچا ....! پوءِ ڇا لئه، توهان پنهنجي والدين کي تڙپايو ۽ روئاريو، جلدي گهر وڃو، دير ٿي ويئي اٿو، هو سامهون ڪجهه پرڀرو پڪو رستو اٿوَ، ان رستي جلدي گهر پهچو، ڇو ته والدين جون دليون پنهنجي اولاد لاءِ ڏاڍيون ڪمزور ٿينديون آهن. هاءِ.... اسان کي به گهران نڪتي پورا ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن، جن جي ڪري اسان جا والدين ڏاڍا پريشان ٿيا هوندا، خاص ڪري مون کي بابا سڄي ڳوٺ ۾ ڳولهي هاڻ بي فڪر ٿيو ستو پيو هوندو....!“ ڦوٽي جن کي چيو، ”۽ ها جن صاحب! منهنجي امڙ ته مون کي مٺائي ۽ ڏونگهي مصري واري پيٽي (صندوق) ۽ ماني رکڻ واري جڳهه تائين ڳولهي ٿڪجي پئي هوندي.....!“ ڦوٽي جي ڳالهه ختم ٿيندي ئي ماهوٽي ڀيلو منهن ڪندي چيو، پر جن کين ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ مسلسل روئيندو رهيو. آخر تنگ ٿي ماهوٽي جن کي چيو، ”توهان ۽ اسان کي روئيندي روئيندي ڪافي دير ٿي ويئي آهي، ان ڪري هاڻ توهان پنهنجو رستو وٺو، ۽ اسان پنهنجو....!“ جنهن جي موٽ ۾ جن انتهائي افسوس وچان چيو، آئون پنهنجي گهر نٿو وڃي سگهان.“

”ڇو ڀلا قرضي آهيو ڇا....!؟“ ماهوٽي، راز واري انداز ۾ کائنس پڇيو، ”نه نه..... اها ڳالهه نه آهي....!“ جن وراڻيو، ”ته پوءِ ڇا، توهان ٻين جنن جي چوري ڪندا آهيو ڇا....؟ جنهن جي ڪري پڪڙجڻ جي خوف کان گهر نه پيا وڃو....!“ هن ڀيري ڦوٽي جن کي چيو، (ڇو ته هاڻ ڦوٽو ۽ ماهوٽو ڪافي پراعتماد ٿي ويا هئا، کين اهو به يقين ٿي ويو هين ته جن ڏاڍو شريف ۽ اصول پسند آهي، اسان هن جو کاڌو ڳڙڪائي ويا هئاسين، جنهن ڪري پهريان ڪجهه ڪاوڙ ۾ هو هاڻ جيئن ته سندس ڪاوڙ لهي ويئي اٿس، ان ڪري اسان کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچائيندو.) ”نه بابا.....! اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي!..... اصل ۾ مون کي عمر ڀر لاءِ پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪيو ويو آهي، ان ڪري آئون پنهنجي ملڪ ۽ گهر ۾ داخل ٿي ئي نه ٿو سگهان.....!“

هن دفعي جن تمام گهڻي بيوسيءَ ۽ ڏک مان چيو، سندس اکين مان ڳوڙها برسات جي پاڻي وانگر ٽمڻ لڳا هئا. ”او.... ته اها ڳالهه آهي.... پر ..... پر اوهان کي پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڇو ڪيو ويو....!؟“ ڦوٽي همدردي خاطر جن کان پڇيو، ”مون کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو....!“ جن چيو، ”جنهن جي ڪري بابا مون کي پڙهائڻ ٿي گهريو، پر اسان جي ملڪ ڪوهه ڪاف ۾ عام جنڙن جي پڙهڻ تي سخت پابندي آهي، باقي اسان جي ملڪ جي بادشاهه ”ڪازپ جن“ سندس ويجهي عزيزن ۽ وزيرن جي ٻارن کي تعليم ڏني ويندي آهي، پر پوءِ به مون کي لڪي پڙهائيندو هو، جنهن جي خبر بادشاهه کي پئجي ويئي، جن ان وقت ئي مون کي فقط ڏهن سالن جي عمر ۾ ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏي، جنهن تي منهنجا والدين ڏاڍو رُنا ۽ پيا هئا. (هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com