سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مارچ 2026ع

باب:

صفحو:5 

علي محمد پلھه (شاهپور چاڪر)

رحم دل غلام

عبدالله بن جعفر طيار  هڪ ڏينھن ڪنھن جھنگ مان وڃي رهيو هو، جتي هڪ غلام ٻڪريون چاري رهيو هو. ايتري ۾ هڪ ڪُتو ڪٿان آيو ۽ غلام جي سامھون ويھي، ان جي مُنھن ۾ نھارڻ لڳو. غلام سمجھي ويو، ته ڪتو بُکايل آهي. هن جي چادر ۾ مانيون ٻَڌل هيون. ان مان هڪ ماني ڪڍي ڪُتي کي ڏنائين. ڪُتو ماني کائي وري به غلام جي مُنھن ڏي نھارڻ لڳو. غلام ٻي ماني ڪڍي، ڪُتي کي ڏني. اها ماني کائي ڪُتو وري به غلام ڏي نھارڻ لڳو. غلام محسوس ڪيو، ته ڪُتو گھڻن ڏينھن کان بُکايل آهي. ان ڪري ٽئين ماني به ڪڍي ڪُتي کي ڏنائين. ڪُتو ماني کائي ويندو رهيو.

عبدالله بن جعفر طيار  چيو، ته اهو حال ڏسي آءٌ غلام ڏي ويس ۽ ان کان پڇيو، ته تو وٽ ڪيتريون مانيون هيون. هن جواب ڏنو، ته ٽي. وري مون پڇيس، ته تون روز ڪيتريون مانيون کائيندو آهين؟ غلام جواب ڏنو، ته آءٌ روزانو ٽي مانيون کائيندو آهيان. مون پڇيس، ته پوءِ اڄ تون ڇا کائيندين؟ هن وراڻيو، ته ڪُتو الائجي ڪٿان کان گھمندو ڦِرندو اچي، هتي پھتو هو، هن علائقي ۾ نئون ٿي ڏٺو ۽ منھنجي دل نه چاهيو، ته هن کي بُکيو رکجي. آءٌ ته شام تائين صبر ڪري سگھان ٿو.

عبدالله بن جعفر طيار  تي، غلام جي ان ڳالھه جو وڏو اثر ٿيو. هن غلام کي ان جي مالڪ کان خريد ڪري، آزاد ڪري ڇڏيائين ۽ اهو جھنگ به خريد ڪري ان غلام جي حوالي ڪري ڇڏيائين.

***

اشرف علي ابڙو

ڳڙهي ياسين/شڪارپور

منڊي واپس ڪري ڇڏيائين!!

 

اڙي تون ڪالھه ڪٿي هئين؟ اڄ به ايترو دير سان آيو آهين. خير ته آهي نه؟ خالد، انور جي اچڻ سان ئي سوالن جي برسات ڪري ڏني.

انور مدھم لھجي ۾ چيو: ها سڀ ٺيڪ آهي، بس طبيعت ڪجھه ٺيڪ ناهي.

انور ۽ خالد گَھِرا دوست هئا. ٻنھي جو تعلق غريب گھراڻي سان هو. انھن گڏجي هڪ دڪان کوليو هو ۽ مھيني جي ڪمائي پاڻ ۾ ورهائي وٺندا هئا. اهڙي طرح ٻنھي جو گذر سفر سٺو پئي ٿيو.

هڪ ڏينھن اوچتو انور ڪائونٽر تي پنھنجو مٿو پڪڙي ويھي رهيو. خالد جڏهن هن ڏانھن ڀڳو، ته انور ٻُڌايو، ته منھنجي مٿي ۾ سُور آهي. خالد کيس شھر جي مشھور ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو. جنھن انور جو مڪمل چيڪ اپ ڪرڻ بعد اهو انڪشاف ڪيو، ته کيس بلڊ ڪينسر (رت جو ڪينسر) آهي. اهو ٻُڌي خالد پريشان ٿي ويو.

ڊاڪٽر چيو: توهان تمام گھڻي دير ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اڳ ۾ چيڪ اپ ڪرائي وٺو ها، ته نوبت هتي نه پھچي ها، تنھن هوندي به اسان کيس علاج ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.

انور مايوس ته تمام گھڻو ٿيو، پر همت ڪري ان بيماري سان وڙهندو رهيو. پر آخرڪار هڪ ڏينھن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انور پنھنجي گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو. هن جي گھر ۾ سندس ماءُ پيءُ، ننڍڙا ٻار ۽ گھر واري هئي. ان موقعي تي خالد، انور جي گھر وارن کي تسلي ڏني ۽ چيو: توهان فڪر نه ڪريو. مان هن ڏکي وقت ۾ توهان سان گڏ آهيان. توهان کي هر مھيني خرچ ملندو رهندو.

خالد ٽن مھينن تائين ته پابنديءَ سان پئسا موڪليا، پر پوءِ هن جي نيت بدلجي وئي ۽ هن انور جي گھر وارن کي پئسا موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا. ڪجھه ڏينھن بعد انور جي گھر وارن کي معلوم ٿيو، ته خالد دڪان وڪڻي ڪنھن ٻئي هنڌ هليو ويو آهي. اهو ٻُڌي انور جي گھر وارن کي تمام گھڻو ڏک ٿيو، پر هو ڇا ٿي ڪري سگھيا.

انور جي گھر واريءَ همت ڪئي. هوءَ پڙهيل لکيل هئي. تنھنڪري هڪ اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳي ۽ گڏوگڏ گھر ۾ ٽيوشن سينٽر به کوليائين. ڪجھه ڏينھن ۾ سندن حالتون بدلجي ويون. هاڻي هنن پنھنجو پراڻو گھر وڪڻي نئون گھر خريد ڪيو. جڏهن هو نئين گھر ۾ شفٽ ٿي رهيا هئا، ته سامان مان هڪ ننڍڙو دٻو نڪتو، جيڪو انور جي زال کي ياد آيو ته ان دٻي ۾ انور پنھنجيون ضروري شيون رکندو هو.

جڏهن هن دٻو کولي ڏٺو، ته ان ۾ ٻين شين سان گڏ هيري جي هڪ منڊي به هئي. انور جي زال کي ياد آيو، ته اها منڊي خالد، انور وٽ امانت طور رکائي هئي ۽ انور پنھنجي زال کي چيو هو، ته اها امانت خالد کي واپس ڪرڻي آهي. هوءَ چاهي ها، ته خالد کان هن جي بي ايمانيءَ جو بدلو وٺي سگھي پئي، پر هن پنھنجي مڙس جو حڪم پورو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. سندس ٻارن به ان خيال جي تائيد ڪئي. هو چاهين پيا، ته خالد جي امانت کيس موٽائي ڏين. ڪجھه ڏينھن بعد انور جي پٽن خالد کي ڳولي لڌو ۽ کيس هيري جي منڊي واپس ڪري ڇڏيائون.

خالد شرمندو هو. هن انور جي بيواهه کان معافي گُھري ۽ چيو: ڀاڄائي! مان توهان سان دوکو ڪيو. پر ان جو مون کي ڪوبه فائدو نه ٿيو. منھنجو دڪان به ختم ٿي ويو ۽ ڪاروبار به. مان پائي پائي لاءِ محتاج ٿي ويس. هاڻي مان قرض جي جبل هيٺان دٻجي ويو آهيان. خدا جي واسطي مون کي معاف ڪري ڇڏيو، ته جيئن مان سڪون سان مري سگھان.

انور جي زال خالد کي نه صرف معاف ڪري ڇڏيو، پر هن جي مدد پڻ ڪئي.

***


 

 عبدالواسع ٻگھيو

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

ڪوڙڪِي

هڪ ڏينھن جي ڳالھه آهي، ته اسان جي هڪ پاڙيسريءَ مون کي چيو، ته منھنجي گھر ۾ هڪ ڪوئو اچي ويو آهي، توهان مون کي ٽن ڏينھن جي لاءِ ڪوڙڪي ڏيو ته  توهان جي وڏي مھرباني ٿيندي.

مون چيومانس ان جي خبر بابا کي آهي. بابا شام جو ايندو توهان به شام جو اچي ان کان وٺجو.

شام ٿي ته بابا به اچي ويو. مون بابا کي سڄي ڳالھه ٻُڌائي، ايتري ۾ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. بابا چيو ڏس ٻاهر ڪير آهي؟ مون چيو، ته اهو ساڳيو ماڻھو هوندو! آءٌ در تي ٻاهر ويس، ته ڏٺم ته اهو ساڳيو ماڻھو بيٺو هو. ان چيو ته اسان جي گھر ۾ ڪوئو اچي ويو آهي. مھرباني ڪري مون کي ڪوڙڪي ڏيو آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري واپس ڪري ويندس.

پوءِ هو ڪوڙڪي کڻي هليو ويو.ٽن ڏينھن کان پوءِ هن اسان کي ڪوڙڪي واپس ڪئي ۽ مھرباني چئي واپس ويو.

سبق:

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته هميشه هڪ ٻئي جي ڪم اچجي، پاڙيسرين جي مدد ڪجي ان سان ربّ به راضي ٿيندو ۽ بندو به راضي رهندو.


 

سرمد عباسي خانواهڻ                (قسط: پندرهين)

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

آڪاش گاڏيءَ کي سڃاڻي ورتو. اھا فھيم جي کاتي جي گاڏي ھئي. گاڏي سڌي آڪاش وٽ اچي بيٺي. آڪاشَ، شينھن جبل واري پاسي کان ھيڏانھن ئي اچي پيو. فھيم،گاڏيءَ مان لھندي چيو.

توھان سڀ ڪيئن آھيو. بچاءُ ٿيو؟ آڪاش فھيم جي ڪلھي تي ھٿ رکي دٻائيندي پڇيو. ڪجھه ساٿي ڦٽجي پيا آھن. چاچا رميش کين اسپتال وٺي ويو آھي. فھيم وراڻيو.

ھيءُ ته فواد آھي. شڪاري. آڪاش، فواد ۽ شعيب ڏانھن چِتائي نھاريندي چيو. ھا ھي ٻئي شڪاري آھن. شينھن ھنن جي ڪري ئي اسان جي گاڏيءَ تي حملو ڪيو ھو. ھي، شينھن کي جَھٽڻَ ۾ اسان جي واھر ڪندا. فھيم ٻڌايو. فھيمَ، شينھن کي مان، سپي ۽ سارنگ ئي سنڀاري سگھون ٿا. توھان ٽئي ھتي ئي ترسجو ته جيئن شينھن ڪنھن عام ماڻھوءَ کي ھاڃو (نقصان) نه رسائي سگھي. آڪاش، تڪڙ ۾ چيو.

سارنگ ڪير؟ فھيم اچرج مان پڇيو. سارنگ ھرڻ آھي؟ آڪاش وراڻيو. ڪٿي آھي ھرڻُ؟ فھيم ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريندي پڇيو. اجھو. ڇوڪريءَ جي پويان لڪيو بيٺو آھي.  شعيب، سپيءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو.

اڙي... ھرڻَ جو ٻچو. ڇا شينھن ھن جي ڪري ھتي آيو آھي؟ فھيم، سارنگ ڏانھن وڌندي چيو. ھا سائين. اسان پاڻَ شينھن کي ھنَ جي ڪڍَ ڊُڪندي ڏٺو ھو. اھا ڇوڪري به هئي.“  فواد به چيو.

ھڪ منٽ ترسُ فھيم. مان، پوءِ سڀ ڪجھه تو کي ٻڌائيندس. في الحال تڪڙ نه ڪر. آڪاش، فھيم جي ٻانھن پڪڙي کيس بيھاريندي چيو.

چاچي رميش چيو، ته توھان کي سڀ ڪجھه آڪاش ٻڌائيندو. ھتي وري تون ڪجھه ٻُڌائين نه پيو. آخر ڳالھه ڪھڙي آھي؟ فھيم منجھيل انداز ۾ سارنگ ڏانھن ڏسندي پڇيو.

فھيم چيومانءِ ته تڪڙ نه ڪر. توھان ٽئي ھتي ئي لِڪي شينھن تي اک رکو. شينھن سپيءَ جي گھر ۾ گھڙڻَ جي ڪوشش ڪندو. کيس روڪجو نه. جي توھان ان کي روڪيو ته ھُو وڏو نقصان ڪري ڇڏيندو ۽ ھا، جي بجليءَ کاتي وارا ٽرانسفارمر ٺاھڻ اچن ته انھن کي ٽرانسفارمر ٺاھڻ نه ڏجو. آڪاش جي ڳالھه ٻڌي فھيم کيس ايئن تَڪڻَ لڳو ڄڻ ته آڪاش ڪو چريو ھجي.

شينھن کي نه روڪيان. بجليءَ وارن کي روڪيان. ڳالھه سمجھه ۾ ڪو نه ٿي اچي آڪاش. فھيم چيو. سمجھائڻ جو وقت به ناھي فھيم. اسان ھلون ٿا. تو کي جيئن چيو اٿم، تيئن ئي ڪجانءِ. آڪاش چيو. فھيم ڪجھه ڳالھائڻَ لاءِ وات کوليو، پر ھڪ ڊگھو ساھه کڻي ماٺ ڪري ڇڏيائين ۽ بي وسيءَ وچان آڪاش کي ڏسڻَ لڳو.

فھيم ياد رکجانءِ ته جي ٽرانسفارمر ٺھي ويو ته سڄو ڪم ڊَھي پوندو. آڪاش چيو ۽ سپيءَ سان گڏ وڻَ ڏانھن وڌي ويو. فھيم ڪجھه گھڙيون ته آڪاش ڏانھن ڏسندو رھيو پوءِ فواد ۽ شعيب ڏانھن مُڙي کين سندن لڪڻَ جي جاءِ ڏَسِڻَ لڳو. جڏھن ته آڪاش وڻَ وٽ اچي بيھي رھيو. اھو زيتون جو وڻُ ھو.آڪاش ڪجھه دير تائين وڻَ، ڇتِ ۽ دريءَ کي جانچيندو رھيو، پوءِ چپَ ڀِيڪوڙي، ھيٺ اوڪڙُون ويھي رھيو. سپي منھنجي ڪُلھن تي پيرَ رکي، ھوشياريءَ سان وڻَ تي چڙھي وڃ. آڪاش سپيءَ کي چيو. سپيءَ ھائوڪار ۾ مٿو لوڏيو ۽ سارنگ کي اشارو ڪيو. سارنگ سپيءَ جي پُٺيءَ تي چڙھي ويو. سارنگ کي سنڀاري سپي اڳتي وڌي ۽ پنھنجون ڄنگھون، آڪاش جي ڪُلھن تان ٽپائي، سُڪَ ٿي ويھي رھي. آڪاشَ پنھنجا ھٿ وڻ جي ٿُڙَ تي رکيا ۽ ھوريان ھوريان اُٿي بيھي رھيو. آڪاش جي اُٿي بيھندي ئي سپيءَ به پنھنجا ھٿ وڻَ جي ٿڙَ تي سُڪَ ڪيا ۽ پاڻَ کي ڪِرڻَ کان بچائيندي، آڪاش جي ڪُلھن تي بيھي رھي. وڻَ جون ٽاريون سپيءَ کي مٿي ۾ لڳي رھيون ھيون. سپيءَ ڏاڍي ڌِيانَ سان ھڪ ٽاريءَ کي پڪڙيو ۽ وڻَ جي انَ ڀاڱي تي چڙھي وئي جتان ٻه ڏار ڦُٽل ھئا. اتان ئي ھڪ ڏارُ ، ڇتِ واري دريءَ ڏانھن پئي ويو. سپي تون دريءَ تائين پھچي ويندينءَ؟ ھيٺان آڪاش جو آواز آيو.

ھا ادا. اوھان به اچو. سپيءَ ورندي ڏني. وڻَ تي چڙھڻ آڪاش لاءِ ڏکيو ڪم نه ھو. ھنَ مٿي بُلُ ڏيندي ھڪ ٽاريءَ کي پڪڙيو ۽ لوڏو ڏئي ھڪ ڏار کي، پنھنجون ٻئي ڄنگھون ويڙھي ڇڏيون. ڪجھه گھڙيون ايئن ئي لڙڪڻَ کان پوءِ ھُو چئني ھٿن پيرن سان اڳتي سُرڻَ لڳو. ٿڙ جي مٿاھين ڀاڱي وٽ نڪرندڙ ٻن ڏارن وٽ پھچي ھن ھڪ ٻئي ڏارَ ۾ ھٿ وڌو ۽ ھيٺين ڏارَ تان ڄنگھه ورائي ھُو، ان ڏارَ تي اُڀو ٿيندي ويھي رھيو. پنھنجي پوليس سِکيا وارن ڏينھن ۾ ھنَ ڪيترا ئي ڀيرا ايئن ڪيو ھو. سو کيس ڪا به ڏکيائي ڪو نه ٿِي ھئي. ھاڻي اڳتي وڌڻ صفا سولو ھو. سپي، دريءَ ڏانھن ويندي ڏکيائي ته ڪو نه ٿيندئي. آڪاش ڏارَ تي اُٿي بيھندي پڇيو. نه ادا. ھاڻي ڪا به ڏکيائي ڪونھي. سپيءَ وراڻيو. سپي ڏارَ تي ڄنگھون لڙڪائي ويٺي ھئي ۽ ڪنھن پِتڪڙي ٻار جيان ھٿن جي مدد سان اڳتي رِڙھي رھي ھئي. انھيءَ مھل ئي اُڀَ تي کنوڻ چمڪي ۽ گجگوڙ جو آواز آيو. آواز ڏاڍو ڀوائتو ھو. سپي.سارنگ، ڊِنل انداز ۾ چيو. ڊڄ نه سارنگ. اسان گھر پھچي وياسين. سپيءَ، سارنگ کي آٿت ڏيندي وراڻيو ۽ منھنجي گھر سِپي؟ سارنگ، معصوميت وچان چيو.

ائين سمجھه ته تنھنجي گھر سارنگ. سپيءَ وراڻيو ۽ ڏار تي اڳتي رِڙھڻَ لڳي. ڪجھه  ئي اڳتي وڌڻَ کان پوءِ، ٽارين جي وِٿيءَ مان دري ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي. دري ڏسي سپيءَ پنھنجا ٻئي گوڏا ڏارَ تي سنڀاري رکيا ۽ بانبڙا پائيندي اڳتي وڌڻ لڳي. دريءَ کي ويجھو ٿي، سپي ٻيھر ساڳي نموني ٿي ڏارَ تي ويٺي ۽ ھڪ ٻانھن اڳتي ڪري پنھنجو ھٿ دريءَ جي چوکٺ تي رکي ڇڏيو. ھٿ رکي ھوءَ وڌيڪ اڳتي سُري ۽ ٻيو ھٿ به چوکٺ تي رکي ڇڏيائين. ھن جي چپن تي مُرڪ اچي وئي. ھاڻي ڪم صفا سولو ھو. چوکٺ تي پنھنجا ٻئي ھٿَ سُڪ ڪري،سپي اڳتي جُھڪي ۽ واري واري سان پنھنجا ٻئي پير ڏارَ تي رکي ڪُٻي ٿي وئي. پوءِ ھن پنھنجو ساڄو پير چوکٺ تي رکيو ۽ پوءِ وري کاٻو پير رکي پھريان دريءَ تي ۽ پوءِ اندر صفحي ۾ لھي آئي.....

(هلندڙ.......)
 

عبدالسميع ابن الھيار ڄام شورو     (قسط: ٽين)

سڙهه

دَنگِي مَنجِهه دَريا، ڪيِن ٻُڏي ڪين اُپِڙي

هُو جي واڍي واڻِئا سي سُونهَڻَ سَڀ سَڙِيا

مُعَلمَ ماڳِ نه اڳِيين، فِرنَگِي منجهِه ڦِريا

مَلاحَ تُنهنجِي مَڪُرِي اَچِي چورَ چَڙهيا

جِتي ڍِينگَ ڍَريا، تِتي تارِي تُنهِنجِي.

 

ھو ٻئي مُرڪندي اٿيا ۽ صديق بابا کيس پنھنجي رھائشي ڪمري ۾ وٺي ويو. جتي ھن ديال جي ڪاٺ مان ٺھيل ھڪ پراڻي الماري کولي ان مان ھڪ ضعيف ڪتاب ڪڍيو.

سنڌيار: ھي ڇا آھي بابا؟ صديق: ھي تنھنجي مدد لاءِ ھڪ ڪتاب آھي. مان سوچان ٿو، ته توکي حڪمت جي باري ۾ پڙھڻ گھرجي. سنڌيار: پر بابا. صديق: جي بابا!! سنڌيار: حڪمت ته ڪافي ڏکي شيءِ آھي. مان ڪڏھن به ان جي باري ۾ ناھي پڙھيو.

صديق: ھي حڪيم جالينوس جي ڪتاب قوت الطبيعه جوسنڌي  ترجمو آھي. سنڌيار: پوءِ ته شايد مان ھُن ٻئي ڪتاب  مان به ھن جي مدد سان ڪجھه پڙھي سگھان.

صديق: بلڪل... ھونئن به شروعات ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناھي. سنڌيار: ھاھاھا..... حرج ته ناھي، پر شروعات ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي.

صديق: پٽ....ڪامياب ماڻھو ڏکئي سُکئي جو بھانو ناھن ڪندا. ھاڻ ھل ته ماني ھلي کائون. سنڌيار: ھا بلڪل ھلو ... مان به منجھند کان چاچا ممتاز ۽ ميرب کي ناھي ڏٺو.

سنڌيار ۽ صديق بابا ٽھڪ ڏيندا ماني جي لاءِ مٿي ويا. شايد اڄوڪي گھمان گھميءَ جي ڪري سنڌيار ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي پيو هو، جنھن سبب ذھني مونجھه به ٿي پيس. ھونئن به انسان اگر ڪافي عرصو ساڳئي مزاج ۾ رھندو آھي، ته جسم ۾ اندروني طور بدلاؤ ايندا آهن. پر اگر صديق بابا جھڙو سمجھدار ماڻھو ساڻ ھجي، ته مونجھاري مان نئين واٽ نڪري ايندي.

نيربان جھاز کي سمنڊ ۾ لٿي ستاويھون ڏينھن ھو. سنڌيار حڪيم جالينوس جي ڪتاب کي ڪافي شوق ۽ دلچسپيءَ سان پئي پڙھيو، جنھن کان پوءِ کيس پنھنجو ورتل ڪتاب به سمجھه ۾ اچڻ لڳو. حڪمت جي ڪم ۾ جيڪو ٻين جي تڪليف ٽارڻ جو ذائقو آھي اھڙي لذت ٻي ڪنھن شيءِ ۾ ناھي. جيئن سنڌيار کي ميرب جي ڀولڙيءَ جو علاج ڪندي وڏي خوشي محسوس ٿي.

ميرب: واھه سنڌيار واھه .... ڪمال ڪري ڇڏيئي. سنڌيار: بس اھو مالڪ سائين جو ڪمال آهي. پر تنھنجي ڀولڙي اڃان ڪجھه ڏينھن چپ چاپ ھوندي، پوءِ ساڳيو راند روند ۽ چرچا ڪندي وتندي.

ميرب: يار.... مون کي پاڻ ان جي شرارتن جي ٻاڙ لڳي آھي. ايتري ۾ جھاز جي اڳياڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اچي ٽڪرائي ۽ ھڪ ٻئي پٺيان گولن جي بارش ٿيڻ لڳي. ميرب سنڌيار کي ڪلھن کان ھٿ ڏيندي ويھاريو ۽ رڙ ڪئي. سامونڊي ڌاڙيل جھاز تي حملو ٿيو آھي. ميرب جي ھڪل تي جھازي به چُست ٿي ويا ۽ وڏو گھنڊ وڄڻ لڳو. جنھن جو مطلب ھو جھاز خطري ۾ آهي. سامونڊي ڌاڙيل يا قزاق بغير ڪنھن اطلاع جي جھاز تي حملو ڪندا آھن، پوءِ لٽيل مال ۽ جھازين کي پنھنجي ملڪيت سمجھي کڻي ويندا آهن.

سيٺ ممتاز: نوجوانو.... ڌاڙيلن جو جھاز اڃا پري آھي. جوابي حملي جي تياري ڪيو. ميرب به ڪپتان وارا ساڳيا لفظ دھرايا. هوا ۾ خطرناڪ شور، توپن جا ڌماڪا، ۽ قزاقن جي للڪار سان جھاز جو سڪون ٽٽي پيو. قزاق جھاز تي چڙهي پيا، ھر طرف ڊپ ۽ گوڙ گھمسان، ڪاڪ جا آواز ۽ تلوارن جي چمڪ هئي. سنڌيارفوراً پنھنجا ڪتاب چمڙي جي ٿيلھي ۾ وجھي، سيني سان لڳائي ڇڏيا. قزاقن جي بي رحميءَ ۾ هرڪو پنھنجي وس سان جدوجھد ڪري رهيو هو. ميرب، ممتاز، ۽ صديق بابا سڀ سنڌيار جي نظرن کان غائب ٿي ويا.  سڀني جي ذھن تي خوف ۽ حراس جو پردو ڇانيل هو. قزاق، جھازين کي قيد ڪري، خشڪيءَ تي وٺي ويا. مشھور آھي ته قزاق ماڻھن کي يرغمال بڻائي ھڪ پاسي سندن پئسو پائي ڦريندا ھئا ته ٻئي پاسي کين غلام بڻائي ٿوري گھڻي قيمت ۾ وڪرو ڪري ڇڏيندا هئا. سنڌيار انھن سامونڊي ڌاڙيلن جي ٽوليءَ مان پنھنجي حرفت سان ڪنھن ريت ڀڄي نڪتو،  پر خوف ۽ حراس ۾ ھو بدحواس ٿيل مسلسل لڪندو ڀڄندو رھيو. تان جو ڪنھن ڳوٺ کان ٻاهر پاسي ھڪ اڪيلي گھر جو دروازو کليل ڏسي گھڙي پيو ۽ سڌو اڱڻ جي آڳر ۾ وڃي بيٺو. نما شام جي وقت ھڪ اوپري نينگر کي ڏسي گھر ۾ موجود چُلھي تي ويٺل اڌڙوٽ عمر جي عورت سنڌيار کان عربيءَ ۾ پڇڻ لڳي، م اسمڪ يا بُني (تنھنجو نالو ڇا آهي پٽڙا...؟) پر سنڌيار پنھنجي حيرانيءَ ۾ خاموش بت بڻيو بيٺو رھيو ۽ عورت ٻيھر پڇي ٿي،من اين انت“  (تون ڪٿان کان آيو آھين.) وري ٻيھر ھوءَ پڇي ٿيما اسمڪ (تنھنجو نالو ڇا آھي؟) پر سنڌيار ڪجھه به ڪڇي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر ئي نه ھئي، ته ھوءَ ڇا پئي چوي. اگر سنڌيار کي ڪا خبر ھئي، ته صرف ايتري ته ھو پنھنجن کان وڇڙي ويو آھي ۽ ھاڻ خبر ناھي ڪٿي اچي پھتو آھي. ڪھڙي خبر ته قسمت ساڻس ڇا ڪرڻ واري آھي؟

سنڌيار ڏاڍو ڏکارو ۽ روئڻھارڪو بيٺو ھو، پنجيتاليھه سالن جي اھا مھربان عورت چُلھه جو ڪم ڇڏي، اچي کيس دلاسو ڏيڻ لڳي ۽ سندس ڳوڙها اُگھي عربي ۾ کيس چوڻ لڳي،لا تبڪ يا بُني، ان ابڪڪ القدر اليوم، فسوف يضحڪ غداً ان شاءَ الله ( رو نه منھنجا ٻچڙا توکي اگر قسمت روئاريو آھي، ته ضرور تون ھڪ ڏينھن کلندين به.) پرسندس دلسوز ڳالھيون سمجھڻ کان سنڌيار قاصر ھو. ايتري ۾ گھر ۾ چاليھه پنجيتاليھه سالن جو ھڪ مرد داخل ٿيو. جنھن جي ڪلھي تي سامان جي ڳٺڙي رکيل ھئي. ھو ايندي ئي سنڌيار کي ڏسي رڪجي ويو ۽ پڇي ٿو، من ھٰذا؟ (ھيءُ ڪير آھي).....                            (هلندڙ........)
 

چور ڊڄڻو ھوندو آھي ۽ ڊڄڻو عقلمند ھوندو آھي ۽ عقلمند اھو وساري ويھندو آھي ته ٻيا به کانئس عقلمند ٿي سگھن ٿا. جانورن کي ڪجھه به سمجھهه ۾ نه آيو، ڊڊو ۽ لڊو کي ڏکيون ڳالھيون سمجھه ۾ نه اينديون هيون. لڊو چيو بابا ڪڇون ڪوما توھان چور ڪيئن پڪڙيو اھو ٻڌايو. بابا ڪڇون ڪوما چيو، اھو ئي ته ٻڌائي رھيو آھيان، مون ڍڳي جي پڇ کي ھڪ خوشبودار مصالحو ھنيو ھو، مون کي خبر ھئي جانور ھڪ ھڪ ٿي ڍڳي جي پڇ تي ھٿ لڳائيندا. جيڪو چور ھوندو اھو ھٿ نه ھڻندو، ڇو ته مون چئي ڇڏيو هو ته پڇ تي اھڙو منتر پڙھيو ويو آهي، چور جيئن ئي ھٿ لڳائيندو ته سندس ھٿ ۾ ڦلوڪڻا پئجي ويندا. جانور اندر وڃي ڍڳي جي پڇ کي ٽي دفعا آھستي ڇڪيندا ھئا ۽ پوءِ مون وٽ ايندا ھئا ۽ آئون سندس ھٿن جو معائنو ڪري سنگھندو ھئس. لڊو پڇيو، منتر ڪھڙو ھو بابا ڪڇون ڪوما. بابا ڪڇون ڪوما کليو ۽ چيائين منتر وننتر ڪجھه به نه ھوندو آھي لڊو، اھو ته مون صرف ڊرامو ڪيو ھو، جيڪڏھن چور به ڍڳي جي پڇ کي ٽي دفعا ڇڪي ھا، ان کي به ڪجھه نه ٿئي ھا پر چور جي دل ۾ به چور ھوندو آھي. سڀ جانور ھڪٻئي کي حيرانگي مان ڏسڻ لڳا. بابا ڪڇون ڪوما چيو جڏھن لومڙ پنڊال مان آيو ته مون سندس ھٿ سنگھيا. لومڙ جي ھٿن ۾ ڪابه خوشبو نه ھئي. آئون سمجھي ويس، لومڙ چور آھي، مون شينھن کي اشاري سان ٻڌايو ته لومڙ چور آھي. ايتري ۾ ڪوئو سامھون آيو ۽ چيائين، بابا ڪڇون ڪوما منھنجي شاھدي جي ڪابه حيثيت ناھي. بابا ڪڇون ڪوما ڪوئي کي پيار ڪندي چيو، تنھنجي شاھدي جي به حيثيت آھي، تون صفا پتڪڙو ٿي ڪري ايڏي وڏي لومڙ خلاف شاھدي ڏني آھي، تو نتيجن جي پرواھ به نه ڪئي، ان کي بھادري چوندا آهن ۽ تون بھادر آھين.

ڪوئي ڪنڌ ھيٺ ڪندي چيو، اھو ته منھنجو فرض ھو، مون شينھن جو نمڪ کاڌو آهي. بابا ڪڇون ڪوما چيو، سچ ڳالھائڻ بھادري آھي، شينھن وٽ تنھنجي سفارش ڪندس ته توکي تمغہ شجاعت سان نوازيو وڃي. ڪوئي کلندي چيو، بابا ڪڇون ڪوما، تمغي کي آئون ڇا ڪندس، توھان شينھن وٽ منھنجي لاءِ صرف ھڪ سفارش ڪيو. سڀ جانور ڪوئي کي ڏسڻ لڳا. ڪوئي شرمائيندي چيو، شينھن کي چئو ته مونکي جڳ جھڙو ڪري، آئون اڇي ڪوئي سان شادي ڪرڻ ٿو چاھيان، اھا مون کي ڏاڍي وڻندي آهي ۽ اسان ھڪٻئي سان پيار ڪندا آھيون. پر اڇي ڪوئي جو پيءُ وڏو ظالم آھي، ھو اسان جي ھڪ ٿيڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. سڀني جانورن ھڪ آواز ۾ چيو، پر ڇو؟ ڪوئي چيو، ڇو ته آئون ڪارو آھيان ۽ ھو اڇي آھي. لڊو چيو پوءِ تون اڇي ڪوئي سان شادي ڇو ٿو ڪرين. ڪوئي چيو، ان ڪري منھنجا ٻار اڇا ڄمن. ڪوئي جي ڳالھه ٻڌي سڀ جانور کلڻ لڳا، ڪجھه وقت لاءِ سڀني کان لومڙ وسري ويو.

شينھن ۽ شينھڻ ٻيئي ڏاڍا خوش ھئا، شينھڻ ته پڇ ملڻ  ڪري خوش ھئي ۽ شينھن پنھنجي دشمن لومڙ مان ڇوٽڪارو ملڻ ڪري خوش ھو. جھنگ ھڪڙي چور کان پاڪ ٿي ويو ھو. شينھن شينھڻ کي چيو، سھڻي مون ھڪ فيصلو ڪيو آهي. شينھڻ چيو، ڪٿي توھان منھنجو پڇ بئنڪ جي لاڪر ۾ رکڻ جو فيصلو ته نه ڪيو آھي. شينھن چيو، اڙي نه، پڇ ملڻ جي خوشي ۾ جھنگ ۾ ڇو نه فنڪشن جو بندوبست ڪجي، ڪافي ڏينھن ٿي ويا آھن ڪا پارٽي نه ٿي آھي، ڇو نه ميلو مچايو وڃي. شينھڻ شرمائيندي چيو، جيڪا توھان جي مرضي سائين. شينھن پنھنجي ڪابينا سڏائي، ان ۾ اھا تجويز رکي، جنھن کي وڏي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. فيصلو ڪيو ويو ته اڄ رات ئي جشن ڪيو ويندو، جشن سان گڏ طعام به ھوندو ۽ ھر جانور کي سندس پسند جو کاڌو ملندو. جانور حيران ھئا ڇو ته چنڊ جون پويون تاريخون ھيون، اونداهي رات ۾ پارٽي رکڻ ڪھڙي عقلمندي ھئي، ڪٿي شينھن جي ڪا چال ته نه ھئي. انکان پھرين جھنگ ۾ ڪڏھن به رات جو جشن نه ڪيو ويو ھو. رات جو ته صرف بگھڙ پارٽي ڪندا ھئا. ھاٿي ھڪ پاسي ڏکارو ويٺو ھو، گينڊو ھاٿي جي پاسي ۾ اچي ويھي رھيو. ھاٿي نظرون جھڪائي ڇڏيون، گينڊي ڳالھائڻ شروع ڪيو.. جھيڙي کانپوءِ ٻنھي ۾ ڳالھه ٻولھه ختم ٿي وئي هئي.

گينڊي چيو، ادا ھاٿي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شينھن اڄ رات پارٽي جو انتظام ڪيو آھي، ڇا تون پارٽي ۾ ويندين. ھاٿي جون نظرون ھيٺ ھيون، چيائين ھا ويندس. ھاٿي اھو چئي خاموش ٿي ويو، گينڊي پڇيو، ادا ھاٿي تون مونکان اڃان به ناراض آھين. ھاٿي ٻي پاسي منھن ڦيريندي چيو، ناراض ناھيان پر شرمسار آھيان. گينڊي چيو، ھاٿي ڀاءُ تون ڇو شرمسار آھين، شرمسار ته لومڙ کي ٿيڻ گھرجي، چوري ته ھن ڪئي ھئي. ھاٿي خاموش ھو، گينڊي چيو، ھاڻي شرمسار ٿيڻ جو ڪھڙو فائدو، ھاڻي ته سندس روح به بدروح ٿي چڪو ھوندو. ھاٿي کي سمجھه ۾ نه اچي رھيو ھو ته گينڊي کان ڪيئن معافي وٺي. ھمت ڪري گينڊي کي چيائين، يار گينڊا آئون ڏاڍو شرمسار آھيان. گينڊي سوچيندي چيو، شرمسار آھين، ڇو تون لومڙ سان مليل ھئين ڇا. ھاٿي چيو، اڙي نه يار، آئون لومڙ جي ڳالھين ۾ اچي پنھنجو دلبر دوست وڃايو آهي. گينڊي چيو، ادا ھاٿي لومڙ تنھنجو دلبر دوست ھو. ھاٿي مصنوعي ڪاوڙ ڪندي چيو، نه يار تنھنجو عقل به تو وانگر موٽو آھي، آئون ته تنھنجي ڳالھه ڪري رھيو آھيان. گينڊو کليو، آئون ته تو وٽ ويٺو آھيان. ھاٿي به کليو، چيائين تون مونکان ناراض ته ناھين ڀاءُ. گينڊي چيو، ڀاءُ به چوين ٿو ۽ ناراضگي جي ڳالھه به ڪرين ٿو، ڇا ڪڏھن ڀاءُ، ڀاءُ کان ناراض ٿي سگھي ٿو. ھاٿي چيو، انھي ڏينھن جو آئون توسان وڙھيو ھئس. گينڊي چيو، ادا اھو ته تون مون سان مذاق ڪري رھيو ھئين، ھونئن به ادا انھي ۾ تنھنجو ڪھڙو قصور آھي، لومڙ توکي ورغلايو ھو،

 (هلندڙ.....)

سنڌي ٻاراڻي ادب کي نظر لڳي وئي آهي، جو ناميارا اديب شاعر سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ کي ڄڻ ته عيب سمجھن ٿا. ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ پنھنجي شاعري ۽ لکڻين ذريعي جن اديبن ۽ شاعرن مڃتا ماڻي آهي، انھن ٻاراڻي ادب کان ئي لکڻ جي شروعات ڪئي ھئي. پر اڄ اھي ليکڪ ٻارن ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ ڇھين مھيني به ھڪ لکڻي لکڻ لاءِ تيار ناھن. پر جس هجي بيخود بلوچ جھڙن ناميارن ليکڪن کي جيڪي، سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مسلسل لکِي رھيا آھن. بيخود بلوچ گُل ڦُل سميت ھر سنڌي ٻاراڻي ادب جي شايع ٿيندڙ رسالي ۾ پنھنجون لکڻيون شايع ڪرايون آھن. بيخود بلوچ جا ٻاراڻي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ٻوليون لوليون ٻارن جون ۽ جاڳو ٻارو ڳچ عرصو اڳ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان ڇپجي چڪا آهن.

2025ع جي ڊسمبر جي آخري تاريخن ۾ سونھن پبليڪيشن پريالوءِ پاران بيخود جو ٽيون مجموعو اڳتي وڌو 2026ع جي نئين سال جي ڄڻ، ته سوکڙيءَ طور ڇپجي سنڌي ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪن جي ھٿن ۾ آيو آھي.

اڳتي وڌو ڪتاب ۾ سنڌي ٻاراڻا نظم مختلف گھاڙيٽن ۾ عنوان سان پڙھي سگھجن ٿا. ھن ڪتاب جو مھاڳ نامياري محقق، شاعر اختر درگاهي لکيو آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل ڊاڪٽر ادل سومري جو لکيل آهي. چوھٺ صفحن جي هن ڪتاب جو ٽائيٽل رنگين ۽ مقصد وارو آھي. جيڪو اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏئي رهيو آهي.

ٻاراڻو ادب ڇو ضروري آهي؟ ان جو ھي سادو جواب ئي ڪافي آهي، ته ٻارن لاءِ ٻاراڻو ادب بنياد آهي. جيڪڏهن ٻارن جو بنياد ڪچو ھوندو، ته ٻار اڳتي وڌي نه سگھندو ۽ پڙھڻ لکڻ ۾ ڪمزور ھوندو ۽ انھن جي ذھن ۾ معلومات جو خزانو خالي ھوندو. اوھان گُل ڦُل رسالي جو ئي مثال وٺو. ھن رسالي ۾ شاعري حمّد، نعّت، ڪھاڻين سان گڏ معلوماتي مضمون ۽ ٻيون ڄاڻ واريون لکڻيون ھونديون آھن. جن کي ٻار دلچسپيءَ سان پڙھن ٿا. بيخود بلوچ پنھنجي ھن نئين ڪتاب ۾ نصيحت وارا نظم ته شامل ڪيا آهن. پر نظم مادو، سائنس جو ڪمال، شاھه جو رسالو، صوفي، عابده پروين، اسرار شام ۽  اظھر گيلاني لکي ٻارن کي سنڌي ٻاراڻي ادب جي شخصيتن جي به ڄاڻ ڏني آهي، ته سائنس جي بنيادي ڄاڻ به ڏني آهي. شاعر مقصد واري ۽ معلوماتي شاعري نٿو لکي، ته ان جو لکڻ پنا ڪارا ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به نه آهي. بيخود جي نظمن ۾ اھڙو فڪر سمايل آهي، جنھن سان پڙھندڙ ٻارڙا چَسُ به وٺندا، ته انھن کي فائدو به حاصل ٿيندو.

ھاڻي ٻارڙا سوچيندا ھوندا، ته ڀائو امداد بيخود بلوچ جي شعرن جو سواد ڇو نٿو وٺرائي. ان لاءِ حاضر آهي، بيخود بلوچ جو ھي ٻاراڻو شعر،

مان به پڙھان ھا ميرل وانگر،

بخشل    وانگر   بادل   وانگر،

مون کي پر ھو خانوءَ کاريو،

رُلڻ گُھمڻ  جو  دَڳُ  ڏيکاريو.

ھن نظم ۾ ھڪ اڻ پڙهيل ماڻھو پڇتائي رھيو آھي ۽ پنھنجي ننڍپڻ جي چنڊن يارن کي به ياد ڪري ٿو. ھن کي ھاڻي اھو احساس ٿيو آهي، ته ڪاش! جيڪر مان به پڙھان ھا، ته اڄ پنھنجي عمر جي پڙهيل لکيل ھڪ جيڏن جيان ڪنھن عھدي تي ھجان ھا.

آءٌ اھو واضح ڪندو هلان، ته اسان جا اڪثر شاعر ٻارن لاءِ وڏي بحر  ۾ نظم لکندا آهن ۽ انھن جي رواني ڪٿي نه ڪٿي ٻارن جي پڙھڻيءَ جو مزو وڃائي ويھندي آهي ۽ ٻار اھو نظم ڇڏي ننڍڙي بحر وزن واري شعر کي پسند ڪندو آهي. ٻارؤ بيخود بلوچ جو  ھي سٺي سوچ واري عنوان سان تخليق ڪيل نظم اوھان کي ڪيئن لڳو.

سڀ جي خاطر پيار رکو،

سوچ سٺي ھر بار رکو.

ٻاراڻا نظم ٻارن جي ٻوليءَ ۾ ھجن يعني جيڪا ٻولي ٻار پنھنجي ماءُ جي ھنج ۾  سکندو آهي، ان ٻوليءَ ۾ نظم شعر تخليق ڪجن، ته بھتر ٿيندو. ھونءَ به ٻار جي پھرين درسگاهه ماءُ جي هنج ئي ته آهي.

ياد اچي ٿي مٺڙي ماءُ،

جنھن بن جيون آهي گھاءُ.

پيارا ٻارؤ! جيجل امڙ جي جُدائي ۾ لکيل ۽ غمگين ڪندڙ نظم کان پوءِ اوھان کي ھڪ ٻئي ۽ ٽئين نظم جا شعر ٿو پڙهايان،

پياري پياري سندر پين،

آندي ڀائو انور پين.

پڙھندو آھي سياڻو ٻار،

رُلندو آهي اياڻو ٻار.

پيارا ٻارؤ! وڌيڪ نظم ڪتاب اڳتي وڌو
خريد ڪري ضرور پڙھجو. ڇو ته ھن ڪتاب مان اوھان کي سُھڻا سبق به ملندا، ته اوهان کي ٽھڪ ڏئي کلڻو به پوندو. ڇو ته اوهان جي دل وندرائڻ لاءِ به سائين بيخود خوبصورت نظم ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن.

محترم ايڊيٽرگُل ڦُل السلام عليڪم! اميد آهي، ته اوهان خيريت سان هوندا. گُل ڦُل رسالو ٻارن جي ذهني، اخلاقي ۽ علمي تربيت لاءِ انتھائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي رسالو نه رڳو ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪري ٿو، پر سٺين عادتن، سچائي، محنت ۽ ادب جو سبق به سيکاري ٿو. مان هي خط اوهان جي خدمت ۾ وڏي ادب سان پيش ڪري رهيو آهيان، مھرباني ڪري خط گُل ڦُل رسالي ۾ شايع ڪيا وڃن ته جيئن ٻيا ٻار به ان مان فائدو حاصل ڪري سگھن. اوهان جي محنت ۽ خدمتن کي سلام پيش ڪندي، اوهان جي مثبت جواب جو منتظر رهندس.

محمد بچل (مٽياري)

محترم ايڊيٽر صاحب ۽ گُل ڦُل جي سموري سٿ کي سميع ميراڻي جو سلام قبول پوي، گُل ڦُل جو بيچيني سان انتظار رهندو آهي. نه رڳو مون کي، پر مون سان گڏ ٻين انھن ٻارڙن کي جن کان اسڪول ۾ ٽيسٽ عيوض پاس ٿيڻ جي صورت ۾ هر مھيني گھرايل گُل ڦُل رسالي جون ڪاپيون تقسيم ڪندو آهيان، انعام طور تي. لکڻ جو شوق اٿم جيڪو گُل ڦُل جي پليٽفارم جي صورت ۾ مليو آهي. جتان ٻار جيان لکي پاڻ کي تيار ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ٻاراڻو ادب سرجڻ ڏاڍو ڏکيو پڻ آهي. وري نظم جي صنف ادب ۾ اڃان گھڻي ڏکي آهي. بھرحال ڏکيائيون ئي آسانيون پيدا ڪرڻ جو نانءُ آهي. محترم وڌيڪ ته اوهان جي اتساهه جي ضرورت آهي.

سميع ميراڻي (ڏوڪري)

محترم ايڊيٽر گُل ڦُل اُميد ته خوش هوندا. عرض احوال ته گھڻن ڏينھن کان پوءِ وري گُل ڦُل طرف واپس ٿيو آهيان. هن وقت هيٺيون مواد موڪلي رهيو آهيان. هڪ شاعري، تبصرو ۽ سوانح حضرت شيخ شھاب الدين سھرورديرح جيڪو منھنجو سنڌي ترجمو ڪيل ڪتاب آهي. سيد واجد گيلاني تبصرو لکيو آهي. ان اُميد سان ته اڳ جيان هن دفعي به مواد شامل ڪري عزت بخشيندؤ. مھرباني.

نصير احمد فقير چنا

انچارج لائبريري شھيد خير محمد چنا ڳوٺ محبت رڪ (B.P.O) رڪ فارم گهوٽڪي

اسلام عليڪم  ايڊيٽر گُل ڦُل. ادا رفيق جمالي صاحب اميد ته اوهان ۽ اوھان جي پوري ٽيم خير و عافيت سان ھوندي، مان اوھان جو دل سان شڪرگذار آهيان، جو اوھان منھنجي ناول سڙھ کي گُل ڦُل جھڙي رسالي ۾ شايع ڪيو. مان لطيف لائبريري نھان جي توسل سان گُل ڦُل جو ننڍپڻ کان پڙھندڙ آھيان ۽ ان ئي رسالي ۾ منھنجي لکڻي شايع ٿيڻ وڏي اعزاز جھڙي ڳالھه آھي. ان مھرباني ۽ ھمت افزائي لاءِ ادا رفيق جمالي صاحب مان اوھان جو ٿورائتو رھندس. گُل ڦُل رسالو ھاڻ صرف رسالو نه پر ڪيترين ئي پيڙهين Generations  جي ڪھاڻي بڻجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته سالن کان گُل ڦُل ھردلپسند رسالو رھيو آھي. ايڊيٽر صاحب ۽ سندس  ٽيم ھن رسالي کي ڪھاڻين، مضمون، عام ڄاڻ ۽ انٽرويو توڙي قسط وار سلسلن سان سينگاري اڃان وڌيڪ دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي. الله سائين ادا رفيق جمالي کي ۽ سندس پوري ادبي ٽيم کي ھميشه سلامت رکي ۽ اسان جي رسالي گُل ڦُل کي اڃان وڌيڪ ترقي ڏئي. منھنجي طرفان گُل ڦُل جي ھر پڙھندڙ کي کوڙ سارا سلام.

عبدالسميع الھيار راڄپر

ڳوٺ نهان محرابپور

 

 

لطيفي لات جو نتيجو

فيبروري 2026ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر ڏهر جي داستان پھرئين جو چوڏهون نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

اي جڳ جھان جا مالڪ، تنھنجي قدرت حيران ڪندڙ آهي. تون کَڪَ پَنَ (جيڪي هلڪا آهن، پاڻيءَ ۾ ترڻ کپن) پاڻيءَ جي تري ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿو، پر پهڻن ۽ پٿرن (جيڪي ڳرا آهن ۽ ٻُڏڻ گھرجن) کي پاڻيءَ ۾ (تيز پاڻيءَ ۾ پٿر لُڙهندا ويندا آهن) تارين ٿو. جيڪڏهن تون مون تي پنھنجي نوازش ڪرين ته جيڪر آءٌ گنھگاربه عزت وارو ٿي وڃان.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

احسان جمالي: ڪلاس پنجون، پرائمري اسڪول ڳوٺ بکرجمالي ضلع مٽياري.

*ڪونين زهريٰ: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*احسان جمالي: ڪلاس چوٿون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ پاهڙ خان جمالي.

*مريم جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*عدنان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ.

*فيروز لاکو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان.

*محمد ايان ڀٽي: ڪلاس ٻيو گريٽ پاڪستان چلڊرين اڪيڊمي حيدرآباد.

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد.

*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز.

*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي محمد جمالي.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
احسان جمالي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org