سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مارچ 2026ع

باب:

صفحو:3 

مير مدثر حسين جوڻيجو

ڳوٺ ويھڙ، ضلعو لاڙڪاڻو

ڏاهپ جا ڏس

       ·ڪاوڙ ۾ ڪڏهن به فيصلو نه ڪريو ۽ خوشيءَ ۾ ڪڏهن به واعدو نه ڪريو. (حضرت عليعه)

       ·ڪتاب دنيا جا بھترين دوست آهن.

(وليم شيڪسپيئر)

       ·علم توهان کي طاقت ڏيندو آهي، جڏهن ته ڪتاب ان علم جو ذريعو آهن.

(رابرٽ ڪيواساڪي)

       ·مون کي ڏک ڪوڙ تي نه آهي پر ڪوڙ ڳالھائڻ واري تي آهي، ڇو ته هو ان شيءِ جو سھارو وٺندو آهي، جنھن جا پير ئي نه آهن. ڇو ته ڪوڙ کي پير ناهن هوندا.

(فريڊرڪ نٽشي)

فرضي روزن جو مھينو رمضان المبارڪ آهي. جنھن جي تمام گھڻي فضيلت ۽ مرتبو آهي. حضرت سلمان فارسي  جي روايت آهي، ته هي مھينو وڏي عظمت وارو ۽ برڪت ڀريو آهي. هن بابرڪت مھيني ۾ نفلي نيڪيءَ جو ثواب ٻين مھينن جي فرضن جيترو آهي. هن ۾ هڪ فرض جو ثواب ستر فرضن جي برابر آهي. هن مھيني کي صبر ۽ همدرديءَ جو مھينو به چيو ويندو آهي. ربّ تعاليٰ پنھنجي ڪتاب ۾ روزي جو وڏو ۽ اهم مقصد ائين بيان ڪيو آهي، ته توهان تي روزا انھيءَ ڪري فرض ڪيا ويا آهن، ته جيئن توهان متقي بڻجي سگھو. روزو انسان ۾ تقويٰ  واري صفت پيدا ڪري ٿو. جنھن شخص ۾ اها صفت پيدا ٿي وئي، اهو هميشه ربّ ۽ سندس رسولﷺ جي حڪمن تي هلندو ۽ ڪڏهن به حق جي واٽ کان پري نه ٿيندو. روزو انسان کي پرخلوص محبت جو اصول سيکاري ٿو. جڏهن مسلمان روزو رکي ٿو، ته ربّ کي راضي ڪرڻ خاطر ائين ٿو ڪري ۽ اهو شخص جيڪو ربّ سان محبت ڪري ٿو، انھيءَ حقيقت کان به واقف ٿو ٿئي، ته محبت ڇا آهي؟ روزو انسان تي صبر ۽ بي لوثي جو گھرو رنگ چاڙهي ٿو. انسان جڏهن روزو رکي ٿو، ته ڪجھه شين جي عارضي محرومي کان کيس تڪليف پھچي ٿي، پر هو ان کي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪري ٿو. جنھن سان حقيقي همدرديءَ جو کليو اظھار ٿئي ٿو. روزو انسان کي نظم و ضبط  ۽ صحتمند رهڻ جي مشق ڪرائي ٿو. جڏهن هڪ مسلمان پابنديءَ سان سڄي رمضان شريف ۾ لڳاتار روزا رکي ٿو، ته اهو يقينن نظم و ضبط جي هڪ اعليٰ شڪل ۽ بھترين سليقي جو اظھار ڪري ٿو. روزو انسان ۾ معاشرتي ربط، تعلق، اتحاد، ڀائيچاري ۽ ربّ پاڪ جي قانون آڏو مساوات جو حقيقي روح پيدا ڪري ٿو. اهو روح انھيءَ حقيقت جي فطري پيداوار آهي، ته انسان جڏهن روزو رکي ٿو، ته کيس احساس هوندو آهي، ته هو سڄي مسلم معاشري سان هڪ ئي وقت ۾ هڪ مقصد سان هڪ ئي نتيجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ شامل ٿي رھيو آهي.

روزو خود اعتمادي، انساني وقار ۽ آزادي کي برقرار رکڻ ۽ فتح و ڪامراني، امن عافيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ربّ پاڪ جو حڪم آهي. اهو انسان جي اندر هوشياري ۽ هڪ صحتمند ضمير جي پالنا ڪري ٿو. روزائتو پنھنجو روزو خاموشيءَ سان رکندو آهي. هو روزو ربّ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رکي ٿو ۽ پنھنجي ضمير کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ، ان کان وڌيڪ بھتر طريقو ڪوئي ٿي نه ٿو سگھي.

پيارا ٻارؤ! جيئن ته روزن جو مھينو رمضان المبارڪ چند ڏينھن لاءِ اسان وٽ اچي ٿو. تنھنڪري اسان کي گھرجي، ته ان جو قدر ڪريون، ان جو احترام ڪريون. نيڪي ۽ ڀلائي جي فيضن مان فائدو حاصل ڪري، ربّ تعاليٰ جي رضامندي حاصل ڪريون.

مرزا گُل حسن احسن ڪربلائي

حيدرآباد

رحمدلي

رحمدلي به انسان جي بنيادي اخلاق مان هڪ آهي. هن دنيا ۾ اسين هڪ ٻئي سان ڪنھن عيوض کان سواءِ، جيڪي نيڪي جا ڪم ڪريون ٿا، انھن کي جاچي ڏسبو، ته سڀني ۾ رحم جو جذبو ڪم ڪندي نظر ايندو. جنھن جي دل ۾ رحمدلي جو ذرو نه هوندو، تنھن کان، سواءِ بي رحميءَ جي ٻيو ڪو به نيڪ ڪم نه ٿيندو.

انھيءَ ڪري اسلام جي اخلاقي تعليم ۾ رحمدلي کي خاص درجو مليل آهي. هڪڙي ڀيري رسول اللهﷺ جن حضرت امام حسنعه کي پيار ڪري رھيا هئا، ته ان وقت هڪ شخص جيڪو طبيعت جو سخت کھرو هو، جيڪو رسول اللهﷺ جن جي ڀرسان ويٺو هو. چوڻ لڳو، ته مون کي ڏهه ٻار آهن، پر آءٌ اُنھن مان ڪنھن کي به پيار نه ڪندو آهيان. رسول اللهﷺ ان شخص ڏي ڏسي چوڻ لڳا، ته جيڪو ماڻھو رحم نه ٿو ڪري، اُن تي رحم نٿو ڪيو وڃي.

رحم جو هي خاص قسم يعني ننڍڙن ٻارن تي ترس ڪرڻ، اُمت مُحمّدي جو هڪ حصو آهي. انھيءَ ڪري رسول اللهﷺ جن چوندا هئا، ته جيڪو ماڻھو ننڍن ٻارن تي رحم نٿو ڪري سو اسان مان نه آهي.

اسلام جنھن رحمدلي جي تعليم ڏني آهي، سا رڳو مسلمانن لاءِ نه آهي. بلڪ ان جو گھيرو تمام وسيع آهي  ۽ ان ۾ سڀئي ماڻھو شامل آهن. جيئن ته رسول الله ﷺ جن ڪيترين ئي حديثن ۾ رحمدلي جي تعليم ڏني آهي ۽ چوندا هئا، ته جيڪو شخص ماڻھن تي رحم نٿو ڪري، خدا اُن تي رحم نه ڪندو ۽ هي به چوندا هئا، ته رحم ڪرڻ وارن تي، رحم ڪرڻ وارو (خدا) رحم ڪندو. زمين تي توهان رحم ڪريو، ته آسمان وارو توهان تي رحم ڪندو .

رحمدلي جي هي تعليم نه رڳو ماڻھن لاءِ آهي، پر هن ۾ بي زبان جانور به شامل آهن. رسول اللهﷺ جن چوندا هئا، ته جيڪو ماڻھو جانورن تي رحم ڪندو، خدا قيامت جي ڏينھن اُن تي رحم ڪندو. هن عام رحمدلي جي تعليم رسول اللهﷺ ٻن ننڍڙن جملن ۾ ڏني آهي. هن حديث جو مطلب اهو آهي، ته جيڪو ٻين تي رحم نه ٿو ڪري، اُن تي خدا به رحم نٿو ڪري.

هن ساري دنيا کي رحم ڪرڻ جي تعليم ڏني وئي آهي. جنھن ۾ مسلمان، ڪافر ۽ جانور سڀئي شامل آهن ۽ انھن جي کاڌي پيتي جي سنڀال ڪرڻ، انھن تي هلڪو بار کڻڻ، انھن کي گھڻو نه مارڻ، هي سڀئي رحمدلي ۾ شامل آهن.

مطلب ته هي اها شيءِ آهي، جنھن سان اسين يتيمن جي غمخواري، بيڪسن کي دلاسو، بيمارن کي ڏڍُ، غريبن جي مدد، مظلومن جي طرفداري، ۽ زيردستن جي مدد ڪري سگھون ٿا. نيڪ آهن اهي ماڻھو جي رحم ڪن ٿا، تن تي رحم ڪيو ويندو.

***


 

عاشق حسين ٽاٽڙي پرنسيپال شاهين پبلڪ اسڪول ٽاٽڙي/لاڙڪاڻو

قرآن پاڪ جو ڪرشمو

حضرت مولانا سيّد عطاءُ الله شاهه بخاريرحه الله لوڪ بزرگ هو ۽ انگريز سرڪار جو باغي هو. 1947ع کان اڳ هندستان ۾ رامپور جيل ۾ قيد هو. جيل انتظاميه طرفان اَنُ موڪليو ويو، ته جيل جي قيدين کان اَنُ پيسائِي ڪرائي اٽو ڪرايو وڃي. جيل انتظاميه طرفان سيّد عطاءُ الله شاهه کي چيو ويو، ته تون باغي آهين ان لاءِ تنھنجي سزا اها ئي آهي، ته تون اٽو پيھندين.

پيارا ٻارؤ! اڄ جديد دؤر آهي ۽ سائنس ذريعي اسان کي هر سھولت ميسر آهي. جنھنڪري اسان جي زندگي آسان ٿي وئي آهي. اَنُ پيھڻ جي لاءِ اڄ جديد طريقا آهن، نه ته اُن وقت ۾ اٽي پيھڻ لاءِ جنڊ ۽ هٿ جون چڪيون هونديون هيون. جن کي انسان هٿن سان ڦيرائي ڦيرائي اٽو پيھندو هو. جيڪو نھايت تڪليف وارو ڪم هوندو هو. اڄ ته اٽي پيھڻ جي لاءِ جديد مشينري موجود آهي.

حضرت عطاءُ الله شاهه بخاري فرمائن ٿا، ته جيل انتظاميه جو حڪم ٻُڌي ڪري، مون کي ڏاڍو مزو آيو. مون مٿي تان رومال لاهي هيٺ رکيو ۽ وضو ڪري بسم الله پڙهي، چڪيءَ ۾ انُ وجھي اٽو پيھڻ شروع ڪيو. گڏوگڏ وڏي آواز سان سورت ياسين جي تلاوت به شروع ڪيم. عطاءُ الله شاهه بخاري وڌيڪ فرمائين ٿا، ته جڏهن مون قرآن پاڪ جي هن ڀلاري صورت کي وڏي آواز  ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، ته ان وقت جيل سپريڊنٽ منھنجي ويجھو هو ۽ منھنجو آواز ان تائين آسانيءَ سان پئي پھتو.

ربّ تعاليٰ جي ڪلام جو آواز ٻُڌائين، ته پنھنجي آفيس مان نڪري آيو ۽ منھنجي ويجھو اچي روئڻ شروع ٿي ويو ۽ منھنجي لاءِ جيل جو دروازو کولي ڇڏيائين. چوڻ لڳو ته، بس ڪر! بس ڪر! اگر تو اڃان ٻه آيتون به وڌيڪ پڙهيون ته منھنجو جگر ڦاٽي پوندو. اهو هو هڪ انگريز آفيسر تي قرآن پاڪ ٻُڌڻ جو اثر!

شل ربّ سائين سيّد عطاءُ الله شاهه بخاري جي قبر کي نور سان منور ڪري ۽ اسان مسلمانن کي قرآن پاڪ مان مستفيد ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.

(آمين).

***

ولي الله بروهي

(هالا نوان)

حضرت مُحمّد ﷺ جن جو فرمان مبارڪ

ڪنھن کان در گذر ڪري سگھون ٿا.

 

رسول اللهﷺ جن جو فرمان آهي، ته صدقي ڪڏهن به مال ۾ ڪمي نه ڪئي آهي ۽ معاف ڪرڻ سان الله تعالي ٻانھي کي عزت ۾ وڌائيندو آهي ۽ ڪو شخص الله ڪارڻ عاجزي اختيار ڪندو آهي، ته الله ان جو مقام بلند ڪندو آهي.

(صحيح مسلم 2588)

موجوده دور کي سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جو دور سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته انساني زندگيءَ جو ڪو شعبو اهڙو ناهي، جتي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي پنهنجو اثر نه ڇڏيو هجي. جديد سائنس انسان جي سوچ، زندگيءَ جي انداز ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي طريقن کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي! صحت، تعليم، مواصلات، زراعت، صنعت ۽ خلا جي تحقيق جهڙا شعبا سائنس جي ترقيءَ جا روشن مثال آهن.

طبي ميدان ۾ ترقي: طبي شعبي ۾ سائنس حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي. اهڙيون بيماريون، جيڪي اڳ لاعلاج سمجهيون وينديون هيون، اڄ انهن جو علاج ممڪن ٿي ويو آهي. ايڪسري، الٽراسائونڊ، سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آئي جهڙيون جديد ٽيڪنالوجيون بيمارين جي سڃاڻپ کي وڌيڪ آسان بڻائي چڪيون آهن. ڪينسر، دل جي بيمارين ۽ HIV جهڙين خطرناڪ بيمارين تي قابو پائڻ لاءِ جديد علاج ۽ دوائون تيار ڪيون ويون آهن. COVID-19 جھڙي وبا خلاف ويڪسين جي تياري به سائنس جي وڏي ڪاميابي آهي. جينياتي انجنيئرنگ ۽ CRISPR جهڙي ٽيڪنالوجي مستقبل ۾ انساني صحت لاءِ نيون راهون کولڻ جي اميد رکي ٿي.

تعليمي ميدان ۾ ترقي: تعليم جي شعبي ۾ به سائنس ۽ ٽيڪنالوجي انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. آن لائن ڪلاسن، ورچوئل ليڪچرز، اي-لرننگ ۽ ڊجيٽل لائبريرين تعليم کي هر ڪنهن لاءِ آسان بڻايو آهي. شاگرد هاڻي انٽرنيٽ جي ذريعي دنيا جي بهترين اُستادن کان علم حاصل ڪري سگهن ٿا. ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ ۽ اسمارٽ فون تعليم جو اهم حصو بڻجي چڪا آهن.

مواصلات ۽ معلومات: مواصلات جي ميدان ۾ سائنس حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي. موبائل فون، انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ۽ سيٽلائيٽ سسٽم دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو پل ڀر ۾ هڪ ٻئي سان رابطو ڪري سگهن ٿا. معلومات جي تيزيءَ سان منتقلي علم جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

صنعت ۽ زراعت ۾ ترقي: صنعت ۾ مشينري، روبوٽڪس ۽ مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence)  پيداوار کي تيز ۽ سستو بڻايو آهي. زراعت ۾ جديد اوزار، سائنسي طريقا، بهتر ٻج ۽ آبپاشيءَ جا نظام پيداوار وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن. ڊرون ٽيڪنالوجي ۽ موسمي اڳڪٿي زراعت کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهي آهي.

خلا ۽ سائنسي تحقيق: خلا جي تحقيق سائنس جي هڪ عظيم ڪاميابي آهي. سيٽلائيٽ، خلائي مشن ۽ مريخ تي تحقيق انساني علم ۾ اضافو ڪيو آهي. موسمي اڳڪٿي، نيويگيشن ۽ مواصلات ۾ سيٽلائيٽ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

پيارا ٻارؤ! سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جا منفي اثر: جيتوڻيڪ سائنس انسان لاءِ بي شمار فائدا آندا آهن، پر ان جا ڪجهه منفي اثر به آهن. ايٽمي هٿيار، ماحولياتي آلودگي ۽ مشينن تي وڌندڙ انحصار انساني سماج لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. تنهنڪري سائنس جو استعمال ذميواري ۽ اخلاق سان ڪرڻ ضروري آهي.

نتيجو: آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو، ته موجوده دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي انساني زندگيءَ کي آسان، تيز ترين ۽ بهتر بڻايو آهي. جيڪڏهن سائنس کي صحيح رخ ۾، انسانيت جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته اها انسان جي سڀ کان وڏي خدمت ثابت ٿي سگهي ٿي. سائنس ترقيءَ جو ذريعو آهي، پر ان جو صحيح استعمال ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي.
 

مستقيم محمد علي ڪوريجو

ڪراچي

سهڻا سخن

}سنڌي ادب جا مختصر سوال جواب{

سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟

جواب: 16 ڊسمبر 1917ع ۾ جعفر خان لغاري ضلعي سانگھڙ ۾ ڄائو.

سوال: شيخ اياز چيئر ڪھڙي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل آهي؟

جواب: شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۾.

سوال: ڪھڙو شاعر ست ٻوليون ڄاڻيندو هو؟

جواب : حضرت سچل سرمست رح.

سوال: ڊاڪٽر تنوير عباسي جو اصل نالو ڇا هو؟

جواب: نور نبي عباسي.

سوال: سنڌ جي تاريخ بابت قديم ليکڪ ڪير آهي؟

جواب: ڀيرو مل مھرچند آڏاواڻي.

سوال:  رهجي ويل منظر ناول ڪنھن لکيو؟

جواب: طارق عالم ابڙو.

سوال: موهن جو دڙو ناول ڪنھن لکيو؟

جواب: علي بابا.

سوال: سچل جو فقير نانڪ ذات جو ڪير هو؟

جواب: کوکر.

سوال: پھاڪن جي پيڙهه ڪتاب ڪنھن لکيو؟

جواب: ڀيرو مل مھرچند آڏاواڻي.

***

وقت زندگي جي ڦيٿي ۾ بيرحم ڦيري وانگر ڦري ٿو. هن جي خاص ڳالھه اها آهي ته، هي چاھي ڏک هجي يا سُک، خوشي هجي يا غمي، دوست هجي يا دشمن، ڪنھن لاءِ به بيھي نٿو، ۽ بنا رنڊڪ ۽ رڪاوٽ جي مختلف رستا اورانگھي ۽ پنھنجا پٿريلا پير گسائي وڌي ٿو.

ڪاليج جي ڪتاب جي آخري باب ۾، جتي سڀ دوست اڳتي وڌڻ ۽ روشن مستقبل لاءِ حڪمتي عملي جوڙي، ان تي باقاعدگيءَ سان ڪم ڪري رهيا هئا، ۽ سياري جون موڪلون به مٿان هيون، ان دوران اسان جي سالياني اسٽڊي ٽوئر جو اعلان ٿيو. شروعات ۾ لاڙڪاڻي کي چونڊيو ويو ته جيئن موھن جي دڙي جي تھذيب کي اکين سان ڏٺو وڃي، پر پوءِ پرنسيپال صاحب جن پنھنجي خواھش ظاھر ڪئي ته: ڇو نه ٿر گھميو وڃي.

اڪثر دوستن جي دلي خواهش به اھا هئي ته آخري ٽوئر کي يادگار بڻائڻ لاءِ پري پنڌ ڪجي، ۽ ٿيو به ائين ئي. هن دفعي ٽوئر لاءِ ٿرپارڪر ضلعي کي مناسب سمجھي چونڊيو ويو. ٽوئر کان هڪ ڏينھن اڳ، اُستاد عبدالشڪور طرفان هدايت جاري ڪئي وئي، ته پاڻ کي جلدي نڪرڻو آهي، ته جيئن ٽائيم سان منزل تي رسون ۽ گھڻو گھمي سگھون.

ان رات هڪ ته خوشيءَ ۾ ننڊ اچڻ وسري وئي، پر وري جڏهن اک لڳي، ته وري کُلڻ جو نالو به ڏکيو پئي وٺي. اٽڪل چار وڳي اسين ترت تيار ٿياسين ۽ ناشتو ڪري، گاڏي ۾ وڃي ويٺاسين. گاڏي ڪاليج ۾ بيٺي هئي، اسان هاسٽل کان پنڌ ڪري رات جي اونداهيءَ ۾ ڪاليج وڃي سواريءَ طرف رخ ڪيو. گاڏي ۾ ترتيب ٺاهي وئي، ته پھريان ڪم ڪندڙ عملي، پوءِ شاگردياڻيون، ان کانپوءِ ڏهين ڪلاس وارا، ۽ آخر ۾ ٻارھين ڪلاس جا شاگرد. پر اها حڪمت عملي ناڪام وئي ۽ رستي ۾ سڀڪو پنھنجي من پسند جڳھه والاري وڃي ويٺو. اسان جي سفر جي سواري، صبح جو 5 لڳي ٿرپارڪر طرف رخ ڪيو.

قدرت سنڌ کي جنت جيان جوڙيو آهي، جنھن جي اولھه طرف هڪ خوبصورت جبلن جي قطار، ڏکڻ طرف سامونڊي پٽي ۽ ان جي ڊيلٽا، وچ مان وهندڙ سنڌو درياءَ آباد سرسبز ۽ شاداب زمينون، ڏکڻ-اوڀر ڀاڱي ۾ هڪ عظيم عاليشان ريگستان ٿر، پنھنجي خوبصورتي ۽ انفراديت ڪري سياحن کي پنھنجي پاڻ ڏانھن ڇڪي، مدھوش ڪري رھيو آھي. دلي خواھش ھئي، ته ھڪ ڀيرو ٿر ۽ ان جي هنج ۾ آباد ڪارونجھر کي اکين سان پسجي، سا خواهش پوري ٿيڻ جي ويجھي هئي.

نوشھروفيروز کان ٿرپارڪر ضلعو اٽڪل 348 ڪلوميٽرن جي ڊگھي پنڌ تي آھي. رستي ۾ سفر کي يادگار بڻائڻ لاءِ دوستن گاڏي ۾ ڪلام ھلايا، جن تي سڀئي نچيا، ڪُڏيا ۽ خوشيون ڪيون. ايڏي وڏي ڊگھي سفر جي وچ ۾ تازا توانا ٿيڻ لاءِ ٻه اسٽاپ ڪيا هڪ سڪرنڊ ۽ ٻيو ميرپورخاص ۾. جيئن ته هن ٽوئر جو سڄو انتظام پرنسيپال صاحب پاڻ ڪيو، سو اسان کي ان ٽنڊوالھيار کان جوائن ڪيو. اُستاد شڪور صاحب جن انھن کي لائيو لوڪيشن شيئر ڪئي، جنھن سان اسان کي انھن ۽ انھن کي اسان جي خبر پئي.

ٻن اسٽاپن ۽ پنجن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ، اسان تقريبن ھڪ وڳي ٿرپارڪر ضلعي ۾ داخل ٿياسين. ٿر دراصل سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ٿل جي بگڙيل شڪل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي، ته اهو هنڌ جيڪو ويران، سُڪل ۽ خشڪ هجي. ماضيءَ ۾ جھاتي پائڻ سان خبر پوي ٿي، ته ٿرپارڪر، ٿر سان هڪ ضلعو هو، پر جڏهن انگريزن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ته انھن ٿر کي الڳ ڪري ۽ مٺي کي ملائي ضلعو ٺاھيو. انگريز جڏھن واپس ھليا ويا ته هن علائقي جي ضلعي واري حيثيت ٻيھر بحال ٿي وئي. هي علائقو ڪنھن وقت ۾ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ضلعن جو حصو پڻ رهيو. انتظامي نظام سنڀالڻ لاءِ هي ضلعو ستن تعلقن ۾ ورهايل آهي؛ مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ڏاھلي، ڏيپلو ۽ ڪلوئي.

ٿرپارڪر ضلعي ۾ داخل ٿيڻ سان ئي نئين ڪوٽ وارو قلعو اسان جي آجيان لاءِ ٻانھون کولي بيٺو هو، سو پھريان اهو گھميوسين. قلعي کي گھمڻ لاءِ فيس مقرر آهي، پر قلعي انتظاميه اسان شاگردن کان اها نه ورتي. قلعي کي گھمڻ سان خبر پئي، ته هي قلعو ٽالپر گھراڻي جي حڪمران مير ڪرم علي خان ٽالپر، 1814ع ڌاري، راجستان جي رستي ايندڙ راجپوتن جي حملي کان بچڻ، ۽ ڦرلٽ کان تنگ ٿيڻ ڪري تعمير ڪرايو. هن قلعي جي جوڙجڪ جو ڪم ڪچين ۽ پڪين سرن سان ٿيل هو. هي قلعو 660 فٽ ڊگھو ۽ 600 فٽ ويڪرو ھو. ھن قلعي جي نوعيت دفاعي آھي. قلعي ۾ ھڪ محل جيان بناوت ھئي، جنھن لاءِ قلعو سنڀاليندڙ آچار ڀيل ٻڌائي پيو ته هي مير ڪرم علي خان جي رھائش گاھه هئي. ان جي خاص ڳالھه اها آھي ته اھا رھائش گاھه اهڙي طرز تي ٺھيل هئي جو چاھي اونھارو هجي يا سيارو، اها رھائش ٻاھرين گرمي پد کان اثرانداز نه ٿيندي ۽ گرمي ۾ نھايت ٿڌي رھندي؛ مطلب ته قدرتي طور تي ايئر ڪنڊيشنر ماحول. ان بناوت کي جيڪڏهن فزڪس جي قانون انسوليٽر سان ڀيٽون ته شايد غلط نه آهي. پرنسيپال صاحب سان هڪ همراھ گڏ هو. کيس ڪارو چشمو، ناسي رنگ جي جرسي، ۽ پينٽ شرٽ پاتل هئي. پرنسيپال صاحب ان جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو، ته ميمڻ ذات جو آهي، نالو ياد نٿو بيھي. هي منھنجو دوست آھي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوالھيار ۽ ڊگري ڪاليج ٽنڊوآدم ۾ پرنسيپال جون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. ان ٻڌايو، ته هي علائقو ايرڊ زون (Arid Zone) آهي، يعني پوک جي قابل آهي، پر جيتوڻيڪ هتي گھٽ برسات پوڻ ڪري، پاڻي جي ڪمي سبب پوک نٿي ٿئي.

ھي قلعو سنڀال نه ٿيڻ ڪري پويان پساھ کڻي رهيو آهي، پر ٿورو اڳ ثقافت کاتي وارا ننڊ مان اٿيا آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ هي قلعو، پنھنجي تاريخي جوڀن ماڻي وٺندو. هن تاريخي قلعي جي مطالعي بعد بُک به اچي ڀيڙو ڪيو، جو صبح جي پھرين پھر کان ڪيل ناشتي کان سواءِ ٻيو ڪجھه نه کاڌو هو. پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ برياني سان لنگر ٺپيوسين. هتي اهو ٻڌائڻ لازمي آهي، ته برياني لاءِ گھرڀل سامان اسان پنھنجي پاڻ سان گڏ کڻي آيا ھئاسين ۽ اتي ئي تيار ڪئي سين، جنھنڪري سفر جو مزو، مزي کان مزيدار ٿي ويو ۽ مڙئي وڃي ھان جھل ٿي.

گاڏي نئون ڪوٽ کان مٺي طرف رواني ٿي. رستي ۾ ڏاڍا دلچسپ منظر ڏسڻ وٽان ھئا. ٻنيون ۽ ساوڪ هاڻ ختم ۽ واري شروع ٿي وئي. گھاٽيون نمون، روهيڙي جا وڻ، ڪنڊين جا ڊگھا وڻ، ساوا کٻڙ ۽ ننڍيون ننڍيون ڄارون، ٿوهر ۽ اڪ ڏسڻ وٽان هئا. جيڪي شيون ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين، اهي اڄ اکين سان پيا ڏسون.

مٺي ۾ اسان ٻن نون ماڻھن کي کنيو. ھڪ وڪرم ۽ ٻيو محمد بخش جوڻيجو. مٺي کانپوءِ اسان جي منزل ٿرڪول پاور پلانٽ ھئي، جيڪو آخري ڪنڊ اسلام ڪوٽ ۾ واقع آھي. ھي منصوبو پاڪ آرمي جي سرپرستيءَ ھيٺ ھلي رھيو آھي. مٺي کان اسلام ڪوٽ پھچندي ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم لڳو. ٿرڪول پاور پلانٽ پھتاسين. آرمي وارن پڇا ڳاڇا ڪئي، ته ڪير آهيو؟ ڪٿان کان آهيو؟ ۽ آخر ۾ انھن اجازت نه ڏني. منع ڪرڻ جو ڪارڻ نه ٻڌائن، پر جيڪو آءٌ سمجھان ٿو، ته ٿي سگھي ٿو ته شاگردن جو تعداد گھڻو آهي، يا وري ڪجھه اندروني سيڪيورٽي مسئلا. خير رب بھتر ٿو ڄاڻي.

اسلام ڪوٽ کان پوءِ اسان کي ننگرپارڪر وڃڻو هو. رستي ۾ آءٌ پنھنجي جاءِ ڇڏي، وڃي وڪرم سان حال احوال وٺڻ واسطي ويٺس. حال احوال وٺڻ سان معلوم ٿيو، ته وڪرم پاڻ پرائمري اُستاد آهي ۽ پرنسپال صاحب سان اين جي اوز ۾ ڪافي عرصو ڪم ڪري آيو آهي. ڪچھري ڪرڻ سان ايئن معلوم نه ٿيو جو ڪوئي اوپرو ھجي، پر پھنجائپ محسوس ٿي. ٿري ماڻھن جي اھا ئي خوبصورت ڳالھه آهي، جو اهي ٻين کي پنھنجو ڪري وٺندا آھن. اسلام ڪوٽ ڪراس ڪري، اسان مٺي واري رستي ننگرپارڪر داخل ٿياسين. ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڀوڏيسر نالي ھڪ ڳوٺ آھي. اسان اتي ڀوڏيسر نالي گيسٽ هائوس ۾ رهائش اختيار ڪئي. گيسٽ هائوس پرنسيپال صاحب اڳ ۾ ئي بڪ ڪرايو هو. گيسٽ هائوس اٺن کان نَوَ ڪمرن ۽ هڪ رڌڻي تي مشتمل هو. پنج ڪمرا شاگردن ۽ هڪ شاگردياڻين کي ورهايا ويا ۽ باقي ڪمرا ٻئي عملي کي ڏنا ويا. جنھن ۾ پرنسپال صاحب ۽ ان جا دوست شامل ھئا. گيسٽ ھائوس، نج ٻھراڙيءَ ۾ ھو. پر ان تي مالڪن جو جام خرچ ٿيل ظاھر پئي ٿيو. ٻيو ته ان جي بناوت ۽ مھيا ٿيل سھولتون مورو ۽ نوشھروفيروز جھڙن شھرن کان گھٽ نه هيون. پر اھا به ڳالھه آهي، جو هتي سياحن جو ميلو متل هوندو آهي. جنھنڪري هتان جا مالڪ جام پئسو ڪمائيندا به هوندا. اسان ماني کائي سُمھي رھيا ھئاسين پر اسان جا ڪجھه دوست هيٺ اڱڻ ۾ ايڪو سائونڊ جيڪو سڄو ڏينھن چارج ڪرڻ کانپوءِ به نه پيو هلي، ان کي چارج تي لڳائي ڊانس ڪرڻ لڳا. سُمھڻ سان ئي خبر ناھي، ته ڪنھن مھل اک لڳي وئي.

صبح جلدي اُٿياسين، ڇاڪاڻ ته اسان جو پھريون ڏينھن ته ٺلھو سفر ۾ ئي ھلي ويو ھو ۽ اڄ گھمڻو ھو ۽ واپس نڪرڻو به هو. ناشتو ڪري ڪپڙا مٽايا. پھرين ڏينھن نوشھروفيروز کان پاتل ڊريس ھئي، سو ڪپڙا پھري سڪون محسوس ڪيو.

اُستاد وارن چيو، ته هاڻ اسان چوڙيئي مندر گھمڻ هلنداسين. اسان واپس بس ۾ ويٺاسين.

بس اسان کي ننگرپارڪر شھر ۾ ڦٽو ڪيو. ڇو جو چوڙيئي مندر واري رستي ۾ رڳو واري ئي واري آھي. اتي بس جھڙي ڊگھي سواري نه هلندي آهي. ان رستي کي پار ڪرڻ لاءِ کيکڙا، ريگستاني جھاز يعني اُٺ، لاريون، ۽ چار ڦيٿن واريون (فور ويل) جيپون ڪتب اينديون آهن. پرنسيپال صاحب ان لاءِ به جيپون ڪرائي رکيون هيون. اسان سڀ جيپن تي چڙهياسين. اسان جي جيپ ۾ نو ڄڻا چڙهيا. اڳيان سر آصف (اسان جو وارڊن)، هڪ لائين ۾ ادا شباب، ياسر، احتشام، حفيظ ۽ ٻئي لائين ۾ مان، سرفراز، محمد طلحه ۽ منيب سوار ٿي سفر جي شروعات ڪئي.

اسان جي جيپ جو ڊرائيور قد ۾ سٺو ڊگھو، بت باڊي ۾ ڀريل ۽ چھري مان ھڪ غير مسلم پئي لڳو. پر دراصل ھُو کوسو بلوچ هو. لھجو وچولي سنڌ واري سنڌي کان مختلف ھو. ٿر جي ھن علائقن ۾ مختلف لھجا ۽ مقامي ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن، جھڙوڪ: گجراتي، ڪڇي، مارواڙي، پارڪري ۽ ڍاٽڪي وغيره.

هتان جا ماڻھو انگريزي يا ڊسڪو وارن ڪلامن کي نه ٿا ٻڌن. هتان جا ماڻھو فقط ٻڌن ئي:

لوڙھن منجھان لڙھندي اچي،

تارن مان ترندي اچي،

او دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري ۽ توکي وسارڻ لاءِ جاني، مون کي زمانو اڃان لڳندو. ۽ مارو ديس جھڙا جاندار، شاندار ۽ شاھڪار ڪلام.

(هلندڙ...)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org