|
اعجاز علي شاهه رضوي
’اعجاز‘
حيدرآباد
نظم
ڪندي راند ٻارو علم ٿا پرايو،
وطن جو مٿي مانُ جڳ ۾ وڌايو.
اُٿي اول ربّ کان گھرون دعائون،
ترانا خوشي جا مٺا گيت ڳايو.
رکي ادب اُستاد ۽ ماءُ پيءُ جو،
پڙهي سبق اڳتي اچو وک وڌايو.
سچي ڳالھه سڀ سان سدا صاف ڪريو،
ڪڏهن ڪوڙ ڪنھن کي نه هرگز ٻُڌايو.
ڪُدورت ۽ ڪِينو کي
دل مان ڀُلائي،
’اعجاز‘
محبت جا اچي ميلا مچايو.

نياز حسين
’نياز‘
هيسباڻي (لاڙڪاڻو)
پڙهون پڙهايون
اچو ته ٻارو پڙهون پڙهايون!
پنھنجي ڌرتيءَ کي جرڪايون!
ننڍن مسئلن کي سُلجھايون،
اچو ته ٻارو پڙهون پڙهايون!
ساهه کان وڌ هي شانُ اسان جو،
ملڪ اسان جو مانُ اسان جو،
ڏاڍن کي ناهي ڏانءُ اسان جو،
علم جا زيور بلڪل پايون،
اچو ته ٻارو پڙهون پڙهايون!
جرئت جو جاري بند ڪور ڪريون،
هماليه جبل جيان شعور ڌريون،
محنت سان دل ڀرپور واريون،
عزم و همت جا ٻول ٻُڌايون،
اچو ته ٻارو پڙهون پڙهايون!
سُستيءَ کان ڪريون پرهيز ڏاڍو،
اخوت جو کوڙيون علَمُ آڏو،
جُھڪون ڪين هرگز، اهو ارادو،
توڪل جو ٻُڌي ترهو پايون،
اچو ته ٻارو پڙهون پڙهايون!
امن سان رهون سبق سيکاريون،
قول و فعل جو تضاد نه ساريون،
ڏيئا روشنيءَ جا گھر گھر ٻاريون،
ٻول پُختو هت برسر لاريون،
اچو ته ٻارو پڙهون پڙهايون!
’نياز‘
جا ٻول هي نيارا آهن،
ٻارن ۾ بلڪل پيارا آهن،
گُلڙن ۾ هي راند رچايون،
اچو ته ٻارو پڙهون پڙهايون!
***
ضامن هيسباڻي
لاڙڪاڻو
گُل ڦُل رسالو
سھڻو رسالو گُل ڦُل ٻارو!
جنھن ۾ گيت غزل ٻارو!
حمّد ۽ نعتون هن ۾ آهن،
ٻار ٿا جنھن مان سبق پرائن.
مواد هن جو معياري آهي،
ليکڪن جي محبت جاري آهي.
اداري جي محنت جو ڦَلُ ٻارو،
سُھڻو رسالو گُل ڦُل ٻارو.
ڪھاڻيون ڪيتريون ته سُھڻيون آهن،
پڙهڻ جھڙيون من مھڻيون آهن.
نصيحتون جنھن ۾ افضل ٻارو،
سُھڻو رسالو گُل ڦُل ٻارو.
’ضامن‘
گُل ڦُل تي نظم لکيو،
ٻارن کي خوب پسند پيو.
پڙهڻ سان مقصد ٿيو حاصل ٻارو،
سُھڻو رسالو گُل ڦُل ٻارو.
***
عبدالله آس هنڱورجو
مٺي
غزل
اسڪُول کان ھُو وَريُون آھن،
منھنجُون ٽيئِي پَريُون آھن.
عطِيه عالِيه ۽ عافِيه آس،
پيءُ مَٿان سَي چَريُون آھن.
آفِيس کان گھر اِيندَي وِيندَي،
ڀاڪُر مَنجھه ڀَريُون آھن.
مُنھنجِي دل جي تاج مَحل جُون،
ڌِيئروُن ئِي بَس دَريُون آھن.
اِقرار ساڻُ اُٿندي وَيھندَي،
اکڙيُون اِلاهِي ٺَريُون آھن.
ماکِي کان وڌ مُنھنجون مائرُون،
مِصري جُون ڄڻ ذَريُون آهن.
***

سرمد حسين مھر (شڪارپور)
پوپٽ جهڙا ٻار
پوپٽ جھڙا سُھڻا ٻار،
نيڻن جا سي آهن ٺار.
ڪھڙي تن جي ڪريان ڳالھه،
مٺڙا مٺڙا ماکيءَ لار.
مان به انھن سان دل وندرايان،
سُھڻا تن جا سڀ سينگار.
ساري گھر جي سونھن انھن سان،
آهن تن جا عجب ويچار.
’سرمد‘
آءُ ته تن سان ويھي،
ٻول ٻُڌئون ڪي ٻاتا يار.
***
رانديڪا
هي رانديڪا منھنجا آهن،
مون کي ڏاڍا پيارا آهن.
چاٻيءَ تي ٿو ريل هلايان،
دل پنھنجيءَ کي ٿو بھلايان.
ڪيئن ته سھڻي ريل هلي ٿي،
رستو پنھنجو ڪين ڀُلي ٿي.
وارث، رئوف راند کيڏن ٿا،
سنگتي سڀئي خوش خوش ٿين ٿا.
سارنگ
’سرمد‘
جي لئه آندا،
سکر شھر مان هي رانديڪا.
***
خير محمد لاکو
سڪرنڊ
ٻاراڻو گيت
اچوڙي ٻارو راند رچايون،
راند رچايون هنر هلايون،
هنر هلايون لغڙ ٺاهيون،
لغڙ ٺاهيون خوب اڏاريون،
اچوڙي ٻارو راند رچايون،
اچوڙي ٻارو راند رچايون،
راند رچايون ٻيڙيون ٺاهيون،
ٻيڙيون ٺاهيون تيز تاريون،
تيز تاريون اڇيون ڪاريون.
اچوڙي ٻارو راند رچايون،
اچوڙي ٻارو راند رچايون،
راند رچايون نغمان ڳايون.
نغمان ڳايون بُلڙا پايون،
بُلڙا پايون رنگ رچايون،
اچوڙي ٻارو راند رچايون.
***

محمد بچل (مٽياري)
رمضان مبارڪ جون خصوصيتون
رمضان المبارڪ اسلامي سال جو سڀ کان مقدس ۽ برڪت
وارو مهينو آهي، جنهن جو مسلمان وڏي محبت، عقيدت ۽
خوشيءَ سان انتظار ڪندا آهن. هي مهينو رحمتن،
برڪتن، مغفرت ۽ دوزخ جي باهه کان نجات جو مهينو
آهي. رمضان المبارڪ انسان کي صبر، ضبطِ نفس، تقويٰ
۽ نيڪيءَ جو سبق سيکاري ٿو.
رمضان المبارڪ جي سڀ کان اهم عبادت روزو آهي. فجر
کان مغرب تائين مسلمان کاڌي پيتي ۽ ٻين نفساني
خواهشن کان پاسو ڪن ٿا. روزو انسان کي بُک ۽ اُڃ
جو احساس ڏياريندو آهي، جنهن سان غريبن ۽
ضرورتمندن جي تڪليفن جو اندازو ٿئي ٿو. روزو نه
رڳو جسماني عبادت آهي، پر دل ۽ روح جي پاڪيزگيءَ
جو ذريعو پڻ آهي. هن مبارڪ مهيني ۾ قرآن پاڪ نازل
ٿيو، تنهنڪري رمضان کي قرآن سان خاص نسبت حاصل
آهي. مسلمان هن مهيني ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪن ٿا،
تراويح نماز پڙهن ٿا. مسجدون عبادتگذارن سان ڀرجي
وڃن ٿيون. سڄي ماحول ۾ روحانيت جو احساس پيدا ٿي
وڃي ٿو. رمضان المبارڪ ۾ سحر ۽ افطار جي وڏي اهميت
آهي. سحر ۾ برڪت آهي ۽ افطار وقت دعائون قبول ٿين
ٿيون. ماڻهو گڏجي افطار ڪن ٿا، هڪ ٻئي سان محبت ۽
ڀائيچارو وڌائن ٿا. هي مھينو سخاوت، خيرات ۽
همدرديءَ جو مهينو پڻ آهي، جنهن ۾ زڪوات، صدقات ۽
فطرو ادا ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن غريب به عيد جون
خوشيون ملهائي سگهن.
پيارا ٻارؤ! رمضان المبارڪ جي آخري ڏهن ڏينهن ۾
شبِ قدر جي رات اچي ٿي، جيڪا هزار مهينن کان بهتر
آهي. هن رات ۾ عبادت ڪرڻ وڏي اجر ۽ ثواب جو سبب
بڻجي ٿي. مسلمان ربّ تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي
معافي ۽ بهتر مستقبل لاءِ دعائون گهرن ٿا. رمضان
المبارڪ انسان جي زندگيءَ ۾ سڌاري، عبادت، صبر ۽
اخلاقي تربيت جو بهترين موقعو آهي. جيڪڏهن اسان هن
مهيني جي سچي روح کي سمجهي، نيڪ عمل اختيار ڪريون،
ته اسان جي زندگيءَ ۾ سڪون، برڪت ۽ ڪاميابي ضرور
ايندي.
***
آغا شيراز علي جوڻيجو
ڳوٺ ويھڙ، ضلعو لاڙڪاڻو
اسلامي سلطنت جادؤر
·خلافت
راشده
30
سال.
·سلطنت
امويه
91
سال.
·سلطنت
عباسيه
524
سال.
·سلطنت
مملوڪ
275
سال.
·سلطنت
غرناطه
223
سال.
·سلطنت
غوريه
69
سال.
·اندلس
جي اموي خلافت
750
سال.
·سلطنت
فاطميه
93
سال.
·سلطنت
مرابطين
148
سال.
·سلطنت
عثمانيه
624
سال.
***

ڊاڪٽر رشيده ڀٽي ڄام شورو
هر سُٺو ڪم عبادت آهي!!
پيارا ٻارؤ! اڄ آءٌ اوهان کي لفظ عبادت جي معنيٰٰ
۽ مفھوم ٻُڌائينديس. توهان پنھنجي گھر ۾ پنھنجن
والدين ۽ ٻين گھر جي ڀاتين کي
”عبادت“
ڪندي ضرور ڏٺو هوندو. هاڻي توهان به ضرور سوچيندا
هوندا ته آخر عبادت ڇا آهي؟
عبادت لفظ جي معنيٰ اسلام ۾ تمام گھڻي وسيع آهي.
اسلام ۾ عبادت صرف چند رسمن جي ادا ڪرڻ جو نالو
قطعي نه آهي. پر انسان جي هر سُٺي ڪم کي اسلام
عبادت ۾ شامل ڪري ٿو.
اسلام ۾ نماز، روزو، حج ۽ زڪوات سان گڏوگڏ هر اهو
ڪم به عبادت ۾ شامل آهي، جيڪو ربّ تعاليٰ ۽ ان جي
پيغمبر رسول اڪرم حضرت مُحمّدُﷺ جن جي ٻُڌايل ۽
هدايت ڪيل اُصولن ۽ طريقي مطابق هوندو آهي. جيڪڏهن
توهان تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو ۽ ان جو مقصد نيڪي
ڦھلائڻ، ڀلائي ڪرڻ، خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ آهي،
ته پوءِ اها به عبادت ۾ شامل آهي. جيڪڏهن توهان
تجارت ڪريو ٿا ۽ ان ۾ بي ايماني ۽ دوکي بازي شامل
نه آهي ۽ مناسب منافعو وٺو ٿا، ته اهو عمل يا ڪم
به عبادت ۾ شامل آهي. جيڪڏهن توهان نوڪري پيشه
آهيو ۽ ديانتداري سان ڪم ڪريو ٿا، ته اهو به عبادت
۾ شمار ٿئي ٿو. پنھنجي ڀاءُ، ڀيڻ، ڪنھن دوست، ساٿي
سان مُسڪرائي ملو ٿا، سلام ۾ گوءِ کڻو ٿا ۽
همدرديءَ سان پيش اچو ٿا، ته اهو عمل به عبادت ۾
شامل آهي. هاڻي توهان جيڪڏهن ڪنھن انسان يا جانور
تي رحم ڪريو ٿا، ته اها به عبادت آهي. ڪنھن رستي
ڀُليل کي رستو ڏيکاريو ٿا ۽ رھنمائي ڪريو ٿا، ڪنھن
نابين کي روڊ پار ڪرايو ٿا، ته اهو سڀ عبادت ۾
شامل آهي. ايتري قدر جو جيڪڏهن توهان سچي نيت ۽ دل
جي شوق سان سياست ۾ حصو وٺو، ماڻھن جي عام ڀلائي
جي ڪمن ۾ ڀرپور نيڪ نيتي سان حصو وٺو ٿا ۽
مشڪلاتون آسان بڻايو ٿا، ته ان کي به عبادت جو
درجو مليل آهي. جيڪڏهن توهان پنھنجي ماءُ پيءُ جي
خدمت ۽ اُستاد جي عزت ڪريو، ته اها پڻ اُتم درجي
جي عبادت ۾ شامل آهي. مطلب ته هر اهو ڪم جيڪو ربّ
تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن جي اندر ڪيو وڃي ٿو، ته ان
کي عبادت جو درجو مليل آهي ۽ اها عبادت آهي. عبادت
بھترين ڪم آهي. عبادت ڪرڻ وارو عبادتگذار تمام عزت
و احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. هاڻي توهان
ان ڳالھه تي غور ڪريو، ته آخر عبادت جو مطلب ڇا
آهي؟ مقصد ڪھڙو آهي؟ ۽ فائدو ڪھڙو آهي؟ عبادت
دراصل ان ڳالھه جو اقرار ۽ اظھار جو نالو آهي، ته
جنھن ربّ تعاليٰ جي عبادت ڪئي وڃي ٿي اهو
”معبود“
آهي. جيڪو عبادت ڪري ٿو اهو
”عبد“
آهي.
”عبد“
جي معنيٰ ٻانھو آهي. جيڪو انسان عبادت ڪري ٿو، اهو
ظاهر ڪري ٿو، ته آءٌ ٻانھو ۽ غلام آهيان ۽ جنھن جي
عبادت ڪريان پيو، اهو مالڪ آهي. خالق آهي، آقا
آهي. ان جو حڪم مڃڻ منھنجو فرض آهي. ان جي اطاعت ۾
منھنجي ڀلائي آهي. معبود جيڪي هدايتون ڏنيون آهن،
انھن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي منھنجي بھتري ۽ ڀلائي لڪيل
آهي. آءٌ بُرائين کان بچي سگھان ٿو ۽ ائين ئي مون
کي نجات ملي سگھي ٿي. ربّ پاڪ انسانن کي پيدا ئي
ان ڪري ڪيو آهي، ته هو پنھنجي پيدا ڪندڙ جي عبادت
ڪري، ڇو ته عبادت ڪرڻ وارا ئي سُٺا ٻانھا ۽ سُٺا
انسان هوندا آهن. عبادت ڪرڻ سان ربّ تعاليٰ کي
ڪوبه فائدو نه ٿو رسي، پر خود عبادت ڪندڙ کي ئي
فائدو پھچي ٿو.
عبادت جو مطلب ۽ مقصد آهي، ته انسان ۽ ربّ تعاليٰ
جو پاڻ ۾ تعلق ڳنڍيل ۽ مضبوط رهي. غلام يعني
ٻانھي ۽ آقا جو رشتو پائيدار رهي. جڏهن انسان کي
اها ڳالھه هر وقت ياد رهندي، ته هو خود آقا نه پر
پنھنجي آقا جو غلام آهي، ته
”ربّ
۽ ٻانھي“
جي وچ ۾ اهڙو ته مضبوط روحاني رشتو قائم ٿيندو،
جو هو هر وقت پنھنجي مالڪ جي حڪمن جي پيروي
پابنديءَ سان ڪندو ۽ ان طرح سان ان پابنديءَ جي
طُفيل ان جو هر ڪم آسان ۽ هر عمل صحيح ٿيندو
رهندو. ڪوڙ، ڌوڪو، ظلم، ناانصافي ۽ بي ايماني نه
ڪندو، بلڪ سچائي، سڪون، همدردي، انصاف ۽ ديانتداري
جو زمانو روان دوان رهندو ۽ نيڪيءَ جو بول بالا
رهندو. اهو ئي عبادت جو اصل مقصد آهي. اسلام دين
فطرت يعني ته فطري دين آهي. اسلام جي هر حڪم ۽ هر
هدايت ۾ اها گُنجائش رکي وئي آهي، ته جيئن آسانيءَ
سان انھن اصولن تي عمل ڪري سگھجي.
اسلام ۾ عبادت جو مفھوم به اهو ئي آھي، ته جيڪو ڪم
ربّ تعاليٰٰ جي مرضي ۽ ان جي مقرر ڪيل حد اندر
هوندو، ته اهو به عبادت ۾ شامل هوندو آهي. علم
حاصل ڪرڻ، تجارت ڪرڻ، سياست ۾ حصو وٺڻ، ٻار پالڻ،
ماءُ ۽ پيءُ جي خدمت ڪرڻ، اهي سڀ ڪم جيڪڏهن ربّ
تعاليٰ جي ڏسيل طريقن مطابق سرانجام ڏبا، ته اُهي
به
”عين
عبادت“
۾ شامل هوندا. |