



انٽرويو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ (حيدرآباد)
”امداد جسڪاڻي“
(ٻالڪ ليکڪ سان ڳالهه ٻولهه)
امداد الله، ولد احمد علي جسڪاڻي ڳوٺ جمعو جسڪاڻي
تعلقي پني عاقل ۾ پهرين اپريل
1981ع
تي جنم ورتو، هن
2000ع
کان لکڻ جي شروعات ڪئي، نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو
اٿس. کيس پنهنجي ڪم تي ٻالڪ ادبي فورم ۽ ٻين ادارن
مان ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن، سڃاڻپ شاعر ۽
ڪهاڻيڪار طور ۽ ادبي نالو امداد جسڪاڻي اٿس.
سوال:
پنھنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادبي شوق بابت ڄاڻ ڏيو؟
جواب:
منھنجو ننڍپڻ به بانبڙا پائيندي، کيڏندي گذريو،
ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ ھئڻ ڪري والدين مون سان
بيحد پيار ڪندا ھئا. پڙھائي جي مامري ۾ والد محترم
مون تي سختي ڪندو ھو، مان
B.A
تائين پڙھي سگھيو آھيان، جيئن ته منھنجو محترم
والد به شاعر ھو ھن جو ادبي ورثو اڄ به مون وٽ
موجود آھي ، بابا احمد علي اُداسي بلوچ جي نالي
سان لکندو هو، جنهن جي شاعريءَ ۽ ان جا خريد ڪيل
ڪتاب پڙھي مون کي لکڻ جو شوق ٿيو.
سوال:
ٻالڪ ادب ۾ پھرين تحرير ڪھڙي ڇپي ۽ پنھنجا محسوسات
ڄاڻايو.
جواب:
منھنجي پھرين ٻاراڻي لکڻي نظم جي صورت ۾ سنڌ ۾
مشھور گُل ڦُل رسالي ۾ شايع ٿي. جنھن کي ڏسي پڙھي
ائين محسوس ٿيو ڄڻ دنيا جي ڪا انمول قيمتي شيءِ
منھنجي ھٿ لڳي آهي ، ان کان بعد ۾ آئون اسرار شام
جيڪو سنڌي ٻاراڻي ادب جو اھم ڪردار ۽ ليکڪ آهي. ان
پاران شايع ٿيندڙ رسالي سنڌي ٻارڙا، گلڙا ، ساٿي ،
گلستان ، روشن تارا، اتساھ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع
ٿيندو رهيس. منھنجو پھريون ٻاراڻو ڪھاڻين جو ڪتاب
مستقبل جا مسيحا
2015ع
۾ شايع ٿيو.
سوال:
پنهنجي ادبي ڪم بابت ٻڌايو.
جواب:
آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ پنوعاقل سٽي جو ميمبر
آھيان ۽ ٻيون دفعو سيڪريٽري چونڊيو ويو آهيان،
آئون ڪتاب خريد ڪري به ادبي ڪتاب پڙهندڙ دوستن کي
ڏيندو آھيان جيئن اسان جي ادب کي ھٿي ملي ۽ مختلف
اخبارن رسالن، روزاني ھلال پاڪستان ۽ گُل ڦُل
رسالي ۾ به پنھنجون لکڻيون شايع ڪرايان ٿو. سنڌي
ادب لاءِ لکڻ پڙھڻ کان ھڪ منٽ به پري ناھيان ٿيو.
منھنجو تازو ئي ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب
”ٻارن
ٻاريا ديپ“
سنسار پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي، ھن وقت
ٻاراڻي ادب جا ليکڪ به ٿورا آھن، ته ٻاراڻي ادب جا
رسالا ۽ اخبارن جا صفحا شايع ٿيڻ به گھٽجي ويا آهن
بلڪه شايع ئي نٿا ٿين، ھن وقت سنڌي ٻاراڻي ادب جا
ڪجھه ليکڪ ئي آھن، جيڪي پنهنجي خرچ تي ڪتاب شايع
ڪرائي رھيا آھن. ھي ھڪ بھترين عمل آهي ان سان ان
ليکڪ جو ٻاراڻي ادب جو پورھيو ۽ ورثو محفوظ رھندو.
ھونءَ به ڪتاب جي اھميت وڏي آھي ۽ ھر ليکڪ به
چاھيندو آھي ته آئون صاحب ڪتاب ٿيان.
سوال:
هلندڙ وقت ۾ ٻارن لاءِ ڇپجندڙ ادب جي رفتار تمام
گهٽ آهي، ٻالڪ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺي
سگهجن ٿا.
جواب:
ٻاراڻي ادب کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ناميارن ليکڪن،
ليکڪائن کي وڌ ۾ وڌ ٻاراڻا نظم ، ٻاراڻيون ڪهاڻيون
لکي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپرائڻ گھرجن يا پنھنجا ڪتاب
ڇپرائڻ گھرجن، ته ان سان ٻاراڻي ادب کي ھٿي ملندي
۽ سنڌي ٻاراڻو ادب عام ٿيندو ، ھن وقت ناميارا
اديب ڄڻ ته ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ کي عيب ٿا سمجھن.
توڙي جو ڪيترا ئي سنڌي ادب جي وڏن شاعرن ٻاراڻي
ادب کان لکڻ شروع ڪيو پر ھو ھن وقت ٻاراڻي ادب کان
پري آھن ، مون ھي پڙھيو به آھي ۽ سمجھان به ٿو ته
سُڌريل ترقي يافته ملڪن ۾ ٻاراڻي ادب کي هٿي
وٺرائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪم ٿيندو آهي پر ھتي
اسرار شام جي ھي چوڻي سچ لڳندي آهي ته سنڌي ٻاراڻو
ادب بيواھو ادب آھي.
سوال:
ڇا اڄ جو ٻار مطالعي کان پري وڃي رهيو آهي؟ جي ها
ته پوءِ انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟
جواب:
ٻار نصابي ڪتاب ته پڙھن ٿا پر ٻاراڻي ادب جا ڪتاب
۽ رسالا تمام گھٽ پڙھن ٿا، ٻار مطالعي کان ان ڪري
به پري آھن جو ھو موبائيل گھڻو استعمال ڪن ٿا ،
موبائيل ٻار جي ھٿ ۾ خطرناڪ ھٿيار وانگر آھي، اھو
ئي سبب آھي جو ٻار ننڍپڻ ۾ ئي مطالعي بدران
موبائيل ۾ وڌيڪ رڌل رھي ٿو.
سوال:
ٻالڪ ادب جي ليکڪن کي پنھنجيون لکڻيون اخبارن ۽
رسالن ۾ ڇپرائڻ ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون آهن ۽ خاص طور
ڪتابن کي شايع ڪرائڻ ۾ ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟
جواب:
ھلندڙ وقت ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو مھانگائي جو آھي،
ڪاغذ مھانگو ٿيڻ ڪري ليکڪ ڪتاب گھٽ ڇپرائن ٿا ۽
ٻئي پاسي ڪتابن جو وڪرو به گھٽ ٿئي ٿو. سنڌي
شاگردن ۽ پڙھندڙن کي گھرجي ته ھو پنھنجي لاءِ ۽
پنھنجي اولاد لاءِ ڪتاب خريد ڪن ته جيئن ليکڪ ۽
پبلشر نوان ڪتاب، نيون سوچون ۽ تحريرون ڇپرائي
سگھن.
سوال:
ٻارن لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو.
جواب:
ٻارن کي آئون اھو ئي پيغام ڏيندس ته مئٽرڪ تائين
ٽچ موبائيل کان پري رھي پنھنجي پڙھائي کي
فوڪس ڪن، جيئن ھو علم پرائي پنھنجي ديس جو نالو
روشن ڪري، دنيا ۾ مثال بڻجي وڃن. جيئن تاريخ جي
ورقن ۾ انھن جو نالو احترام سان لکيو ۽ پڙهيو وڃي.
***
امر ادريس درس
پبلڪ اسڪول ميرپورخاص
يوٽيوب (YouTube)
اڄ نمائش جو پھريون ڏينھن هو. پبلڪ اسڪول جا سڀ
شاگرد خوش هئا. هر چھري تي مُرڪ هئي. ڇو ته اهي سڀ
پنھنجا پنھنجا پروجيڪٽ (Project)
ٺاهي کڻي آيا هئا.
انھن مان حذيفه لغاري جو پروجيڪٽ سڀ کان شاندار ۽
بھترين هو. اهو پروجيڪٽ چوڏهين جي چنڊ جيان لڳو
پئي. حذيفه لغاري جو پروجيڪٽ شاندار هو، ان ڪري جو
حذيفه ۽ سندس گروپ ڏينھن رات محنت ڪئي هئي. اڄ هر
ٻار خوش هو. اسڪول جي سڀني ٻارن جي چھرن تي رونق
هئي. اڄ ننڍو وڏو خوش هو. هر شاگرد پُراميد هو، ته
کيس اڄ سندس محنت جو سلو ضرور ملندو.
ٿوري دير ۾ اسڪول جو پرنسيپل سائين عمران لاڙڪ
اسڪول مئنيجمينٽ ٽيم ۽ مھمانن کي وٺي اسٽالن تي
آيو، جتي پروجيڪٽ رکيل هئا. هو هر پروجيڪٽ کي غور
سان ڏسندو رهيو ۽ ٻارن کان پريزنٽيشن (Presentation)
وٺندو رهيو ۽ پروجيڪٽن جي ساراهه پڻ ڪندو رهيو.
ان دوران ڪي ٻار تمام گھڻو خوش هئا ۽ پُراميد به
هئا، ڪي ٻار مايوسيءَ جو شڪار هئا، ته ڪي وري
دعائون گھري رهيا هئا. پرنسيپل سائين عمران لاڙڪ ۽
سندس سموري ٽيم دورا ڪندا رهيا ۽ وڏي غور سان هڪ
هڪ پروجيڪٽ کي ڏسندا رهيا. آخر ۾ پرنسيپل صاحب
پنھنجي ٽيم سان صلاح مشورو ڪيو. ان دوران ڪي ڪي
ٻار، هر هر ربّ پاڪ کي ٻاڏائي دعائون گھرندا رهيا،
ته کين ربّ پاڪ ڪاميابي نصيب ڪري.
آخر ۾ پرنسيپل محترم عمران لاڙڪ مختصر گفتگو ڪرڻ
کان پوءِ اعلان ڪيو، ته سڀني ٻارن سُٺي محنت ڪئي
آهي. پر اسان ۽ اسان جي ٽيم جيڪو نتيجو ڪڍيو آهي،
ان مطابق
”حذيفه
لغاري“
کي پھريون انعام ڏنو ويو آهي، کيس مبارڪون هجن.
حذيفه لغاري اسٽيج تي اچن ۽ اچي پنھنجو انعام وصول
ڪن. حذيفه لغاري ۽ سندس پوري ٽيم تاڙين جي گونج ۾
سائين عمران احمد لاڙڪ کان وڃي انعام ورتو ۽
خوشيءَ جو اظھار پڻ ڪيو. ڪجھه دير بعد پروگرام ختم
ٿيو ۽ سڀ شاگرد پنھنجي پنھنجي ڪلاسن ۾ هليا ويا.
تڏهن سائين محمد صالح سنڌي به اچي حذيفه لغاري ۽
سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. ٻين شاگردن پڻ حذيفه
کي مبارڪ باد ڏني.
اُتي ئي ڪلاس جي هڪ شاگرد سوال ڪيو، ته سائين هڪ
ڳالھه پڇڻ چاهيان ٿو، حذيفه لغاري تمام سُٺي محنت
ڪئي آهي. حذيفه به يوٽيوب جي مدد سان پروجيڪٽ
ٺاهيو هو ۽ اسان به يوٽيوب تان ئي هر شيءِ کي ڪاپي
ڪئي هئي! پوءِ حذيفه لغاري جو پروجيڪٽ ايترو
شاندار ڪيئن ٿيو؟
سائين محمد صالح سنڌيءَ چيو، ته
”اوهان
هڪ تمام سُٺو ۽ بھترين سوال ڪيو آهي. آءٌ چاهيندس،
ته حذيفه لغاري خود ان سوال جو جواب ڏي ته بھتر
ٿيندو.“
حذيفه چيو، ته جي ها سائين بلڪل آءٌ جواب ڏيڻ جي
لاءِ تيار آهيان.
”سائين!
ڳالھه اها آهي، ته مون ۽ منھنجي ٽيم بلڪل اهو
پروجيڪٽ يوٽيوب تي ڏٺو. پر وڌيڪ ان کي دلچسپ ڪرڻ
لاءِ اسان پنھنجا خيال (Ideas)
به ان ۾ شامل ڪيا. اسان ان پروجيڪٽ ۾ پنھنجي دماغ
سان ڪجھه ٻين شين جو به واڌارو ڪيو. اسان يوٽيوب
کي ڪاپي نه ڪيو آهي. پر اسان صرف يوٽيوب تان مدد
حاصل ڪئي آهي.“
جڏهن ته منھنجن ٻين ساٿين انھن صرف ۽ صرف يوٽيوب
کي ئي فالو ڪيو ۽ پنھنجو دماغ استعمال نه ڪيو. ان
ڪري ئي چوندا آهن، ته نقل لاءِ به عقل کپي.
سو منھنجي سڀني دوستن کي اها صلاح آهي، ته سوشل
ميڊيا کان مدد ضرور وٺو. پر پنھنجي دماغ کي به
ضرور استعمال ڪريو. ڇو ته اصل شيءِ دماغ ئي آهي.
جيڪو توهان جي صحيح رهنمائي ڪري ٿو ۽ توهان کي
نوان نوان خيالات (Ideas)
ڏئي ٿو. اهو ٻُڌڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيھر سڀني
شاگردن حذيفه لغاري ۽ ان جي ٽيم لاءِ زوردار
تاڙيون وڄايون ۽ خوشيءَ جو اظھار ڪيو.
عابد حسين ڪنڀر(خيرپور ناٿن شاهه)
سچو دوست
ندا ۽ فاطمه ٻه تمام ويجھيون دوست هيون. هوءَ ٻئي
گڏجي اسڪول وينديون ھيون. گڏ راندون ڪنديون ھيون ۽
ھڪ ٻئي سان ڪتاب به شيئر ڪنديون ھيون. ندا ڪجهه
شرارتي ڇوڪري هئي. جڏهن ته فاطمه سنجيده ۽ سچي
مزاج واري. هڪ ڏينھن اسڪول ۾ ڪنھن جو قلم وڃائجي
ويو. اُستاد سڀني کي چيو، ته قلم جنھن به کنيون
آهي، اهو پاڻ ئي سامھون اچي
ندا فاطمه کي چيو، فاطمه اُستاد کي چئو، ته قلم تو
کنيو آهي. سائين سان ھڪ ننڍي مذاق ٿا ڪريون. صرف
مذاق لاءِ. فاطمه ته پھريان ئي انڪار ڪيو، پر ندا
ضد ڪري بيٺي. فاطمه ندا جي ڳالھه مڃي، ته جيئن ندا
خوش رهي. پر اُستاد فاطمه کي سزا ڏني ۽ ندا شرمنده
ٿي. ڇو ته فاطمه ڪلاس ۾ تمام ھوشيار ڇوڪري ھئي.
ندا ماٺ ڪري ويھي رھي. ندا جي ان حرڪت تي فاطمه کي
تمام گھڻو صدمو رسيو ۽ ندا پاڻ به تمام گھڻو
شرمنده ھئي. ٻئي صبح تي ندا اُستاد عابد کي حقيقت
ٻڌائي، ته
”سر
ان ۾ منھنجي غلطي آھي. فاطمه جو ڪو به ڏوھه ناھي.
آءٌ پنھنجي غلطي قبول ڪريان ٿي“
۽ اُستاد ۽ فاطمه کان معافي ورتي. اُستاد چيو ته!
پٽ سچ ڳالھائڻ ھڪ وڏي بھادري آهي ۽ سچو دوست اهو
آهي، جيڪو ڪڏهن به پنھنجي دوست کي نقصان نه ڏئي.
ندا ۽ فاطمه وري ساڳيءَ طرح ويجھيون دوست بڻجي
ويون.
سبق:
دوستي اعتماد تي هجي ٿي ۽ سچائي سان ئي دوستي قائم
رهي سگھي ٿي.
اُستاد گُل دايو
لاڙڪاڻو
سپنن جي ساڀيان
علي، پٽ موبائل بند ڪر. سڄي گھر جي کڻي ننڊ فٽائي
اٿئي.
”ها
بابا پر توھان ته ڄاڻو ٿا، ڪا مووي ڏسڻ کان سواءِ
مون کي ننڊ ئي نه ايندي آ.“
”هائو
ھائو موويءَ جا پُٽ! تنھنجي موبائيل جي روشني ۽
آواز اسان جي اک لڳڻ ئي نٿو ڏي.“
پيءُ جي دھمان سان عليءَ موبائيل مان مُنھن ڪڍي،
گھر جي اڱڻ تي جو نظر ڊوڙائي، ته ماڻھس کٽ تي ھر
ھر پاسا پئي ورايا. ننڍڙي ڀيڻ جيڪا ماءُ سان گڏ کٽ
تي سُتل ھئي، تنھن جي نيڻن مان ڄڻ ته نِنڊ ئي
اُڏامي وئي ھئي. ھن پنھنجي پتڪڙين گول گول اکين
سان سڀني جي کٽن ڏانھن پئي نھاريو ۽ عليءَ جو چاچو
جيڪو ڳوٺ کان دوا وٺڻ لاءِ ھنن وٽ اچي ٽڪيو ھو،
اھو ھن جي پيءُ جي کٽ ڀرسان، رکيل کَٽ تي بخار ۾
پئي لُڇيو. ڪِنجھيو ۽ ڪڻڪيو.
اھو ڏسي عليءَ پنھنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ دل ئي دل ۾
شرمسار ٿي. موبائيل جي روشني جَھڪي ڪري، ڪنن ۾ ھيڊ
فون لڳائي ڇڏي. جڏھن سڀ ڀاتي گھري ننڊ سُتا ته
عليءَ جي ماءُ واش روم وڃڻ جي خيال سان اُٿي پئي.
پُٽ کي جاڳندو ڏسندي چيائينس،
”علي،
او پٽ علي! رات جا ٻه پيا ٿين، تون اڃان جاڳين ٿو؟
عليءَ پنھنجي سيرانديءَ کان بيٺل ماءُ کي ڏسي
پھريان، ته ڇرڪيو ۽ پوءِ کٽ تي ئي اُٿي نِماڻين
اکين سان ماءُ ڏانھن نھاريو. ماءُ پٽ جي سواليه
نظرن کي ڏسي کائنس پڇيو، پٽ ڪجھه چوڻ ٿو چاهين؟
ھا امان.
ھاڻي علي موبائيل کڻي اسڪرين تي ماءُ کي ھڪ فلمي
اداڪاره جي تصوير ڏيکاريندي چيو، امان ھي ڏس صفا
ماروٽ جھڙي آ نه؟
ماءُ، پُٽ جي دل جي ڳالھه ھڪدم سمجھي ورتي ۽ دل ئي
دل ۾ خوش ٿي. مُنھن جي پڪائيءَ سان دٻيل لفظن ۾
چيائين،
”پٽ،
توکي ته اڃان روزگار به ڪونھي، پڻھين به رٽائرڊ
ٿيڻ وارو آھي. تون ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين؟
”امان
جيجڙي، بابا ۽ ماما سان تون ڳالھائي ته ڏس، باقي
توھان کي خبر آھي، ته مون جيڪا پندرنھن اسڪيل جي
نوڪريءَ جي ٽيسٽ پاس ڪئي آھي، اھا ته ضرور ملندي
نه!“
مائرون جيڪي سدائين پُٽن جي مٿي تي موڙ ۽ ھٿڙن تي
مينديءَ جا خواب سانڍيون ويٺيون ھونديون آهن، ھن
به ائين ئي پٽ جي آسَ کي پنھنجي سپنن جي ساڀيان
سمجھي مُرڪي ڏنو.
***
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ڪراچي
حق نه ڦٻايو
عادل سليم ۽ نبيل پاڻ ۾ ويٺي سُس پُس پئي ڪئي. اها
سُس پُس هنن چاچي رحمان جي گھر ۾ لڳل آڙوءَ جي وڻ
جي باري ۾ پئي ڪئي. ان وڏي ۽ گھاٽي وڻ ۾ٽينس جي
بال جيڏا وڏا وڏا، مزيدار ۽ پَڪل آڙو تيار ٿي چڪا
هئا. ان وڻ ۾ سؤ ڪلو آڙو ته ضرور هوندا. آڙن سان
ڀريل ڪجھه شاخون ايتريون ته جُھڪي ويون هيون، جو
زمين سان گُسي رهيون هيون. چاچي رحمان هڪ ڪتو به
پاليو هو. جنھن جو نالو ٽائيگر هو. اهو ڏاڍو
خطرناڪ ڪتو هو ۽ شرارتي ٻارن کي ته وڻ جي ويجھو به
اچڻ نه ڏيندو هو.
ٽئي ڇوڪرا سوچي رهيا هئا، ته ڪُتي کي ڪيئن بيوقوف
بڻائجي. جيڪڏهن ڪنھن اٽڪل سان ڪُتي کي ڀونڪڻ کان
روڪيو وڃي، ته پوءِ آڙوءَ جي وڻ تائين پھچڻ ڏکيو
نه ٿيندو. پنجن منٽن کان به گھٽ وقت ۾ اهي هڪ وڏي
ٽوڪري آڙن سان ڀري سگھندا.
سليم چيو،
”بانس
جو هڪ ڊگھو لڪڙو کڻي اچون ۽ ان ۾ هڪ ڪُنڍي لڳائجي
۽ پوءِ ان ڪنڍيءَ سان آڙو پٽجن.“
عادل سليم جي تجويز رد ڪندي چيو،
”ڪُنڍيءَ
سان ڪم ڪونه هلندو، ٽائيگر اسان کي ڏسي ڀؤنڪڻ
لڳندو.“
”ها!
چُپ ڪريو... چُپ ڪريو... مون کي هڪ اٽڪل سُجھي آئي
آهي.“
نبيل وڏي آواز ۾ چيو، سندس اکين ۾ هڪ چمڪ هئي.
جڏهن به ڪو زوردار خيال سندس ذهن ۾ ايندو هو، ته
سندس اکيون ائين چمڪڻ لڳنديون هيون.
”ڪھڙي
اٽڪل...؟“
عادل پڇيو.
”ٻُڌو
اٽڪل ڏاڍي سولي آهي ۽ ڪم واري پڻ.“
نبيل هورڙيان چيو.
”سليم
وڃ! تون پنھنجي بيڊ منٽن جو ڄار کڻي اچ. هن
پنھنجو منصوبو ٻُڌائڻ شروع ڪيو،
”چاچو
رحمان ۽ سندس گھرواري شام جو ڇھين بجي پارڪ ۾ سير
ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. اسان پنھنجو ڄار کنيون تيار
رهنداسين. اسان مان هڪ ڄڻو ڄار جي هڪ ڪُنڊ
جھليندو، ته وري ٻيو ٻي ڪُنڊ. جيئن ٽائيگر اسان
ڏانھن وڌندو، ته اسان کيس ڄار ۾ جھلي وٺنداسين.
مون کي پڪ آهي، ته هو اسان کي ڪونه کائيندو.“
اها اٽڪل ڪم اچي وئي، چاچو رحمان ۽ سندس زال جي
سير تان واپس اچڻ تائين انھن ٽنھي شرارتي ڇوڪرن
آڙن جون ٽي ٽوڪريون ڀري ورتيون. اهي پنھنجي ان چال
تي خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيا. پر افسوس! جو سندن اها
خوشي عارضي ثابت ٿي. جڏهن چاچو رحمان ۽ سندس زال
سير تان موٽي گھر آيا، ته ڇا ڏٺائون ته ٽائيگر ڄار
۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ ان مان نڪرڻ لاءِ ڦَٿڪي رهيو
آهي. کين شڪ ٿيو، ته ضرور چور ئي سندن گھر ۾ گھڙيا
هوندا. هنن هر پاسي نظر ڊوڙائي، ته ڏسجي ته گھر
جون ڪھڙيون ڪھڙيون شيون چوري ٿيون آهن. اهي پوليس
کي ٽيلي فون ڪرڻ وارائي هئا، ته مسز رحمان جي تيز
نظر آڙوءَ جي وڻ تي پئي. هوءَ سمجھي وئي ته چوري
ڪٿي ٿي آهي. هن پنھنجي مڙس کي ٻُڌايو، ته هڪ ڪُتي
کي قابو ڪرڻ جي لاءِ بيڊمنٽن جو ڄار، چور ته ڪونه
کڻي آيا هوندا.
ٽنھي شرير ڇوڪرن جي دانھن سندن والدين کي ڏني وئي.
ڪجھه ئي دير ۾ شرير ڇوڪرا پنھنجي ڪاوڙيل والدين جي
سامھون پيش ٿي چڪا هئا. سندن والدين چاچي رحمان کي
چئي ڇڏيو هو، ته انھن ٽنھي شرارتي ڇوڪرن کي مناسب
سزا ڏني ويندي.
نبيل جي پيءُ عبدالرشيد نبيل کان پڇيو،
”جيڪڏهن
ڪو تنھنجي سائيڪل توکان بغير اجازت کڻي وڃي، ته
پوءِ تون ڇا ڪندين؟“
هاڻي رحمان صاحب وٽ وڃ، آڙو واپس ڪري اچ ۽ کانئس
معافي به وٺي اچ. ۽ ها پنھنجي ٻنھي دوستن کي به
ورتيو وڃ.“
عادل جي پيءُ کيس هدايت ڪندي چيو،
”جيڪڏهن
تون ٻين جي حقن جو احترام نه ڪندين، ته پوءِ ڪوبه
تنھنجي حقن جو خيال نه ڪندو. هي آڙو وڃي رحمان
صاحب کي واپس ڏئي اچ. اهي ان جا آهن. کيس وڃي چئو،
ته آءٌ پنھنجي ان حرڪت تي شرمندو آهيان.“
سليم جي پيءُ کيس چيو، ته
”جيڪڏهن
تون ٻين جون شيون بنا اجازت جي کڻندين، ته پوءِ
ٻيا ماڻھو به تنھنجيون شيون توکان بنا پُڇڻ جي کڻي
ويندا. پوءِ تو۾ ۽ هڪ چور ۾ ڪھڙو فرق رهيو آهي؟
جيڪڏهن رحمان صاحب توهان ٽنھي خلاف ٿاڻي تي رپورٽ
ڪرائي ها، ته اڄ اوهان ٽئي جيل ۾ ويٺا هجو ها.“
ٽئي ڇوڪرا چاچي رحمان وٽ ويا ۽ شرمندگيءَ وچان
ڪنڌُ جھڪائي، سندس آڏو بيھي رهيا. سندن ذهن ۾ هو،
ته چاچو رحمان لَڪُڻ کڻندو ۽ ٽنھين کي ٺاهوڪي
مارَ ڏيندو. پر ٽئي شرارتي ڇوڪرا ان وقت اچرج ۾
پئجي ويا. جڏهن چاچي رحمان چيو، ته
”جيڪڏھن
توهان کي پنھنجي ان حرڪت تي پڇتاءُ آهي، ته پوءِ
ڀلا خير آ.... هي سڀ آڙو توهان کڻي وڃو. اهي
منھنجي پاران اوهان جي لاءِ سوکڙي آهن.“
هونئن به جيڪڏهن توهان مون کان آڙو گھرو ها، ته ڇا
آءٌ انڪار ڪريان ها؟ نه ڪڏهن به نه! ۽ ها ڏسو
ٻارؤ! هڪ ڳالھه ياد رکو، جيڪڏهن توهان ٻين جا حق
ڦٻائيندا، ته پوءِ توهان جي حقن کي ڦٻائڻ کان ڪوبه
نه روڪيندو.“
ٽنھي شرارتي ڇوڪرن وٽ ڪوبه جواب ڪونه هيو.
محمد ابراهيم شافي/ اظھر آزاد مغل/شڪارپور
عقلمند وزير
ھيءَ ڪھاڻي ان وقت جي آھي، جڏھن دنيا مختلف
بادشاھتن ۾ ورھايل ھئي. جن تي بادشاھه ۽ راڻيون
راڄ ڪنديون ھيون. شاھي گھراڻا پنھنجي زندگي وڏي
شان ۽ شوڪت، سُک ۽ وقت وڃائيندي گذاريندا ھئا ۽
انھن کي بمشڪل ئي ملڪي معاملن جو ڪو اونُو ۽ خيال
ھوندو ھو. اھو ائين ھوندو ھو، ڄڻڪ انھن کي ان
طريقي سان حڪمراني ڪرڻ جو حق حاصل ھوندو ھو.
ٻين سڀني بادشاھن جيان، ھڪ بادشاھه ھڪ وڏي محل ۾
رھندو ھو. جنھن جي چوڌاري ميلن ۾ سرسبز ۽ زرخيز
زمينون ھونديون ھيون. جنھن ۾ ھر قسم جا ميويدار وڻ
لڳل ھوندا ھئا. بادشاھه عياشي واري زندگي گذاريندو
ھو. کاڌي مان ڀرپور مزو ماڻيندو ھو ۽ اھو ججھي
مقدار ۾ واپرائيندو ھو. تمام گھڻي کاڌي کائڻ جي
ڪري، ھن جي وزيرن کي ھن جو پيٽ اوچتو سُڄيل نظر
آيو. پر انھن پنھنجي خيالن جو اظھار ڪرڻ جي جرئت
نه ڪئي. ڇاڪاڻ جو بادشاھه بيرحم ۽ کُنڊو ھوندو ھو.
جلد ئي بادشاھه جي حالت وڌيڪ بدتر ٿي وئي ۽ ھو سخت
بيمار ٿي پيو. ھاڻي ھو ھلڻ ۽ چُرڻ پُرڻ کان به
لاچار ھو. محل ۾ ھر ڪو مُنجھيل ۽ پريشان حال ھو.
بادشاھه جي بستري جي چؤگرد وزيرن ۽ ڊاڪٽرن جي لائن
لڳي وئي ھئي ۽ ھن جي بيماري جو سبب معلوم ڪرڻ جي
ڪوششن ۾ مصروف ٿي وئي ھئي. وقت جا ماھر ڊاڪٽر به
حل ڳولڻ ۾ ناڪام ويا. پر، بي باڪ ڊاڪٽرن جي ھن ميڙ
منجھه، ھڪ وزير به ھو. جنھن معجزانه طور تي
بادشاھه جي ان بيماري کي ڳولي لڌو ھو. جنھن سبب ھو
شديد تڪليف جو شڪار ھو. پر ھو اھو فيصلو ڪري چڪو
ھو، ته ان وقت تائين ان بيماري جي باري ۾ ڪنھن کي
نه ٻڌائيندو، جيستائين ان بيماري جو علاج نه
لھندو، ائين ھو علاج ڳولڻ لاءِ پنھنجي ڪمري ڏانھن
ڀڳو.
ٽي ڏينھن گذري ويا ۽ بادشاھه جي جياپي وارو معاملو
ڳنڀير بڻجي ويو ھو. پوءِ به وزير بادشاھه جي
بيماري جو علاج نه ڳولي سگھيو. بادشاھه نااُميد ٿي
رھيو ھو ۽ مايوسيءَ ۾ مُبتلا ٿي ويو ھو. ان وقت
وزير جي ذھن ۾ اوچتو ھڪ خيال آيو. ھن کي پنھنجي
پروفيسر جي اھا سِکيا ياد آئي. جنھن ۾ ھن گلوڪوز
جي متعلق ھن کي ڪجھه پڙھايو ھو. ٽي ڏينھن پھريان،
ھن مسئلي جو حل ڪڍيو ھو، ته بادشاھه جي گلوڪوز جي
سطح وڌي وئي ھئي. ھاڻي ھن علاج جي باري ۾ معلوم
ڪري ورتو ھو. پر مسئلو بادشاھه کي پنھنجي بيماري
جي علاج ڪرائڻ لاءِ راضي ڪرڻ جو ھو. جيتوڻيڪ، ھر
ماڻھو پنھنجي بيماري مان جند ڇڏائڻ خاطر دوائون
واپرائيندو آھي. ھي علاج ڪجھه مختلف ھو. علاج اھو
ھو ته ڪجھه ورزش ڪرڻ کان پوءِ لوبيا واپرائڻ ھو.
جڏھن کان بادشاھه فقط شاھوڪار ۽ اميراڻا کاڌا
کائيندي مزو ماڻيو ھو، وزير کي پنھنجي ڪنڌ ڪپجڻ جو
خطرو لاحق ھو. جيڪڏھن ھن اھا تجويز پيش ڪئي، ته
بادشاھه کي بھتر ٿيڻ جي لاءِ ڪجھه اُٻريل لوبيا
کائڻ گھرجي.گذريل دؤر ۾ ائين ٿي چڪو ھو، جيڪڏھن
ڪنھن شاھي خاندان جي ڀاتي لاءِ سادو کاڌو تجويز
ڪيو ھو.
پنھنجي خيالن ۾ گم ۽ ھن خطرناڪ صورتحال مان نڪرڻ
جو ڪو واھه وسيلو، ڪا اُميد نه ڏسندي، وزير اُداسي
جي عالم ۾ خاموشي سان پنھنجي ڪمري ۾ ويٺو رھيو. ھن
واقعي ئي بادشاھه جي حياتي بچائڻ ٿي چاھي. اچانڪ،
ھن جي ذھن ۾ ھڪ ٻيو خيال آيو.ھن لوبيا کي پاڻي سان
ملائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن اھا دوا وانگر نظر
اچي. ان کان پوءِ ھي بادشاھه کي خوش ڪرڻ لاءِ
بادشاھه جي ڪمري ڏانھن ڀڄندو آيو.ھن بادشاھه کي ھن
جي بيماري جي باري ۾ آگاھه ڪيو ۽ اھو ته علاج وزير
جي ھٿ وس ھو.ھن پڻ بادشاھه کي ٻڌايو، ته ھن کي
دوا وٺڻ کان پھرين ڏھن منٽن تائين پنھنجو پاڻ کي
چورڻ پورڻ جي مشق ڪرڻي پوندي. وزير جي منصوبه بندي
ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ لوبيا ۽ پاڻي واري دوا پيئڻ کان
پھريان ڏھه منٽ لڳاتار ورزش ڪرڻ کان پوءِ بادشاھه
جي طبيعت ۾ ڏينھون ڏينھن بھتري ايندي وئي.آخرڪار،
ڇھن ھفتن کان پوءِ ھو ايترو بھتر ۽ صحتمند ٿي ويو،
جيترو بيمار ٿيڻ کان پھريون ھو. بادشاھه کي ھاڻي
اھو معلوم ڪرڻ جو تجسس جاڳيو، ته اھا ڪھڙي دوا ھئي
جيڪا ھن جي علاج ۽ تندرستيءَ جو باعث بڻي. ھڪ
ڏينھن ھن وزير کي دعوت ڏئي گھرايو ۽ ھن کان پاڻي
واري دوا جي جُزن متعلق پڇا ڪيائين. وزير جواب
ڏيندي چيو،
”جيڪڏھن مان توکي اڳ
۾ ٻُڌايان ھا، تون مون کي ماري ڇڏين ھا.“
ھن عجيب و غريب جواب
تي بادشاھه مُنجھي پيو. وزير وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو،
ته دوا رڳو لوبيا جي چپٽي ھئي. جيڪا پاڻي ۾ مِلي
وئي ھئي. بادشاھه ھن جي عقلمندي ۽ ڏاھپ تي تمام
گھڻو خوش ٿيو ۽ ھن کي ڪيترن ئي انعامن اڪرامن سان
نوازيائين. |