|


[19]
اَحَدَ جي اِسرَارَ کي جُنبي ڏِٺو جَنِ
سي موٽِي ڪِين پَسَنَ، ڌاران هاديءَ هيڪڙَي.
سمجھاڻي:
اهو سمجهه ته اها ذات (الله تعاليٰ)
هڪ ئي هڪ آهي. يعني خدا
’احد‘
ئي آهي،
’اڪيلو‘
هڪ ئي آهي، ۽ ان جو پويان
’ٻه‘
يا
’ٻيو‘
آهي ئي ڪونه. انهيءَ راز کي جن پوري جذبي ۽ جوش
سان اڳتي پير پائي محسوس ڪيو، اهي پوءِ ٻيءَ ڪنهن
به صورت ۾ هڪڙي هادي ۽ رهبر کان سواءِ ڪجهه نٿا
ڏسن. (اهي ان اڪيلي ذات جي ديدار ۾ ئي گم رهن ٿا.)
[20]
مُئي هاٿِيءَ سِين مَامِرو اَچِي پيو انَڌَنِ
مَنَاڙِينِ هَٿَنِ سِين، اَکِيينِ ڪِينَ پَسَنِ
فِي الحَقِيقَتَ فِيلَ کي سَڄا سُڃاڻَنِ
سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪري.
سمجھاڻي:
مئل هاٿيءَ سان انڌن کي معاملو پيش آيو. اهي
هاٿيءَ جي مٿان هٿ ڦيرائي زور ڏيئي پيا خيال
ڊوڙائين ته آخر اها ڪهڙي شيءِ آهي، ڇاڪاڻ جو اکين
سان ته ڏسي نه پيا سگهن. (جنهن هاٿيءَ جي ڪنن کي
هٿ لاتو، تنهن چيو ته وڃڻو آهي، جنهن پڇ کي هٿ
لاتو، تنهن چيو ته رسو آهي، جنهن ٽنگن ۽ سونڊ کي
هٿ لاتو تنهن چيو ته اهو ٿنڀ آهي، وغيره.) (هو آخر
تائين اهو سمجهي نه سگهيا ته اهو هاٿي آهي.)
حقيقت ۾ هاٿيءَ کي اُهي سڃاڻندا جيڪي اکين کان سڄا
آهن. دراصل جيڪي سالم نظر يا بصيرت جا صاحب آهن،
اهي ئي ٻين کي اکين
سان يا بنا اکين ڏسڻ جي قابل ڪن ٿا.
[21]
ڳالِهه پِريان جي ڳُجههَ جِي، ڳالِهه مِڙيائِي
ڳُجهُه
هِنيَڙا اُجهُه مَ مُنجههُ، ته پِرِينِئون پَري نه
ٿِئين.
سمجھاڻي:
پرين جي ڳجهه يا راز واري ڳالهه (حقيقت) سراسر
ڳجهه ۽ راز آهي ۽ هميشه راز ۾ رهندي. (حقيقت تائين
رسائي عقل ۽ فهم کان ٻاهر آهي.) اي دل، تون اها
ايتري ڳالهه سمجهي وٺ (اهو راز ئي رهندو.) وڌيڪ
پاڻ کي نه منجهاءِ (اجايا ڌُڪا نه هڻ.) متان ائين
ڪرڻ سان پرينءَ کان (وڌيڪ) پري نه ٿي وڃين. (مطلب
ته عقل واري ڳالهه ۽ تلاش بدران عشق واري لڇ ۽ لوچ
۾ رهڻ گهرجي.)
شاهه جو رسالو
]سُر
’آسا‘
داستان پھريون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ

ياسر قاضي ڪراچي
حمّد
سموريون ڪائناتون جنھن سجايون،
سڄي دنيا کي بخشيون جنھن ڀلايون،
سڀئي جنھن اڳيان ٿا سِرُ جھڪايون،
شجر سرسبز کيتون جنھن اُپايون،
نپايو جنھن چمن، گُل گاهه آهي،
اهو منھنجو مٺو الله آهي.
پيو جو مينھن، رحمت جا وسائي،
بشر کي سيءُ، گرميءَ کان بچائي،
سڀن کي رزق ۽ روزي رسائي،
شفا ڏئي، بارُ، بيماري ڀڄائي،
سڀن جو راهه ۾ همراهه آهي،
اهو منھنجو مٺو الله آهي.
بڻايا جنھن سڀئي جنسار آهن،
ملائڪ، جنَ، ڌارئون ڌار آهن،
ڪُرڙا، جوان، ڳڀرو ٻارَ آهن،
سڀئي منھنجي پرينءَ جا پار آهن،
وڌو جنھن هر بدن ۾ ساهه آهي،
اهو منھنجو مٺو الله آهي.
صداقت جي سدا رستي هلائي،
مسلسل واٽ سربستي وٺائي،
اسان کي ماڳ، منزل تي پُڄائي،
مصيبت مان سدا سرهو ٽُپائي،
بنھه بيشڪ جو بي پرواھه آهي،
اهو منھنجو مٺو الله آهي.
***
نصير احمد فقير چنا
گھوٽڪي
نعت
خدا جڳ بنايو مُحمّدﷺ جي صدقي،
هي چرخو چلايو، مُحمّدﷺ جي صدقي.
قلم، لوح، ڪرسي، هي عالم سڄو ئي،
جنت، بھشت ٺاهيو مُحمّدﷺ
جي صدقي.
نبين، امامن، صحابن سڀنن جو،
آ رُتبو وڌايو مُحمّدﷺ جي صدقي.
فلڪ فرش مولا زمين و زمانا،
آ سڀ ڪجھه بنايو مُحمّدﷺ
جي صدقي.
هي اشرف ٿيو انسان آقا جي صدقي،
وڏو شان پايو مُحمّدﷺ جي صدقي.
اچو شانُ ڳايون مُحمّدﷺ مٺي جو،
هي قرآن آيو مُحمّدﷺ جي صدقي.
’مداحي
نصير‘
آ فقير نبيءَ جو،
آ واحد وڌايو مُحمّدﷺ جي صدقي.
***
ارباب علي عادل چوهاڻ
شڪارپور
ٻالڪ
دنيا جا موچارا ٻالڪ،
سنڌ وارا پڻ پيارا ٻالڪ.
پنڌ ڪري اسڪول وڃن ٿا،
اٿئي ڀاڳن وارا ٻالڪ.
علم جا نج موتي ميڙن ٿا،
حڪمت ۾ ھاڪارا ٻالڪ.
علم اول ھو پاڻ پڙھن ٿا،
پوءِ پکيڙن سارا ٻالڪ.
علمي ساٿ سفر ۾ جُڙن ٿا،
ھر پل سان سھارا ٻالڪ.
اُستادن کان علم سکن ٿا،
ھردم جيءَ جيارا ٻالڪ.
گيتَ نظم ڪي بيت لکن ٿا،
گُل ڦُل لاءِ سدورا ٻالڪ.
علم سندي عظمت سمجھن ٿا،
مَنَ جا صاف سچارا ٻالڪ.
’عادل‘
کي اُستاد مڃن ٿا،
سمجھه ڀريا سوڀارا ٻالڪ.
***
مھر فقير
علم
مان ٻار منھنجي شاعري ٻاراڻي،
لکندو آهيان سو ٻالڪ آکاڻي.
ها صبح سويري اُٿندو آهيان،
نالو ڌڻيءَ جو وٺندو آهيان.
آهيان پڙهندو نماز پابندي سان،
قرآن جي به تلاوت ڪندو هان.
ڪري ناشتو اسڪول ويندو هان،
خوب علم ادب اصول سکندو هان.
ڪتابن جي دوستي زندگي آهي،
علم ئي ته حقيقي روشني آهي.
قرآن ۽ حديث ۾ علم جو ذڪر آ،
علم جي خوشبو سڀ کان مُعطر آ.
آهي علم عظمت سونھن سينگار،
آهي علم عشق ۽ علم ئي پيار.
جيئن ورهائجي تيئن وِڌي علم،
سدا راھه حق جي ٿو ڏسي علم.
اچو جوت علم جي جَڳَ ۾ جلايون،
جوت سان جَڳَ کي روشن بڻايون.
سدا ياد رکجو
’مھر
فقير‘
جو نظم،
ڪندو رهنمائي اوهان جي هر قدم.
***
امداد سروري
آراضي/سيوھڻ
منزل
زندگيءَ جي سفر ۾ ته هلندا رهياسون،
زماني جا منظر به ڏسندا رهياسون.
ويھڻ سان نه منزل ملي آهي ڪنھن کي،
اُستادن کان منزل جو پُڇندا رهياسون.
مليا راهه ۾ جي ڪنڊا دشمنن کان،
کِلي سڀ خوشيءَ سان ته سَھندا رهياسون.
اسان کي ته مذھب جيئڻ ٿو سيکاري،
رُڪاوٽون، ڪيرائي ته وڌندا رهياسون.
هٿن تي ڏيئن کي جلائي رکيوسون،
وسامي وسامي پو ٻرندا رهياسون.
علم کي ڪلاسن ۾ حاصل ڪيوسون،
خوشيءَ ۾ سدائين ته کلندا رهياسون.
علم جِت مليو اُتِ اُستادن جي آڏو،
سِرَ کي نِمائي ته جُھڪندا رهياسون.
’امداد‘
اُستادن جيڪي ڪجھه پڙهايو،
ٿي خاموش ٻُڌندا ۽ سِکندا رهياسون.
***
غلام محمد غازي
تفريحي گاهون
روز ڪرين ٿو ٻچڙا ڳالھيون،
اچ ته گھمايان تفريح گاهون.
شھر ڪراچي ۾ هڪ سُھڻو،
”جناح
پارڪ“
آ من موھڻو.
ڇا ته
”عزيز
ڀٽي پارڪ“
آ،
سُھڻا منظر آهن هن جا.
”دلڪشان
باغ“
لاھور ۾ آهي،
هيءُ به اسان کي پيو ٿو سھائي.
واھه وا
”گلابي
باغ“
آ ٻارو،
سو به ڏسڻ جھڙو آ سارو.
”ڇانگا
مانگا“
ڀي ڏسنداسون،
گڏجي هن جو سير ڪنداسون.
لاهور جو
”چڙيا
گھر“
ڏسبو،
پاڻ سان گڏ معراج به هلندو.
شيخوپورا ۾
”هرڻ
مينار آ“،
پنھنجو ان سان ڀي پر پيار آ.
”شاهه
جھان“
جو هڪ يادگار،
لاھور ۾
’غازي‘
”شالامار.“
***
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
لغڙ
منھنجو سھڻو ٻارو لغڙ،
سونھن
سراسر سارو لغڙ.
عرش
اُڏائي هير ٿي جنھن کي،
ڏسجي
سڀ کي نيارو لغڙ.
روَش
هوا جي پاسا ڦيري،
ڪيڏو
شوخيءَ وارو لغڙ.
ٽن
رنگن سان جڙيل جيڪو،
زردو نيرو ڪارو لغڙ.
گوڙ
ٿئي ٻارن جو ڇت تي،
جڏهن ٿئي سوڀارو لغڙ.
شوق
ڪيو مون پورو پنھنجو،
ڪَٽيو جو ويچارو لغڙ.
’عاصم‘
دل وندرائڻ خاطر،
ناهه ٻيو واڌارو لغڙ.
***

عزير احمد”عزير“علوي
شڪارپور
سيارو
آيو ٻالڪ سرد سيارو،
پاڻ بچايو لھندو پارو.
سردي کان به بچاءُ ڪيو سڀ،
بلڪل ٻيو ڪو
ناهي
چارو.
سال جون چارئي موسم نياريون،
سَرءُ، سيارو، بھار، اونھارو.
جيڪو سيءَ کان پاڻ بچائيندو،
سوئي ڏاهو سڏبو ٻارو.
مُند مطابق ٻالڪ هلندو،
اُن کي چئبو قسمت وارو.
انسان هجن، حيوان هجن،
سڀ کي سيءُ
ٿيندو آ يارو.
بلڪل پاڻ
’عزير‘
لڪايو،
هاڻي ايندءِ سيءُ سگھارو. |