ٻئي طرف لڊو جي اک کُلي ته ھو اکيون مھٽيندي ڊڊو
وٽ ويو، جيڪو دوربين سان جھنگ ڏسي رھيو ھو. لڊو
دوربين جي شيشي مان ڏٺو ته لڊو جي اک تمام وڏي نظر
آيس، لڊو اھو ڏسي پھرين ته ڊڄي ويو پوءِ سوچيائين
ته وڏي ڀاءُ جي ھوندي ڊڄڻ ڇا جو. ڊڊو دوربين لڊو
جي ھٿ ۾ ڏيندي چيو، اچي وٺ جھنگ جو نظارو ڪر. لڊو
دوربين اکين تي رکي ته اچانڪ اتان اُٺ نظر آيو،
لڊو خوف وچان ڏڪڻ لڳو. ڊڊو پڇيس ڇا ٿيو؟ لڊو چيو
ادا تمام وڏو... منھنجي سوچ کان به تمام وڏو...
ڊڊو لڊو کي پيار ڪندي چيو، مون کي ڏي آئون ڏسان ته
ڇا آھي. ڊڊو دوربين ۾ ڏٺو ۽ کلي ڏنائين ۽ پيار مان
لڊو کي چيائين ھي ته جبل آھي، پر ادا اھو ته اسان
ڏي پيو اچي. ڪجھه جبل جيئرا ھوندا آھن. اھو چوندي
ڊڊو پنھنجي ڀاءُ جو ھٿ جھليو ۽ ڀڄڻ لڳو، ڀڄندي
ڀڄندي چيائين، ڀڄ لڊو ھي اُٺ آھي اُٺ، اسان ڏي پيو
اچي، اُٺ جي رفتار به تيز ھئي، اُٺ ۽ انھن جي وچ ۾
مفاصلو گھٽجندو ويو.
لومڙ پنھنجي گھر جون سڀ دريون در بند ڪري شينھڻ جي
پڇ تي ڪارو رنگ ھڻي رھيو ھو ته اچانڪ ڀولڙو ڇت تان
ٽپ ڏئي لومڙ جي سامھون اچي بيٺو. لومڙ ڀولڙي کي
ڏٺو ته پريشان ٿي ويو، پنھنجي پريشاني کي لڪائيندي
چيائين، تون ڀولڙي جو ڀولڙو ھوندين، ڪڏھن به انسان
نه ٿي سگھندين. ڀولڙو ناراض ٿيو ۽ چيائين آئون
ڀولڙو ئي صحيح آھيان، انسان ٿي ڪھڙا ڦاڙھا
ماريندس. لومڙ چيو، ڀولڙا صاحب تميز نالي به ڪا
شيءِ ٿيندي آهي، ڪنھن جي گھر ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين
دروازو کڙڪائبو آھي. ڀولڙي جواب ڏنو، تون ڇت ۾
دروازو لڳاءِ، آئون ضرور کُڙڪائيندس. پر تون اھو
ته ٻڌاءِ مون کي ڏسي پريشان ڇو ٿي ويو ھئين. لومڙ
يڪدم شينھڻ جو پڇ لڪائي ڇڏيو، آئون ڇو پريشان
ٿيندس، آئون ته نارمل آھيان، منھنجو بلڊ پريشر چيڪ
ڪري ڏس. ڀولڙي چيو، آئون توکي ھڪ ضروري ڳالھه
ٻڌائڻ آيو آھيان، تو لاءِ بريڪنگ نيوز آھي. لومڙ
چيو، اڇا ڪھڙي ڳالھه آھي. ڀولڙي چيو، تو اعلان
ٻڌو. لومڙ چيو، آئون فضول ڳالھين تي ڌيان نه ڏيندو
آھيان، پر اڄ گھر کان ٻاھر نه نڪتو آھيان، ڪو خاص
اعلان ٿيو آھي ڇا؟ ڀولڙي چيو، خاص ئي سمجھه، شينھن
قوم کي خطاب ڪندو. لومڙ چيو، يار اھا ڪھڙي نئين
ڳالھه آھي، ھو ته قوم کي خطاب ڪندو رھندو آھي،
لومڙ شينھن جي اھل ڪرڻ لڳو،
”منھنجا
عزيز ھم وطنو، اسان جو ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو
آهي، ڪرپشن عروج تي آهي، اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا
پوندا، ھن ڏکين حالتن مان نڪرڻ لاءِ توھان جي
تعاون جي ضرورت آھي وغيره وغيره.“
اھا تقرير ٻُڌي ٻُڌي اسان ته بور ٿي ويا آھيون.
ڀولڙو لومڙ جي تقرير ٻُڌي تاڙيون وڄائڻ لڳو. لومڙ
اداڪاري ڪندي جھڪيو ته ڀولڙي کي تازي رنگ جي خوشبو
آئي. چيائين رنگ جي خوشبو پئي اچي. لومڙ چيو، ھا
آئون دريءَ کي رنگ ڪري رھيو ھئس. ڀولڙي تجسس مان
پڇيو، تو پٺيان ڇا لڪايو آھي. لومڙ جي زبان مان
نڪري ويو، ھڪ وڏو پڇ، اھو چئي لومڙ پڇتائڻ لڳو،
ڀولڙي کانئس سوال ڪيو، ڪنھن جو پڇ، ڏيکار ته سھي،
لومڙ پريشان ٿي ويو، چيائين يار تون ته پڇ جي
پويان پئجي ويو آھين، ھو ڏس ڀت تي سانڊي. ڀولڙو
سانڊيءَ کان ڊڄندو ھو، سانڊي جو نالو ٻڌندئي سائيڊ
وٺي بيھي رھيو. لومڙ کلڻ لڳو. ڀولڙو سمجھي ويو ته
لومڙ مذاق ڪيو آهي. خبر اٿئي لومڙ ادا رات ڪنھن
شينھڻ جو پڇ چورايو آهي. لومڙ چيو خبر آهي مون کي.
ڀولڙو حيران ٿي ويو، چيائين توکي ڪيئن خبر پئي،
تون ته گھر کان ٻاھر ئي نه نڪتو آھين ۽ اعلان به
نه ٻڌو اٿئي. لومڙ چالاڪ ھو، يڪدم چيائين، اڙي يار
ھاڻي جو تو ٻڌايو. ڀولڙو پڇتائڻ لڳو، نه ٻڌائڻ
واري ڳالھه به منھنجي زبان مان الائي ڇو نڪري
ويندي آهي. لومڙ ڀولڙي کي چيڙائڻ لڳو، تنھنجو
ايمان ڪمزور آھي، انڪري. ڀولڙو ڳالھه بدلائيندي
چور جي تعريف ڪرڻ لڳو، يار لومڙ شينھڻ جو پڇ
چورائڻ ايترو آسان ناهي، ڪو بھادر ئي ھوندو، جنھن
اھو ڪم ڪيو ھوندو. لومڙ ڇاتيءَ تي ھٿ رکندي چيو،
تنھنجو ڀاءُ ڪنھن کان گھٽ آھي ڇا. ڀولڙي لومڙ کي
شڪ جي نظرن سان ڏٺو. لومڙ ڳالھه ٺاھيندي چيو، انھي
پڇ جو به ڪھڙو فائدو، جنھن جي حفاظت نه ٿي سگھي.
ڀولڙو يڪدم ٽپ ڏيئي لومڙ جي ھٿ مان پڇ وٺي سنگھڻ
لڳو، ھي پڇ ته شينھڻ جو ٿو لڳي، ھن مان شينھڻ جي
خوشبو پئي اچي. لومڙ ڀولڙي کان پڇ ڦري ورتو، اڙي
نه يار توکي غلط فھمي ٿي آھي، ڀلا ٻڌاءِ شينھڻ جو
پڇ ڪارو آھي؟ ڀولڙو ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ چيو نه
شينھڻ ته ڀوري رنگ جي آھي. لومڙ کلندي چيو، ھي ته
ڪارو پڇ آھي، شاھد رھجان. ڀولڙي پڇيو، تون مون کي
ڪھڙي ڳالھه جو شاھد ٿو ٺاھين. لومڙ ڀولڙي جي ڪلھي
تي ھٿ رکندي چيو ته اھو ئي ته شينھڻ ڪاري ناھي ۽
مون وٽ جيڪو پڇ آھي، اھو ڪاري رنگ جو آهي. اھو ته
صحيح آهي پر شينھڻ جو پڇ ڪنھن چوري ڪيو. لومڙ يڪدم
چيو، تو چوري ڪيو آهي. ڀولڙو ڊڄي ويو، لومڙ ھن تي
وڏو الزام لڳائي ڇڏيو ھو. ڀولڙي ڊڄندي چيو، نه
ادا مون نه چورايو آهي. لومڙ جو وار نشاني تي لڳو،
چيائين پڇ تو چورايو آهي يا مون، ڳالھه ساڳي آھي.
ھن جھنگ ۾ ٻه چور آھن، ھڪ آءٌ ٻيو تون، صحيح ٿو
چوان نه.. ڀولڙي چيو ادا آءٌ چور ناھيان، آئون ته
فقط ڪم چور آھيان. چور چور ھوندو آھي ۽ اھو تون
مڃين پيو ته تون ڪم چور آھين. ڀولڙي غمگين ٿيندي
چيو ھا ڪم چور آھيون، پر پڇ مون نه چورايو آهي.
لومڙ کليو، ڀولڙو سندس چال ۾ ڦاسي چڪو هو، چيائين
يار ڀولڙا تون منھنجو ساٿ ڏين ته آءٌ ھن جھنگ جو
بادشاھه ۽ تون انصاف جو وزير ٿي سگھين ٿو، پر تون
گڏھه آھين. ڀولڙو ناراض ٿيو ۽ چيائين آئون گڏھه
ناھيان، ڀولڙو آھيان. اڙي تون ناراض ٿي وئين ڇا،
مون ته توکي محبت مان گڏھه چيو آهي. ڀولڙو وري
ناراض ٿيو، چيائين تون مون کي محبت يا نفرت مان
گڏھه نٿو چئي سگھين، آئون ڪٿان کان به گڏھه
ناھيان. لومڙ چالاڪ ھو، يڪدم مقصد جي ڳالھه تي اچي
ويو، خير ھاڻي به وقت آھي، جيڪڏھن تون منھنجو ساٿ
ڏين ته اسان ٻئي ھن جھنگ تي حڪومت ڪري سگھون ٿا.
ڀولڙي پڇيو، اھو ڪيئن؟ لومڙ ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي
بادشاھن وانگر ڪُرسيءَ تي ويھي رھيو. ڳالھه ٻُڌ
جيڪو پنھنجي راڻي جي پڇ جي حفاظت نٿو ڪري سگھي،
اھو اسان کي تحفظ ڪيئن ڏئي سگھندو. ڀولڙو ڪنڌ ھا ۾
لوڏيندي چيو، تنھنجي انھي ڳالھه ۾ وزن آهي. لومڙ
چيو اسان ٻئي ملي وڃون ته شينھن کان وڌيڪ طاقتور
ٿي سگھون ٿا. شينھن ناڪام ٿي چڪو آهي، سندس حڪومت
ڪيرائڻ اسان تي فرض آهي. ڀولڙي ڪرسي کي لت ھڻي
ڪيرائي ڇڏيو، حڪومت ايئن لت ھڻي ڪيرائيندين. لومڙ
ڀولڙي کي پڇ تي ھٿ ڦيرائيندي چيو، جمھوري طريقي
سان ووٽنگ ڪرائي حڪومت ختم ڪنداسين. ڀولڙي چيو،
منھنجي جان تنھنجي آھي پر ووٽ شينھن جو آھي. لومڙ
محسوس ڪيو ته ڀولڙو سندس ڳالھين ۾ نه پئي آيو، ھن
وري ٻي چال کيڏي، ڳالھه ٻڌاءِ ڀولڙا چور تون آھين
يا آءٌ، شينھن توکي جھليندو يا مون کي؟ خير مون کي
ته نه جھليندو. ڀولڙو حيران ٿيندي چيو، اھو ڇو؟
آئون ڪلھه ته بيمار ھئس، مون وٽ بابا ڪڇون ڪوما جو
ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به آھي، ھي ڏس. ڀولڙي ڪاغذ کي غور
سان ڏسندي چيو ڪاغذ ته صحيح آهي پر مون ميڊيڪل جي
تعليم نه ورتي آهي، انڪري پڙھي نٿو سگھان. لومڙ
ٽھڪ ڏيندي چيو جانورن جي مون کي اھا ئي ڳالھه
وڻندي آھي ته ھو گھڻا پڙھيا لکيا نه ھوندا آھن،
جيڪا پٽي پڙھائبي آھي پڙھي ويندا آهن. لومڙ چيو،
آئون گڏھه ناھيان، اڻپڙهيل ضرور آھيان پر جاھل
ناھيان، تون مون کي ڪابه پٽي نٿو پڙھائي سگھين،
آءٌ سياڻو آھيان ٻُڌئي. لومڙ ڀولڙي جي اکين ۾
اکيون ملائيندي چيو، ڳالھه ٻُڌ مون کي تو جھڙن
پڙھيل لکيل ۽ سياڻن دوستن جي ضرورت آھي. ڀولڙو خوش
ٿيو، اڇا آءٌ سياڻو آھيان مھرباني. لومڙ چيو، توکي
آءٌ انصاف جو وزير بڻائيندس. ستر ڀولڙيون تو وٽ
ھونديون، آفريڪا جي، آمريڪا جي ڀولڙي، چين ۽ جاپان
جون ڀولڙيون تو وٽ ھڪيون ھونديون. ڀولڙي جون واڇون
ٽڙي پيون، سچ ٿو چوين ادا. ھا سچ ٿو چوان. ٻيئي
خوش ٿي ڪرسي تي ويھي منصوبا بندي ڪرڻ لڳا.
لومڙ چيو، ھڪ ڳالھه ياد رکجان، چالاڪي نه ڪجان نه
ته ٻئي مارجي وينداسين. ڀولڙي چيو تون مون تي انڌو
اعتماد ڪري سگھين ٿو، ھاڻ تفصيل سان پلان ٻڌاءِ،
ڇا ڪرڻو آهي. لومڙ ڀولڙي جي اڳيان ھڪ ٿلھو ڪتاب
رکيو. ڀولڙي ڪتاب کي ڏسندي چيو آءٌ پلان تنھنجي
واتان ٻڌڻ ٿو چاھيان، چيل لفظ وڌيڪ قيمتي ھوندا
آھن. لومڙ اندر ئي اندر ۾ خوش ٿيڻ لڳو، ڇو ته ھن
جيڪو ڪتاب ڀولڙي جي اڳيان رکيو ھو، اھا اصل ۾ لغت
ھئي، پر ڀولڙو گھڻو پڙھيل نه ھو ان ڪري...........
(هلندڙ.....)
علي محمد پلھه
(قسط: آخري)
ڳوٺ پلھه/سانگھڙ
مهاڻو ۽ جن!
پاڻ سڄو ريشمي ۽ قيمتي ڪپڙن سان ويڙھيل ھڪ تخت تي
ويٺو آھي. پر سندس منھن مان غم جا آثار ڏسجي رھيا
آھن. سلطان کيس سلام ڪيو. جنھن جي جواب ۾ نوجوان
چيو، ته اي پرديسي ڀلي ڪري آئين، پر مون کي معاف
ڪجان! جو تنھنجي آڌرڀاءُ لاءِ آءٌ اُٿي توسان ملي
نٿو سگھان. سلطان چيو ان ڳالھه جو ڪوبه فڪر نه
آهي. آءٌ هتي فقط چئن رنگين مڇين جي راز حاصل ڪرڻ
لاءِ آيو آهيان. پر مھرباني ڪري پھريائين اھو
ٻُڌاءِ ته تنھنجو محلات هن رڻ پٽ ۾ ڪيئن آهي ۽ تون
ايترو پريشان ڇو آهين؟
نوجوان ان سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو پر سندس اکين
مان ڏک جا ڳوڙها لارَ ڪري وهڻ لڳا. هن پنھنجي ھٿن
سان ھيٺئين ڌڙ تان ڪپڙو لاھي ڌڙ سلطان کي ڏيکاريو
ته سلطان جي وات مان رڙ نڪري ويئي. ڇو ته ان جو ڌڙ
پٿر بڻيو پيو هو. ڪجھه وقت کان پوءِ ان نوجوان
ڳالھايو ۽ سلطان کي ويھڻ جي لاءِ اشارو ڪيائين.
پوءِ کيس چوڻ لڳو، ته هاڻي ٻُڌ ته منھنجي ھيءَ
حالت ڪيئن ٿي.
جنھن ڍنڍ جي ڪناري تي تنھنجا تنبو لڳل آھن. اھو
ڪنھن وقت منھنجي پيءُ
”محمود“
جي بادشاھيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھن پنھنجي آخري
عمر ۾ منھنجي شادي ڪرائي. مون کي گاديءَ تي
ويھاريو ۽ پاڻ ڌڻي تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي
ويو. ھڪ ٻه سال ته خيريت سان گذري ويا پر منھنجي
پيءُ جي وفات کان پوءِ مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته
منھنجي راڻيءَ جو مون سان اڳوڻو پيار نه رهيو آهي.
منھنجي سامھون گھڻو ڪري اُداس رھندي ھئي. ڪجھه وقت
ته مون ان ڳالھه تي ڌيان نه ڏنو پر هڪ ڏينھن
منجھند جو گرميءَ جي تيزيءَ سبب آءٌ محلات ۾
پنھنجي پلنگ تي ليٽيو پيو هوس ۽ ٻه ٻانھيون منھنجي
پاسن کان پکن سان ھوا ڪري رھي ھيون، جنھنڪري ڪجھه
ننڊ جو جھوٽو به اچي ٿي ويو. ڪنھن محل منھنجون
اکيون ٻوٽيل ڏسي ٻانھيون پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳيون.
مون جڏھن ڪنُ لائي انھن جي گفتگو ٻُڌي ته منھنجي
تن بدن کي باھه لڳي ويئي ۽ شڪ جي جاءِ تي پڪ ٿي
ويئي. هو ائين چئي رهيون هيون، ته راڻيءَ جي دل هڪ
شيدي جادوگر سان لڳي ويئي آهي. جنھن ڪري ھوءَ مون
ڏانھن ڪوبه ڌيان ڪونه ٿي ڏئي.
مون يڪدم اُٿندي نه ڪا ڪئي هم نه تم. کڻندي ئي
اگھاڙي ترار راڻيءَ جي ڪمري ڏانھن ڪاھي ويس، جتي
هوءَ هار سينگار ڪري رهي هئي مون کي ڪاوڙيل ۽ هٿ ۾
ترار ڏسي هوءَ ڳالھه کي سمجھي ويئي پر جيسين آءٌ
ھن کي ترار هڻي پورو ڪريان تيسين هن ڪو اهڙو منتر
پڙهيو جو تلوار منھنجي ھٿن مان ڪِري پئي. ۽ منھنجو
ھيٺيون ڌڙ سڄو پٿر وانگر ٿي پيو. اُتي ھن جو يار
”شيدي
جادوگر“
به اچي نڪتو پوءِ ٻنھي ڄڻن کڻي مون کي ھتي
ويھاريو. منھنجي ان حالت کان پوءِ شيدي وري ھڪ ٻيو
منتر پڙھيو، جنھن ڪري اھا سڄي زمين جنھن تي منھنجي
حڪومت ھئي، سا پاڻيءَ جي شڪل ۾ ڦري ويئي ۽ ان تي
رھندڙ سڀ ماڻھو مڇين جي صورت ۾ ٿي پيا. ھاڻي جيڪا
ڍنڍ تو ڏٺي اھا ساڳي زمين آھي، جنھن تي منھنجي
رعيت رھندي ھئي. ان ۾ رھندڙ ڳاڙھيون مڇيون اھي
ماڻھو آھن جي مسلمان ھئا. اھڙي طرح سايون مڇيون
پارسي آھن. پِيليون ڪرستان ۽ ڪاريون يھودي آھن.
انھن جا رنگ سندن ٽوپين جي رنگ سان ملايا ويا آھن.
جيڪي ھو ھڪ ٻئي جي سڃاڻپ لاءِ پائيندا آھن.
ھاڻي ھر روز اھا منھنجي زال، جادوگر سان گڏجي ھتي
ايندي آھي ۽ ٻئي مون کي گھٽ وڌ ڳالھائي ھليا ويندا
آھن. ھينئر به انھن جي اچڻ جو وقت ٿي ويو آھي.
تنھنڪري تون ھتان ھليو وڃ، نه ته تنھنجو حال به
مون جھڙو ٿي ويندو. سلطان چيو ته اي نوجوان تنھنجو
درد ڀريو داستان ٻُڌي آءٌ موٽي وڃان ائين مون کان
نه ٿيندو. آءٌ توکي هن مصيبت کان ضرور ڇوٽڪارو
ڏياريندس. هي اڃان انھيءَ بحث مباحثي ۾ هئا، ته
ڪنھن جي پيرن جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. سلطان ڊوڙي وڃي
پردي جي پويان بيٺو ۽ پنھنجي ترار مياڻ مان ڪڍي ھٿ
۾ جھليائين. ٿوري ئي وقت ۾ شيدي جادوگر ۽ اھا زال
ھٿ ھٿ ۾ ڏيندا اچي پھتا. اڃان زبان مان ڪو اکر
ڪڍيائون ئي ڪونه تنھن کان اڳ سلطان جي ھڪ ئي وار
سان ٻنھي جون سِسيون ڌڙ کان ڌار ٿي ويون.
ھنن جي قتل ٿيڻ شرط اهو نوجوان اُٿي کڙو ٿيو.
ڇاڪاڻ ته جادوگر جي مرڻ سان جادوءَ جو اثر به ختم
ٿي ويو. ۽ پوءِ ان نوجوان ڊوڙي اچي سلطان کي ڀاڪر
پاتو. اُتي صبح به اچي ٿيو ٻئي ڄڻا خوشيءَ مان
کِلندا محلات کان ٻاهر نڪتا ٻاهر اچي ڏسن ته نظارو
ئي ٻيو لڳو پيو آهي. نڪا آهي ڍنڍ، نڪي جبل ۽ نه ئي
مڇيون. هڪ عاليشان شھر بڻيو پيو آھي. جنھن ۾ ڪئين
قسم جا ماڻھو ھيڏانھن ھوڏانھن گُھمي رھيا آھن.
نوجوان سلطان کي چيو ته تنھنجي ڪري مون کي منھنجي
حڪومت ۽ رعيت وري ملي سگھي آھي. تنھنڪري آءٌ
تنھنجو ٿورائتو آھيان. ھاڻي اچ ته توکي پنھنجي
اميرن ۽ وزيرن سان ملايان. سلطان کيس چيو ته
پھريائين آءٌ پنھنجي اميرن ۽ وزيرن کي ڳولي لھان
ته پوءِ تو وٽ اچان ٿو. نيٺ ٻنھي بادشاھن پنھنجا
پنھنجا ماڻھو ھٿ ڪيا. تنھن کان پوءِ ھر طرف خوشيون
۽ شادمانا مچي ويا.
سلطان ان ملڪ جي بادشاهه کي چيو ته اسان کي هي سڀ
خوشيون مھاڻي جي ڪري نصيب ٿيون آھن. جنھن سڀ کان
اول ھي رنگين مڇيون ڦاسائي تنھنجي آزاديءَ جو رستو
ڳولي لڌو. تنھن تي ان ملڪ جي بادشاھه هڪدم ان
مھاڻي کي محلات ۾ گھرائي پنھنجي پاسي ۾ تخت تي
ويھاري گھڻو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اوڏي مھل کيس وڏي وزير
جو عھدو عطا ڪيائين.
آخر ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ سلطان موٽي پنھنجي
شھر ۾ آيو. اھڙيءَ طرح مھاڻي جي ڪري ٻنھي حڪومتن
جي پاڻ ۾ واقفيت ٿي ۽ ٻنھي جي گڏيل ڪوششن سان
ڪيترن ئي غريبن جي ڀلائي ٿي.
}ختم ٿيو{

السلام عليڪم مانواري ايڊيٽر صاحبه.
گُل ڦُل جي تڪڙي اشاعت ۽ وقت سر ٻالڪن جي ھٿن
تائين پھچائڻ تي جسُ لھڻو. مون کي گُل ڦُل سٿَ ۽
سنڌي ادبي بورڊ تي فخر آھي. جن جي جاکوڙ
سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جو دوست ۽ ھيڪلو رسالو گُل
ڦُل، سندن شعور کي سُڳنڌ ارپي پيو.
منھنجو قسطوار ناول
”سِپي،سارنگ
۽ متارو“
به شايع ٿئي پيو ۽ مان ڏاڍو سُرھو آھيان. ھن اي
ميل وسيلي نه رڳو اوھان جا ٿورا مڃان ٿو، پر ايندڙ
وقتن ۾ ٻارن لاءِ ڪارائتو مواد گُل ڦُل ڏانھن
اُماڻڻ جو وچن پڻ ڪيان ٿو. منھنجو ناول سپي، سارنگ
۽ متارو، ٻن ٽن رخن سان بيان ٿئي پيو. ڪنھن مھل
ڪھاڻيءَ کي سپي ۽ سارنگ پيا اڳتي وڌائين ته ڪنھن
مھل متارو. ڪٿي ڪھاڻي شڪاري پيا ٻُڌائن ته ڪٿي وري
انسپيڪٽر آڪاش. ان ڪري ضروري آھي، ته ڪھاڻيءَ جو
ھڪ رخ پورو ٿيڻ کان پوءِ اُتي ڪا نشاني ڏجي، ته
جيئن ٻارن کي خبر پئي، ته ھڪ رخ جي حوالي سان
ڳالھه پُوري ٿي وئي ۽ ھاڻي ڪنھن ٻئي جي حوالي سان
ڪھاڻي اڳتي وڌندي. جيئن اوھان عبدالستار لغاري
صاحب جي ناول جي تازي ٽين قسط ۾ صفحي پنجيتاليھين
تي نشان ڏنو آھي. جيئن ته گُل ڦُل جا پڙھندڙ ٻالڪ
آھن. سو انھن کي مونجھاري کان بچائڻ لاءِ اھڙا
نشان ڏجن، ته ٻار لاءِ ڪھاڻيءَ کي سمجھڻ ۾ سولائي
ٿيندي. ان جي ڪري اوھان کي عرض آھي، ته ان سلسلي ۾
منھنجي مدد ڪيو ڏاڍو ٿورائتو ٿيندس.
ٻيو عرض اھو آھي ته منھنجي ناول جي عنوان سان گڏ،
جتي منھنجو نالو ڏيو ٿا، اُتي منھنجي نالي سان گڏ
رڳو منھنجي ڳوٺ خانواھڻ جو نالو ڏيو. منھنجي ضلعي
نوشھروفيروز جو نالو ڏيڻ ضروري ناھي. اُميد ته
منھنجا عرض اوھان وٽ ضرور اگھبا. اوھان جي وڏي
مھرباني... اوھان جي صحت و سلامتيءَ لاءِ دعاگو
آھيان.
سرمد عباسي
(خانواھڻ)
***
مان واري سانئڻ ايڊيٽر گُل ڦُل محترمه نجمه پنھور
صاحبه السلام عليڪم،
سدائين بھار رُت جيان مُرڪنديون رهو.
جيئن ته گُل ڦُل مارچ اپريل جا ٻئي پرچا هٿن تائين
پھتا. پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. وقت جي ڪجھه مصروفيتن
جي ڪري توهان کي ڪوبه مواد موڪلي نه سگھيس. هن
ڀيري توهان ڏانھن پنھنجا ٻه نظم ۽ پنھنجي مڪمل
ائڊريس به موڪلي رهيو آهيان ۽ ٻيو عرض ته اڳ
موڪليل هڪ تحقيقي مضمون،
”سنڌ
۽ سنڌ جي نالي بابت شھادتون“
به گُل ڦُل ۾ شايع ڪندو ته توهان جي وڏي مھرباني
ٿيندي.
آزاد زنگيجو
پوسٽ آفيس،خيرپورناٿن شاهه ضلع دادو
***
لطيفي لات جو نتيجو
جون
2025ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
يمن“
جي داستان ٻئي جو نائون نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
اي بي سمجھه طبيب، آءٌ بيماريءَ سبب مرڻ جھڙي ٿي
وئي آهيان. پر توکي اڃان تائين منھنجي تڪليف ۽ درد
جي خبر ئي ڪانه پئجي سگھي آهي (اصل سبب معلوم ڪري
نه سگھيو آھين). آءٌ پرين سان ملي اهو ئي چونديس
ته هاڻي طبيبن (مرض جو علاج ڪندڙن) مريضن تي ترس
(رحم) ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون
سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.
*مريم جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان
*ذوالقرنين جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا
نوان
*نورالعين سومرو: ڪلاس پنجون، پروفيسر محمد
هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه
*زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ
*ارسلان: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي
سيوھڻ
*عبدالسميع جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو
*فيروز احمد لاکو: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول هالا نوان
*انيبا ڀٽي: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ
ڀٽي حيدرآباد
*ڪونين: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول
آراضي سيوهڻ
*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول
ڳوٺ علي محمد جمالي
*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول
حيدرآباد
*شايان علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ بوائز
پرائمري اسڪول بکر جمالي
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
مريم جاويد جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران
’گُل
ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

 |