

[16]
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين
سُتي لوڪِ، لَطِيفُ چَئي، ذَرو يادُ نه ڪِئوءِ
غافلُ ٿي غُرابَ کي اوڙاهَه تي آندوءِ
سو ڇِتَرُ ڇُهي کان رکِين جو پِئو پراڻو پوءِ
جَهازُ ضَعِيفَنِ جو پاڻيءَ ۾ پرتوءِ
سَيدَ! ساٿُ سَندوءِ، پُربَندَرِ پَھُچائِيين.
سمجھاڻي:
(شاهه
عبداللطيف پاڻ کي مخاطب آهي) تو اهو ڪپر (بندر)
اچي ڏٺو (اتي پهتو آهين) جيڪو هن کان اڳ تو صرف
ڪنن سان ٻڌو هو. عام ماڻهن جي سُمهڻ کان پوءِ (رات
وچ ۾ جاڳي) تو پنهنجي رب کي ٿوريءَ دير لاءِ به
ياد نه ڪيو. بلڪ غفلت ۾ غرق رهين، تان جو تنهنجو
غوراب اونهي پاڻيءَ جي اوڙاهه ۾ اچي ڦاٿو آهي.
اي مالڪ، هن پراڻي ٻيڙيءَ (موچڙي جي شڪل سان
مشابهه) کي تيز طوفاني هوائن کان بچاءِ، ڇو ته اها
پاڻيءَ ۾ سانده هلندي ڏاڍي جهوني ٿي چڪي آهي. اي
سائين، اسان عاجزن ڪمزورن جو هيءُ جهاز هن وڏي
پاڻيءَ ۾ تنهنجي حوالي آهي. اي سردار، هن قافلي کي
پور بندر (ڪاٺياواڙ جي مشهور بندر) تي تون ئي
پهچائيندين.
[17]
جُتو وانءُ جَهازَ، گَڏِئو غُرابَن سِين
پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي سَڌَرَ کَڻجِ سازَ
اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽراڻي سَمُونڊَر جا.
سمجھاڻي:
اي (وڏا) جهاز تون ٻين ننڍن ٻيڙن (غورابن) سان
همراهه ٿي هليو هل (انهن جو ساٿ ڏي) هُن پار (ٻئي
جهان) ڏي وڃڻ لاءِ پاڻ سان پڪو پختو (اعتماد جوڳو)
سازو سامان کڻي هلڻ ضروري آهي. توکي خبر آهي ته
اڳتي سمنڊ ڏاڍو خوفناڪ آهي ۽ زبردست گجگوڙ جا آواز
پيا اچن.
[18]
جَرَ ۾ ڦوٽو جِيئَن، لَهريُون لَڳندي اَڌَ ٿِئي
تُون پُڻ آهِين تِيئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينهَڙَو.
سمجھاڻي:
جهڙيءَ ريت پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڦوٽو يا حباب
ڇولين جي ٿوري هيٺ مٿي ٿيڻ سان ڦاٽي ختم ٿي ويندو
آهي (ڇو ته ان جو وجود بالڪل عارضي هوندو آهي)،
اهڙيءَ ريت تون پڻ (تنهنجو وجود به بلڪل عارضي
آهي) هن دنيا ۾ ڪجهه وقت لاءِ آهين.
[19]
هيءُ جو سَودو سَڦَرو، سو مُون پَلَءِ پاءِ
وَسُ ويچاري ناههِ ڪو، آگا عَرضُ اُوناءِ
رِءَ هَمراهِيءَ هاديءَ جي مُورِ نه مِڙِي ماءِ
لُطفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرُو لَهرِينِ وِچَ مان.
سمجھاڻي:
اي منهنجا مالڪ، مون کي ان سودي جو نفعو عنايت ٿئي
جيڪو سٺو ۽ صحيح آهي. مون ويچاريءَ جي وس ۾ ڪجهه
ناهي. او سائين، تون منهنجو اهو عرض قبول ڪر. رهبر
جي رهنمائي ۽ مدد کان سواءِ هرگز مقرره منزل تي
پهچي نٿو سگهجي. تون پنهنجو خاص ڪرم ڪر ۽ هن بار
سان ڀريل ٻيڙيءَ کي موجن ۽ ڇولين مان لنگهائي پار
پهچاءِ!
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ
- داستان ٽئو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور/پنو عاقل
دعا
اسانجا خدايا،
ڪجان ڪم سجايا.
اسان جا ڪجان تون،
ھي لايا سجايا.
رھن خوش سدائين،
سڀئي مايون مايا.
ننڍا وڏڙا سرھا،
رھن شل خدايا.
ھجن شاد
’ڪنڀر‘،
ملڪ موچي دايا.
ڪريون ڪم ڀلارا،
ڇڏي ڪم اجايا.
عطائون ڪجان تون،
ڏجان مِھِرَ مايا.
سڀئي گُل او خالق،
آھن تو اُپايا.
اسان جا به رُتبا،
خدا تو وڌايا.
***
عبدالقيوم جکراڻي
جيڪب آباد

نعت
مديني جا سائين، مديني گُھرايو!
ڪري قرب مونکي، مديني سڏايو!
لڳي سِڪڙي ڏاڍي، آ سيني ۾ سائين،
اچڻ منھنجو ٿئي شل مديني ۾ سائين!
ھلان مان به سنبري حاجين سان ھيڪر،
مديني ۾ پھچي، چُمان چائنٺ جيڪر!
نوراني شھر جا، نظارا ڏسان مان،
گُنبدِ خضريٰ، ڏسي پيو ٺَران مان!
مسجد نبوي ۾، نمازون پڙھان مان،
روضي جي سامھون، صلواتون چوان مان!
ھي
’عبدالقيوم‘
آ، سِڪايل اي سائين،
سندس واڳ آقا وطن ڏي ورائين.
***
اُستاد بخاري
دادو
پڙهڻ وڃان ٿو
صبح:
آئون ادڙي ڪيئن ريجھايان!
ڏندڻ ڏيئي هٿ مُنھن ڌوئان!
ماني کائي ڪپڙا پايان!
پڙهڻ وڃان ٿو پڙهڻ وڃان ٿو، پڙهڻ وڃان ٿو!
سانجھي:
ڏينھن لڙيو ٿي آهي سانجھي،
راند به وھوا رهبي وانجھي،
ايندو دودو، موسو، مانجھي،
ڪُڏڻ وڃان ٿو ، ڪُڏڻ وڃان ٿو، ڪُڏڻ وڃان ٿو!
رات:
ياد ڪيا مون کوڙا آهن،
بيت پڙهيا مون بابا آهن،
هاڻي نيڻ ننڊاکا آهن،
سُمھڻ وڃان ٿو، سُمھڻ وڃان ٿو، سُمھڻ وڃان ٿو!
***

ارباب علي عادل چوهاڻ
شڪارپور
ٻالڪ
سُھڻا ۽ من مھڻا ٻالڪ،
دل جا اُجرا کلڻا ٻالڪ.
علم پرائڻ مقصد اعليٰ،
دور نه اُن کان هٽڻا ٻالڪ.
علم پرايو سمجھه وڌايو،
ناهن نعرا سکڻا ٻالڪ.
اسڪول ڏي هر ايندڙ ويندڙ،
رستا ناهن مٽڻا ٻالڪ.
هرجا پاڻ سدورا سڏبا،
سڀ سان ملڻا جلڻا ٻالڪ.
ڪارا ڪوجھا توڙي ڀورا،
سارا موتي داڻا ٻالڪ.
علمي پنڌ اڙانگو هردم،
پوءِ به ناهن رُڪڻا ٻالڪ.
ڏونگر، وادي ٿر بر ساوڪ،
ساگر دريا جھرڻا ٻالڪ.
بيت هجن يا قومي ترانو،
سُر سان آهن پڙهندا ٻالڪ.
گھر گھر ڪيئن نه پھچن’عادل‘،
گيت نظم ٿي اُڏاڻا ٻالڪ.

شفيق عاصم منگي
شڪارپور
ٽيڙُو
ٻالڪ سندي هوڏ،
سمونڊ جي ڪناري،
ميڙين پيا ڪوڏ.
ٻارڙن جون ٻاريون،
ڪيترو لڳن پيون،
کَيجُ کِجڪُن واريون.
ٻالڪ ننڍڙا ٻار،
سونهن سراسر سارا،
ڌرتيءَ جا سينگار.
امڙ جي لولِي،
پيار ۽ پاٻوهه سندي،
شفقت ڀري جھولي.
سوچ جن جي عرش تي،
جوش جذبي سان ڦھلائن،
علم جوت فرش تي.
***
اُستاد گُل دايو /لاڙڪاڻو
قربانيءَ جو ڇيلو
مون ڌاريو ھو ھڪڙو ليلو،
وڏڙو ٿي پيو آھي ڇيلو.
ڇيلو منھنجو تلڪن وارو،
مون کي ڏاڍو آھي پيارو.
قربانيءَ جي عيد آ آئي،
گهر ڀاتين جي وات آ وائي.
ڇيلي کي قربان ڪنداسين،
مٽ مائٽ مھمان ڪنداسين.
اھا خبر آ جڏھن کان پيئي،
تڏھن کان مُنھن ڪيو آ ڀيلو.
مون ڌاريو ھو ھڪڙو ليلو،
ھاڻي ٿي پيو آھي ڇيلو.
اڄ اسڪول ۾ ليڪچر ٿيو ھو،
سائين جنھن ۾ ھينئن چيو ھو،
جيڪو ربّ سان پيار ڪري ٿو،
پياري شيءِ قربان ڪري ٿو،
سو آ مالڪ وٽ البيلو،
مون ڌاريو ھو ھڪڙو ليلو،
ھاڻي ٿي پيو آھي ڇيلو.
ٻُڌي جو مان ھي ليڪچر آيم،
جلدي سوچ پنھنجي بدلايم،
امان بابا کي ڳالھه سُڻايم،
ابي امڙ پوءِ ڀاڪُر پائي،
چيو خوشين جو ٿيندو ميلو،
مون ڌاريو ھو ھڪڙو ليلو،
ھاڻي ٿي پيو آھي ڇيلو.
عزير احمد
’عزير‘
علوي
شڪارپور
ڇيلِي
مان هڪ ڇيلِي جھلِي آهي،
سُندر سُھڻي ڀلِي آهي.
نرم وارن سان موچاري،
پياري من چلِي آهي.
هي هر ٻالڪ جي راڻِي آ،
گُلن جي ڄَڻُ ڪَلِي آهي.
چئون هن کي آه آه مِيمِي،
ايندِي پاڻھي هلِي آهي.
هي گاھه جو شوق سان کائي،
پيارِي مَن ملِي آهي.
سدائين گڏ هلي مون سان،
منھنجي رُوحَ سان رلِي آهي.
بلاشڪ ڳالھه ڇيلِي جي،
’عزير‘
سڀ سان سلِي آهي.
 |