سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولاءِ  2025ع

باب:

صفحو:3 


 

لائبه خان

مترجم: اظھر آزاد مغل

پڙهو ٻارو وڌو ٻارو

ساشا اٺين درجي ۾ پڙھندي ھئي ۽ کيس ڪتابن پڙھڻ جو گھڻو جنون ھوندو ھو. ھوءَ انتھائي ھوشيار ۽ ڪشادي ذھن جي مالڪياڻي ھئي. ھوءَ پنھنجي ٽيبليٽ تي به ڪتاب پڙھندي ھئي، ڇاڪاڻ جو ھوءَ ڪتابن جي ديواني ھوندي ھئي. ھوءَ انگريزي، سنڌي توڙي اردو ادب ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي ڪتابن جو مطالعو ڪري مزو ۽ لطف ماڻيندي ھئي. ھن کي گرامر تي پڻ مھارت حاصل ھئي ۽ ھن جي سنڌي به سھڻي ۽ زبردست ھئي.

انعم نالي ھن جي ھڪ سھيلي ھئي، جيڪا سندس ڪلاس جي پڻ ساٿي ھئي ۽ انعم پڙھائيءَ ۾ ٿوري ڪمزور به ھئي، جنھن سبب ھوءَ ساشا کان گھٽ مارڪون کڻندي ھئي، جيتوڻيڪ ھوءَ سخت محنت به ڪندي ھئي. پوءِ به، ھوءَ اڪثر مضمونن ۾ ڪچي ھوندي ھئي ۽ پاڻ کي بھتر بنائڻ جي لاءِ ھوءَ ساشا کي پڙھائيءَ ۾ مدد ڪرڻ لاء پڻ چوندي ھئي.

ساشا ھن کي صلاح ڏني ته ھن کي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گھرجي ته جيئن انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سندن مھارتن ۾ بھتري اچي سگھي. پر انعم کي ڪتابن پڙھڻ کان نفرت ھوندي ھئي. ھوءَ ھن جي صلاح تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي ھئي، ڇاڪاڻ جو ھوءَ ان وقت پڙھڻ جي اھميت نه سمجھندي ھئي. ساشا پنھنجي طرفان ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ته انعم ۾ ڪتاب پڙھڻ جو لاڙو ۽ رجحان پيدا ٿئي، پر انعم باغي ڇوڪري ھئي ۽ پنھنجو فارغ وقت سوشل ميڊيا تي صرف ڪندي ھئي. ھوءَ ھنن سرگرمين کي مختصر ڪري ڪتاب پڙھڻ جي لاءِ وقت نه ڪڍندي ھئي، جيڪو ھن جي لاء فائدي وارو ثابت ٿئي ھا. ساشا پوءِ ھن کي پنھنجي موبائل يا ٽيبليٽ تي آن لائين ڪتاب پڙھڻ جي صلاح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ھن ۾ پڙھڻ جي عادت پوي. پر انعم اڃا به ھن جي اھڙي صلاح کي اھميت نه ڏني. سال گذرندا ويا ۽ اھي اسڪول کان ڪاليج تائين پھتيون ۽ پوءِ اڳتي ھلي يونيورسٽيءَ جون شاگردياڻيون بڻجي ويون. ساشا پنھنجي پڙھائيءَ ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جاري رکي ۽ ٽاپ پوزيشن کڻندي ھئي، جڏھن ته انعم وچٿري شاگردياڻي ھئي نه گھڻي ھوشيار نه گھڻي جَڏِي، مشڪل سان ئي پنھنجا امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي ھئي.

جڏھن سندن يونيورسٽيءَ جي سال جي شروعات ٿي، انعم سدائين مشڪلاتن سان منھن ڏيندي ھئي، جڏھن ته ساشا جي آڏو اھڙيون ڏکيائون نه ھونديون ھيون. جڏھن کان سندن جي پڙھائي وڌيڪ مشڪل ۽ سخت ٿي ته، انعم جون مارڪون ڏاڍيون گھٽ اينديون ھيون آخرڪار پنھنجي مڊ ٽرم امتحانن ۾ فيل ٿي پئي. انعم ڏاڍي ڏکاري ۽ مايوس ھئي. ھن کي ھاڻي احساس ٿيو ته ساشا مطالعو ڪري پوزيشنون حاصل ڪري رھي ھئي، ڇاڪاڻ جو ھن کي ٻوليءَ تي مھارت ۽ ڪتابن پڙھڻ جي عادت، ھن جي مطالعي کي وڌيڪ آسان ڪري وڌو ھو. انعم نيٺ پنھنجي سھيليءَ جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنھنجي روزاني جي سرگرمين ۾ تبديلي آندي. ھن پنھنجي روزانو واري زندگي ۾ ڪتاب پڙھڻ واري عادت جو اضافو ڪيو، ڇاڪاڻ جو ھن پنھنجو ڪيريئر (آئندو) تباھ ڪرڻ نه ٿي گھريو. ھوءَ جلد ئي پنھنجي مطالعي کي ڌيان جو مرڪز بڻائڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ سندس مارڪن ۾ به بھتري ايندي وئي. ھي عمل پڻ سندس لاءِ تمام گھڻو مددگار ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ جو ٻنھي سھيلين جي ڪتابن پڙھڻ واري گڏيل عادت جي ڪري، انھن وڌيڪ وقت گڏجي گذارڻ شروع ڪيو.

پيارا ٻارؤ! اسان سڀني کي پاڻ ۾ روزانو ڪجھه پڙھڻ جي عادت وجھڻ گھرجي. جيڪڏھن اسان روزانو ھڪ صفحو به پڙھنداسين، اھو اسان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. ڏاهن ماڻھن جو چوڻ آھي ته پڙھندؤ ته اڳواڻي ڪندؤ. تنھنڪري اچو ته اڄ ڪجھه پڙھي آئندي جا اڳواڻ ٿيڻ سکون.

حوالو:ينگ ورلڊ، ڊان

عنوان:Readers are Leaders

27 فيبروري2021ع

ذوهيب علي ڌونئرو (پبلڪ اسڪول ميرپورخاص)

عقلمندي

ڪنھن ملڪ جي بادشاهه جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي. هن کي چار پُٽ هوندا هئا. هن ڏٺو ته هاڻي منھنجو بچڻ مشڪل آهي. هن پنھنجن پُٽن کي گھرائي چيو ته هاڻي منھنجي حياتي ختم آهي هاڻي توهان منھنجي هن کَٽَ جي چئن پاون مان هر هڪ هڪڙو هڪڙو پائو کڻي ۽ منھنجي مرڻ کان پوءِ ملڪيت ڪڍي آرام سان زندگي گذارجؤ. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ بادشاهه وفات ڪري ويو ۽ هنن هر هڪ ڄڻي پنھنجا پاوا کوٽي ڏٺا ته ان مان ديڳڙا نڪتا.  انھن مان هڪ جي ديڳڙي ۾ سون ۽ ٻئي ۾ چاندي هئي باقي ٻن ڄڻن جي ديڳڙن مان هڪ مان مِٽي ۽ ٻئي مان هڏيون نڪتيون. اهو ڏسي ٻئي ڀائر ڪاوڙ مان ٻين ٻن ڀائرن سان وڙهڻ لڳا. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ صلاح ڪيائون، ته ڪنھن قاضيءَ وٽ فيصلو ڪيون. سو هڪ ڏينھن چارئي ڀائر گڏجي هڪ قاضيءَ ڏانھن ويا. قاضيءَ هنن کي چيو ته جن جي ديڳڙن ۾ سون ۽ چاندي آهي اهي هو کڻن، باقي جن  جي ديڳڙن ۾ مٽي ۽ هڏيون آهن مٽيءَ وارو زمين کڻي ۽ هڏين وارو چوپايو مال کڻي. اهو ڏسي چارئي ڀائر ڏاڍا خوش ٿيا ۽ قاضيءَ جا ٿورا مڃيا.

پيارا ٻارؤ! ان مان اهو سبق مليو ته والدين کي گھرجي ته پنھنجي جيئري ئي پنھنجي ملڪيت کي ورهائي ڇڏن ته جيئن اڳتي هلي سندس اولاد ۾ جھڳڙو وغيره نه ٿئي.

آئون پنھنجي مضمون جي شروعات حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ھن شعر سان ڪندس.

وَکَـرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِـئي؛

ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِـئي نه ضاءِ؛

سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳھِ جَنھنجي اُبَهِين.

منھنجي اسڪول جو نالو فاس شاھه مردان شاھه پبلڪ اسڪول آهي. اسان جي اسڪول جا آپريٽر، سائين فيض محمد مھر صاحب آهن. اسان جي اسڪول ۾ ڪل ست اُستاد ۽ ڪيول نالي هڪ پٽيوالو پڻ موجود آهي. اسان جي اسڪول جي اُستادن جا نالا آھن. سائين ڄيٺا نند (H.M)، سائين مُڪيش ڪمار (T.S.A)، سائين ڪاشف علي، سائين تعمير حسن، سائين جيٺو ڪيول، سائين مظھر علي جروار ۽ سائين سانگي شبير ڪنڀر صاحب آهن. اسان جي اسڪول ۾ اٺ ڪمرا، ھڪ آفيس ۽ ھڪ اسٽور روم به اسان کي مُيسر آهي. ان کان سواءِ هتي ڏھه کن واشروم به آهن. اسين جڏهن اسڪول جي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ڇِتِ تي ويندا آهيون، ته اُتان کان سموري ڳوٺ ۽ اسڪول جو منظر بيحد گھڻو وڻندڙ ۽ خوبصورت نظر ايندو آهي.

اسان جي اسڪول ۾ تمام بھترين پڙھائي ٿيندي آهي. ھاڻ تازو ئي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (Saf) گورنمينٽ آف سنڌ اسان جي اسڪول کي L.E.D.(ايل. اي. ڊي. ٽي. ويز) ڏيئي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان روشناس ڪيو آهي. اسان جي اسڪول ۾ اعليٰ معيار جي پڙھائي ٿيندي آهي. اسان کي تعليم سان بي پناهه محبت آهي. اسان جا اُستاد اسان جي پڙھائي ۾ تمام گھڻي مدد ڪندا آهن.

اسان جي اسڪول جي اڳيان ھڪ وڏو راندين جو ميدان به آهي. جتي اسان ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏيندا آهيون. اسڪول جي سامھون ھڪ نم جو وڏو گھاٽو وڻ آهي، ھڪ مسجد، ۽ ڪجھه دڪان به آهن. اسان جي اسڪول منجھه لائيٽنگ ۽ سولر سسٽم پڻ موجود آهي. اسڪول ۾ ڪل 297 ٻار آهن، جنھن ۾ 116 شاگردياڻيون ۽ 181 شاگرد آهن.

اسان جي اسڪول جي اسيمبلي اٺين وڳي ٿيندي آهي. اسيمبليءَ ۾ اسين سڀ قطارون ٺاهي بيھندا آهيون، اسيمبليءَ ۾ اسان جا اُستاد سڀ کان پھرين اسان کي P.T ڪرائيندا آهن. پوءِ ھڪ شاگرد ايندو آهي، جيڪو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو آهي. ان کان پوءِ ٻه ٻيا شاگرد ايندا آهن، جيڪي دعا پڙهندا آهن. دعا کان پوءِ ھر ڪلاس مان شاگرد ايندا آهن، جيڪي ڪا نه ڪا نئين خبر ٻُڌائيندا آهن. اھا ئي خبر اسان کي پنھنجي سموري ماحول کان باخبر رکي ٿي.

ان کان پوءِ ٻه ٻيا شاگرد ايندا آهن، جيڪي سُر سان نظم ۽ گيت پڙهندا آهن ۽ پوءِ اسيمبلي ڪرائيندڙ ڪلاس جا شاگرد ايندا آهن، جيڪي روز جي معمول مطابق سڀني ڪلاسن جي شاگردن کان ڇھه سوال ڪندا آهن، ۽ ٻار انھن جا جواب ڏيندا آهن.

اسيمبليءَ جي آخر ۾ قومي ترانو ٿيندو آهي، ۽ پوءِ اسيمبلي ختم ٿي ويندي آهي، ۽ اسين سڀئي شاگرد ساٿي اُستاد جي ڏنل ھدايتن موجب قطارون ٺاهي ڪلاس ڏانھن ھليا ويندا آهن. اسان سڀني شاگردن کي اسان جو اسڪول ڏاڍو پيارو لڳندو آهي.

اسان جو اسڪول اسان جي جنت آهي. اُن ۾ اسان ڏاڍو شوق سان پڙهندا آهيون.

ايان علي پبلڪ  اسڪول ميرپورخاص

ٻارن جو هڪ ٻئي سان مقابلو

عام طرح اهو ڏٺو ويو آهي، ته اسان پنھنجي ٻارن کي چوندا آهيون، ته توکان وڌيڪ هوشيار ته تنھنجو دوست آهي. توکان وڌيڪ مارڪون ته تنھنجي دوست فلاڻي جو آيون آهن. توکان وڌيڪ ڏاهو ٻار ته تنھنجو دوست فلاڻو آهي.

پيارا والدين ۽ اُستاد! اهو بلڪل غلط آهي، ڇو ته ڪڏهن به پنھنجي ٻار جو، ٻئي جي ٻار سان مقابلو نه ڪريو. اهو هڪڙو مرض آهي ۽ هڪ بيماري آهي. اسان کي ننڍپڻ کان ئي مقابلو ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي. جنھن ۾ اسان جا ماءُ پيءُ ۽ اسان جا اُستاد چوندا آهن، ته تون هن شاگرد کي ڏس ته ڪيڏو نه سُٺو ڪم ڪري ٿو. توکي ته ڪجھه به ڪونه ٿو اچي.شروع ۾ ئي ٻارن جي ذهن ۾ اها ڳالھه وڌي ويندي آهي، ته پنھنجو مقابلو ٻين سان ڪريو.

هر ماڻھو ٻين کان مختلف هوندو آهي. هر ٻار ٻئي ٻار کان مختلف هوندو آهي. انھن جو هڪ جھڙو ٿيڻ ممڪن ئي ڪونھي. سو خدارا! منھنجي اها التجا آهي انھن ماءُ ۽ پيءُ ۽ اُستادن سان، ته مھرباني ڪري گُلڙن جھڙن ٻارن کي ائين ذهني مريض نه بڻايو. پر انھن کي ائين چئو، ته ان شاءَ الله تون ٻيھر ڪامياب ٿيندين. انھن کي همٿايو ته تون ٻئي ڀيري وڌيڪ بھتر ڪري ويندين همت نه هار. ائين ڪرڻ سان ٻار جي حوصلي ۾ واڌارو ايندو ۽ ان شاءَ الله هو ٻيھر محنت ڪرڻ سان وڌيڪ بھتر به ڪندو.                                مھرباني.

اڄ ڪلھه سوشل ميڊيا جي ڪري گھڻا ماڻھو يا شاگرد پنھنجي مستقبل تي ڌيان نه ڏيندا آهن. مان پنھنجي ملڪ پاڪستان جي ڳالھه ڪري رهي آهيان، ته پاڪستان جا گھڻا ماڻھو خاص طور تي شاگرد سڄي رات سوشل ميڊيا تي مصروف آهن جنھنڪري صبح جو سوير اُٿي ڪلاس ۾ حاضر ٿيندا آهن. ڇا اهي شاگرد رات جو سوشل ميڊيا استعمال ڪري ۽ صبح جو ڪلاس ۾ پنھنجو ڌيان سؤ فيصد تعليم تي ڏئي سگھندا؟ ان جي ڪري اسان جو ملڪ پاڪستان تعليم جي حساب سان دنيا ۾ آخري نمبر تي آهي.

تعليم ڪاميابيءَ جو حصو آهي. تعليم ته هر انسان جي لاءِ ضروري آهي. مرد توڙي عورت تعليم کان سواءِ اڌورا آهن. ان جي ڪري تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. تعليم سان محبت ڪرڻ گھرجي. جنھن سان محبت ٿيندي آهي ته پوءِ ان کان سواءِ رهڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. اسان کي به گھرجي ته اسان پنھنجي تعليم سان محبت ڪريون ۽ تعليم کان سواءِ اسان جو به رهڻ مشڪل هجي. پوءِ اسان جون منزلون ۽ مستقبل اسان جي هٿ ۾ هوندا. دنيا اسان جي هٿ ۾ هوندي. اهو سڀ ڪجھه محنت ۽ تعليم جي محبت ۽ لگن سان ممڪن ٿيندو. تعليم سان محبت ڪرڻ گھرجي ۽ پوءِ دنيا اسان جي آهي. توهان کي خبر آهي، ته جيڪي به سائنسدان آهن اهي به تعليم  سان محبت ڪن ٿا. ان جي ڪري ئي انھن ترقي ماڻي آهي.

ڇڏي ڏيو دنيا داري کي دنيا داري بس انسان کي ناڪام ڪندي آهي هڪ انسان ٻئي انسان جي ڪاميابي برداشت نه ڪري سگھندو آهي. ان ڪري دنيا داري کي پاسي تي رکي ڇڏيو. بس ربّ تعاليٰ تي يقين ۽ ڀروسو ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ ڪنھن کي به مايوس، پريشان ۽ برباد نه ڪندو آهي۽ ڪنھن جي به محنت ضايع نه ڪندو آهي. بس منزل جي تلاش ۽ تعليم سان محبت ڪريو ته پوءِ ڏسو ته ربّ تعاليٰ اوهان کي ڪيئن ٿو ڪاميابي جي راهه ڏيکاري. (ان شاءَ الله).

مون کي انھن ماڻھن تي افسوس ٿيندو آهي، جيڪي پنھنجو قيمتي وقت سوشل ميڊيا ۽ موبائل تي برباد ڪندا آهن. انھن کي پنھنجي مستقبل جو  ڪوبه فڪر نه هوندو آهي، پر اسان کي پاڪستان جي پيارن ۽ غريب ماڻھن جو  ڏک ۽ افسوس آهي، ته اهي پنھنجي مستقبل تي ڌيان نه ٿا ڏين. وقت هر انسان کي سيکاري ڇڏيندو آهي ۽ مون کي يقين ۽ اُميد آهي ته انھن ماڻھن کي به وقت تمام جلد احساس ڏياريندو.

پيارا ٻارؤ! منھنجو هي پيغام انھن ماڻھن ۽ شاگردن تائين پھچايو، ته جيئن اُهي پنھنجي مستقبل ۽ زندگيءَ جي لاءِ ڪجھه محنت ڪن ۽ پنھنجي تعليم تي ڌيان  ڏين ۽ تعليم سان محبت ڪن. تعليم ئي انسان کي ترقي ڏياري سگھي ٿي. تعليم سان پنھنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿي سگھي ٿو.

فاطمه ملاح

ڪنڊيارو

شيخ سعديرح جا حڪمت ڀريا ٻول

                   ·ٽي شيون ٽن شين کان سواءِ رهي نه سگھنديون.

                   ·مال، ۽ دولت سواءِ واپار جي.

                   ·پڙھڻ ۽ پڙهائڻ کان سواءِ علم.

                   ·سياست کان سواءِ حڪومت.

                   ·پنھنجو راز دل گُھرئي دوست کي به نه ٻُڌائجي، ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي اهو دوست ڦِري دشمن ٿي پوي ۽ ڪنھن دشمن کي به هروڀرو نه ايذاءُ متان اهو سڀاڻي تنھنجو دوست ٿي پوي.

                   ·پنھنجي دل جي راز واري ڳالھه ٻڌائي، پارت ڪرڻ، ته ڪنھن کي به نه ٻُڌاءِ، پوءِ ڇو نه تنھنجو دوست ئي هجي. ڇو ته ان کي وري ٻيا دوست هوندا. پوءِ راز، راز نه رهندو.

                   ·ڪنھن کي راز جي ڳالھه ٻُڌائي، پارت ڪرڻ ته ڪنھن کي نه ٻُڌائجانءِ. ان کان ماٺ ۾ رهڻ ڀلو آهي. جيڪا ڳالھه تون پنھنجي دل ۾ سانڍي نه سگھئين، اها ٻيو ڪيئن سانڍيندو؟

                   ·جيڪا ڳالھه ڪنھن کي روبرو يا ظاهر ظھور ڪرڻ چڱي نه سمجھجي اُها ان جي پرپُٺ به نه ڪجي.

 

اريبه ڪاشف/سجاد ڪاتيار

ڄام شورو

ٻارن جي تعليمي تربيت

ٻارن جي ڪامياب زندگيءَ جي لاءِ والدين اعليٰ تعليم کي ترجيح ڏيندا آهن. اڪثر والدين اهو سمجھندا آهن، ته  جيڪڏهن انھن تمام گھڻي دولت جمع ڪري ڇڏي آهي، ته پوءِ انھن جي ٻارن جو مستقبل مضبوط ٿي ويندو، پر اهو ائين ضروري نه آهي. اڪثر ڪري وڌيڪ دولت ٻارن کي ڏيڻ سان ٻارن جي مستقبل تي خراب اثر پوي ٿو. پر جيڪڏهن والدين ٻارن کي سُٺو اخلاق ۽ سندس اعليٰ تعليم کي مضبوط بنياد فراهم ڪندا آهن، ته پوءِ انھن جا ٻار نه صرف ماءُ ۽ پيءُ جو نالو روشن ڪندا آهن، بلڪ ڪامياب ۽ پُرسڪون زندگي گذاريندا آهن. ٻارن کي اخلاق جي تعليم ڏيڻ گھرجي. والدين سُٺي تعليم جي ذريعي ٻارن ۾  ڪتابن سان چاهه  ۽ تعليم سان محبت پيدا ڪري سگھن ٿا. ٻارن جي تعليم ۾ پھريون قدم  ان کي ڪتابن سان محبت پيدا ڪرڻ آهي. اڪثر والدين کي اهو لڳندو آهي، ته ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کان پوءِ انھن جي ذميداري ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن ته ائين نه آهي. اسڪول ۾ ٻارن کي داخل ڪرائڻ کان پوءِ والدين جون ذميواريون اڃان وڌي وڃن ٿيون ۽ انھن کي ٻارن جي هر شيءِ تي نظر رکڻي پوندي آهي. ان سلسلي ۾ والدين کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي. ايستائين، جو ٻار ان عمر تي پھچي وڃي، جڏهن هو هر شيءِ سُڃاڻڻ لڳي. جيڪڏهن انھن جي اڃان عمر اسڪول وڃڻ  جي ڪونھي ته ان عمر ۾ کين رنگين ڪتابن واريون تصويرون ڏيکارين. ٻار رنگين تصويرون ڏسي خوش ٿيندا آهن. ٻار تجسس مان تصويرن کي دلچسپيءَ سان ڏسندو. ان طرح ٻار ۽ ڪتابن جي وچ ۾ هڪ تعلق قائم ٿيندو. جيڪو ان جي مستقبل کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ٻار جڏهن ٿورو وڏو ٿئي، ته انھن کي ڪھاڻيون پڙهي ٻُڌائيندا ڪريو ۽ ٻارن کي پاڻ اهي شيون سيکاريو ۽ پوءِ جڏهن توهان کي لڳي ته ٻار  تصويرون ڏسڻ سان گڏ ڪھاڻيون ٻُڌڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي، تڏهن انھن کي ٻُڌايو ته اهي ڪھاڻيون پاڻ پڙهڻ سکو. اهو رويو ٻارن ۾  ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ ۾ اضافو ڪندو.

ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان پوءِ  والدين جي ذميوارين جو ٻيو مرحلو اهو شروع ٿيندو آهي، ته ابتدائي ڏينھن ۾ ٻارن کي والدين ۽ اُستادن جي طرفان وڌيڪ ڌيان جي ضرورت هوندي آهي. هي اُهو وقت هوندو آهي جڏهن ٻار کي گڏ ڪيل لفظن کي درست تلفظ سان گڏ پڙهڻ لاءِ انفرادي زور ڏيڻ ضروري هوندو آهي. لفظن کي حِجي ڪرائي انھن کي يادداشت طور محفوظ ڪرڻ لاءِ ٻارن کي پنھنجي نگراني ۾ پريڪٽس ڪرايو. اهڙا ڪجھه لفظ ٻُڌايو ۽ چئو، ته اگر انھن کي درست حِجي ڪري سگھندؤ ته ان کي انعام ملندو. وري ٻئي ڏينھن ٻار کان پُڇو، ته اسان ڪھڙن ڪھڙن لفظن کي حِجي ڪيو هو. ائين ڪرڻ سان ٻارن کي نوان لفظ سکڻ جو شوق به وڌندو رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org