مھر فقير
ڪراچي
نظم
وقت چوي ٿو وقت سان هلو،
علم، عمل ۽ محنت سان هلو،
ڪامياب آهي اهو ئي انسان،
ڪامل آهي جنھن جو ايمان.
قرآن به ته حق سچ چوي ٿو،
باطل کان هُو نفرت ڪري ٿو،
قضيو ڪربلا جو حق سچ آهي،
حق تان حسينعه هٽيو ئي ناهي.
حسينعه حق تي اڄ به حسينعه
آ،
يزيد جو ڪٿي نشان ڪون آ،
آهي ڏکي برابر حق جي واٽ،
آهي واٽ انھيءَ ۾ لاٽ ئي لاٽ.
اهو ئي علم جو عمل آ اي ٻارو،
عمل سان ئي انسان آهي سوڀارو،
لطيف به سُتا اُٿي جاڳ چيو آ،
ننڊ ڪندي نه ڪڏھن ماڳ مليو آ.
هلجو سدائين حق جي راھه تي،
رکجو يقين پڪو ايئن الله تي،
’مھر
فقير‘
جي شاعري سُجاڳي آ،
هيءَ تخليق به اوهان لاءِ
لکِي
آ.
امداد سروري
آراضي سيوهڻ
موسمون
اسان جي ملڪ جون مندون چار،
سرءُ، سيارو اونهارو ۽ بهار.
سرءُ جي موسم خراب ساري،
کنگھه، زڪام ۽ رڳو بيماري.
سياري ۾ هر ڪو سج کي ڳولي،
اُسَ تي ويھي ٻولَ ٿو ٻولي.
سَوَڙ، ڪمبل ڪوٽ ۽ جرسيون،
پائڻ ۾ آهن ڏاڍيون وڻنديون.
اونھاري جو بجلي ناهي هوندي،
ڏاڍي گرمي لوڊ شيڊنگ آ ٿيندي.
رات جو هوندو هٿ ۾ آ وڃڻو،
جاڳي جاڳي پوي دير سان سُمھڻو.
موسم جڏهن به بھار آ ايندو،
هر ڪنھن کي آهي خوشيون ڏيندو.
بھار ۾ سُک جو ساهه کڻون ٿا،
تارن سان ڀريل آسمان ڏسون ٿا.
ايئن سڄو سال آ گذري ويندو،
’امداد‘
ڪي يادون آ ڇڏي ويندو.

غلام نبي اوٺو
ٿرپارڪر
غزل
ڳوٺ منھنجي جو اسڪول يارو،
آھي رئيس وڏي جو اوتارو.
ڪڻڪ، بوھه رکي يا مرچ سُڪائي،
چاھي ڪُڪُڙ ويڙھائي ڏينھن سارو.
اڌ ڏينھن اچي يا مورڳو مُنھن نه ڏسي،
ماستر به آھي پنھنجي مرضيءَ وارو.
دنيا ته چنڊ تي پھچي وئي آھي پر،
اسان لئه اڃا ھلي پيو ھي دؤر ڪارو.
رھي ناھي ڪا ايمانداري آفيسرن ۾،
مشڪل سان ٿئي غريبن جو گذارو.
اُميد جو دامن ھٿان نه ڇڏيون ٿا،
’اوٺا‘
ڪڏھن ته ختم ٿيندو ھي انڌارو.

محمد حنيف هوت
جھڏو/ميرپورخاص
پيارا ماڻھو
ملڪ مٺي سان محبت ڪن ٿا،
راتو ڏينھن محنت ڪن ٿا،
ديس جي هردم خدمت ڪن ٿا،
آهن عظمت وارا ماڻھو،
موتين جھڙا پيارا ماڻھو.
سچا سچا ٻول تنين جا،
يڪسان فعل ۽ قول تنين جا،
ڏاٽو، ڪوڏر، ٽُولَ تنين جا،
لاکي، اُنڙ پارا ماڻھو،
موتين جھڙا پيارا ماڻھو.
ڏُک وهائي پاڻ جيئن ٿا،
هر ڪنھن جو سي خير گھرن ٿا،
رانديون رونديون خوب رهن ٿا،
جانب جيءُ جيارا ماڻھو،
موتين جھڙا پيارا ماڻھو.
ملڪ سان ويٺا دلڙي لائي،
پنھنجو وئڙا پاڻ ملھائي،
’حنيف‘
تنين جا ٿورا ڳائي،
اکڙين جا سي تارا ماڻھو،
موتين جھڙا پيارا ماڻھو.
***
آزاد زنگيجو
خيرپورناٿن شاهه
نظم
ٻُڍا ٻار رَلجي،
سڄڻ سنڌ گڏجي،
رضا، عبد ۽ ساگر،
وچن هيءُ ورجايون،
درياءُ بچايون درياءُ بچايون.
کڻي خواب خوشبوءِ،
پرين آب خوشبوءِ،
سِـــــرَي لاڙ تائين،
نـــــــغارا وڄـــــايون!
درياءُ بچايون درياءُ بچايون.
هٽائي ته پھرا،
وڌون اڳتي
’زهرا‘،
ڪپي ڪنڌ رهزن،
ڪِليءَ تي ٽنگايون،
درياءُ بچايون درياءُ بچايون.
ڏئي جندُ
’آزاد‘،
ڪيون سنڌ آزاد،
ڏيو ساٿ مون سان،
مھم هيءَ هلايون!
درياءُ بچايون درياءُ بچايون.
***

مستقيم محمد علي ڪوريجو
ڪراچي
عيدالاضحيٰ
}قربانيءَ جي عيد{
عيدالاضحيٰ اسلام جي وڏن تھوارن مان هڪ آهي، جيڪا
هر سال ذوالحج جي مھيني ۾
10
تاريخ تي ٿيندي آهي. ان کي قرباني واري عيد به چيو
ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڏينھن تي مسلمان الله
تعاليٰ جي رضا لاءِ جانورن جي قرباني ڏين ٿا.
عيدالاضحيٰ جو پس منظر
عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليھ السلام جي قرباني
واري واقعي جي ياد ۾ ملھايو ويندو آهي. جڏهن الله
تعاليٰ حضرت ابراهيم عليھ السلام کي حڪم ڏنو، ته
هو پنھنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليھ السلام کي
الله لاءِ قربان ڪن، ته حضرت ابراهيم عليھ السلام
ان حڪم کي بنا ڪنھن سوال جي مڃي ورتو. الله تعاليٰ
ان جي فرمانبرداري ڏسي، حضرت اسماعيل عليھ السلام
جي جاءِ تي هڪ دنبو موڪليو ۽ ان جي قرباني قبول
فرمائي.
عيدالاضحيٰ تي مسلمان خاص نماز پڙهن ٿا، جنھن کي
عيد جي نماز چيو ويندو آهي. پوءِ ماڻھو هڪٻئي کي
عيد مبارڪ چون ٿا ۽ خوشيون ونڊين ٿا. جن وٽ وسيلو
هوندو آهي، اهي ڳئون، ٻڪرو يا دنبو قربان ڪندا
آهن. ان قربانيءَ جو گوشت گھر وارن، مٽن مائٽن ۽
غريبن
۾ ورهايو
ويندو آهي.
قرباني ڇا آهي؟ان جو مقصد ۽ سبق
قرباني ان عمل کي چون ٿا، جنھن ۾ مسلمان الله
تعاليٰ جي رضا لاءِ هڪ مخصوص جانور (جھڙوڪ ٻڪري،
ڳئون، اُٺ يا دنبو) عيدالاضحيٰ جي ڏينھن (ذوالحج
جي
10،
11،
12
۽
13
تاريخ تي) ذبح ڪن ٿا. هي عمل حضرت ابراهيم عليھ
السلام جي ان وڏي آزمائش جي يادگار آهي.
قرباني اسان کي سيکاري ٿي، ته الله جا حڪم سڀني
شين کان اهم آهن. حضرت ابراهيم عليھ السلام وانگر
اسان کي به فرمانبردار هجڻ گھرجي. قرباني جو مطلب
رڳو جانور ذبح ڪرڻ نه آهي، بلڪه اها الله لاءِ
پنھنجون پسنديده شيون، عادتون يا وقت به قربان ڪرڻ
جو جذبو آهي. مثال طور، وقت جي پابندي، خراب عادت
ڇڏڻ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ. هي سبق اسان کي سيکاري ٿو
ته الله جي حڪمن کي بنا دير جي مڃڻ گھرجي.
قرباني لاءِ جانور چونڊڻ
قرباني لاءِ جيڪي جانور چونڊيا وڃن، تن ۾ ڪجھه
شرطون هونديون آهن صحتمند هجي، يعني ان ۾ ڪا
جسماني کوٽ نه هجي (اک بند، ڪاڻو، لنگڙو، يا بيمار
نه هجي.) خاص عمر جو (ٻه ڏندو) هجي (مثلاً: ٻڪري
يا دنبو گھٽ ۾ گھٽ
1
سال جو، ڳئون
2
سال، اُٺ
5
سال). قربانيءَ جي نيت سان خريد ڪيو ويو هجي، صرف
ڏيکاءَ لاءِ نه.
ٻارن لاءِ سکڻ جا سبق
قرباني جو مطلب صرف گوشت کائڻ نه پر الله لاءِ
ڪجھه ڏيڻ سکڻ آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر
الله جي حڪمن تي هلڻ گھرجي. قرباني جو گوشت ٻين
سان ورهائڻ مان سکيا ملندي آهي ته اسان کي غريبن
جي مدد ڪرڻ گهرجي. قرباني جو گوشت صرف پاڻ لاءِ نه
پر ٻين
سان ونڊڻ لاءِ هوندو آهي. ان مان پھريون حصو
غريبن، ٻيو رشتيدارن، ۽ ٽيون پنھنجن لاءِ رکيو
ويندو آهي. ان لاءِ گوشت ورهائڻ ضروري آهي.
”الله
کي اسان جو اخلاص، نيت ۽ عمل وڻن ٿا نه فقط جانور
جو گوشت يا رت.“
(القرآن: سورة الحج، آيت
37)
شڪرگذاري
الله جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي، ڇو ته هن اسان کي
خوشيون، کاڌو ۽ گھر ڏنو آهي.
آخري ڳالھه اها ته
عيدالاضحيٰ
صرف گوشت کائڻ ۽ نوان ڪپڙا پائڻ جو نالو نه آهي،
بلڪه اها الله سان محبت، فرمانبرداري ۽ ٻين سان
محبت ونڊڻ جو ڏينھن آهي. اچو ته اسان به هن عيد تي
انھن سچن قدرن تي عمل ڪرڻ جو وعدو ڪريون.
عيد مبارڪ!
جواد الله انصاري
هالا نوان
حديث مبارڪ
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو، الله
تعاليٰ کي سڀ کان محبوب عمل اهو آهي جنھن تي عمل
ڪرڻ وارو، هميشگي ڪرڻ چاهي اهو عمل گھٽ ڇو نه هجي.
صحيح البخاري
6465
صحيح مسلم
782
عبدالله بن مسعود رضه بيان ڪري ٿو، ته مون رسول
الله صلي الله عليھ وسلم جن کان سوال ڪيو ته ڪھڙو
عمل الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. ته پاڻ
سڳورن صلي الله عيلھ وسلم جن فرمايو، ته بروقت
نماز ادا ڪرڻ. مون پڇيو ان کان پوءِ ڪھڙو؟ پاڻ
ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو والدين سان
نيڪي ڪرڻ. مون چيو ان کان پوءِ ڪھڙو؟ پاڻ ڪريم صلي
الله عليھ وسلم جن فرمايو، ته الله جي رستي ۾ جھاد
ڪرڻ.
صحيح البخاري
5970
صحيح مسلم
85
اهڙيءَ ئي طرح پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جو
ارشاد آهي، ته الله تعاليٰ کي عملن مان سڀ کان
محبوب عمل مسلمان کي خوش ڪرڻ يا ان جي ڪنھن
پريشاني کي دُور ڪرڻ يا ان جي قرض کي لاهڻ يا ان
جي بُک کي ختم ڪرڻ آهي.
صحيح الترغيب والترهيب
955

آخوند نور احمد ڏهوٽ
ڦلجي اسٽيشن دادو
عظيم عورت ڊاڪٽر رٿفاء
ڊاڪٽر رُتھه ڪئٿرينا مارٿا فاو (Ruth
Katherina Martha Pfau)
جو اصلي نالو آهي. جيڪا عام طور تي ڊاڪٽر رُتھه
فاو (Dr.
Ruth Pfau)
جي نالي سان مشھور آهي. ھيءَ عظيم عورت
1929ع
۾ جرمن ۾ پيدا ٿي. کيس پاڪستان ۾ مدر ٽريسا به
سڏيو وڃي ٿو. ھن
1956ع
۾ ڪنھن اخبار ۾ پڙھيو، ته پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾
ماڻھو ڪوڙھه جي مرض ۾ وٺجي ويا آھن. ايڏي وڏي
تعداد ۾ اها بيماري پکڙجي وئي، جو ماڻھن جا ھٿ پير
سڙي ڪِري پوندا ھئا. انھن مريضن کي سندن وارث
ريلوي اسٽيشن ڪراچي ڪينٽ جي ڀر ۾ ويران علائقي کي
چار ديواري ڏئي ڪوڙھه جي مريضن کي اُتي ڇڏي ايندا
ھئا ۽ شھر جا ماڻھو انھن کي ماني وغيره ديوار
اندر اُڇلي پيا ڏيندا ھئا. جيڪا ھو مٽيءَ لڳل ماني
جانورن وانگر پيا کائيندا ھئا. پوءِ وري ڪجھه
انسانيت دوست ماڻھون انھن کي مانِي ٿيلھي ۾ وجھي
پوءِ اُڇلائي ڏيندا ھئا. ڇو ته ان وقت ڪوڙھه جي
بيماري به ائين وچڙندڙ بيماري ھئي جيئن ھن وقت
ڪرونا آھي. ھزارين ماڻھو اُتي پنھنجن کان پري تڙپي
تڙپي مري ويندا ھئا.
سلام آھي ھن عظيم عورت کي جيڪا جرمنيءَ مان
25
سالن جي ڦُوھه جوانيءَ ۾ پنھنجو ملڪ ڇڏي ڪراچي
آئي. ڪوڙھه جي علاج لاءِ
ھن ھڪ وڏي اسپتال قائم ڪئي ۽ جڳھه جڳھه ڪوڙھه
خانا تيار ڪيا. جيئن وڌ ۾ وڌ مريضن جو علاج ڪري
سگھجي. ھن پنھنجي زندگيءَ جا اٽڪل
50
سال ڪوڙھه جي مريضن کي ارپي ڇڏيا.
فنڊن جي ڪمِي سبب ھُوءَ واپس جرمني وئي. اُتي وڃي
روڊن تي جھولي جھلي خيرات وٺي فنڊ گڏ ڪيا. واپس
اچي ھن مسيحا عورت نه رڳو مريضن جو علاج ڪيو، پر
انھن کي سندن رت جا رشتيدار فوٽ پاٿن تي ڇڏي ويا.
ھن انھن کي ائين ڳلَي لڳايو، جيئن ڪا ماءُ پنھنجن
ٻچن کي ڳلي لڳائيندي آھي. علاج سان گڏوگڏ مريضن
جي وارثن کي راشن ۽ پئسا به ڏيندي ھئي، ھن
ڪراچي ۾
”ميري
ايڊيليڊ لپريسي سينٽر
Marie Adelaide Leprosy Centre“
قائم ڪيو.
ھن پاڪستان ۽ ٻاھرين ملڪن ۾
150
کان وڌيڪ اسپتالون کولڻ ۾ ماڻھن جي مدد ڪئي. ھو
ڪوڙھه جي مرض ۽ مريضن جي خدمت ۾ ايترو مگن ٿي وئي.
جو ھن شادي به نه ڪئي. پنھنجون خواھشون، پنھنجو
خاندان ۽ پنھنجو وطن ھن پاڪستان تي قربان ڪري
ڇڏيو. پوءِ ھڪ وقت اھڙو به آيو، جو پاڪستان کي
ڪوڙھه فري ملڪ قرار ڏنو ويو.
ھيءَ عظيم عورت
2017
ع ۾
88
سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري وئي. ھن کي دل
جي گھرائين سان خراج تحسين پيش ڪجي ٿو. ان
جي نقشِ قدم تي ھلندي غريبن ۽ مسڪينن جي خدمت ڪرڻ
کپي. اھڙن فرشتا صفت انسانن جي نقش قدم تي ھلي عام
ماڻھن جي خدمت ڪري سگھجي ٿي. ڊاڪٽر رٿفاء کي
حڪومت پاڪستان طرفان ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا. جن ۾
ھلال پاڪستان، ھلال امتياز، نشان قائد اعظم، ستاره
قائداعظم ۽ جرمن حڪومت طرفان آرڊر آف دي ڪراس فرام
جرمني ۽ ٻيا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
دنيا جي معلومات
·فنونِ
لطيفه (فن جو جمع) انهيءَ فن کي چيو وڃي
ٿو،
جنهن ۾ دماغي ۽ فڪري
محنت هجي.
جيئن مصوري، خطاطي، موسيقي، ادب وغيره.
·فنونِ
ثقيله اهي فن آهن، جن ۾ گهڻي جسماني محنت جي گهرج
آهي. ثقيل معنيٰ ڳرو، يعني اهي ڪم ڏکيا ۽ محنت
طلب آهن. جيئن مَلههَ، پهلواني، رانديون، باڪسنگ،
ترڻُ وغيره.
·فارسي
ادب جا پنج ڪتاب پوريءَ دنيا ۾ مشهور ٿيا آهن. جي
اڄ به مشرق توڻي مغرب ۾ مڃيا وڃن ٿا. انهن ۾
شاهنامه، فردوسي، مولانا رومي جي مثنوي، گلستانِ
سعدي ۽ ديوانِ حافظ آهن.
·مشهور
شاعر فردوسي
940ع
۾ ايران جي علائقي طوس ۾ پيدا ٿيو. شاعري سندس
شهرت جو سبب بڻي. هو محمود غزنوي بادشاهه جي درٻار
سان واسطي ۾ رهيو. هن شاهنامو لکڻ شروع ڪيو، ته
محمود غزنوي ساڻس واعدو ڪيو، هر شعر تي کيس اشرفي
ڏيندو. پر شاهنامو مڪمل ٿيڻ تي کيس فقط ويهه هزار
درهم ڏنا ويا. جنهن جو فردوسيءَ کي گهڻو ڏک ٿيو ۽
هو غزني ڇڏي اُتان روانو ٿي ويو. |