
منير حيدر لغاري
شھدادپور
پنهنجي ڌرتي
سَسُئي ۽ سوجھرو جي پاڻ ۾ سُٺي دوستي ھئي. سَسُئي
شھر جي راڻي ھئي، سوجھرو ٻھراڙيءَ جو ٻار هو.
سَسُئي کي جڏهن اسڪول کان موڪلون ٿينديون هيون ته،
هو ڳوٺ پنھنجي ناني وارن ڏي اچي رهندي هئي. اتي هن
جي صبح شام سوجھري سان راند ڪندي گذرندي هئي.
ٻھراڙي جو صاف سُٿرو ماحول سَسُئي کي تمام گھڻو
وڻندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سَسُئي سوچيندي هئي، ته ڪاش
مان سدائين لاءِ هتي رهي پوان. صبح جو ٻانگي جي
ٻانگ سان جڏھن سجاڳي ٿيندي هئي ته، پکين جون
لاتيون سندس دل کي بھار ڪري ڇڏينديون هيون. هر هنڌ
ساوڪ ۽ وڻن جي وڻڪار کيس ديوانو ڪري ڇڏيو هو. رَلي
مان منھن ڪڍڻ سان نانيءَ کي ٻاجھاري کان ٻاجھه
لاءِ ٻاڏائيندي ڏسندي هئي ته سندس اکيون جرڪِي
پونديون هيون. ڳوٺ جي جھڙي خوبصورت صبح هئي تھڙي
ئي خوبصورت رات هئي. رات جو اڱڻ تي رکيل کٽَ تي
ليٽِي سَسُئي سوجھري کي آسمان جون ڳالھيون
ٻڌائيندي هئي.
ننڍڙي سَسُئي کي هميشه آسمان ڏسڻ جو شوق هوندو هو.
هو رات جو تارن کي ڏسي حيران ٿيندي هئي. سَسُئي
جڏهن سوجھري کي آسمان جي سيارن، ڪھڪشائن بابت
ٻُڌائيندي هئي، ته سوجھرو وڏي شوق ۽ ذوق سان سندس
ڳالھيون ٻُڌندو هو. سَسُئي جو آڪاش منڊل بابت ايڏي
ڄاڻ ڏسي سوجھرو کي پڻ ان بابت ڄاڻڻ جو شوق
جاڳيو. سوجھري سَسُئي کان سوال ڪيو، ته سَسُئي
ايتري ڄاڻ تو ڪٿان حاصل ڪئي؟
سَسُئي: هڪ ته اسان کي اسڪول ۾ اُستادان متعلق
پڙهائيندو آهي، ٻيو بابا سائين سيارن، ڪھڪشائن ۽
بليڪ هول متعلق گھڻو ڪجھه ٻُڌائيندو آهي. بابا
چوندو آهي، ته ايڏي وسيع ڪائنات ۾ ڌرتيءَ کان وڌ
ڪو ٻيو خوبصورت سيارو ناهي. سوجھرو وري سَسُئي کي
قصا ۽ ڪھاڻيون ٻُڌائيندو هو، ته سَسُئي ان کي ڪڏهن
مرڪيوري، ڪڏهن وينس، ڪڏهن مريخ، مشتري ۽ ايسٽرائيڊ
بيلٽ متعلق ٻُڌائيندي رهندي هئي. هڪ رات سَسُئي
سوجھري کي ٻڌايو ته، توکي خبر آهي انسان هاڻ مريخ
تي رهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن؟
سوجھرو: ڇا انسان مريخ تي مستقل طور تي رهندو؟
سَسُئي: هائو انسان مريخ تي ڪالوني ٺاهڻ جي تياري
ڪري رهيو آهي.
سوجھرو: سَسُئي تو ته چيو پئي ڌرتي کان وڌ خوبصورت
ٻيو ڪو به سيارو ناهي. پوءِ ڇو انسان اُتي رهڻ جي
تياري ڪري رهيو آهي؟
سَسُئي: اسان جي ڌرتي ڏينھون ڏينھن گدلي ٿي رهي
آهي. هوا جي گدِلاڻ، زميني گدِلاڻ، پاڻيءَ جي
گدِلاڻ، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جو وڌڻ، آڪسيجن
جو گھٽجڻ، اوزون تھه جو ختم ٿيڻ، گرمين جو وڌڻ ۽
موسمياتي تبديليون، جيڪي ڌرتيءَ تي جاندارن جي رهڻ
لاءِ ڏکيون حالتون پيدا ڪري رهيون آهن.
سوجھرو: پوءِ ڇا هڪ ڏينھن اسان سڀ مري وينداسين؟
سَسُئي: جيڪڏهن حالتون بھتر نه ٿيون ٿين ته ائين
به ٿي سگھي ٿو! سوجھرو: حالتون ڪيئن بھتر ٿينديون؟
سَسُئي: جيڪڏهن اسان وڌ ۾ وڌ وڻ پوکيون، ڪاربان
ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جي خارج کي گھٽايون، قدرتي صاف
پاڻي کي گندگي کان بچايون، اڻ ڳرندڙ شين جي
استعمال کي گَھٽايُون (پلاسٽڪ، شيشون وغيره)،
ڪيميڪل جي استعمال کي گھٽايون ۽ زميني آلودگيءَ کي
گھٽايون ته هڪ ڏينھن ڌرتي پنھنجي ساڳي حالت ۾ پڻ
اچي سگھي ٿي.
سوجھرو: سَسُئي تون سڀاڻ مون سان ٻنيءَ تي هلجان،
آئون توکي پنھنجا وڻ ڏيکاريندس، مون تمام گھڻا وڻ
لڳايا آهن ۽ اتي مون هڪ جھوپڙي پڻ ٺاهي آهي.
سَسُئي: اهو ته تمام سٺو. مون کي وڻن جي ڇانوَ ۾
تمام گھڻو سُڪون ملندو آهي. مان توسان ضرور
هلنديس. ٻئي ڏينھن جڏهن پرهه باکون ڪڍيون، ته
سَسُئي ٻني ڏانھن وڃڻ لاءِ اُتاولي هئي. سوجھرو
ماني ۽ مھِي ساڻ ڪري پاڻ ٻني ڏانھن روانا ٿيا.
پرهه ڦٽيءَ جو پھر هو، هر شيءِ روح کي راحت ۽ طاقت
ڏيندڙ هئي، پنڌ جو پتو نه پيو ٻئي اچي ٻنيءَ تي
نڪتا. املتاس جي وڻن جون قطارون جنھن جا پِيلا
لٽڪيل گُل، وهندڙ بورينگ جو اَڇو اُجِرو پاڻي،
پاسي ۾ اڏيل پيھي ۽ پيھيءَ جي ڀرسان گُلن جو
جُھڳٽو اندر کي سُڪون ڏيندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ
ڏيک هو.
سَسُئي: هو ڪيڏا نه پيارا گُل آهن، اهي ڇا جا وڻ
آهن؟
سوجھرو: اهي املتاس جا وڻ آهن، املتاس جي وڻ جا
گُل تمام گھڻا دل لڀائيندڙ هوندا آهن، هيڏانھن ڏس
هُو وڻَ.
سَسُئي: الا! ڪيڏو نه پيارو آهي، هي ڪھڙو وڻ آهي؟
سوجھرو: هي بَڙَ جو وڻ آهي. هن جي ڇانوَ تمام گھڻي
گھاٽي هوندي آهي. نانِي امان بڙَ جا تازا پَنَ
ڦَٽَ تي رکندي آهي، ته ڦَٽَ به ڇُٽي ويندا آهن. هن
وڻ جا ٻيا به تمام گھڻا فائدا آهن. پريان نمن جي
وڻن جي پڻ قطار آهي، گرمين ۾ اسان نم جا ڪچڙا گونچ
گھوٽي پيئندا آهيون.
سَسُئي: هل ايڏي ڪڙِي نِم ڪيئن پيئندا آهيو؟ مونکي
ته ڪانه وڻي.
سوجھرو: مون کي ته ڪڙِي ڪانه لڳي، مان ته شوق سان
پيئندو آهيان، بلڪ سڄو گھر شوق سان پيئندو آهي.
جيجل امان چوندي آهي، پُٽ جي هي پيئندين ته
زندگيءَ ۾ ڦَٽُ ڦُرڙِي نه ٿيندي. هوڏانھن ڏس ڄمون
جا وڻ اچ ته توکي ڄمون کارائيان.
سَسُئي: مون کي ڄمون تمام گھڻا وڻندا آهن. بابا
مون لاءِ بازار مان وٺي ايندو آهي. سَسُئي اڃان
ڳالھايو پئي، ته سوجھرو اک ڇنڀ ۾ ڄمونءَ جي وڻ تي
چڙهي ويو. الا ايڏو جلد ڪيئن چڙهي وئين؟ سَسُئي
وراڻيو.
سوجھرو: سَسُئي هن وڻ تي ته تمام گھڻا مِٺٌو رهندا
آهن. چوين ته ڏيکاريانءِ؟
سَسُئي: هائو مون کي ڏيکار اُهي تمام گھڻا وڻندا
آهن.
سوجھرو: هائو ڇو نه. سوجھرو اڳئين ڏار تي جيئن ئي
چڙهڻ لڳو، ته طوطو ڀڙڪِي
ڏيئي اُڏري ويو.
سَسُئي سوجھرو ڏانھن عجيب نظرن سان ڏسي چيائين
طوطو ته اُڏري ويو!
سوجھرو: هائو شايد مون تڪڙ ڪئي! ڪاش تون مون کي
مِٺُو پڪڙي ڏين ها. مان حيدرآباد پنھنجي گھر کڻي
وڃان ها! شڪر آ اُڏري ويو. سوجھري وراڻيو. پر ڇو؟
(سَسُئي حيراني مان پڇيو)
سوجھرو: نانا بابا چوندو هو، جيڪي شيون اوهان کي
وڻن، انھن کي پنھنجي مرضيءَ مطابق ئي رهڻ ڏيو انھن
کي تڪليف نه ڏيو.
سَسُئي: نه مان تڪيلف ٿورئي ڏيان ها! بلڪ ان جو
تمام گھڻو خيال رکان ها.
سوجھرو: توتي ميار ناهي مان به اڳ تو وانگر ئي
سوچيندو هئس، پر نانا بابا چوندو هو، ته سوجھرا
جيڪڏهن توکي تنھنجي مائٽن کان الڳ ڪنھن ٻئي
جاندارن وٽ هزارين سھولتن سان رهائجي ڇا تون اُتي
رهڻ پسند ڪندين؟ بلڪل نه. سَسُئي وراڻيو.
سوجھرو: بلڪل مون پڻ نانا بابا کي اهوئي جواب ڏنو
هو. سَسُئي ۽ سوجھرو سڄو ڏينھن ٻنيءَ تي رهيا شام
جو جڏهن سج پنھنجو رنگ مَٽايو، ته ٻئي ڄڻا اچي گھر
نڪتا. ائين خبر ئي نه پئي اسڪول جون موڪلون گذري
ويون. سَسُئي سڀني کان موڪلائي پنھنجي ماءُ سان
حيدرآباد پنھنجي گھر هلي آئي.
وقت گذرندو ويو، انسان ڌرتيءَ کي گدلو ڪرڻ لڳو.
ڪارخانن مان نڪرندڙ دونھون، جنگا جنگي ماحول جنھن
سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس جو وڌڻ، وڻن جي واڍِي
جنھن سان آڪسيجن گيس جي کوٽ ۽ آلودگي، اوزون تھه
جو ختم ٿيڻ، ڌرتيءَ کي تباھه ڪرڻ لڳو. هوا زهريلي
ٿي وئي، تيز گرمي، وڏا شديد طوفان، برسات سان گڏ
برفاني ڳڙا ۽ کِنوڻن جو زمين تي ڪِرڻ معمول بڻجي
ويو. جانور هڪ هڪ ڪري مرڻ لڳا هئا. هڪ ڏينھن،
سائنسدانن اعلان ڪيو، ته ڌرتي هاڻي وڌيڪ انسانن جي
رهڻ لاءِ محفوظ ناهي. ڪجھه خاص ماڻھن مريخ ڏانھن
وڃڻ شروع ڪيو. جنھن ۾ سَسُئي جو ڪٽنب به هو.
سَسُئي جو خاندان به خلائي جھاز ۾ ويھي مريخ روانو
ٿيو. هو تمام خوش هئي، سوچيندي هئي ته هاڻي نئون
سيارو سندس نئون گھر هوندو. پر مريخ تي پھچي، هِن
کي تمام گھڻي مايوسي ٿي. هتي نه ساوڪ هئي نه ئي
وڏا وڏا وڻ هئا، نه مٺي پاڻيءَ جا درياهه، نه گل
نه خوشبودار هوا. ڳاڙهي مٽي ۽ پٿرن کان سواءِ هتي
ڪجھه به نه هو. ماڻھو وڏين شيشين جي ڪيپسول نما
گھرن اندر مصنوئي آڪسيجن جي رحمُ ڪرم تي زندگي
گذاري رهيا هئا!!
سَسُئي تمام گھڻي اُداس هئي، ان کي پنھنجو ڳوٺ،
سوجھرو ۽ سوجھري جا وڻ ٿي ياد آيا. اهڙا روح کي
راحت ڏيندڙ نظارا هِتي نه هئا. هڪ رات، سَسُئي
پنھنجي بابا کان پڇيو، بابا! ڇا اسان واپس ڌرتيءَ
تي وڃي سگھون ٿا؟“
بابا افسوس سان چيو،
”اسان
ڌرتيءَ کي پاڻ خراب ڪيو، هاڻي واپس وڃڻ لاءِ اسان
کي ان کي وري سُٺو ڪرڻو پوندو.“
سَسُئي خيالن ۾ گم ٿي وئي.
”جيڪڏهن
انسانن ڌرتي جي سنڀال ڪئي هجي ها، ته اڄ اسان هتي
نه هجون ها.“
هڪ ڏينھن، سالن جي محنت ۽ قدرتي بھتريءَ سان، ڌرتي
هوريان هوريان پنھنجي اصل حالت ۾ اچڻ لڳي، مريخ تي
رهندڙ انسانن کي جڏهن خبر پئي ته ڌرتيءَ جا وڻ وري
سرسبز ٿي چڪا آهن، نديون صاف ٿي چڪيون آهن ۽ هوا
اُجري ٿي چڪي آهي، ته هو تمام گھڻا خوش ٿيا.
هاڻ وقت اچي ويو هو، ته هو پنھنجي ڌرتيءَ
ڏانھن واپس موٽن. انھن تياري ڪئي. سَسُئي پنھنجي
بابا کان پڇيو. بابا! پاڻ گھڻن ڏينھن کان پوءِ
ڌرتيءَ تي پھچنداسين؟
پُٽ پاڻ خوش نصيب آهيون. جنھن وقت پاڻ ڌرتي ڏانھن
سفر ڪري رهيا آهيون، ان وقت مريخ ۽ ڌرتي هڪ ٻئي جي
ويجھو اچي چڪيون آهن ۽ اهو وقت هر
26
مھينن کان پوءِ ايندو آهي. هاڻ پاڻ کي لڳ ڀڳ
10
مھينا لڳندا. توکي ياد هوندا جڏهن پاڻ ڌرتيءَ تان
مريخ تي آيا هئاسين، ته پاڻ کي
12
مھينا لڳا هئا. هائو بابا صحيح ٿا چئو.
وقت گذري ويو. آخر هڪ ڏينھن اسپيس ايڪس اسٽار شپ
زمين تي لٿي. لھندڙ سڀ ماڻھو تمام گھڻا خوش هئا.
سَسُئي جڏهن ڳوٺ پھتي، ته ڳوٺ بلڪل تبديل ٿي چڪو
هو. ڪيترائي پيارا وڇڙي چڪا هئا. سَسُئي پنھنجي
وطن جي مِٽِيءَ تي سجدو ڪيو ۽ مِٽِي هٿ ۾ کڻي پيار
سان چوڻ لڳي، توکي گدلو ڪرڻ انسانن جي وڏي غلطي
هئي.
ايتري ۾ سوجھرو به اتي پھچي ويو ۽ چيائين ته،
سَسُئي! مون چيو هو نه جيڪي شيون وڻن انھن کي
تڪيلف ناهي ڏبي. انسانن وڻ وڍي، باهيون ڏئي، ندين
کي گدلو ڪري هر قسم جي آلودگي ڦھلائي ڌرتيءَ کي
تمام گھڻا اهنج ڏنا. جيڪڏهن انسان ڌرتيءَ جو خيال
رکي ها، ته مريخ تي وڃڻو نه پوي ها. سوجھري وراڻيو
.
سَسُئي! هائو بلڪل پر، هاڻ اسان فطرت جي اصولن کي
ساهه سان سانڍي ڌرتيءَ کي سھنج پھچائينداسين.
ڇاڪاڻ ته هن ڪائنات ۾ انسانن لاءِ هن ڌرتيءَ کان
وڌيڪ بھتر ٻيو ڪو به سيارو ناهي.
***

اشرف علي ابڙو
تعلقو ڳڙهي ياسين/شڪارپور
علم جي روشني
عالم شاهه هڪ امير شخص هو. هو پنھنجي نالي وانگر
عالم ۽ نيڪ دل ھو. ھن جي خواھش ھئي ته سندس پُٽ به
پڙهي لکي هڪ نيڪ ۽ سٺو انسان بڻجي، جڏهن ته سندس
پٽ شھزاد پڙھائي کان ڪوھين ڏور ڀڄندو ھو ۽ گھڻو
وقت راند روند ۽ دوستن ۾ گذاريندو ھو.
ان جي اُبتڙ، ڳوٺ جي ھڪ غريب موچي عمر دين جي به
اها ئي خواهش هئي ته سندس پُٽ عامر پڙهي لکي ڊاڪٽر
بڻجي ۽ غريبن جي خدمت ڪري. هو صرف ان خواهش کي
پوري ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ماڻھن جا بوٽ ٽاڪيندو ھو.
هو نه چاهيندو هو ته سندس پٽ به وڏو ٿي سندس وانگر
ماڻھن جا بوٽ ٽاڪيندو سڄي عمر گذاري. عامر کي به
پنھنجي پيءُ جي خواھش جي خبر ھئي ۽ ھو ڄاڻندو ھو
ته سندس بابا صرف سندس تعليم جي خرچن کي پورو ڪرڻ
جي لاءِ ايتري رات دير تائين ڪم ڪندا رهندا آهن،
جنھن سبب سندن نظر به متاثر ٿي رهي آهي. ان ڪري هو
خوب دل لڳائي پڙهندو هو ۽ هميشه ڪلاس ۾ فرسٽ
پوزيشن حاصل ڪندو هو.
عامر اٺين ڪلاس ۾ پھتو ته موچي جي نظر جيڪا آهستي
آهستي گھٽ ٿي رهي هئي، بلڪل ئي هلي وئي. هاڻ ته
عامر ڏاڍو پريشان ٿيو، ڇو ته گھر جي روزي جو واحد
ذريعو ته سندس پيءُ جي ڪمائي هئي. هاڻ عامر وٽ ان
کان سواءِ ڪو چارو نه هو ته هو ڏينھن جو پڙھي ۽
رات جو بوٽ ٺاھي.
عالم شاهه کي جڏهن اهو خيال ايندو هو ته سندس پٽ
پڙهائي ۾ بلڪل دلچسپي نه وٺي رهيو آهي ته کيس ڏاڍو
افسوس ٿيندو هو. هڪ ڏينھن عالم شاهه کي عامر جي
حالتن جي خبر پئي ته هن کيس پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيو:
”پٽ!
مان تنھنجي حالتن کان واقف آھيان ۽ مون کي ھاڻ
احساس ٿيو ته قائداعظم اهو ڇو چيو هو ته
’ٻار
قوم جو مستقبل آهن‘،
واقعي تو جھڙا ٻار ئي قوم جو مستقبل ھوندا آھن،
جيڪي تعليم کي پنھنجو شوق ۽ محنت کي پنھنجو شُعار
بڻائي وٺندا آھن. اڄ کان پوءِ توکي صرف پنھنجي
پڙھائي تي توجھه ڏيڻي آهي. تنھنجي تعليم جا خرچ ۽
تنھنجي بابا جو خيال رکڻ منھنجي ذميواري آھي.“
عامر پھريان الله جو ۽ پوءِ عالم شاهه جو شڪريو
ادا ڪيو ۽ گھر وڃي پنھنجي بابا کي ساري ڳالھه
ٻڌائي.
سندس پيءُ چيو:
”پٽ!
عالم صاحب اسان لاءِ ڪنھن فرشتي کان گھٽ ناھي،
سندس ھميشه عزت ڪجانءِ.“
عامر پڙھڻ لاءِ شھر ھليو ويو ۽ خوب دل لڳائي پڙھڻ
لڳو. ھوڏانھن عالم شاھه به پنھنجو واعدو پورو ڪيو.
ھو نه صرف سندس لاءِ تمام تعليمي خرچ موڪليندو هو،
بلڪه موچي عمر دين کي به پاڻ وٽ رکيائين ۽ سندس
مڪمل طور تي خيال رکيائين. ائين سال تي سال گذرندا
ويا. عامر نه صرف ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي،
بلڪه يونيورسٽي جو سڀ کان هوشيار شاگرد هئڻ جي ڪري
کيس اسڪالرشپ به ملي وئي ۽ کيس وڌيڪ پڙهڻ لاءِ
ٻاهر وڃڻ جي پيشڪش به ٿي.
عامر جڏهن ڊاڪٽر بڻجي پنھنجي بابا ۽ عالم شاھه سان
ملڻ ڳوٺ آيو ته سڄي ڳوٺ ۾ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي.
عامر جو استقبال اھڙيءَ طرح ڪيو ويو، جھڙوڪ ڪنھن
بادشاھه جو ٿيندو آهي. سندس بابا جي خوشي به ڏسڻ
وٽان هئي. عالم شاهه کي اهڙو لڳي رهيو هو، ڄڻ اڄ
سندس پنھنجو پٽ شھزاد ڊاڪٽر بڻيو هجي. جڏهن عامر
عالم شاهه کي ٻاهر وڃي پڙهڻ جي باري ۾ ٻڌايو ته
سندن خوشي ٻيڻي ٿي وئي. هنن چيو ته توکي ضرور پڙهڻ
لاءِ ٻاهر وڃڻ گھرجي. ليڪن مان چاھيان ٿو ته
پھريان تون پنھنجي بابا جي اکين جو علاج ڪرائي، ان
کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ٻاهر وڃ. عالم شاهه کيس
سمجھائيندي چيو:
”پٽ!
صرف تنھنجو بابا ئي نه، ڳوٺ ۾ ٻيا به ڪيترائي
ماڻھو تڪليف ۾ آهن، جيڪي توکي پنھنجو پٽ ئي سمجھن
ٿا. توکي پنھنجي بابا جو ئي نه، بلڪه انھن سڀني جو
علاج به ڪرائڻو آهي. جڏهن تون اتان پڙهي واپس
ايندين، تڏهن انھن سڀني جو بھتر علاج ڪرائي
سگھندين.
ان تي عمر دين چيو:
”ها
پٽ! عالم شاهه صاحب صحيح چئي رهيا آهن. توکي ضرور
پڙهڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ گھرجي.“
سڀني جي چوڻ تي عامر وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
ٻاھر هليو ويو. ھوڏانھن عالم صاحب جو پٽ چوري جي
الزام ۾ پڪڙجي پيو ۽ کيس ست سال قيد جي سزا ٿي
وئي.
عامر هارٽ سرجن بڻجي پاڪستان موٽيو ته سڀ کان
پھريان پنھنجي ڳوٺ ۾ ڏھن ڪمرن تي مشتمل ھڪ اسپتال
ٺھرايائين، جتي غريبن لاءِ مفت علاج جو بندوبست
ڪيائين. ان سان گڏوگڏ پنھنجي بابا ۽ ڳوٺ جي تمام
نابينا ماڻھن جي اکين جو علاج به ڪرايائين. ان مھم
۾ ٻين به ڪيترن ئي ڊاڪٽرن عامر جو ساٿ ڏنو.
حڪومت پاڪستان ڊاڪٽر عامر کي سندس خدمت خلق جي ڪري
تمغه خدمت سان نوازيو. الله تعاليٰ پنھنجي فضل و
ڪرم سان ڊاڪٽر عامر جي ھٿن ۾ ايتري شفا رکي هئي جو
ڪو به مريض سندس اسپتال مان صحتياب ٿيڻ کان سواءِ
نه موٽيو. هن پنھنجي محنت ۽ ماڻھن جي دعائن جي
طفيل ايتري ترقي ڪئي جو پنھنجي ڏھن ڪمرن واري
اسپتال کي ٽن ماڙن واري اسپتال ۾ تبديل ڪري
ڇڏيائين.
ھوڏي شھزاد جيل جي سلاخن پويان سوچيندو رھندو ھو
ته جيڪڏهن هن به تعليم حاصل ڪري ورتي هجي ها ته اڄ
اهڙو خوار نه هجي ها. پر هاڻ ڇا ٿي سگھي ٿو، ويل
وقت ھٿ نه ايندو آهي.
پيارا ٻارؤ ڏٺوَ اوهان! تعليم هڪ انسان کي ڪٿان
کان ڪٿي پھچائي ڇڏيو؟ ھي سڀ محنت ۽ لگن کان سواءِ
ممڪن نه هو. اسان کي گھرجي ته ڊاڪٽر عامر وانگر
تعليم حاصل ڪري پنھنجو، پنھنجي ملڪ ۽ والدين جو
نالو روشن ڪريون، نه ڪي شھزاد وانگر پوءِ پڇتائون.
نويد ناز ڀٽي لاڙڪاڻو
مانجَهي وارو ڍيرو..
شايان ڇنڇر تي اسڪول جي اسيمبليءَ کان پوءِ فرحان
کي پنھنجي ڪلاس روم ۾ ڏاڍو ڳوليو، پر فرحان کيس
نظر نه آيو. فرحان جي ڪلاس فيلو روحان کان فرحان
جي پڇا ڪئي پر، خاطر خواهه جواب نه ملڻ تي شايان
جو تجسس اڃان وڌي ويو. بھرحال پنھنجي ڪلاس ٽيچر جي
ڊپ کان پنھنجي ڪلاس روم تائين ڊوڙندي پھتو مس، ته
مٿان سندس ڪلاس ٽيچر به ڪلاس روم ۾ داخل ٿيو. سڀ
ڪلاسي، سائين مزمل کي سلام ڪندا پنھنجي پنھنجي
بينچن تي ويھندا ٿي ويا، ڪلاس ۾ اچڻ شرط سندن ٽيچر
ڪلھوڪي هوم ورڪ جون ڪاپيون آڻڻ لاءِ مانيٽر صدام
کي سڏ ڪري چيو، ته يڪدم سڀني شاگردن کان ڪاپيون
وٺڻ شروع ڪر. صدام جڏهن شاگردن کان ڪاپيون وٺي
چڪو، ته هڪدم ڪلاس ٽيچر اڳيان رکي ڇڏيون. ڪلاس
ٽيچر به ويرم نه ورتي ڪاپيون چيڪ ڪرڻ لڳي ويو.
شايان جو ڌيان اڃان فرحان ڏي هو. شايان وجھه وٺي
ڪلاس ٽيچر کان هڪ جي موڪل وٺي، بھاني سان ڪلاس کان
ٻاهر نڪري آيو. وري فرحان جي ڪلاس تائين پھچي ويو.
اتي فرحان کي ڏسي خوش ٿيو. ڪلاس روم جي ٻاهران ئي
بيھي اشاري سان رسيس ۾ ملڻ جو چيو، ته فرحان ملڻ
جي حامي ڀري. شايان پنھنجي ڪلاس روم ڏانھن موٽي
آيو.
شايان ۽ فرحان پاڻ ۾ دوست به هئا، ته وري سؤٽ به
هئا. پر شرارتي به چوٽَ جا هئا. سندن شوق پڙهڻ جو
گھٽ پر لغڙ اُڏارڻ جو شوق تمام گھڻو هو. جو پُورو
پاڙو هڪ پاسي، هي ٻئي ڄڻا هڪ پاسي هوندا هئا. لغڙ
اُڏائيندا يا پاڙي جي ڇوڪرن جا لغڙ ڪٽيندا رهندا
هئا. هر آچر تي لغڙن اُڏارڻ جو موقعو به ملندو هو،
ته مقابلو به ٿيندو هو. اصل مزو لڳو پيو هوندو هو
پاڙي ۾. شايان کي لغڙن جي يا ڍيرن جي ڀرپور ڄاڻ
هئي. وري فرحان کي لغڙ پڪڙڻ جي به مھارت حاصل هئي.
نيٺ رسيس ٿي، ته شايان جھٽ وڃي آچر جي ڏينھن جي
لغڙ مقابلي جو سربستو احوال ڏنو، ته آچر تي فيضان
وارن سان ڀرپور مقابلو ڪنداسين. مان پراڻي لوهه
واري کان سڙيل بلب، سڙيل ٽيوب لائيٽون ورتيون آهن.
دڪان واري کان صابو داڻا ۽ ٿنڀڻ (سِرس) ورتو آهي.
همام دستي ۾ شيشا ڀڃي، پائونڊر ڪندس. وري ٿنڀڻ ۽
صابو داڻا وڏي پنجن ڪلو واري گيھه جي خالي دٻي ۾
وجھي باهه تي رکي ڪاڙهيندس. آخر ۾ شيشن وارو
پائوڊر ان ۾ ملائي مانجھو تيار ڪندس. پوءِ جيلس
بازار مان ورتل رِيل ان ۾ وجھي ڪوٺِي تي مانجھي
وارو رِيل تيار ڪندس. آچر واري ڏينھن سڀني پاڙي
وارن جا لغڙ ڪاٽا ڪندس. فرحان شايان جو داٻو پوري
پاڙي جي ڇوڪرن کي محسوس ڪرائبو. رک لال تي. ٽھڪڙو
مچي ويندو، رڳو تون منھنجو ساٿ ڏجان ته فرحان ان
شاءَ الله جيت اسان جي ٿيندي. شايان فرحان کي
مانجھي واري ڍيري جي پوري ڳالھه ٻُڌائي ۽ فاتحانه
تاڙو ملايو، رسيس ختم ٿي ته ٻئي ڪلاسن ڏانھن روانا
ٿي ويا.
مانجھي جي ڍيري جي ڳالھه جڏهن فيضان کي پئي، ته
فيضان هڪ پلان ٺاهيو. پنھنجي ڪوٺِي تي چڙهي، ان
شايان وارن جي گھر جي ڇت ٽُپيو ۽ مانجھي واري ڍيري
وارو سامان کڻي گم ڪري ڇڏيو. شايان جڏهن پنھنجي
گھر جي ڇت تي چڙهيو، ته ان کي مانجھي واري ڍيري جو
سامان نه مليو ته هُو پريشان ٿي ويو. پنھنجي امڙ ۽
باجيءَ کان معلوم ڪيو، پر سندس سامان جي گم ٿيڻ جو
ڪنھن کي پتو نه هو. صبح جو آچر جو ڏينھن هو. شايان
۽ فرحان جي ناڪامي جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. صبح
ٿيو فيضان پوري پاڙي وارن جا لغڙ ڪٽيا ۽ هن ڀيري
آچر واو مقابلو فيضان کٽي ويو. هوڏانھن شايان ۽
فرحان جي ھار ٿي، ته ٻئي ڄڻا همٿ هاري ويٺا. پر
شايان جي امي پنھنجي موڀي پُٽ کي دلاسو ڏنو، ته
شايان ايندڙ آچر جي بازي جي تياريءَ ۾ لڳي ويو ۽
هن ڀيري شايان دل کولي لغڙ ڪٽيا ۽ پھرين پوزيشن تي
سرِ فھرست رهيو.
پنھنجي پاڙي جي يوٽيوبر دوست شايان ۽ فرحان جي سوڀ
تي لائيو انٽرويو ڪيو ۽ هڪ سوال جي جواب ۾ شايان
چيو، ته گذريل آچر جي ناڪامي مون کي دل شڪستو ڪيو.
پر امي جي دلاسي همٿ ڏيارائي ۽ پنھنجي مامي کان
لاهور مان مون لاءِ مانجھي وارو ڍيرو ٽي سي ايس
ڪري گھرايو ۽ اڄ ان جي رزلٽ اوهان جي سامھون آهي.
ته سڀني ڏسندڙن زور سان تاڙيون وڄائي شايان کي فتح
جو داد ڏنو ۽ مانجھي واري ڍيري جي تعريف ڪئي.
سو پيارا ٻارؤ! هي هڪ ٻار جي حوصلي نه هارڻ جي
ڪھاڻي آهي، ته همٿ سان يا پنھنجي والدين جي ٻارن
سان محبت ۽ انھن جي شوق کي همٿائڻ جي به هڪ ڪوشش
چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
***
رميش ڪُمار ڀيل ميرپورخاص
اُٺ ۽ گڏهِه
ٻه دوست هوندا هئا. هڪ گڏهه ۽ ٻيو اُٺ. هڪ ڏينھن
اُٺ ۽ گڏهه ماڻھن جي ٻنيءَ ۾ وڃي چرڻ لڳندا آهن.
جڏهن گڏهِه ڍؤ ڪندي آهي تڏهن اُٺ کي چوندي آهي، ته
منھنجي عادت آهي ته جڏهن آءٌ ڍؤ ڪندي آهيان ته
تڏهن رڙ ڪندي آهيان. تڏهن اُٺ چيس ته نه ائين نه
ڪر، ماڻھو اچي ويندا ۽ پاڻ کي ڪُٽيندا.ته گڏههِ
چيو ته نه اها ته منھنجي عادت آهي! ۽ پوءِ هيءَ رڙ
ڪندي آهي. تڏهن ٻنيءَ جا هاري اچي ويندا آهن ۽
گڏههِ لڪي ويندي آهي ۽ اُٺ ته ويچارو ڊگھو ڪٿي
لڪي؟ پوءِ اُٺ کي ڏاڍي مارَ ملندي آهي ۽ گڏههِ بچي
ويندي آهي. پوءِ هلندي هلندي هڪ وڏي ندي اچي ويندي
آهي. تڏهن گڏههِ چيس ته تون آهين ڊگھو آءٌ تنھنجي
مٿان چڙهان تون هل. تڏهن اُٺ چيو، ته ٺيڪ آهي.
جڏهن هي نديءَ جي وچ تي پھچندا آهن ته تڏهن اُٺ
گڏههِ کي چيو، ته يار منھنجي به هڪڙي عادت آهي.
آءٌ جڏهن به پاڻيءَ ۾ ايندو آهيان تڏهن ٽُٻي ڏيندو
آهيان. پوءِ گڏههِ چيس ته يار ائين نه ڪر ائين آءٌ
ته مري وينديس. اُٺ چيس ته منھنجي ته اها عادت آهي
پوءِ ٽُٻي ڏنئين ته گڏههِ ٻُڏي مري ويئي.
پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي
ٿو ته
”جھڙي
ڪرڻي تھڙي ڀرڻي“.
ان جو مطلب آهي ته جھڙي پوک پوکيندؤ، اها ئي
لُڻندؤ!!
***
سرمد عباسي
(قسط: ستين)
خانواهڻ
سپِي، سارنگ ۽ مَتارو
}ٻاراڻو ناول{
”سپي،
مان ھرڻ ئي آھيان.“
سارنگ، رُسڻَ نموني چيو.
”منھنجي
چوڻَ جو مطلب آھي، ته ھيءُ سچ پچ جو ھرڻ ناھي.“
سپيءَ تڪڙ ۾ چيو.
”سپي،
ھيءُ ڪو رانديڪو آھي ڇا؟ ڪو روبوٽ رانديڪو.“
آڪاش اڳتي وڌي، سارنگ جي ڀرسان ويھندي پڇيو.
”نه
ادا آڪاش. ھيءُ ڪو روبوٽ يا رانديڪو ناھي. ھيءُ ته
بابا جو ٺاھيل ھڪ ڪارٽون آھي ۽ ٽي ويءَ مان نڪري
ھتي پھتو آھي.“سپيءَ
ٻڌايو.
”ھاھاھا...
پوءِ ته پڪَ سان شينھن به سچو نه ھوندو. اھو به
ڪارٽون ھوندو.“
فيروز وڏو ٽھڪ ڏيندي، ٺٺول وچان چيو. ڪريم به
سپيءَ تي کلڻ لڳو. آڪاش جي ڪاوڙ مان نھارڻ تي ٻئي
ڄڻا ماٺ ٿي ويا.
”ھا
ادا. شينھن به ڪارٽون آھي.“
سپيءَ چيو. آڪاش پنھنجي ڏَسِڻي آڱر (اَشھد آڱر)
سِڌي ڪئي ۽ سارنگ جي مٿي تي ڦيرڻ لڳو. اھو محسوس
ڪري ھن کي اچرج ٿيو ته ڄڻ ھو کلَ بدران لَھرن تي
ھٿ ڦيريندو ھجي. آڪاش سارنگ جي ڳچيءَ تي به ھٿ
ڦيريو پر کيس ساھه جي چُرپُر به محسوس نه ٿي.
”پڪ
ئي ڪو نه پئي ٿئي. اھا ته اڻ ٿِيڻي ڳالھه آھي.“
آڪاش منجھيل نموني چيو.
”مطلب
ته تو کي پڪ ٿي وئي آھي، ته ھيءُ سچ پچ ۾ ھڪ
ڪارٽون آھي؟“سيٺ
رميش پڇيو.

”بابا،
ھيءُ اسان انسانن جيان ڳالھائي پيو. ڪا ته ڳالھه
آهي“
آڪاش ڊگھو ساھه کڻي اُٿي بيھندي چيو.
”مان
ڪوڙ نه ٿي ڳالھايان چاچا سائين.“سپيءَ
چيو. سارنگ به سيٺ رميش ڏانھن ڏسي، مٿو لوڏڻَ لڳو.
آڪاش ڪي گھڙيون سوچيندو رھيو پوءِ ھو ڪرسين ڏانھن
وڌيو.
”سڀ
اچي ڪرسين تي ويھو ته جيئن سموري قصي جي پاڙَ
تائين پھچي سگهجي.“
آڪاش پاڻ به ھڪ ڪرسيءَ تي ويھندي چيو. سپي، آڪاش
جي ڀرسان ويٺي ۽ کيس سڄي ڳالھه، مُنڍَ کان ٻڌائڻ
شروع ڪيائين. آڪاش، سارنگ ڏانھن چِتائي نھاريندي
سپيءَ جي ڳالھه ٻُڌڻَ لڳو.
***
روڊَ تي تِرڪڻ ھئڻ ڪارڻ، شفيق ڏاڍي ڌيانَ سان ٽرڪ
ھلائي رھيو ھو. فواد سوڌو شعيب ۽ نويد جي مُنھَنِ
تي ڳڻتي پکڙيلَ ھئي. فواد جو وَسُ نه پئي ھليو جو
ھُو ٽرڪ کي ھيلي ڪاپٽر جيان اُڏائي، اورنگزيب وٽ
شھر پھچي وڃي.
”شفيق
ڪوشش ڪر ته پاڻ اڌ ڪلاڪ کنَ ۾ ھيٺ شھر پڄي وڃون.
شينھن اسان لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگھي ٿو.“
فواد، ڳڻتيءَ مان چيو.
”فواد
صاحب، ٽرڪ جي ھڪ پاسي جبل ته ٻئي پاسي کاھي آھي.
اھي ٻئي شيون اسان کي ھيٺ شھرَ بدران، مٿي اُڀَ تي
پھچائي سگھن ٿيون.“
شفيق، چِٿر (ٽوڪَ) نموني چيو.
”ڪجھه
ڪو نه ٿيندو فواد. اُلڪو نه ڪر. اِجهو پھتاسين.“
شعيب مُرڪندي چيو. فواد به شعيب ڏانھن ڏسي مُرڪيو.
ھُو اڃان سنڌو ڪالوني مَسَ ٽَپِيا جو ھڪ ھلڪي
ڌماڪي جو آواز ٿيو ۽ ٽرڪ لھرَ ھڻندي، کاھيءَ واري
پاسي ڏانھن وڃڻَ لڳي. شفيق تڪڙ ۾ ٽرڪ کي جبلَ
واري پاسي ڏانھن موڙيو ۽ رفتار گھٽ ڪندي بريڪ
پيڊلَ کي دٻائي ڇڏيو. ٽرڪ چِيڪاٽ جو آواز ڪندي،
جبل سان لڳو لڳ بيھي رھي. ڪنھن کي ڪو ڌڪ ڪو نه
لڳو. ھنن ڏاڍي ھوشياريءَ سان پاڻ کي ڦَٽِي ٿيڻَ
کان بچائي ورتو ھو.
”ڦِيٿو،
پنڪچر ٿي ويو.“
شفيق چيو.
”اوھه...“
فواد نراڙ تي ھلڪو ڌَڪ ھڻندي رڙ ڪئي ۽ چپَ
ڀِڪوڙيندي پنھنجو مٿو سِيٽ سان ٽيڪائي ڇڏيو.
”نويد
ھيٺ لَھُه ته ڦِيٿو مَٽايون.دير ڪو نه لڳندي.“
شفيق چيو ۽ ٽرڪ جو دروازو کولي ھيٺ لھي ويو. نويد
ھائوڪار ۾ مٿو لوڏيندي، ھڪ خاني مان وڏي ٽارچ ڪڍي
۽ ٽرڪ مان لھي ويو. کاٻي پاسي وارو پويون ڦيٿو
ڦاٽو ھو.
”اوزار
ڪڍي مون کي ڏي. اتي ئي واڌو ڦيٿو به اٿئي، اھو به
کڻي اچ.“
شفيق ڦاٽل ڦيٿي وٽ، اوڪڙو ٿي ويھندي چيو. نويد
تڪڙو ھلندو پڃري وٽ پھتو ۽ ريگزين واري چادر مٿي
ڪيائين.
”اڙي
ھي ڇا؟“
ھنَ جي وات مان نڪتو ۽ ھُو ٻه ٽي وکون پوئتي
ٿيندي، ھيٺ روڊَ تي ڪِري پيو. ٽارج به سندس ھٿ مان
نڪري ھيٺ ڪِري پئي.
”اڙي!
تو کي ڇا ٿيو. تِرڪِي پئين ڇا؟“
ٽرڪ جي پاسي کان شفيق پڇيو. نويد، کيس وراڻي ڏيڻ
بدران، دوڏا ڦاڙي پڃري ڏانھن نھاريندو رھيو. ھن کي
ان حالت ۾ ڏسي، شفيق اڳتي وڌي ٽارچ کنئي ۽ پڃري
ڏانھن سُھائي ڪيائين. پڃري تي نھارَ پوندي ئي ھنَ
کان به دانھن نڪري وئي ۽ ھو به ڪيتريون ئي وکون
پٺتي ٿي ويو.
پڃري ۾ واڙيل شينھن، پنھنجي ڳاڙھين اکين سان ھنن
ڏانھن نِھاري رھيو ھو. رڙيون ڪرڻَ واري ڳالھه اھا
ھئي ته شينھن جو ڌَڙُ پڃري ۾ ھو. جڏھن ته سندس
ھيبتناڪ، وڏي مُنڍي پڃري جي لوھي شِيخن جي سوڙھي
وِٿيءَ مان ٻاھر نڪتل ھئي!
”اُٿُ
نويد... جلدي ڪر... اُٿ.“
شفيق، نويد کي ڪالر کان وَٺِي ڇڪيندي چيو. نويد
جيئن ئي اُٿي بيٺو ته اڳين پاسي کان فواد به پھچي
ويو.
”توهان
ٻئي ڦيٿو مَٽائڻَ بدران ڪچھري پيا ڪيو. جلدي ڪيو
ته ھليا ھلون.“
فواد چِڙَ مان چيو. ان سان گڏ ئي ھنَ جي نِھارَ به
پڃري ڏانھن کَڄي وئي. شينھن جي مُنڍي سوڙھين شِيخن
مان ٻاھر نڪتل ڏسي ھنَ جو بُتُ به ڪَنبي ويو.
ھنن کي ڪھڙي ڄاڻ ته اھو ڪو اصلوڪو شينھن نه پرَ
ڪارٽون شينھن آھي. جيڪو نه رڳو سوڙھي وِٿيءَ مان
پرَ سندن نَڪَ جي ناسُن مان به سولائيءَ سان ٽَپي
پئي سگهيو. شينھن ھلڪي گجگوڙ جو آواز ڪڍيو ۽ شِيخن
جي وِٿيءَ مان ايئن ٻاھر نڪري آيو جيئن ڏندَ صاف
ڪرڻ واري پيسٽ، دَٻِيءَ مان نڪرندي آھي.
”ڀَ...ڀَ...ڀَڄو.،
فواد ڏاڍيان چيو ۽ اڳين پاسي ڏانھن ڊوڙِڻَ لڳو.
شفيق ۽ نويد به ٿيڙَ کائيندا ڊُڪڻَ لڳا.
متاري شينھَن پٽَ تي لھندي ئي گجگوڙ ڪئي ۽ ڪنڌُ
ورائي، ڀڄندڙ فواد وارن ڏانھن ڏسڻَ لڳو. فواد،
شفيق ۽ نويد کي ڀڄندو ڏسي، ٽرڪ ۾ ويٺل شعيب وائڙو
ٿي ويو. جڏھن ھن شينھن جي گجگوڙ جو آواز ٻڌو ته
ڳالھه کيس سمجھه ۾ اچي وئي ته شينھن پڃري مان نڪري
آيو آھي. ھن جي دل جي ڌَڪ...ڌَڪ پاڻَ مُرادو وڌي
وئي ۽ لڱن ۾ ٿڌڙيون ٿڌڙيون لھرون اُٿڻَ لڳس. ھُو
بنا ڪنھن کڙڪي ڪرڻَ جي، سِيٽ تان تِرڪي ھيٺ ٿي
ويو. سوڙھي جاءِ تي پاڻَ کي ڦاسائي، ھنَ شالَ به
پنھنجي مٿان وجھي ڇڏي ته جيئن شِينھن کيس ڏسي نه
سگھي. متاري شينھن ھڪ ڀيرو وري گجگوڙ ڪئي ۽ ٽپُ
ڏئي فواد وارن جي پويان ڊُڪڻَ لڳو.
***
سپيءَ جي ڳالھه ٻُڌي، سڀُ اچرج ۾ وٺجي ويا ھئا.
ھنن کي پڪَ ئي ڪو نه پئي ٿِي ته ڪو ايئن به ٿي
سگھي ٿو. ڪارٽون سيريز جا ڪردارَ، ٽي ويءَ مان
نڪري ھنَ دنيا ۾ به اچي سگھن ٿا.
”صاحبَ،
ڪا اھڙي مشين ايجاد ٿي آھي، جيڪا ٽي ويءَ مان
ماڻھو ۽ جانور ڪڍي اسان آڏو اچي بيھاري؟“
فيروز، ھڪ آڱر سان مٿو کَنھندي پُڇيو.
”اھڙي
مشين وري ڪٿان ايندي؟ اصل ۾ ته پاڻَ خواب پيا
ڏسون. جلد ئي جاڳي، ان تي ڏاڍو کلنداسين.“ڪريمَ،
فيروز جي ڪُلھي تي ھلڪو ڌَڪُ ھڻندي چيو. ٻنھي جون
ڳالھيون ٻُڌي سڀُ مُرڪي پيا.
”ڪا
ڄاڻَ ناھي دوستَ. پر ايئن ٿئي پيو. سو، سوچڻَ جي
ڳالھه اھا آھي، ته ھاڻي ڇا ڪجي؟ شينھن ٻاھر آزاد
گُھمي پيو. ھُو ڪو وڏو نقصان به ڪري سگھي ٿو.“
آڪاش فيروز ڏانھن نھاريندي وراڻيو. سڀ ڪو ماٺِ ٿي
ويو. سوچي سڀ ڪو متاري ۽ سارنگ بابت پيو پر، سمجھه
۾ ڪنھن کي به نه پئي آيو.
”الائجي
ڪيئن ان مسئلي مان جِندُ آجِي ٿيندي؟“
سيٺ رميش، پکڙيلَ ماٺِ کان بيزار ٿي پڇيو.
”ٽي
وي.“
سپيءَ جي ڏاڍيان ڳالھائڻ تي سڀ، ھنَ ڏانھن نھارڻَ
لڳا.
”ٽي
وي! ٽي وي ڇا؟“
سيٺ رميش عجب مان پڇيو.
”سارنگ
۽ متارو جنھن وسيلي اسان جي دنيا ۾ آيا آھن، ويندا
به ان ئي وسيلي. معنيٰ ته ٽي ويءَ وسيلي.“
ھيلَ سپيءَ جوش مان چيو. اھو ٻُڌي آڪاش به جوشَ ۾
اچي ويو.
”تون
صحيح پئي چئين سپي.“
سارنگ، سپيءَ جي ھنجَ ۾ مُنھن رکندي چيو.
(هلندڙ.....)
اشتياق احمد
(قسط: تيرهين)
مترجم: مير سردار چنڙ
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول
{
اسان جي جن کان ڊنل ھيون.
اھي ڊڄن ڇو پيون.
مان انھن جو حاڪم جو آھيان.... جن چيو، پَريُن سان
مخاطب ٿيو. ڊڄڻ جي ڪا ضرورت ناھي. ھي اسان جا
مھمان آھن ۽ مان اڄڪلھه انھن جو غلام آھيان. پريون
اھو ٻڌي مُسڪرائيندي اُٿيون. اھي ڏاڍيون خوبصورت
ھيون. اسان پنھنجي سرزمين تي عورتن جو ايترو حُسن
نه ڏٺو ھو. انھن جي منھن تي نظرون ئي نه پيون بيھي
سگھن. پريون رنگ برنگي ھيون. ڳاڙِهي، ڦِڪِي،
نِيري، اڇي، سائِي، ڪارِي، مطلب ته ھر قسم جون
پريون اتي موجود ھيون.
”جن
ادا.... ڇا مان انھن مان ڪنھن پري سان شادي ڪري
سگھان ٿو؟“
نادر چيو. مان ان جو سوال جن جي اڪيلي ڪن تائين
پھچايو. ڪڏھن به نه! پريون صرف پريزاد سان شادي
ڪري سگھن ٿيون، اھي ته جنن ۽ ديون سان به شادي نه
ٿيون ڪري سگھن ۽، جيڪڏھن ڪو جن يا ديوُ ڪنھن پري
کي کڻي وڃي ۽ ان سان شادي ڪري ڇڏي ته پوءِ ؟ پوءِ
ان جي سزا موت آھي... ان کي وسندي جي وچ ۾ ھڪ ڊگھي
مينار تي ڦاسي ڏني ويندي آھي.
ڏاڍو سُٺو! اوھان جي ملڪ جو قانون ته تمام بھترين
آھي. ڇا ڀُوت صاحب اوھان سان گڏ ناھن رھندا؟ مان
پڇيو. نه! ڀوت اسان جي برادريءَ کان ٻاھر آھن،
انھن جو اسان سان ڪو به تعلق ناهي. ھيءُ ڪاٿي
رھندا آھن؟
اھي ڪوهه قاف ۾ ناھن رھندا. نه وري انھن جي ڪا الڳ
وسندي آھي. بس ڪو ھِتي ڪو ھُتي رھندو آھي. ڀوت
طاقتور ھوندو آھي يا جن يا ديوُ؟“
مان سوال ڪيو.
جن سڀ کان وڏو طاقتور آھي. ان کان پوءِ ديوَ جو
نمبر اچي ٿو پوءِ پرين جو ۽ انھن کان پوءِ ڀُوتن
جو! اڙي! پريون، ڀُوتن کان وڌيڪ طاقتور آھن؟
ھا! توھان پَرين کي ڇا ٿا سمجھو؟ ڏسڻ ۾ نازڪ نفيس
ھونديون آھن. پر انھن ۾ تمام وڏي طاقت آھي. واھه
يار!
”اھو
ٻُڌي خوشي ٿي ته پريون ڀُوتن کان طاقتور ھونديون
آھن“
نادر گرم جوشيءَ مان چيو. اسان ڏٺو ته پرين جا گھر
جنن جي گھرن کان بلڪل ننڍڙا ھئا.
”مان
ڪنھن پريءَ سان ڳالھائي سگھان ٿو.“
نادر چيو.
”ھا
ھا! ضرور پَريون توھان جي ھر ڳالھه جو جواب
ڏينديون.“
جن چيو. نادر پنھنجي جاءِ تان اٿيو ۽ ميڪ اپ ڪندڙ
ھڪ ڳاڙهي رنگ جي پريءَ سان مخاطب ٿيو.
ھيلو.... مس پري
”ننڍڙا
ڇوڪرا! مان سمجھيس نه! تو ڇا چيو“
پريءَ ان ڏانھن مُسڪرائيندي چيو.
ڇا تون مونکي پنھنجي پرن تي ويھاري اُڏري سگھين
ٿي؟ ھا ڇو نه!
اڇا اھو ٻُڌاءِ ته توهان کائيندا ڇا آھيو؟
گوشت.
”انسانن
جو گوشت“
نادر پڇيو.
اڙي نه! ڳئون مينھن ۽ ٻڪري جو. پر توھان گوشت ڪٿان
آڻيندا آھيو. شڪار ڪندا آھيون؟
”ڇا
تنھنجي شادي ٿي وئي آ؟“
نادر دلچسپ سوال ڪيو.
”ھا!
منھنجا ادڙا! ٿي وئي آ.“
پريءَ جواب ڏنو. ڏاڍو سٺو، توکي اولاد ٿيو آ؟ ھا
... ھڪڙو آھي. اڙي! مان ان کي ڏسڻ چاھيان ٿو. ھاڻ
ئي آڻيان ٿي پري اھو چئي ڊوڙندي ھڪ گھر ۾ گھڙي
وئي. اھو گھر قديم طرزِ تي ٺھيل ھو. اھا اتان ھڪ
ننڍڙي ادڙي پريزاد کي کڻي آئي. نادر پريءَ جي ٻار
کي پنھنجي ھٿ ۾ کڻي ڏٺو. اھو بيحد حسين ھو. ھُو
مُسڪرائي رھيو ھو ۽ ھٿ پير ھڻي رھيو ھو. ان جي
ٻنھي ڪُلھن کان مون کي پَر نڪرڻ جا آثار نظر اچي
رھيا ھئا. ھو سائي رنگ جي روپ جو ھو. نادر اھو ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو.
پري!
”ڇا
تون ھي ننڍڙو مون کي ڏئي سگھين ٿي.“
ان پڇيو. ڀائو! ڀلا ڪا ماءُ پنھنجي ٻار کي به ڏئي
سگھي ٿي؟
”اسان
توکي ٻار جي بدلي لکين روپيا ڏئي سگھون ٿا“
نادر بنا سوچڻ جي چيو.
”اسان
پنھنجي ٻارن کي ناھيون کپائيندا“
پريءَ ڏُک ڪندي چيو . ڏُک نه ڪيو..... مان اوھان
جو امتحان وٺي رھيو ھئس. اڇا!! پري خوش ٿي وئي.
”او
نادرو ھاڻ ھلون..... پري ڀيڻ کي گھڻو تنگ نه ڪر“
مان چيو. نه نه! ھي ته تمام سُٺو ڇوڪرو آھي....
مان ان جي ڳالھين سان پريشان ته ناھيان ٿي. پوءِ
به..... ڏاڍي دير ٿي وئي آھي. اڃا ديون جي وسندي
به ڏسڻي آھي.
ھا ! ھلو ادا نادر پرين کان موٽندي چيو. اسان جنَ
جي ھٿ تي سوار ٿياسين.... جن جلدي ديون جي علائقي
۾ لٿو. جيئن ئي جن جا پير فرش تي لڳا ته سڀ ديو
چوڻ لڳا.. آدم بُوءِ... آدم بُوءِ... خاموش ٿيو...
ھي اسان جا مھمان آھن ۽ مان اڄڪلھه انھن جو غلام
آھيان. سڀ خاموش ٿي ويا. اھي سڀئي بدصورت ۽ ڀوائتا
ھئا. جو انھن تي نظر پوندي ئي جسم ڪُنبڻ لڳو. اھي
ڏاڍا ڀوائتا آھن ادا.... ھتان ھلو. پريشان نه
ٿيو... اھي اسان کي ڪجھه نه ڪندا... مان انھن کي
دلاسو ڏنو.
سڀئي ديو ڪاري رنگ جا ھئا. انھن مان ڪي ھڪ اک وارا
به ھئا. ھڪ اک انھن جي نرڙ تي ڏاڍو خوفناڪ لڳي
پئي. انھن جا ڏند ڊگھا ڊگھا ۽ چُھنب دار ھئا. چپ
ڏاڍا ٿُلھا ھئا. منھنجو ته ھتي ساھه ٿو مُنجھي،
ھلو ادا نادر وري چيو. ھا ڀا!
واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. محل تي پھچندي ئي اسان
کي سڀ کان پھرين بشيرا جي سڱ ڀڳل ڳئون جو خيال
آيو. ھاڻي سڀ کان پھرين ڳئون جي ڳولا ڪرڻي پوندي.
جي ھا... مونکي ياد آھي. ٺيڪ... وڃ... ان کي ڳولي
آ.. جيڪڏھن چور ملي ته ان کي ٻه چار ھڻي ڇڏجان. جي
ٺيڪ.... اوھان به ياد ڪجو ته سڀاڻي ڪنھن به حالت ۾
چراغ کي نه رڳڙجو.... سڀاڻي شادي آھي...جن ياد
ڏياريو. ھاھا! مونکي ياد آ..... تون فڪر نه ڪر.
مان ھلان ٿو آقا. ٻئي ڏينھن صبح اڃان ننڊ ۾ ئي
ھئاسين، ته دروازو کُڙڪي رھيو ھو. اسان ڇرڪ ڀري
اُٿياسين. اھي ضرور ڳئون وارا ھوندا! بشيرا جي
ڳئون ملي وئي ھوندي نه! ان لاءِ ڊوڙندا آيا
ھوندا..... نادان! سُمھڻ به نٿا ڏين! بابا چيو.
مان ڏسان ٿو. ادا بستري تان اٿندي چيو.
ادا ڪمري مان نڪري ويو. موٽي آيو ته انھن جي منھن
تي ٻارنھن وڄي رھيا ھئا. ڇا ٿيو.... خير ته
آھي....
“
اسان سڀ پريشان ٿي وياسين....
”ٻاھر
پوليس آئي آ“
ادا چيو. سڀ گرفتار. پوليس! بابا خوفزده لھجي ۾
چيو. ھا پوليس جا ڪيترائي آفيسر ٻاھر موجود آھن.
پر پوليس جو ھتي ڪھڙو ڪم؟ الله ڄاڻي.
تو انھن کي ڊرائنگ روم ۾ ڇو نه ويھاريو. اھي اوھان
کي سڏي رھيا آھن. اڙي نادان! انھن کي ڊرائنگ روم ۾
ويھار، چئين ته، مان ڪپڙا بدلائي اچان ٿو.
”جي
بابا“
ادا وري ڪمري کان نڪري ويو.
”ھاڻي
ڇا ٿيندو؟“
اميءَ چيو. اُن جو رنگ پِيلو ٿي ويو ھو. پريشان نه
ٿيو.... خبر ته پوي آخر ڳالھه ڇا آھي.
”مان
ڏسان ٿو“
بابا اٿيو. مان به اوھان سان گڏ ھلان ٿو. مان چيو.
اڇا... اچ تون به. اسان ڊرائنگ روم ۾ داخل
ٿياسين... ڪمري ۾ پوليس جا ڇھه اهلڪارموجود ھئا.
توهان جو نالو امتياز احمد آھي..؟ ھڪ آفيسر بابا
کان پڇيو. جي ھا!
”توھان
ويجھڙ ۾ ڪا ڪار خريد ڪئي آ“
ان پڇيو. جي ھا! ھا اوھان مَلڪ موٽرز تان خريد ڪئي
آھي نه؟ جي ھا... آخر ڳالھه ڇا آهي. توھان ڪار جي
قيمت ڪيش ادا ڪئي ھئي. آفيسر بابا جي سوال تي ڌيان
ڏيڻ بنا چيو.
”جي
ھا... اوھان ڳالھه ٻڌايو“
بابا پريشان ٿيندي چيو.
مَلڪ موٽرز ٻن ڏينھن بعد بينڪ ۾ اوھان جا ڏنل پيسا
جمع ڪرايا ته نوٽ چيڪ ڪيا ويا... اھي نوٽ ٻئي شھر
جي بينڪ تان چوري ٿيل آھن.“
توھان ٻُڌائي سگھو ٿا، ته اوھان کي اھي نوٽ ڪٿان
مليا؟ جي؟....بابا ڪو به جواب نه ڏئي سگھيو. ڇا
توھان نوٽ بينڪ مان چورايا ھئا. جي ... جي
نه...مان ناهن چورايا. ته پوءِ... ڪنھن چورايا
ھئا. مون کي ڪھڙي خبر. توھان کي ڪنھن ڏنا؟
مان اوھان کي ان سوال جو جواب نٿو ڏئي سگھان. ته
پوءِ مان اوھان کي حراست ۾ وٺان ٿو. حوالدار ھن کي
ھٿڪڙي لڳاءِ ۽ توھان ٻئي سڄي گھر جي تلاشي وٺو. ان
ٻن سب انسپيڪٽرن کي چيو. جي سر. بابا جي ھٿن ۾
ھٿڪڙي لڳي چڪي هئي. توھان ڪھڙو ڪم ڪندا آھيو.
جي. بابا ان سوال جو به ڪو جواب نه ڏئي سگھيو. ڇا
توھان ڪنھن ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم آھيو.
جي. جي ھا .... بابا تڪڙو چيو. ڪھڙي ڊپارٽمينٽ ۾
ملازم آھيو. آفيسر پڇيو. بابا پنھنجي ڊپارٽمينٽ جو
نالو ٻڌايو. ھي گھر اوھان ڪڏھن تعمير ڪرايو آ؟
ڪجھه ئي ڏينھن ٿيا آھن.
ھمممم.. سب انسپيڪٽر ڪمري ۾ داخل ٿيا. انھن جي ھٿن
۾ کوڙ ساريون نوٽن جو دستيون ھيون اھي نوٽ بچت ۾
ھئا. ھي نوٽ مليا آھن. ھڪ سب انسپيڪٽر چيو.
ڏاڍو سٺو. اھي نوٽ به ان بينڪ جا آھن. ڏوھه ثابت
ٿي ويو .... توھان ته وڏا چور نڪري پيؤ! حيرت آھي
ته توھان ڪيئن چورايا. اهو چئي اُٿڻ لڳا.
بابا گھٻرائيندي مون ڏي ڏٺو ته اکين ئي اکين ۾ ڄڻ
چئي رھيو ھو، وڃ تڪڙو چراغ کي رڳڙ.
(هلندڙ......) |