ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
حيدرآباد
دنيا جي معلومات
·دنيا
جي ادب ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب آهن، جن بي حساب
ڪاميابي ماڻي ۽ ڪيترين ٻولين ۾ اهي ڪتاب ترجمو به
ٿيا آهن.
·دنيا
جي سڀ کان پھرين اخبار ڪسن بان چين مان شايع ٿي.
·ارنيسٽ
ھيمنگويءَ جي ڪتاب (The
Old Man and the Sea)
جڳ مشھور ڪاميابي ماڻي. جنھن جو سنڌي ترجمو
”پوڙهو
۽ سمنڊ“
جي نالي سان شايع ٿيو آهي.
·انگريزي
ادب ۾ شڪسپيئر، جان ملٽن، ڊرائيڊن، ورڊس ورٿ ۽ ٻيا
ڪيترائي شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جن جا ڪتاب
دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا. جن مان ڪيترائي سنڌيءَ
ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمي جي صورت ۾ موجود آهن.
·يونان
جي سرزمين تي ارسطو، سقراط، بقراط، افلاطون، هومر
۽ ٻيا ڏاها مفڪر پيدا ٿيا.
جنھن ڪري يونان کي
”ڏاهپ
جي سرزمين“
چيو وڃي ٿو. سندن ڪتاب اڄ به پوريءَ دنيا ۾ مشھور
آهن.
·حضرت
داتا گنج بخش جي ڪتاب
”ڪشف
المحجوب“
کي تصوف جي موضوع تي اعليٰ درجو حاصل آهي.

سرمد عباسي
(قسط: پنجين)
خانواهڻ/نوشھروفيروز
سپِي، سارنگ ۽ مَتارو
}ٻاراڻو ناول{
فواد ۽ سندس دوست ماٺ ڪيون،سامھون روڊَ ڏانھن ڏسي
رھيا ھئا. روڊ مينھن جي ڪري پُسيل ھو. روڊ جي ٻنھي
پاسن کان ٿنڀن ۾ لڳل بَلبن ۽ ٽرڪ جي پنھنجي بلبن
جي ڪري ڏاڍي سُھائي ھئي. فواد ھوشياريءَ سان گاڏي
ھلائي رھيو ھو. ھونءَ به ڪنھن نانگ جيان ورَ وڪڙَ
رکندڙ انَ روڊَ تي گاڏي ھلائڻ جھڙي تھڙي جو ڪم نه
ھو. ھڪ ننڍڙي چُڪَ جي ڪري گاڏي اونھي کاھيءَ ۾
ڪِري پئي سگھي. ھڪ ڄاڻُو ڊرائيور ئي ھنَ جابلو
روڊَ تي گاڏي ھلائي پئي سگھيو.
جڏھن ھُو سنڌو ڪالونيءَ وٽان گذرڻَ لڳا ته شينھن
جي گجگوڙ جي آوازَ کين ڇِرڪائي وِڌو.
”ھان...اھو
ڇا جو آواز ھو ؟“
فواد گاڏيءَ جي رفتار گھٽائيندي،اچرجَ مان پڇيو.
”شينھن...
اھو ته شينھن جو آواز ھو.“
شفيق ڳيتَ ڏيندي وراڻيو.
”شينھَن
جو!!!“
فواد عجب وچان چيو.
”شينھن!!!
ھتي؟“
نويد به ساڳئي نموني چيو.
اُمالڪ ئي ھُو ٻيھر ڇِرڪي پيا. سندن اکين آڏو ھڪ
عجبَ ۾ وجھندڙ ڏيکُ اَچي ويو.
سنڌو ڪالونيءَ واري گھٽيءَ مان ھڪ ڇوڪري ۽ ھرڻَ جو
ٻچو نڪتا ۽ بازار واري پاسي ڊُڪڻ لڳا.
”ھرڻَ
جو ٻَچو!!!؟“
نويد، فواد ڏانھن ڏسي چيو.
”پڪَ
سان پُل ٽپي آيو ھوندو.“
شعيب ڳالھايو.
”پرَ
آواز ته شينھن جو ھو. شينھن ڪٿي آھي؟“
فواد، اڳيان جُھڪي گھٽيءَ واري پاسي نھاريندي
پڇيو.
انَ کان پھرين جو ڪو کيس وراڻي ڏي ھا، ھنن کي
پنھنجو ساھه بيھندي محسوس ٿيو. سندن لڱ ڪانڊارجي
ويا. فواد تڪڙ ۾ بريڪ ھڻي ٽرڪ بيھاري ڇڏي ۽ ان جا
اڳيان بلب بند ڪري ڇڏيا.
سڀني جون نِھارون پنھنجي آڏو واري ڏيکَ تي ڄَمي
ويون.
گھٽيءَ مان قدآور ۽ سَگھارو شينھن نِروار ٿي
ٻارڙيءَ ۽ ھرڻَ جي پويان ڊڪڻَ لڳو. شينھن. فواد
ڊپَ مان چيو.
ٽنھي مان ڪنھن به کيس ورندي ڪو نه ڏني.
ھُو سڀ دوڏا ڦاڙي شينھن ڏانھن ڏسي رھيا ھئا.
”پڪَ
سان شينھن، ھرڻَ جي ٻچي جي ڪڍَ ھتي پھتو آھي.“
ڪجھه گھڙين کان پوءِ فواد چيو.
”پل
ٽَپي؟“
شعيب پڇيو. فواد مُنھن لوڏي ھا ڪئي.
”دوستو
موقعو سُٺو آھي.“
فواد ٽنھي ڏانھن نھاري چيو.
”ڇا
جو موقعو؟“نويد
پڇيو.
”پئسا
ڪمائڻَ جو.“
فواد مُرڪندي وراڻيو.
”ڪيئن
ڀلا ؟“
شفيق ڳالھايو.
”اسان
ھنَ شينھن کي پڪڙي، اونگزيب وٽ وڪڻي جَھجھا (گھڻا)
پئسا ڪمائي سگھون ٿا.“
فواد وراڻيو.
”پرَ
فوادَ، اورنگزيب کي ته رڇَ جا ٻچا کپن. شِينھن ته
وٽس اڳي ئي آھي. ھنَ شينھن کي ھُو ڪيڏانھن ڪندو؟“
نويد چيو.
”اورنگزيب
وارو شينھن، ھنَ شينھن آڏو ڪُوئو آھي ڪُوئو. ڏٺوَ
ڪونه ته ھيءُ شينھن ڪيڏو وڏو ۽ سگھارو آھي.
اورنگزيب، ھن شينھن جا لکين رپيا ڏيندو پيارا.“
فواد چيو.
”تون
سچ پيو چئين فواد. ھيءُ ته ڄڻ ايميزون جھنگ مان
آيل ڪو ببر شينھن ٿو لڳي. ڪيڏو ته ھيبتناڪ آھي.“
شعيب مٿو لوڏيندي چيو.
”ببر
شينھن کي پڪڙڻ، سؤلو ڪونه ھوندو. ساھه تِريءَ تي
رکڻو پوندو.“
شفيق، فواد ڏانھن نھاريندي چيو.
”خطرن
سان مُنھن ڏيڻ ئِي ته اسان جو ڪمُ آھي. بس، فيصلو
ٿي ويو. اسان رڇَ جي ٻچن بدران ببر شينھُن
پڪڙينداسين.“
فواد اَٽل ارادي سان چيو. شفيق، نويد ۽ شعيب ھڪٻئي
ڏانھن ڏسڻَ لڳا.
سپي ۽ سارنگ، ڏاڍو تِکو ڊُڪي رھيا ھئا. سارنگ ته
ھرڻ ھو. ھنَ جي ڊوڙَ کي ته متارو به ڪونه پُڄي
سگھندو ھو. پرَ ھنَ مھلَ ھُو سپيءَ جي ڪري ھوريان
ھوريان ڊُڪي رھيو ھو.
”سِپي،
متارو اجھو اسان تائين پھتو. ٿورو وڌيڪَ تِکو ڊوڙ.“سارنگ،
ڳڻتيءَ وچان چيو. سپيءَ ڊُڪندي ڊُڪندي پوئتي
نھاريو. سارنگ سچ پئي چيو. متارو ذري گھٽ ھنن
تائين پھچڻ وارو ھو. ڪَڻ ڪَڻ بند ٿي وئي ھئي. رکي
رکي کِنوڻ پئي چمڪي. سنڌو ڪالونيءَ جي گھرن کان
پوءِ ھاڻي جبلَ جو ڀتِ جھڙو ڀاڱو شروع ٿي ويو.
جنھن ۾ ڪٿي ڪٿي ته مٿي چڙھڻَ لاءِ چاڙھيءَ جھڙا
ڏکيا دَڳَ ھئا. نه ته جبلُ سِڌي ڀتِ جيان ھو. ان
ڀاڱي کان پوءِ شھر جي بازار ھئي. ان بازار ۾
دڪانَ، ھوٽلَ ۽ ڪجھه سرڪاري آفيسون پڻ ھيون. سپي ۽
سارنگ ستت ئي بازار پھچي ويا.
مينھن ۽ سيءَ جي ڪري دڪان ۽ هوٽلون به بند ٿي ويون
ھيون. بند دڪانن آڏو ھڪ ٻه ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون
بيٺل ھيون. ھڪ ھوٽل تي نِھارَ پوندي ئي سپيءَ کي
پنھنجي پيءُ ھالار جو واسطي وارو چاچا رميش لال
ياد اچي ويو. اھا وچولي درجي جي ھوٽل چاچي رميش جي
ھئي. ھوٽل جو شَٽر اڌ ھيٺ لٿل ھو. لڳو پئي ته ھوٽل
بند ٿيڻ وارو ھو.
”ھيڏانھن
اچ سارنگ.“
سپيءَ، ھوٽل ڏانھن وڌندي چيو.
”ايڏانھن
ته انسانَ ھوندا سپي. اُھي مون کي ڪونه ڇڏيندا.“
سارنگ چيو.
”ڊڄ
نه سارنگ. اھو ھوٽل اسان جي ڄاڻ سڃاڻ وارن جو آھي.
اتي اسان کي ڪجھه به نه ٿيندو. اچُ جلدي.“
سپيءَ وراڻيو ۽ ھوٽل آڏو بيٺل ٻن گاڏين جي وچ مان
لنگھندي ھوٽل ۾ ھلي وئي. سارنگ به ايئن ئي ڪيو.
ھوٽل ۾ پھچي سپيءَ ڏٺو ته سمورو ھوٽل خالي ھو. ھڪ
پاسي رکيل بينچن تي، ھوٽل ۾ ڪم ڪرڻ وارا ٻه ڄڻا
شالون ويڙھي، ڀت سان ٽيڪ ڏنيون ويٺا ھئا. سندن
اکيون بند ھيون. پڪ سان آرام ڪري رھيا ھئا. دخلَ
(ڪائونٽر) تي چاچو سيٺ رميش لال، ھڪ رجسٽر تي ڪجھه
لکي رھيو ھو. چاچو رميش پنجاھه پنجونجاھه ورھين جو
ھو ۽ کيس ويجِھي نِھارَ واري عينڪَ پڻ پاتل ھئي.
”چاچا
سائين.“
سپيءَ دخلَ وٽ بيھي چيو.
چاچي رميش لال، لکڻ بند ڪري سپيءَ ڏانھن ڏٺو.
”چاچا
جلدي ھوٽل جو شٽر ھيٺ ڪيو. جلدي چاچا.“
سپيءَ مِنٿَ ڪندي چيو.
”اڙي
سپي تون. ڇو... ڇا...“
سيٺ رميش لال جو جملو اڌ ۾ ئي رھجي ويو. ھُو عجب
وچان سپيءَ جي پُٺيان ڏسڻَ لڳو. سپيءَ به مُڙي،
پويان ڏٺو. سندس پٺيان سارنگ بيٺو ھو. جنھن کي ڏسي
سيٺ رميش لال کان ڳالھائڻ وسري ويو ھو.
”چاچا،
مان اوھان کي سڄي ڳالھه ٻڌايان ٿي، پر پھرين شٽر
بند ڪيو. جلدي.“
سپيءَ کي ڳڻتيءَ ۾ ڏسي، چاچي سيٺ رميش ھائوڪار ۾
مٿو لوڏيو ۽ دخل پويان نڪري، ھوٽل جي درَ ڏانھن
وڌيو ته جيئن شٽر ھيٺ ڪري سگھي. پرَ ان کان اڳ جو
ھُو ايئن ڪري ھا، کانئس ھڪ وڏي رڙ نڪري وئي ۽ ھُو
اُتي ئي، لَسي پَٽَ تي ڪِري پيو.
”چاچا.“
سپيءَ کان به دانھن نڪري وئي. سارنگ، سپيءَ جي
دانھن ٻُڌي ڊِڄي، دخل پويان لِڪي ويو. ھوٽل جي اڌ
بند شٽرَ وٽ، متارو بيٺو ھو. ھنَ جا موتمار ڏندَ
چِٽا ڏسڻَ ۾ پئي آيا ۽ وڏيون ڳاڙھيون اکيون، سپيءَ
تي ڄَميل ھيون. سيٺ رميش لال،ھٿن ۽ پيرن تي زور
ڏيندي پوئتي رِڙھڻ لڳو. ھنَ جي اکين ۾ ڀَئو ھو.
متاري پنھنجو پُڇُ اُڀو ڪري، جھنڊي جيان لھرائڻ
شروع ڪيو ۽ پنھنجا ڊگھن نَنھَنِ وارا پيرَ ھوريان
ھوريان کڻندو، ھوٽل جي ھالَ ۾ اچي ويو. ھالَ ۾
پھچي ھنَ ڀوائتي گجگوڙ جو آواز ڪڍيو. ھنَ جي گجگوڙ
ٻُڌي بينچَ تي اکيون ٻُوٽي ويٺل ٻَئِي ڄڻا ڦَھڪو
ڪري ھيٺ اچي ڪِريا. متاري، انھن ڏانھن ڌيان ڏيڻ
بدران پنھنجو پيٽُ، پَٽَ سان لڳايو ۽ سپيءَ ڏانھن
ٽَپُ ڏيڻَ لاءِ تيار ٿي ويو. ان کان اڳ جو متارو
ٽَپُ ڏئي سپيءَ کي ڦَٽي وجھي ھا، گوليون ھلڻ جا ٽي
آوازَ ٿيا. متاري ھڪ وڏي دانھن ڪئي ۽ اُڇل کائي
گِسڪندو، اڌ کُليل شٽر ھيٺان ٿيندو ٻاھر وڃي
ڪِريو. متاري کي ٻاھر ڪِرندو ڏسي، سيٺ رميش تڪڙ ۾
اُٿيو ۽ شٽر کي ھيٺ ڇِڪي بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ ھن
اندرين درَ جا ٻئي تاڪ به بند ڪري ڪَڙو ڏئي ڇڏيو.
ھاڻي ھوٽل ۾ اندر اچڻ جو دڳ بند ٿي ويو ھو.
سپيءَ ۽ سيٺ رميش، کاٻي پاسي نھاريو. اتي ھوٽل ۾
ايندڙ گراھڪن جي لاءِ، نويڪلائيءَ (اڪيلائيءَ) ۾
کاڌو کائڻ لاءِ ھڪ ننڍي ڪوٺڙي (ڪيبن) ٺھيل ھئي.
ڪوٺڙيءَ جو ھڪ تاڪَ وارو درُ کليو ۽ انَ مان ھڪ
نوجوان ڇوڪرو ٻاھر نڪتو. سندس ھٿن ۾ بندوق ھئي ۽
ھنَ ئي متاري تي گوليون ھَلايون ھيون.
(هلندڙ.....)
اشتياق احمد
(قسط: يارهين)
مترجم: مير سردار چنڙ
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول
{
”اڙي!
ھتي اسان سان ڪير ملڻ آيو.“
بابا حيران ٿيندي چيو.
”مان
ڏسان ٿو“
ادا اُٿي در ڏانھن وڃڻ لڳو.
”مسٽر
جن...! پنھنجي ٽھڪن کي بند ڪر ٻاھر اسان سان ڪو
ملڻ آيو آھي.“
مان چيو. توھان وري مسٽر چيو. اوهه! وسري ويو. ادا
موٽي اچي ٻڌايو، ته اسان جي گھر ٻاھران ماڻھن جو
ھڪ وڏو ھجوم بيٺو آھي. جيڪي بابا سان ملڻ چاھن ٿا.
جن جي شادي
”آخر
انھن ماڻھن جو مون ۾ ڪم ڪھڙو آ“
بابا پريشان ٿيندي پڇيو . خدا ڄاڻي. بس چون ٿا،
تنھنجي پيءُ سان ملڻو آھي. اڇا خير! تون سڀني کي
ھال ۾ ويھار! ببلو تون جن کي موڪل ڏئي ڇڏ، ته جيئن
انھن ماڻھن کان پڇي سگھجي، ته اھي ڇا ٿا چاھن. ادا
انھن مھمانن کي ويھارڻ لاءِ وڃي چڪو ھو. جن صاحب
توھان وڃي سگھو ٿا، جڏھن ضرورت پئي، ته گھرائي
وٺنداسين.”جيڪو
حڪم منھنجا آقا“
پر..... جن ڪجھه چوندي چوندي خاموش ٿي ويو. پر ڇا؟
جي! دراصل ھڪ عرض ڪرڻ چاھيان ٿو.
”جن
ھٻڪندي چيو.“
ھا ھا چئو ڇا ڳالھه آ؟ جي مان اھو چوڻ چاھيان ٿو،
ته اوھان اربع جي ڏينھن چراغ نه رڳڙيندو ته اوھان
جا احسان ٿيندا. اھو ڇا لاءِ ؟
”مان
حيران ٿيندي پڇيو“
ڪوھه قاف ۾ ھڪ جن جي شادي آھي.

ڇا اھو تنھنجو مائٽ آھي. مان پڇيو جي نه! مائٽ ته
ناھي. پوءِ ڪھڙي ضرورت آھي، ان جي شادي ۾ وڃڻ جي .
اسان وٽ اتي صرف مائٽن جي شادي ۾ شرڪت ناھي ڪئي
ويندي.
پوءِ باقي؟ ڪوھه قاف ۾ ڪنھن جي به شادي ھجي، ڪو جن
ھجي، ڪنھن پري جي ھجي يا ديو جي، سڀ ان ۾ شرڪت
ڪندا آھيون. واھ! يار ڪمال... اسان ته صرف پنھنجن
مٽن مائٽن جي شادين ۾ شرڪت ڪندا آھيون. جي! اصل ۾
اسان انسان ناھيون نه انڪري اسان جون رسمون ۽ رواج
مختلف آھن.
ھممممم.... جيڪڏھن ڪو جن يا ديوَ گذاري وڃي ته؟
تڏھن به سڀ شرڪت ڪندا آھيون. اڇا ٺيڪ آ... ڪھڙو
ڏينھن ٻڌايو تو؟ اربع جو. اھو ته ٻئي ڏينھن آ. جي
ھا. ڏاڍو سٺو..... مان ڌيان رکندس.... ھونئن توکي
ڪو ڪم ھجي، ته موڪل لاءِ درخواست لکي ڇڏيندو ڪر.
جي.... موڪل جي درخواست جن حيران ٿيندي چيو.
ھا.....! پر مون کي ته لکڻ ناھي ايندو. اڇا خير
.... ھاڻ تون وڃي سگھين ٿو. جن اڃا ويو مس ته ادا
اچي ٻڌايو. سڀني ماڻھن کي ھال ۾ ويھاري آيو آھيان.
اڇا....! توھان به موسان گڏ اچو... بابا مونکي ۽
ادا کي چيو. اسان ٽئي ھال ۾ داخل ٿياسين، ته ويٺل
سڀ ماڻھو ادب مان اٿي بيھي رھيا. توھان سڀ ڪير
آھيو؟ اوھان جو مون ۾ ڪھڙو ڪم آھي. بابا ڪرسي تي
ويھي چيو. اسان به ان جي کاٻي پاسي ويھي رھياسين..
اسان ھتان کان ٿورو ڀرپاسي ھڪ ڳوٺ ۾ رھندا آھيون.
ھڪ پوڙھي ماڻھوءَ چيو. اڇا ته پوءِ ؟
اسان سڀئي ٽئين چوٿين ڏينھن شھر، راشن وٺڻ لاءِ
ھتان گذرندا آھيون. اھو اسان جو سالن جو معمول
آھي. اڄ کان چار ڏينھن پھريان اسان گذرياسين، ته
ھن جاءِ تي ڪو به گھر نه ھو ۽ ھاڻ ھي عظيم
عاليشان محل نظر اچي رھيو آھي. ڪٿي اسان خواب ته
نه ڏسي رھيا آھيون. نه... اوھان خواب ڪونه ڏسي
رھيا آھيو.. پر حقيقت آھي. پر اھو ڪيئن ممڪن آھي،
ھڪ ٻن ڏينھن ۾ ايتري وڏي حويلي تيار ٿي وڃي. پر
اھو ٿي چڪو آھي. بابا چيو.
اھو ئي ته اسان ڄاڻڻ آيا آھيون. آخر اھو ٿيو
ڪيئن.؟ اسان ٽنھي ھڪ ٻئي کي ايئن ڏٺو. ڄڻ ھڪٻئي
کان پڇي رھيا ھجون، ته انھن کي ڪھڙو جواب ڏيون.
آخر بابا چيو،
”ڳالھه
دراصل ھي آھي، ته منھجو ننڍو پٽ ڏينھن رات عبادت
ڪندو آھي. اھو ولي ٿي ويو آھي. جيڪو وات مان ڪڍندو
آھي اھو ٿي ويندو آھي.“
ته پوءِ اسان جون به مرادون پوريون ڪرايو. گڏيل
آواز اُڀريا. هن دنيا ۽ دنيا جي ڪمن کان الڳ رھندو
آھيان. مان گھٻرائيندي چيو. اي حضرت! منھنجي ظالم
چاچي منھنجي زمين ۽ گھر سڀ ڪجھه ڦري قبضو ڪيو آھي.
مون کي منھنجو حق واپس وٺي ڏي.
”تنھنجو
نالو ڇا آھي؟“
مان پڇيو.
ڪريم الدين. ٺيڪ آ.. تنھنجو ڪم ٿي ويندو.... چاچي
جو نالو ٻڌائي ڇڏ. ظھور الدين ھاڻي توھان سڀ وڃو.
اي حضرت! اسان جا به ڪجھه مسئلا آھن. مان ھڪ ڏينھن
۾ صرف ھڪ ماڻھو جي مراد پوري ڪندو آھيان. ھاڻي
اوھان مان سڀاڻي ھڪ ماڻھو اچي پنھنجو مسئلو بيان
ڪري سگھي ٿو. جي سائين... اھي سڀئي خوش ٿي ويا ۽
اٿي بيٺا. حضور! منھنجو ڪم ڪيستائين ٿيندو. ڪريم
الدين دروازي مان مُڙندي چيو. تون ڪيسيتائين چاھين
ٿو؟ جيترو ٿي سگھي تڪڙو ٿئي ته سٺو آ. بس! تنھجي
توقع کان به اڳ ٿي ويندو. ممممم.... مھرباني
سائين.....!
انھن جي وڃڻ بعد مان تڪڙو ڪمري ۾ آيس. تڪڙو چراغ
کي رڳڙيم جن حاضر ٿيو. حڪم ڪر منھنجا آقا.. ھاڻ ئي
ته ھتان ويس، وري ڪھڙو ڪم ٿي ويو. اسان جي ويجھو
ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي. ان ڳوٺ ۾ ھڪ ظھورالدين نالي شخص
رھي ٿو. ان پنھنجي ڀائٽي جي زمين ۽ جائداد تي
ناجائز قبضو ڪيو آھي. سندس ڀائٽي جو نالو ڪريم
الدين آھي. مان چاھيان ٿو، ته ظھورالدين ان جو حق
ان کي موٽائي ڏئي. اوھان اھو ڇو ٿا چاهيو؟جن پڇيو.
(هلندڙ......)
تڏھن ٿيلھي جي اندر ڏسڻ جي خواھش پيدا ٿيس. ۽ اھو
به خيال آيس ته ٿيلھي ۾ جيڪڏھن ڪا بلا يا ڪو وڇون
ھوندو، ته منھنجي زندگيءَ کي خطرو آهي. ان کان
وڌيڪ منھنجي ڀاءُ جي جانُ کي به خطرو آهي، ان ڪري
ٿيلھي جي راز کي ظاھر ڪرڻ ۾ ئي بھتري آھي. ڊڊو
ڊڄندي ڊڄندي ٿيلھي جي اندر ڏٺو. ٿيلھي ۾ ھڪ دوربين
پيل ھئي، پر ڊڊو دوربين کان واقف نه ھو. ڊڊو ٿيلھي
مان دوربين کي ٻاھر ڪڍي غور سان ڏسڻ لڳو. اچانڪ
دوربين جي ھڪ شيشي مان لڊو کيس ھاٿي جيترو نظر
آيو، ڊڊو ڊڄي ويو ۽ دوربين اُڇلي ڀڄڻ لڳو. ٿورو
پري ويو ته ننڍي ڀاءُ جو خيال آيس، وري واپس موٽي
آيو. ٿوري ھمت ڪندي دوربين جي ويجھو آيو ۽ پنھنجي
منھن چوڻ لڳو ھي ته جادو جو شيشو آھي. ھر شيءِ وڏي
پئي نظر اچي.
سندس ماءُ جي ھڪ ڳالھه ياد آيس، انسان نالي ھڪ
جانور ھوندو آھي، جيڪو ٻن پيرن تي ھلندو آھي ۽ اھو
ڏاڍو چالاڪ آهي. ھن ٻين جانورن کي غلام بنائڻ لاءِ
ھڪ اوزار ايجاد ڪيو آھي. انھي کان بچجان. جڏھن ڊڊو
کي يقين ٿيو، ته ھي ڪنھن انسان جو ٺھيل آھي، تڏھن
ھو بيفڪر ٿيو ۽ دوربين سان جھنگ کي ڏسڻ لڳو. کيس
پري کان ٻن ٽنگن وارو ھڪ جانور ھلندي نظر آيو. ھو
سمجھي ويو، ته اھو جانور انسان آھي.
پھريون دروازو
اھو ھڪ عام ڏينھن ھو، حسب معمول سج اوڀر کان
اُڀريو ھو. پر ان ڏينھن سج وڌيڪ روشن ۽ وڏو ھو.
ڊڊو دوربين مان ڏسي رھيو ھو، دوربين کان بغير جھنگ
جا جانور پري کان نظر اچي رھيا ھئا ۽ دوربين ۾ وڏا
۽ ويجھي نظر اچي رھيا ھئا. ڊڊو دوربين مان لطف
اندوز ٿي رھيو ھو. ھن ڏٺو ته سڀ جانور ايمانداري
سان ڪم ڪري رهيا هئا. کيس
جانورن جا ٻچا نظر نه آيا، ھن سمجھيو ته اھي اسڪول
ويا ھوندا. کيس جھنگ ۾ به ٻٽو تعليمي نظام نظر
آيو، گاھه کائيندڙ جانورن جي ٻچن ۽ گوشت کائيندڙ
جانورن جي ٻچن لاءِ ڌار ڌار اسڪول ھئا. گاھه
کائيندڙ جانورن جي ٻچن ۽ سڄي جھنگستان جو ھيڊ
ماستر بابا ڪڇون ڪوما ھو
۽ گوشت کائيندڙ جانورن جي ٻچن جي پرنسپل مس زرافي
ھئي، گوشت کائيندڙ جانورن جي ٻچن کي جيڪو پڙھايو
ويندو ھو، اھو گاھه کائيندڙ جانورن جي ٻچن کي نه
پڙھايو ويندو هو. ھڪڙي دفعي اُٺ ٻٽي تعليمي نظام
تي اعتراض ڪيو، ان تي کيس سزا طور جھنگ بدر ڪيو
ويو. ان ڏينھن کان اُٺ ويچارو ريگستان ۾ رھندو آھي
۽ پاڻ کي ريگستاني جھاز سڏائيندو آهي. شينھن انصاف
پسند بادشاھه ھو، پر جھنگ جو بادشاھه ھجڻ ڪري
پنھنجي ھر ڳالھه مڃائيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن لومڙ
ڪنھن ڳالھه تي اعتراض ڪيو، ته شينھن کيس ڪاوڙ ۾
مُنھن تي رانبوٽو ھنيو، لومڙ جي منھن تي رانبوٽي
جو نشان ٿي ويو. لومڙ جڏھن به ندي تي پاڻي پيئڻ
ويندو ھو، ته کيس مُنھن جو نشان ياد اچي ويندو ھئس
۽ ڪاوڙ ۾ رت ٽھڪڻ لڳندو ھئس. لومڙ بدلي جي باھ ۾
سڙي رھيو ھو. ان ڏينھن لومڙ پاڻي پيئڻ وقت پنھنجو
مُنھن ڏٺو ته ھيڪاري ڪاوڙجي پيو.
لومڙ سُسَت ھوندو ھو، اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏيندو
ھو، ڪاوڙ جي ڪري ھو ڪو به ڪم نه ڪري سگھندو ھو. ان
ڏينھن ھو پپر جي وڻ ھيٺيان سُمھي رھيو. ڊڊو دوربين
مان ڏٺو ته سڀ جانور ڪم ۾ مصروف ھئا ۽ ڳائي رھيا
ھئا. ڀولڙي جي ھڪ ھٿ ۾ ساھمي ۽ ٻي ھٿ ۾ ھٿوڙو ھو ۽
ھو وڻ ۾ پڇ ذريعي لڙڪيل ھو. ھٿوڙو ۽ ساھمي ڀولڙي
جا چونڊ نشان ھئا. ڀولڙو بار بار سج کي ڏسي پوءِ
پنھنجي پاڇي کي ڏسندو ھو، جڏھن سندس پاڇو ختم ٿي
ويو تڏھن ھو ھٿوڙي کي زور سان ساھمي کي ھڻڻ لڳو
يعني ٻارنهن ٿي ويا ھئا ۽ مانجھاندي جو وقت ٿي ويو
ھو. گھنٽي جو آواز ٻڌندئي سڀ جانور ھڪ ھنڌ جمع
ٿيا، مانجھاندو سڀ گڏ ڪندا ھئا، مانجھاندي وقت
جانور ھڪٻئي سان دل جا حال احوال اوريندا ھئا،
ھڪٻئي سان پنھنجا ڏک ونڊيندا ھئا. ڪم ڪرڻ دوران
ڳالھائڻ تي پابندي ھوندي ھئي. ڪم دوران ڪير
ڳالھائيندو ھو ته شينھن ان کي سزا ڏيندو ھو. شينھن
جا شڪاري ڪُتا، (جيڪي جھنگ جا محافظ ھئا) ھر جانور
تي نظر رکندا ھئا، اھي جانورن کي نظر ته نه ايندا
ھئا پر انھن جي ويجھو رھندا ھئا. بغير ڪنھن سبب جي
ڪو جانور وڻ جو پن به ٽوڙيندو ھو ته ان کي سزا
ملندي ھئي، سزا ۾ ڪوڙا ھنيا ويندا ھئا. انھن ڏينھن
۾ مانجھاندي تي ڳالھائڻ جي پابندي نه ھئي، سڀئي
جانور پنھنجا پنھنجا ٽفن باڪس کولي ويٺا ھئا. ھاٿي
سڀني مان گرھ کڻي رھيو ھو، گينڊي ھاٿي جي وات ۾
گرھ وڌو. ھاٿي ۽ گينڊو لنگوٽي يار ھئا.
ادا ھاٿي لومڙ نظر نٿو اچي، گينڊي پڇيو. ھاٿي چيو،
اڙي ھا نظر ته تون به مونکي ڪونه آئين، مون سمجھيو
منھنجي پري جي نظر ڪمزور ٿي وئي آهي چشمو ٺھرائڻو
پوندو. اُٺ وچ ۾ ڳالھائيندي چيو، ادا ھاٿي تنھنجي
پري جي نه پر ويجھي جي نظر ڪمزور آھي، تنھنجي پٺي
تي ويٺل ڀولڙو توکي نظر آيو؟ ھاٿي حيران ٿيندي
پڇيو، نه ڪيڏي مھل ويٺو ھو، تو مونکي ان وقت ڇو نه
ٻڌايو، ان مھل آئون کيس سيکت ڏيان ھا. اُٺ چيو،
ادا ڪيئن ٻڌايان ھا، ڪم دوران ڳالھائڻ تي جو
پابندي آھي. ھاٿي چيو، ھا يار صحيح ٿو چوين. ان
مھل ھڪ ڪوئو ٽپا ڏيڻ لڳو آئون ڪجھه به نه
ٻڌائيندس، آئون ڪجھه به نه ٻڌائيندس. سڀ جانور
ڪوئي ڏانھن متوجه ٿيا، ڪوئو جھنگ جو شيخ چلي ھو،
وڏا وڏا خواب ڏسندو ھو پر گفتگو ڏاڍي مزيدار ڪندو
ھو. جڏھن ھو ايئن چوندو ھو، ان جو مطلب ھوندو ھو
ته ھن شينھن ۽ شينھڻ جي جھيڙي جي ڪا خبر آندي
اٿس، ڇوته ڪوئو شينھن جي حجامت به ڪندو هو
. (هلندڙ.....)
علي محمد پلھه
(قسط: ٻي)
ڳوٺ پلھه/سانگھڙ
مهاڻو ۽ جن!
”دوبان“
بادشاهه سلامت کي هڪ بئٽ ڏئي چيو ته اڄ شام جو
ڪنھن ميدان ۾ وڃي بئٽ سان راند ڪريو ۽ بال کي
ايترا ته ڌڪ هڻو جو اوهان جي هٿن جي تريءَ تي پگھر
اچڻ لڳي. ان کان پوءِ ھن بئٽ جي ڪرامت سان اوھان
جي ڪوڙھه جو مرض ختم ٿي ويندو. بادشاهه شام جو
ائين ڪيو ۽ هن کي پنھنجي حالت ڏسي گھڻو عجب ٿيو،
جو سندس بدن تي ڪوڙھه جو ذرو به نشان ڏسڻ ۾ ڪونه
آيو. پوءِ هڪدم جادوگر کي گھرائي سندس ڏاڍي
خاطرداري ڪيائين ۽ واعدي موجب انعام ڏنائينس.
آھستي آهستي جادوگر جي ايتري، ته عزت ٿي ويئي جو
بادشاهه هر ڳالھه ۾ ساڻس صلاح مشورو ڪرڻ لڳو.
ايتري قدر جو هن کي پاڻ سان گڏ ويھارڻ کانسواءِ
بادشاھه ماني به ڪونه کائيندو هو. اُتي بادشاهه جي
وڏي وزير کي اچي ساڙ ٿيو ته جادوگر ٿورن ڏينھن ۾
ايتري عزت حاصل ڪري ورتي آھي. جيڪا ھن کي سالن ۾
به نه ٿي. تنھنڪري وجھه وٺي بادشاهه جا ڪن ڀرڻ
لڳو، ته هي جادوگر تنھنجي حڪومت تي قبضو ڪرڻ چاھي
ٿو ۽ دشمنن جو جاسوس آھي وغيره. پر بادشاهه اهو ئي
جواب ڏيندو رهيو، ته تون ڀُليل آهين، جادوگر ڪڏهن
به ائين ڪونه ڪندو.تنھن هوندي به وزير هن جي جند
نه ڇڏي. آخر جھڙي طرح پٿر تي ٿورو ٿورو پاڻي پَوڻ
سان ان ۾ سوراخ ٿي پوندو آھي، تيئن بادشاھه تي به
چُغلين اثر ڪيو ۽ نيٺ هڪ ڏينھن بادشاھه وزير کان
پُڇيو ته هاڻي مون کي جادوگر لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
وزير چيو ته هن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. بادشاهه اها
ڳالھه قبول ڪئي ۽ جادوگر کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جڏهن جادوگر کي اها خبر پئي تڏهن هن بادشاهه کي
گھڻو ئي سمجھايو ته اهو ناحق ڪري رهيو آهين، پر هن
هڪ به نه ٻُڌي.. تنھن تي جادوگر چيس ته مون کي ڀلي
قتل ڪراءِ پر مون کي هڪ ڏينھن جي موڪل ڏي ته
گھروارن کان موڪلائي اچان. بادشاھه پنھنجي سپاھين
جي پھري ھيٺ ھن کي موڪل ڏني ۽ جادوگر گھر روانو
ٿيو. مقرر وقت تي جادوگر موٽي آيو ۽ گوڏا کوڙي
بادشاهه جي پيرن تي هڪ ڪتاب رکيائين ۽ چيائين ته
هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي قيمتي ڳالھيون لکيل آھن. سڀ
کان ضروري جيڪا ڳالھه لکيل آهي سا صفحي نمبر ڇھه
تي لکيل آهي، منھنجي موت کان پوءِ ھي ڪتاب کولي
پڙھجانءِ. هي منھنجي آخري سوکڙي آھي.
بادشاھه ڪتاب هٿ ۾ کنيو ۽ جادوگر کان پڇيائين ته
ٻيو به ڪجھه چوڻ چاهين ٿو؟ جادوگر بادشاهه کي هڪ
پائوڊر جو دٻو ڏنو ۽ چيائين ته هائو جيڪڏهن منھنجي
مرڻ کان پوءِ به توکي مون سان ڳالھائڻ جي خواھش
ٿئي، ته هي پائوڊر ٿالھيءَ ۾ پکيڙي ان مٿان منھنجي
وڍيل سِسي کي رکندين ته آءٌ توسان ڳالھائڻ لڳندس.
بادشاھه اهو ٻُڌي تعجب ۾ پئجي ويو ۽ مُئل سِسيءَ
سان ڳالھائڻ جي شوق ۾ آتو ٿيڻ لڳو. تنھنڪري ھڪدم
جلاد کي ھٿ جي اشاري سان ختم ڪرڻ لاءِ چيائين.
جنھن ڪجھه منٽن ۾ تيز ترار سان جادوگر جي سِسي بدن
کان ڌار ڪري ڇڏيو.
بادشاهه جادوگر جي سِسي کڻي هڪ ٿالھيءَ ۾ رکائي.
جنھن ۾ جادوگر جو ڏنل پائوڊر اڳ ئي پکڙيل ھو ۽ پاڻ
ڪتاب کولي پڙھڻ لڳو. ڪتاب جا پنا ھڪ ٻئي سان
چنبڙيل ھئا. ان ڪري بادشاھه وات مان آڱر پُسائي
پنا کولڻ لڳو. جڏهن ڇھون صفحو کوليائين ته اهو صفا
خالي لڳو پيو هو. تنھن تي سِسيءَ کان پڇيائين ته
ڪٿي آهي تنھنجي قيمتي ڳالھه؟ هتي ته ڪجھه به لکيل
ڪونه آهي. قبلا! مون کان ڀُل ٿي وئي هئي. قبلا اها
ڳالھه پڇاڙيءَ واري صفحي تي لکيل آهي . اهڙيءَ طرح
بادشاهه سڄو ڪتاب اُٿلائي رهيو هو. جڏهن اڃا ٻه ٽي
صفحا وڃي رهيا ته بادشاهه دانھن ڪري چيو، ته
منھنجو مٿو ڦِري رھيو آھي. اُتي سِسي کلڻ لڳي ۽
چوڻ لڳي، ته اي بادشاهه! تو منھنجو ناحق خون
ڪرايو، ان جي بدلي وٺڻ جي لاءِ مون توکي زھر سان
ڀريل ڪتاب ڏنو، ۽ ان جا پنا ھڪ ٻئي سان چنبڙيل
ھئا. ھرھڪ پني کي اُٿلائڻ لاءِ توکي پنھنجي آڱر
زھر سان ڀري پنھنجي وات ۾ وجھڻي پئي، ھاڻي تون به
ڪن منٽن اندر مري ويندين ۽ پنھنجي بي انصافيءَ جي
سزا ڀوڳيندين.
اھا آکاڻي ختم ڪري مھاڻي جن کي چيو، ته ڇا تنھنجي
به اها مرضي آهي؟ ته تون به آزاد ٿيڻ کان پوءِ مون
کي به اها سزا ڏين؟ جن هاڻي پنھنجي آزاديءَ جو ٻيو
ڪوبه رستو نه ڏسي مھاڻي کي ليلائي چيو، ته حضرت
سليمان عليھ السلام جو قسم کڻي چوان ٿو، ته توسان
واعدو آهي جيڪڏهن هن دفعي تون مون کي آزاد ڪندين
ته توکي اهڙو خزانو ڏيندس جو ست پيڙهيون پيون
کائينديون ته به ڪونه کُٽندو. اهو ٻُڌي مھاڻي جو
وات پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. جنھن ويچاري سڄي عمر
آندو ۽ چاڙھيو ھجي سو ھيڏي ساري خزاني جو ٻُڌي
حيران ٿي ويو. ھڪدم دلي جو ٻُوچ کولي ڇڏيائين. وري
به ساڳي طرح دونھين جي لاٽ نڪرڻ شروع ٿي ۽ ٿوري
وقت ۾ مھاڻي ڏٺو، ته جن سندس پيرن جي اڳيان ڪِريل
هو.
جن مھاڻي کي چيو ته پنھنجو ڄار کڻ ۽ منھنجي پويان
اچ. مھاڻو جو ھيتري وقت حيرت ۽ تعجب مان بوتو بڻيو
بيٺو ھو، سو حڪم ملڻ شرط ڄار کڻي جن جي پويان ھلڻ
لڳو. ھلندي ھلندي ٻئي ڄڻا درياء جو ڪنارو وٺي اچي
ھڪ بيابان ۾ پھتا، جنھن جي چوڌاري جبل ئي جبل ھئا.
وچ ۾ ھڪ ڍنڍ ھئي. جنھن ۾ سايون ڳاڙھيون ۽ قسمين
قسمين رنگن جو مڇيون تري رھيون ھيون. جن مھاڻي کي
چيو ته پنھنجو ڄار ھن پاڻيءَ ۾ وجھه ۽ جيڪي به
مڇيون ڦاسن سي کڻي سلطان جي درٻار ۾ وڃ جتي توکي
انھن جي ڪافي قيمت ملندي. ائين چئي جن پنھنجو ساڄو
پير زمين تي زور سان هنيو، ته زمين ڦاٽي پئي ۽ جن
ٽُپُ ڏئي اندر هليو ويو ۽ زمين وري به ساڳي حالت ۾
ٿي وئي!
مھاڻي جن جي ھدايت موجب پنھنجو ڄار ڍنڍ ۾ وڌو ۽
.......
(هلندڙ......)

لطيفي لات جو نتيجو
اپريل
2025ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڪلياڻ“
جي داستان ٽئين جو ٻاويهون نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
آءٌ ٻانھو ۽ تون مالڪ آھين، انھيءَ اقرار ۾ نڪو
شرڪ (غير تصور) آھي ۽ نه وري ان ۾ ڪو شڪ شبھو ئي
آهي. سڄڻن جي هر وقت يادگيري (ذڪر وارو شغل) سچن
عاشقن کي ئي سونھي ٿو. (انھن لاءِ خوشي ۽ راحت جو
سبب آهي). اهڙي قسم جو هر عمل صحيح ۽ برحق آهي،
جنھن ذريعي دلبر جو ديدار نصيب ٿئي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*شهزاد لاکو: ڪلاس نائون، مخدوم غلام حيدر
گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان
*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول
حيدرآباد
*شايان علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي
*ارسلان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
آراضي سيوھڻ
*حسنين علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
هالا نوان
*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ
باغ ڀٽي حيدرآباد
*ڪونين زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري
اسڪول آراضي سيوهڻ
*عمار علي: ڪلاس پنجون، ھادي بخش ڇٽو اسڪول آراضي
سيوھڻ
*نورالعين سومرو: ڪلاس پنجون، پروفيسر محمد
هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه.
*ميرب زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ
*عبدالسميع جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو
*ارشاد سوڍڙو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ اسڪول ھالا
نوان
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ بوائز
پرائمري اسڪول بکر جمالي
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
شهزاد لاکو جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران
’گُل
ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

 |