سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مئي  2025ع

باب:

صفحو:2 

رضيه نور شھوڪ

 

مامتا

گُل کي هڪ هو پيارو گل،

سھڻو خوشبوءِ وارو گل.

 

ٽڙندو ٽپندو مون وٽ آيو،

جيجل ڏس ھي نيارو گل.

 

توکي امڙ ھي تحفو ڏيندس،

رنگ گلابيءَ وارو گل.

 

چيم ته پُٽڙا! هن کان سھڻو،

منھنجي اک جو تارو گل.

 

ھي گل اکڙيون ٺاري ٿو،

پر منھنجو جيءُ جيارو گل.

 

چيائين ڪاٿي آھي جيجل،

مون کي ڏي تو وارو گل.

 

ھنجھه ويھاري چيم ته پٽڙا،

تون ئي منھنجو پيارو گل.

 

نور نظير ھي تو وٽ تنھنجو،

مون وٽ ڏس مون وارو گُل.

***

عزير احمدعزير علوي

شڪارپور

علم

علم جي زيور سان پڻ سينگاريو،

پاڻ ھمت سان ئي ٻيڙو تاريو.

دل لڳائي علم ٻالڪ پيا پڙھو،

علم سان تَنُ مَنُ سدائين ٺاريو.

ختم سنڌ مان ڀل جھالت کي ڪري،

ڳالھيون ڪي علم جون ويچاريو.

ھر جڳھه حالات بھتر ٿي پون،

پاڻ پنھنجو علم ساڻ سنواريو.

سنڌ ۾ بدامني جھالت آ وڌيل،

علم سان ٻيڙي ٻُڏل کي تاريو.

علم سان سڀ باب پاڻھي ٿا کلن،

ڳالھه وڏڙن جي نه هرگز وساريو.

علم تي سچ پچ عزير لکيو نظم،

شوق ٻالڪ اوھان به اهڙو وڌاريو.

 

 


 

عبدالجبار مسافر ويسر

ٺري ميرواهه/خيرپور

ٻارو هي نظم ڳايو

اچو ٻارو هي نظم ڳايو،

اچو ٻارو هي نظم ڳايو.

 

هي ڌرتي عظيم ڌرتي آهي،

هيءَ ڌرتي قديم ڌرتي آهي،

ان کي اعليٰ عظيم تر ڪيو،

سرسبز آباد ۽ تيار ڪيو،

ديس سان عشق جو عزم ڳايو،

اچو ٻارو هي نظم ڳايو.

 

سوين مشڪلاتون اگر اچن،

مگر هي جذبا جوان پيا وڌن،

سوين هزارين سور سھجو،

ڪڏهن به پوئتي ڪين هٽجو،

اڳيان وڌندڙ هر قدم ڳايو،

اچو ٻارو هي نظم ڳايو.

 

علم جي هتي لاٽ ٻاريون،

ڪتابن سان ڪو اندر اُجاريون،

ديس جو روشن نانءُ ڪنداسين،

وطن لاءِ مسافر وري وري ورنداسين،

ڌرتيءَ جو هيءُ گيت اُتم ڳايو،

اچو ٻارو هي نظم ڳايو.

***

 

ڊاڪٽر رشيده ڀٽي

ڄام شورو

رزق ۽ رزق جي ڪشادگي

پيارا ٻارؤ! رزق ڇا کي ٿو سڏجي؟ رزق جي معنيٰ ۽ مفھوم ڪھڙو آھي. رزق آخر ڇا آھي؟ رزق جي ڪُشادگي ڇا ۾ لڪيل آھي.

صرف پئسو ۽ مال رزق نه آهي. پر قرآن و حديث جي مطابق هيٺ ڏنل شيون به رزق ۾ شامل آهن.

       ·ايمان جي دولت

       ·ماڻھن جي محبت

       ·مخلص ۽ وفادار دوست

       ·نيڪ پاڙي وارا، پاڙيسري

       ·نيڪ ۽ صالح اولاد

       ·نيڪ، مخلص وفادار گھرواري (زال)

       ·صحت، تندرستي ۽ عضون جي سلامتي

       ·امن، امان ۽ عافيت

       ·علم، ذھانت، سمجھداري ۽ حڪمت.

دراصل رزق صرف اھو ناھي، جيڪو اسان کي الله تعاليٰ اناج۽ خوراڪ جي صورت ۾ عطا ڪيو آهي. پر رزق ان شيءِ جو نالو آهي، جنھن جي معرفت اسان وٽ نيڪي وڌي ۽ بدِي پري ٿي وڃي. زندگي جيڪا ربّ تعاليٰ جو عطيو ڪيل نعمتن منجھان ھڪ اهڙي نعمت آهي، جيڪا صرف کاڌي ۽ خوراڪ جو نالو نه آهي. پر الله تعاليٰ اسان کي زندگيءَ جي نعمت نوازڻ سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي بي شمار نعمتون عطا ڪيون آهن. جن جي شڪر ادائگي ڪرڻ سان اسان کي بي انتھا فائدا حاصل ٿين ٿا. بحيثيت مسلمان جي سڀ کان پھرين ڳالھه اها آهي، ته ايمان جي سلامتيءَ لاءِ پختگيءَ سان الله ۽ ان جي رسول محمّد صلي الله عليھ وسلم تي ايمان آڻڻ، قرآن شريف جي ٻُڌايل ڳالھين تي عمل ڪرڻ، دنيا ۾ آيل نبين ۽ رسولن کي يقين سان مڃڻ ۽ پوءِ وارو اچي ٿو دنياوي ڳالھين جو. جن منجھه پڻ ڪي انتھائي مفيد مشورا ڏنا ويا آھن. شُڪر الحمّدلله جڏهن انسان پرعظم ٿي پُختگي ۽  يقين ڪامل جو اظھار ڪري ٿو، ته الله تعاليٰ کيس وڌيڪ نوازي ٿو. هڪ طرف الله تعاليٰ ڪائنات جي تخليق ڪئي آهي، ته ٻئي طرف ان ڪائنات منجھه بي شمار ٻي مخلوق ساهه واري توڙي  بنا ساهه واري تخليق ڪئي آهي.

الله تعاليٰ جي عظيم تر تخليق انسان آهي جنھن کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو ويو آھي. گڏوگڏ چرند، پرند، جيت، جڻا، حيوان، مختلف حصن تي رھڻ وارا ٻيا ساھه وارا، جن منجھان ڪي خُشڪيءَ تي ته ڪي پاڻيءَ اندر زندگي گذارين ٿا. ڪي وڻن ٽڻن تي ويھن ٿا، ته ڪي جھنگ ۾ گذارين ٿا. ڪي آبي ساهه وارا ته ڪي وري آبي پکي پکڻ، ڪي پنھنجي زندگيءَ جو ڪجھه حصو خشڪيءَ تي ته ڪجھه وقت پاڻي اندر گذارين ٿا. ڪي سمنڊ جي پاتال ۾ رهن ٿا ته ڪي وري دريائن جي سطح تي ترندا رهن ٿا. ڪي اونھي پاڻيءَ وارا، ته ڪي وري وچٿري سطح تي رهڻ وارا. ساڳيءَ ريت وڏا وڻ، ننڍا وڻ، گُل، ٻُوٽا، گاهه پَٺو، مطلب ته ربّ تعاليٰ جي خلقيل مخلوق مختلف جڳھين تي پنھنجي پنھنجي نموني سان زندگي گذارين ٿا. ڪي برفاني علائقن جا جانور آھن. ڪي وري ريگستاني ميدانن ۾ زندگي گذارين ٿا، ته ڪي وري پھاڙن جي بُلند بالا چوٽين تي رھن ٿا. ڪي وري اونداھين غارن ۽ پھاڙن جي اندر رھن پيا.  مطلب ته ربّ تعاليٰ جي پيدا ڪيل مخلوق ڪٿي ڪٿي نه آهي؟ (سُبحان الله) اهڙي ڪا جڳھه ناهي جتي زندگي نظر نه ايندي هجي.

هاڻي اچو ته ان تمھيد کي واضح ڪريون، ته آخر ان جو مطلب ڪھڙو آهي؟ جواب حاضر آهي، ته الله تعاليٰ نه صرف  انسان جو انسان تي حق رکيو آهي. پر پنھنجي پيدا ڪيل ھر قسم جي مخلوق سان سُٺي نموني پيش اچڻ جي تلقين پڻ ڪئي آھي. الله تعاليٰ انسانذات لاءِ خاص طور تي جانورن، پکين ۽ ٻين لاتعداد ساهوارن تي ڌيان ڏيڻ ۽ انھن سان حُسن اخلاق پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ جي تاڪيد پڻ ڪئي آھي. اسان کي گھرجي، ته نه صرف انسانن سان سُھڻو ۽ ھمدرداڻو سلوڪ ڪيون، پر ٻين ساھوارن جي به پرگھور لھون. ان ۾ ئي ربّ راضي ٿئي ٿو. اسان جڏھن پنھنجي ارد گرد ماحول ۾ رھندڙ، انسانن جي سُھڻي طريقي سان خير خبر لھون ۽ گڏوگڏ ٻئي طرف وري باقي ساھوارن سان  پڻ سُھڻو ٻاجھارو ۽ شفقت ڀريو رويو اختيار ڪريون، ته هُوند ربّ تعاليٰ اسان جي رزق ۾ پڻ واڌارو پيدا ڪندو ۽ رزق ۾ برڪت پڻ پوندي.

انسانن سان محبت ۽ وفاداريءَ سان پيش اچڻ ۽ ٻئي طرف وري ٻين جاندارن جو خيال رکڻ واري لاءِ الله تعاليٰ جا فرشتا صبح شام برڪتون نازل ڪندا رهن ٿا ۽ رزق ۾ ڪشادگي به اچي ٿي. گھر جي اڱڻ  تي پکين جو اچڻ، توڙي وڻ، گُل، ٻُوٽا پنھنجي وس آهر گھر جي اڱڻ تي پوکڻ سان ربّ راضي رھي ٿو ۽ جڏھن ربّ پاڪ راضي ٿئي ٿو ته ان انسان جي مٿان بي شمار نعمتون عطا ڪري ٿو. نيڪ ۽ صالح ماڻھوءَ کي نيڪ ۽ صالح وفادار ۽ نيڪوڪار گھرواري (زال) عطا ڪري ٿو. کيس نيڪ، صالح، ذھين ۽ وفادار اولاد عطا ڪري ٿو. مخلص دوستن جي شڪل ۾ پنھنجا ھم عصر ۽ ھم عصر ماڻھن سان سندس واسطو قائم ڪري ٿو. جيڪي پڻ ان شخص جي مالي توڙي جاني مدد ڪرڻ لاءِ ھر وقت حاضر رھن ٿا. گھر ۾ صالح زال  ۽ ٻارن جي ھجڻ جي ڪري پاڙيسرين سان پڻ سُھڻا ۽ محبت ڀريا تعلقات قائم ٿين ٿا. نيڪ پاڙي وارن جي ھجڻ سان انسان کي ذھني سُڪون حاصل رھي ٿو. اھڙي خوشگوار ماحول جي موجودگي نه صرف گھر ۽ ٻاھر پنھنجا اثرات ڇڏي ٿي،  پر گڏوگڏ انسان جي صحت ۽ تندرستي  تي پڻ مثبت ۽ صحتمندانه اثرات مرتب ٿين ٿا. طبيعت تي خوشگوار اثر ڪري، انسان خوش و خورم رهي ٿو. جنھن ڪري انسان جي صحت و تندرستي قائم دائم رھي سگھي ٿي. صحت بخش ۽ صحتمند انسان جي ذھني خوشگوار ماحول جي ڪري ذھن بھتر انداز سان ڪم ڪري ٿو.

الله تعاليٰ اهڙن نيڪ انسانن کي صحتمند، ذهين ۽ مڪمل طور باصلاحيت اولاد جي صورت ۾ نيڪين جو اجر عطا ڪري ٿو. نيڪ ۽ ذهين اولاد هڪ نعمت آهي. انساني رويا ۽ اُٿڻ ويھڻ جو طور طريقو باقائده خوشين وارو انداز ظاهر ڪندو آهي. علم جي دولت سان مالامال سمجھدار ۽ ذھين اولاد ڪنھن به طرح رزق کان گھٽ ڪونھي. نيڪ ذھين اولاد انسان لاءِ ھڪ اھڙي قدرتي نعمت آھي، جنھن جو ڪنھن به شيءِ سان مقابلو نٿو ڪري سگھجي.

***


 

جاويدان ويسر ڪلاس ٻارهون

ٺري ميرواهه

اُستاد

اُستاد لفظ وٺڻ سان منھنجي دل کي خوشي ٿيندي آھي. اُستاد لفظ جي معنيٰ آھي قابل احترام، معزز  يا ڪو فن سيکاريندڙ. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته اُستاد معنيٰ ماءُ ۽ پيءُ. ماءُ ۽ پيءُ ته اسان کي پالي نپائي وڏو ڪري اُستاد جي حوالي ڪندا آهن، جڏهن ته اُستاد ان کي سکيا ڏيندو آهي، ته هو انھيءَ مھل اُن کي ٻار ٿي سيکاري ٿو. تڏھن ته چوندا آهن اُستاد پيءُ ماءُ برابر آهي. ڇو ته اُستاد وٽ ٻارڙن ۾ ڪوبه فرق ناهي هوندو اُستاد لاءِ سڀ هڪجھڙا آهن. تنھنڪر ي ٻار اھڙن اُستادن وٽان سکيا وٺي ڪري نڪرندا آھن ۽ انھن جي پڙھائي ۽ سکيا کي ھميشه سُٺن لفظن ۾ ياد رکندا آهن. چاهي اُستاد دنيا ۾ هجي يا نه هجي، پر اُن جي سُٺائي ۽ چڱائي شاگردن کي هميشه ياد رهندي آهي.

سوال: هي (A.I) ٽول ڇا آهي  ۽ ڪھڙي طرح ڪم ڪندو آھي؟

جواب: ھن آن لائين لرننگ ٽول کي (خان اڪيڊمي) متعارف ڪرايو آھي. جنھن کي خان مينگو جو نالو ڏنو ويو آھي. خان اڪيڊمي ھڪ غير منافع بخش تعليمي ادارو آھي. جنھن کي آمريڪي ماھر تعليم (سال خان) قائم ڪيو. اڄ ڪلھه سڄي دنيا ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪري متعدد تبديليون رونما ٿي رهيون آهن! جھڙيءَ طرح هي ٻين شعبن ۾ تبديليون آڻي رهي آهي، اهڙي ئي طرح تعليم جي ميدان ۾  به پيش رفت ٿي رهي آهي هن (A.I) ٽيڪنالاجي جي ڪري اُستادن کي به ليڪچر  تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ هر ٻار کي ان جي ذهانت جي مطابق هڪ (ٽيوٽر) به ملي ويندو آهي. پوريءَ دنيا جي معلومات هن (A.I) ٽيوٽر وٽ موجود آهي.

هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ پڙهائڻ جو طريقيڪار به موجود آهي. ان کي ٻيون ٻوليون به اينديون آهن.  صرف هي ئي نه، ان ۾ هڪ اهڙو (فيچر) به موجود آهي، جنھن جي مدد سان ڪابه موضوع يا شيءِ پنج مختلف طريقن سان سمجھائي به سگھي ٿو. هي ٻارن جي ذهانت کي سمجھندي انھن کي شيون سيکاريندو آھي. نصاب کي سمجھي ڪري ان جي متعلق سمجھائڻ جو طريقيڪار پاڻ تيار ڪندو آھي.

سوال: ھن اي آءِ (A.I) کي استعمال ڪرڻ جو طريقيڪار ڇا آهي؟

جواب: هن جي استعمال جا مختلف طريقا آهن. ٻارن جي تعليمي تربيت بھتر ڪرڻ لاءِ چار اهم ڳڻَ آهن. هڪ والدين جي لاءِ، ٻيو اسڪول انتظاميا جي لاءِ، ٽيون اُستادن جي لاءِ ۽ چوٿون ٻارن جي لاءِ. پر سڀ کان اهم حصو اُستادن جو آهي. ان جي ذريعي اُستادن کي موبائيل فون تي ٽيچنگ اسسٽنٽ مليو وڃي! جنھن سان انھن کي معلوم ٿيندو ته انھن کي اڄ ڪلاس ۾ ڇا پڙھائڻو آھي ۽ سمجھائڻ جو بھترين طريقيڪار ڇا آھي. ليڪچر جي دوران ڪھڙا سوال ڪيا وڃن ۽ اھا معلومات روزانا جي بنياد تي  انھن کي ملندي. جڏھن اُستاد پڙھائڻ شروع ڪندو، ته  ٻارن کي اسڪرين يا بورڊ تي اهي شيون نظر اچڻ شروع ٿي وينديون. ٻارن کي انھن جو جواب ڏيڻ سان اُستاد کي اھو اندازو ٿي ويندو آھي، ته جيڪو ڪجھه سمجھايو ۽ چيو وڃي  ٿو اهو ٻار کي صحيح طرح سان سمجھه ۾ اچي به رهيو آهي يا نه. اهو سڀ ڪجھه مصنوعي ذهانت جي بدولت ٿيندو آهي. هن (A.I) ٽيڪنالاجيءَ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪھڙو ٻار ٽيڪسٽ جي ذريعي سٺو سِکي رهيو آهي ۽ ڪھڙو تصويرن جي مدد سان. پوءِ (A.I) ٽيڪنالاجي ٻارن کي انھيءَ مطابق پڙھائيندو. ھن جي خاص ڳالھه اها آهي، ته اڄ ڪلھه جي ٻارن جي مزاج مطابق انھن کي شيون سيکاريندو، جھڙيءَ طرح اھي شيون سکڻ چاھين  ٿا، ان طرح سيکاريندو، ھي ھر ٻار جي لاءِ الڳ طرح سان ڪم ڪندو آھي. سڀ کان پھرين (A.I) ٽيڪنالاجيءَ ۾ نصاب مطابق شيون ڊزائن ڪيون وينديون آھن. شروعات ۾ اُستادن کي ان جي استعمال جي حوالي سان ٽريننگ به ڏني ويندي آهي ۽ مقامي ٻولين جي به ٽيسٽنگ ٿيندي ته ڪھڙي زبان ۾ صحيح طرح ڪم ڪري رھي آهي. ڪھڙي ٻوليءَ ۾ نه. اهي شيون (A.I) ۾ موجود آهن ۽ هر موضوع تي اُستادن کي بھتر انداز ۾ سمجھائيندو، جنھن سان انھن کي پاڻ سمجھڻ ۽ ٻارن کي سمجھائڻ ۾ ڪابه ڏُکيائي پيش نه ايندي.

سوال: هن  ٽيڪنالاجي کي خاص طور اسڪول لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي يا عام ماڻھو به هن مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو؟

جواب: هن ٽيڪنالاجيءَ کي اسڪول لاءِ متعارف ڪرائڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته مستقبل ۾ مصنوعي ذهانت جو دؤر هوندو. ان جون مختلف نوڪريون به هونديون ۽ جيڪي ٻار انھن شين کي صحيح سمجھندا ۽ مسئلا حل ڪري سگھندا. اھي سوچي سمجھي سوال ڪندا ۽ ھن ٽيڪنالاجيءَ کي  سمجھندا، اھي ئي مستقبل ۾ نوڪرين لاءِ تيار هوندا يا ٿيندا. هي (A.I)  ٽيڪنالاجي دماغ کي کولي ٿي.  اسان کي مستقبل جي لاءِ اهڙا ٻار کپن جن جوپڙهائيءَ ۾ دماغ تيز هجي. جھڙي طرح پاڪستان جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رھي آھي. اسان وٽ ايترا اسڪول ڪونھن ان ڪري ھي (A.I) ٽيڪنالاجي بھتر ڪارآمد ثابت ٿيندي. اسان جي پاڪستان ۾ تعليمي انقلاب آڻي سگھي ٿي. ھن ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ئي انقلاب آڻي سگھجي ٿو، نه ته ممڪن نه آهي.

ڪجھه اُستادن جي ذريعي لکين ٻار هن پليٽ فارم تي آڻي سگھجن ٿا. جھڙي طرح سوشل ميڊيا تي الڳ الڳ پروفائيل ٺھي سگھي ٿو. اھڙي نموني سڀني ٻارن جو الڳ الڳ پروفائيل ٺھيل هوندو، ان طرح هي ٽيڪنالاجي شاگردن جي سوچ کي سمجھندو پوءِ انھي مطابق انھن کي سيکاريندو اھو ڪم دلچسپ انداز ۾ ٿيندو. ان طرح سان پڙھڻ ۾ شاگرد کي مزو به ايندو. جيڪڏهن پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ چاهيون ٿا ته هن (A.I) ٽيڪنالاجي کي پاڻ سان ڳنڍڻو پوندو. خان اڪيڊمي نصاب ۾ ڪابه تبديلي نه آڻي رهي آهي نصاب اهو ئي رهندو. صرف (A.I) ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ٻارن کي سمجھائڻ ۽ پڙھائڻ ۾ مدد ڪندو. ٻارن ۽ اُستادن جي صلاحيتن کي وڌائيندو. ھن ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ڊجيٽلائيزيشن پھرين به ٿي چڪي آهي مگر (A.I) ٽيڪنالاجي آمريڪا، پاڪستان ۽ چند ٻين ملڪن ۾ به متعارف ٿيو آهي. (A.I) ٽيڪنالاجي ايجوڪيشن (Pioneer) يعني تعليم جي ميدان ۾ نوان طريقا ۽ خيالات متعارف ڪرائڻ، جيڪي موجوده تعليمي نظام کي بھتر بڻائڻ لاءِ استعمال ٿين. (Pioneer) جو ڪم اھو ھوندو آھي، جيڪو نئين منصوبي، ٽيڪنالاجي يا رويي کي سامھون آڻي تعليم کي اڳتي وٺي وڃي. ان لاءِ صرف اُستادن وٽ سمارٽ فون ھجڻ لازمي آھي، فون جي ذريعي اسان پلان تي عمل ڪري سگھون ٿا. ان لاءِ شاگردن وٽ ليپ ٽاپ ھجڻ لازم ناھي خان اڪيڊمي ويب سائيٽ تي ٽيچرن لاءِ ٽول موجود آھي..

پاڪستان ٻيو ملڪ آھي جنھن ٽيچرن جي لاءِ اھو ٽول متعارف ڪرايو آھي. ٽيچرن جي ٽريننگ شروع ٿي چڪي آھي. مستقبل ۾ انھن کي آن لائين ٽريننگ ڏيڻ شروع ڪئي ويندي. في الحال اسان ھن پليٽ فارم تي ڪم ڪري رھيا آھيون، ته ٽيچرن کي آن لائين ٽريننگ ڪيئن ڏني وڃي. هن ٽول جي خاص ڳالھه اها آهي، ته اسان جي ڪلچر ۽ تھذيب جي مطابق ھوندو. ٻاهريان ڪا نئين شيءِ ڪونه آڻيندو. حڪومت جو جيڪو به تعليمي نظام آهي ان کي وڌائي هن ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان پاڪستان تعليمي ميدان ۾  اڳيان وڌي سگھي ٿو۽ عام ماڻھو به هن مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو. خان اڪيڊمي جي ويب سائيٽ تي پنھنجي آءِ. ڊي ٺاھي ان ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ڪري سگھجي ٿو. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو نصاب اڃان ھن ٽول ۾ موجود ناھي ان تي ڪم جاري آھي. ان بعد اُستادن کي ھن ويب سائيٽ تي نصاب به ملي ويندو. فقط ان ۾ لوڪل ٻوليون (سنڌي، پشتو ۽ بلوچي) ڪيون وينديون. پائليٽ پروگرام مان اسان کي معلوم ٿيندو، ته اُستادن جو ڇا ردعمل اچي ٿو. اگر ڪنھن ھنڌ تبديلي  آڻڻ جي ضرورت آھي، ته اها به آڻبي. پوءِ هن ٽيڪنالاجي کي باقائده لانچ ڪيو ويندو.

سوال: هينئر تائين ڪيترا اسڪول هن  ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪري رهيا آهن؟ ڇا پرائيويٽ اسڪول به ان تائين رسائي حاصل ڪري سگھن ٿا؟ ۽ ان جو طريقيڪار ڇا آهي؟

جواب: في الحال ته ان ۾ چند اسڪول ئي شامل ڪيا ويا آهن. ڪجھه اسڪول اهي آهن جيڪي پارٽنرشپ تحت هلي رهيا آهن ۽ چند سرڪاري اسڪول به آهن. انھن تمام اسڪولن جي نصاب کي مد نظر رکندي ٽول ۾ تبديليون ڪيون وينديون. هراسڪول جو معيار الڳ هوندو آهي. ۽ اهو ٽول ان جي معيار جي حساب سان ڊزائن ڪندو. هر طالب علم جي پروفائل ان ۾ موجود هوندي. هن ۾ هڪ خاص ڳالھه آهي، ته ٻار جي قابليت جي مطابق ان کي سمجھائجي جنھن جي لاءِ لفظن جي چونڊ به ان جي ذهانت موجب ڪيو وڃي، جيتري قدر ڳالھه آهي ٻارن وٽ ليپ ٽاپس ۽ ٽيبليٽ جي ته اهو ڪو مسئلو ڪونھي ڇو ته ان لاءِ اسان وٽ فنڊنگ جي ڪمي ڪونھي.

سوال: هن ٽول کي ٺاهڻ ۾ ڪھڙي سافٽويئر جو استعمال ڪيو ويو آهي؟

جواب: هن پوري سافٽويئر کي خان اڪيڊمي چيٽ جي. پي. ٽي (Chat GPT) جي مدد سان ڊزائن ڪيو آهي. اسان جيڪا اين جي اوز ٺاهي آهي، ان جو خان اڪيڊمي سان معاهدو ڪيو آهي. جنھن تحت اسان کي اھي حق ڏنا ويا آھن، ته اسان اعليٰ ترين ٽيڪنالاجيءَ کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي سگھون. ھتي موجود ٽيم ان کي مقامي ڪندي. يعني اسان کي پنھنجي حساب سان عڪس ۽ ٻوليون شامل ڪرڻيون آھن ۽ اهي اسان ڪنداسين.

سوال: هن اي. آءِ. ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪيترا عڪس آهن؟

جواب: هن ۾ اُستاد تيار ڪرڻ جي لاءِ عڪس موجود آهن ته شاگردن جي لاءِ (Tools) به موجود آهن. جنھن جي مدد سان انھن لاءِ ورڪ شيٽ تيار ڪيون وينديون. والدين جي لاءِ به اهڙا عڪس موجود آهن جنھن جي مدد سان ٻارن کي گھرن ۾ به پڙهائي سگھجي ٿو. في الحال ان ۾ سائنس، رياضي ۽ انگريزيءَ جو نصاب شامل ڪيو ويو آھي، بعد ۾ ٻيا نصاب به شامل ڪيا ويندا.

سوال: ڇا اسڪول کي اها استعمال ڪرڻ لاءِ ڪا مخصوص رقم به ادا ڪرڻي پوندي؟

جواب: هونئن ان جي فيس تمام گھڻي آھي پر ٻاهرئين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ مقامي ماڻھن ملي ڪري اھا رقم ادا ڪئي آھي. ان حوالي سان اسان خان اڪيڊمي سان ھڪ معاھدو ڪيو آھي ان ۾ موجود عڪس تائين رسائي مفت ھوندي. اهو سڄو ڪم بغير ڪنھن منافعي جي ڪيو پيو وڃي. اھو سڀ ملڪ جي بھتري ۽ فائدي لاءِ ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اسان جو مقصد صرف تعليمي نظام ۾ تبديلي آڻڻ آهي. هن ٽيڪنالاجيءَ کي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ٻھراڙيءَ ۾ موجود اسڪولن جي لاءِ به متعارف ڪرايو ويو آهي. ڇو ته اتي اُستادن ۽ شاگردن کي تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن ۽ ھيءَ ٽيڪنالاجي انھن جي لاءِ تمام گھڻي مددگار ثابت ٿيندي. ان مطابق شاگردن کي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ به آساني ٿيندي.

سوال: توهان جي خيال ۾ هيءَ ٽيڪنالاجي تعليم جي ميدان ۾ ڪھڙو انقلاب آڻي سگھي ٿي؟

جواب: هن اي آءِ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان تعليم جي ميدان ۾ مختلف طريقن سان انقلاب آڻي سگھجي ٿو. ھڪ اھو ته ان جي مدد سان اُستاد ليڪچر باآسانيءَ سان تيار ڪري سگھن ٿا ۽ اھو ليڪچر شاگردن جي لاءِ دلچسپ به هوندو. هن ٽيڪنالاجيءَ جي خاص ڳالھه اها آهي، ته هر جماعت جي شاگردن جي لاءِ پيپر سيڪنڊن ۾ تيار ڪري سگھجي ٿو. ۽ پنھنجي مرضيءَ سان ان ۾ تبديلي به ڪرائي سگھجي ٿي. ٻي اھم ڳالھه ته خان اڪيڊميءَ جي طرفان ڪجھه پابندي لڳائي ويئي آهي  جنھن سان شاگردن کي ڪنھن به سوال جو جواب آسانيءَ سان ملي نه سگھندو بلڪ انھن کي شيون سمجھي ڪري جواب حاصل ڪرڻو پوندو. جيڪو شاگردن لاءِ مناسب ھوندو ته اهو بند به ٿي ويندو.

سوال: هن ٽول ۾ اسڪول کي شامل ڪرڻ لاءِ  ڪي خاص گھرجون به آهن؟

جواب: ڪابه گھرج ناھي. ڇو ته ان ٽيڪنالاجيءَ کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد اهو آهي ته هر ٻار ان جي ذريعي تعليم حاصل ڪري سگھي، شروعات ۾ ته سرڪاري ۽ فائونڊيشن اسڪول ئي شامل ڪيا ويا آهن. ۽ ان لاءِ ڪابه رقم نه ورتي وئي آهي. مستقبل ۾ اگر اهڙا اسڪول شامل هوندا جيڪي پئسا ڏئي سگھن ٿا. ته اسان کان به معمولي فيس وٺي سگھجي ٿي.

سوال:  هن اي آءِ ٽيڪنالاجي ۾ ڪيتريون ٻوليون شامل آهن؟

جواب: في الحال هن ۾ اردو ۽ انگريزي ٻوليون شامل آهن ۽ مستقبل ۾ ٻين ٻولين کي به شامل ڪيو ويندو. اهو ٽول خود بخود به ٻوليون سکي رهيو آهي. ٻن سالن ۾ تمام مقامي ٻوليون شامل ڪيون وينديون.

سوال: هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٻيون ڪيتريون تبديليون آڻڻ جو ارادو آهي.

جواب: بلڪل وقت سان گڏ ۽ ضرورت جي مطابق ان ۾ تبديليون آڻڻ جو ارادو آهي ان سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالھه اها آهي ته ضرورت مطابق اهو پاڻ به مستقبل ۾ وڌيڪ بھتر طريقي سان شيون سيکاري سگھي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org