سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مئي 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 

[08]

ٻيڙِي تُنهنجي ٻاجَهه وَکرُ تَنھِ وصالَ جو

کُوها اولا اُن جا سڀ سُونهارا ساجَ

مُعَلِمَ جِتِ مُحتاجَ، اُتِ پُورَڻَ وارو پاڻِ ڌَڻِي.

سمجھاڻي: تنھنجي (زندگيءَ جي) ٻيڙي ٻاجھه (ميٺ محبت) جي ٺھيل آهي، جنھن ۾ سمورو سودو سڪ ۽ محبت وارو آهي. ان جا کوها، اولا ۽ سارا ساز سامان به سھڻا ۽ سينگاريل آهن. پر (اهڙي ڪنھن ڏکيءَ صورت ۾ ) جتي (تجربيڪار) ناکئا به بيوس ٿي بيھي رهن، ته اتي ٻيڙيءَ کي ڌڪي ۽ ماڳ تي پھچائڻ وارو مالڪ سائين پاڻ آهي.

[09]

ٻيڙي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو

تَري ۾ تُن پِئا، پاسَنئُون پاڻِي

هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي. ڪَڙُهه ڪَالهُوڻي ڏِينھَ کي.

سمجھاڻي: (اي ناکئا) تنھنجي (زندگيءَ جي) ٻيڙي بلڪل جھوني (ڪمزور) ٿي چڪي آهي تنھنڪري تون ان ۾ ايترو سامان نه چاڙهه. ان جي تري ۾ به سوراخ آهن ۽ پاسن کان منجھس پاڻي گھڙي اچي ٿو. جيئن تيئن ڪري تنھنجو اهو وقت گذري ويو. تون سڀاڻي ۽ اڳتي جي سوچ ڪر ته ڇا ڪندين! (اڳئين حياتيءَ جو فڪر ڪر).

[10]

تَري تُن پِياسِ، پاسَنئُون پاڻِي وهي

کُوهو جُهرِجُهنو ٿِئو، لاڄُو سَڀ لَڙِياسِ

جيلاهَ سَڌَرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وَههَ سامُهُون.

سمجھاڻي: (وقت گذرڻ سان) ٻيڙيءَ جي تري ۾ ڪيترا سوراخ ٿي چڪا آهن ۽ پاسن منجھان پاڻي به وهي نڪريس ٿو. ان جي کوهي واري ڪاٺي تمام پراڻي ۽ ڳري چڪي آهي. ان جون سڀ رسيون طاقت وڃائي ڪمزور ٿي چڪيون آهن، ليڪن جيستائين ان جا سُکاڻي يعني هلائڻ وارا ناکئا صحيح ۽ سگھارا آهن، تيستائين اها تيز وهڪري جي سامھون به پاڻيءَ کي چيريندي پيئي وڃي.

[11]

ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏَيهاڻِي مَڪُري

سَنباهي سَيدُ چَئي، مَٿي ناءَ نَئِينسِ

وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ

آخِرِ اُهرائِينسِ، ته جوکو ٿِئي نه جَڙاو کي.

سمجھاڻي: (اي ناکئا) تون پنھنجي ٻيڙيءَ جا سوراخ چڱيءَ طرح (مرمت جي لحاظ کان) بند ڪندو رهه ۽ ان کي هر روز مک ڏيندو ڪر. ان کي پوريءَ ريت تيار ڪري پوءِ ان کي ان جاءِ تي کڻي وڃ جتان سمنڊ ۾ ٻيڙين کي داخل ڪندا آهن. (ليڪن ان کان اڳ) وڏا مضبوط رسا وٽائي اهي لاڄو ڪري لڳائينس. (انھيءَ مڪمل تياريءَ کان پوءِ) پنھنجي ٻيڙيءَ کي ڀلي پاڻيءَ ۾ وجڳي هاڪارينس. (جڏهن تون ائين ڪندين ته) ان جي جڙاوت کي ڪو نقصان نه ٿيندو.

شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ - داستان ٽئو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

محمد ياسين ڪنڀر

سلطانپور/پنو عاقل

حمد

ھي جيڪو جڳ ۾ جمال آھي،

ڪريم جو ئي ڪمال آھي.

 

 ٿو ڪنھن کي ٺاھي ۽ ڪنھن کي ڊاھي،

عروج ڪنھن کي زوال آھي.

 

 غريب پيدا ڪيائين ڪيئي،

امير ڪوئي ڪنگال آھي.

 

ھو والي وڇڙيل پيو ملائي،

ھو ڏيندو وصل ۽ وصال آھي.

 

ننڍا وڏا پوڙھا ربّ خلقيا،

جوان ڪو نونھال آھي.

 

ڪٿي انڌيرو ڪٿي سويرو،

ڪٿي ڪو ڏيئو مشال آهي.

 

 ڀلي بُري شيءِ خدا آ خلقي،

حرام ڪائي حلال آھي.

 

خدا ٿو ياسين ڏي سھولت،

۽ ڪنھن کي ڏيندو وبال آهي.

اشرف پير زمان چنڊامي

 

نعت

 

 

دنيا ۾ شھنشاھي آ شان محمّدﷺ جو،

مڙني کان مٿاھون پڻ آ مانُ محمّدﷺ جو.

اڏجي سو ويو جيڪو ھن در تي سوالي ٿيو،

بادشاھه کان بھتر آ دربان محمّدﷺ جو.

بڻيو ھي سڄو عالم محبوب جي صدقي ۾،

ھر چيز تي بيشڪ آه احسان محمّدﷺ جو.

غمخوار غريبن جو آ يار يتيمن جو،

اُلفت جو سدا آهي سامان محمّدﷺ جو.

ڪھڙو آ طرف اھڙو جتي نه اثر آهي،

قائم آ خدا ڄاڻي فرمان محمّدﷺ جو.

تصوير مديني جي قائم آ تصور ۾،

الله ڪري مون کي مھمان محمّدﷺ جو.

پيغام ڏنو جنھن آ ايڪي ۽ محبت جو،

ھر جاءِ تي آ اشرف اعلان محمّدﷺ جو.

امداد سروري

آراضي/سيوهڻ

ڪتاب

منزل جو رستو ٻڌائي ڪتاب،

علم ڏئي اسان کي هلائي ڪتاب.

 

ڪتابن جھڙو ڪو ٻيو دوست ڪونھي،

ٿو کولي پڙھڻ سان ڳالھائي ڪتاب.

 

ڪتابن سان محبت رکجي سدائين،

ٿو ماضيءَ سان ھر ھر ملائي ڪتاب.

 

ڪتابن مان منزل ملي ٿي اسان کي،

انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بنائي ڪتاب.

 

علم سان ئي انسانُ انسانُ ٿئي ٿو،

خوشيون کوڙ ڏيئي کِلائي ڪتاب.

 

ڪتابن کي سِيني سان لائي ته رکجي،

ٿو سڀ ڪجھه سيکاري سمجھائي ڪتاب.

 

ھمٿ واري رستي جو راھي بنائي،

ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ھلائي ڪتاب.

 

اديبن جا مضمون کولي پڙھون ٿا،

شھرن ماڳ صحرا گھمائي ڪتاب.

 

پراڻي زماني جا قصه ڪھاڻيون،

امداد سروري سڀ سُڻائي ڪتاب.


 

شفيق عاصم منگي

شڪارپور

رزلٽ

ملي جا رزلٽ هئي اسڪول مان،

پَيُسُ ڏاڍو ٻَھڪِي خوشيءَ وچان.

 

نمبر ھو پھريون ۽ فل مارڪون،

ملي ڪيڏي شابس اُستادن ھٿان.

 

سنگت ساٿ کان به مانُ مليو،

ڏني ڏاڍي محبت ابي ۽ امان.

 

اسڪول ۾ ٿي وڏي ناماچاري،

ويو لکجي نالو هو بورڊ مٿان.

 

محنت ۾ عظمت جي ڪَلََ مون پئي،

لفظن ۾ اظھار ڇا اُنَ جو ڪيان.

 

نتيجي وڌايو اٿم حوصلو،

اھا ڳالھه ٿو مان سڀ کي چوان.

 

وَري ڪِينَ غَفلَتَ ۽ سُستيءَ مان ٻارو،

رکو چاههُ ۽ رغبت علم سان اوهان.

 

ڪيو مون پڪو پھه آ عاصم اهو،

هر گھڙي جا قيمتي سا علم کي ڏيان.

***


 

راهي چنا

ڄام شورو

غزل

هٿ ۾ هٿ ڏيئي اسڪول وڃن ٿا،

ڪيڏا نه سھڻا ٻار لڳن ٿا.

ھٿ ۾ قلم ۽ ڪڇ ۾ ڪتاب،

شوق سان سڀئي سبق پڙهن ٿا.

جڏهن ٻاتا ٻاتا ٻول چون ٿا،

ننڍي وڏي کي واهه وڻن ٿا.

کيڏندي کيڏندي وڙهي پون ٿا،

وڙهندي وڙهندي پرچي پون ٿا.

علم سان ڪيڏو چاهه رکن ٿا،

نفرت ڪِيني کان دور رهن ٿا.

ابي امان جي اُميد ٿين ٿا،

بس هر وقت لکن ۽ پڙهن ٿا.

وقت جي جيڪي واڳ وٺن ٿا،

جڳ ۾ اوچي ڳاٽ جيئن ٿا.

***


 

خليل عارف سومرو

دادو

نانءُ

معصومن جي اهڙي ٻولي،

جھڙي مٺڙي ماءُ جي لولي.

 

جڏھن به هو ٻوليندا آهن،

ڏاڍو منُ موهيندا آهن.

 

ٻارن جي گڏ کيڏڻ وارا،

وڻندا آهن خوب نظارا.

 

ننڍڙن جي راندين جا منظر،

دل ٿي چاهي ڏسجن هر هر.

 

هي وڏڙا ٿي علم پرائي،

پنھنجو ڇڏائيندا نانءُ وڌائي.

***


 

قربان منگي

سکر

پينُو ٻالڪ

 

پيٽُ بکيو آ انگ اُگھاڙو،

روئي ويٺو ڏينھڙو سارو.

 

هن جو ڪوئي ساٿي ڪونھي،

ڪيڏانھن وڃي ھي ويچارو.

 

پِنَڻ ھن جو آھي پيشو،

اُن سواءِ ٻيو ناھي چارو.

 

سُمھندو آھي فوٽ پاٿن تي،

چاھي پوي پيو ڪيڏو پارو.

 

ٻين جي نظر ۾ پينو ٻالڪ،

منھنجي نظر ۾ روشن تارو.

***

 
 

محمد سليم فراش

ھالا نوان

سنڌو درياءَ

ڪونه مڃينداسين دشمن هار،

سنڌو وهندو تارئون تار.

 

راضي سنڌ تي ربّ ستار،

سنڌو وهندو تارئون تار.

 

درياءَ تي ويٺو ڌاڙا هڻائين،

واهه ڪڍِي ٿو سنڌ سُڪائين!

 

پاڻي سنڌوءَ جو پارس آهي،

ڪاڇي ٿر کي سونُ بڻائي.

 

اُتر هجي يا ڪوهستان لاڙ،

سنڌو وهندو تارئون تار.

 

سليم فراش سنڌوءَ خاطر،

جان اسان جي آهي حاضر.

 

مرڻ وڙهڻ لاءِ آهيون تيار،

سنڌو وهندو تارئون تار.


 

امر جليل احمد ويسر (ڪلاس اٺون)

ٺري ميرواهه

سنڌي ٻار

سنڌي ٻار ڏسو سھڻا پيارا،

سنڌ لاءِ ڪن ٿا محنت سارا.

 

سنڌ سان ٿا سدا پيار ڪن،

اسڪول ۾ ٿا سنڌي ٻولي پڙھن.

 

پڙھڻ سان گڏ فصل گاھه اُپائين،

ڳئون ٻڪريون ۽ ڪڪڙيون پالين.

 

ٻارن جو رسالو گُل ڦُل پڙهندا آهن،

گل ڦل زنده باد نعرو هڻندا آهن.

 

سنڌي آهن جليل منھنجا ابو ۽ امان،

جن جي پياري ھنجھه ۾ مان پليو هان.

***

 

گل محمد گل سومرو

حيدرآباد

غزل

ڏهه ڏهه دفعا ڏکيو هي منھنجو نصاب آھي.

سؤ سؤ صفحن جو ھڪڙو ھڪڙو ڪتاب آھي.

 

ھڪ بارُ آ ڪُلھن تي ٻيو ڏينھن ڀي تَتَلُ آ،

پورو بدَنُ پگھر ۽ اکڙين ۾ آب آھي.

 

انگلش، سنڌي ۽ اردو عربي لکان پڙھان ٿو،

سوشل ٿي ڄاڻ پوري باقي حساب آھي.

 

اٺَ اٺَ ڪلاڪ جاڳي اُن کي ويٺو اُچاريان،

اُستاد ٽِڪ ڪرايو جيڪي جواب آھي.

 

پوليس جيان ڪُٽي ٿو نازڪ ھٿن تي ھرھر،

اسڪول آ يا ٿاڻو پڙھڻ عذاب آھي.

 

ايڏو ته چاهه هن جو تعليم سان ۽ گل سان،

هٿ ۾ ڪتاب آهي يا ڪو گلاب آهي.

 

اظھر آزاد مغل

شڪارپور

علم جي شمع

اچو سڀ علم جي شمع ڪا جلايون،

وطن سان وفا جو وچن ڪو نڀايون.

 

ڪري خوب محنت ڪيون ڏيھه روشن،

ڪيون ڪي وطن سان سدائين سچايون.

 

ڪڍي ساڙ ڪِينُو رکون نياز نِوڙت،

بُرايون ڀُلايون ڪيون ڪي ڀَلايون.

 

رکون ديس سان دل ڇڏيون جان گھوري،

وطن ڏي وفا جون وِکُون ڪِي وڌايون.

 

سدا سنڌ پنھنجي رکون ساھه سِيني،

وطن جي چمن کي سنواريون سجايون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org