
غربت هڪ اهڙي بيماري جو نالو آهي، جيڪا انسان کي
خوابن، رشتن، پنھنجائپ، احساس ۽ تعليم جھڙي انمول
ھٿيار کان محروم، بيوس ۽ لاچار بڻائي ڇڏيندي آھي.
محسوس ڪيو وڃي، ته حالاتن سان وڙهڻ ۽ غربت جي
درياءَ مان گذرڻ ۾ فرق آهي. حالات هر ڪنھن تي ڏکيا
ايندا آهن، پر غربت ۽ ان جي تڪليف
کي صرف اهي ئي محسوس ڪرڻ جا قائل هوندا
آهن، جيڪي حالاتن جا منتظر ۽ غريب طبقي سان تعلق
رکندڙ هوندا آهن. غربت ڪو به عيب ناهي اها ئي
زندگيءَ کي چڱيءَ طرح سمجھڻ ۾ لاڀائتي ثابت ٿيندي
آھي. ھڪ ڳالھه بلڪل ئي ذهين نشين ڪرڻ کپي، ته غريب
والدين ۽ غريب دوست توهان کي سمجھائڻ وارا نه بلڪه
سمجھڻ وارا سچا ساٿي هوندا آهن. جيڪي حالاتن سان
وڙهندي ڪاميابي، سڦلتا، منزل ڏانھن سفر جا منتظر
ھوندا آھن. جتي کائڻ لاءِ ماني ۽ رھڻ لاءِ گھر کان
بي گھر ھوندا آھن. انھن جا خواب آسمان ۾ ۽ پير
ڪيچڙ ۾ ھوندا آھن. تڏھن به ڪاميابيءَ جا ئي منتظر
رهندا آهن ته اسان ڪجھه نه ڪيو ته اسان جو اولاد
اها رهيل اميد پوري ڪندي. جيڪي پنھنجن خوابن کي
انھي ڪيچڙ ۽ پگھر ۾ دفن ڪري، سج جي اُس ۽ تپش مان
گذرندا آھن، تڏھن وڃي سندن اولاد انسان بڻجندي
آهي.
هتي هڪڙو سوال ٿو اُڀري، ته ايڏي محنت جي باوجود
به غربت جو خاتمو ڇو نٿو ٿئي؟ جنھن سوال تي ڪافي
ريسرچ ڪئي ته، جيئن (Three
sixty)
ڊگري کان ڏسجي ته هر ماڻھو پنھنجي اينگل تان بيھي
پنھنجي راءِ ڏني، پر آءٌ جيڪڏھن پنھنجن خيالن جي
پيشگوئي ڪيان ته غربت مان نڪرڻ کان پھرين ان کي
سمجھڻ ضروري آھي، جيڪا گھر ھلائڻ کان وٺي نوڪريءَ
تائين ئي محدود هوندي آهي. جڏهن هٿيار ئي ڪوئا
مارڻ جا هوندا، ته شينھن جو شڪار ڪرڻ ممڪن ناھي.
ته هٿيار هميشه شينھن جي شڪار جا رکو.
چوڻ جو مقصد ته سوچ کي ڪشادي، ڊگھي ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾
منفرد رکي وڃي، ته اها غربت ڪاميابي جي منتظر ٿي
سگھي ٿي، انھي سوچ کي منفرد ۽ ڪشادي ڪرڻ لاءِ
پنھنجي اندر جي خاموش ساگر جي لھرن کي ڄاڳائڻ
ضروري آھي. جيڪو جڏھن موج ۾ ايندو آھي ته اهڙي لھر
انھي برف جي سپ لاءِ ڪافي آھي. ننڍي سوچ، حسد ۽
تعليم جي کوٽ ھميشه تباهي ۽ بربادي جو باعث
بڻائينديون آهن. جنھن سبب غربت بس غربت تائين
محدود رھندي پئي وڃي، جنھن جي وڏي وجھه اسان جي
غريب طبقي جي نوجوان نسل آهي، جيڪا بس انجنيئرنگ،
ميڊيڪل ۽ بزنس تائين محدود آهي ته ڪي وري نشن،
آواراگردي، ڇڙواڳي تي محدود آهن. جن جي سوچ انھن
کي بس کائڻ، پيئڻ کان وٺي اوڍڻ پھرڻ تائين ئي رھڻ
جو عادي بڻائي ڇڏيو آھي.
ڪا به تبديلي آڻڻ لاءِ پھريان پاڻ کي تبديل ڪرڻ، ۽
پنھنجي گھر کي سُڌارڻ ضروري آھي. جيڪو معاشري جي
تبديلي ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ (Sample)
طور ڪارائتا ثابت ٿيندو. اڪثر ھڪڙو ڄٽڪو ٻٽاڪ ھنيو
ويندو آھي ته سڀ امير ٿي ويا ته ڪم ڪار ۽ روڊن جي
صفائي ڪير ڪندو. اهائي ئي سوچ اڳتي نڪرڻ نٿي ڏي.
ڇڏيو انھن ٻٽاڪن کي جيڪو توھان کي سھي لڳي ۽
تبديلي جي لھر لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي اھا ڪندا
رھو.

تاريخ اوھان جي گواھه رهندي، ڪيل ڪارناما ۽ ماڻھن
۾ بدلاءُ جو نشان زنده رهندو.
جنھن جي لاءِ چرين ماڻھن جي ضرورت آھي! جيڪي خطرا
سر تي کڻڻ جا قائل ھجن، ته انھي لاءِ خطرن سان
کيڏڻ جو ھنر سکڻو پوندو. اھي جيڪي ڏاھا ڪُرسين تي
ويٺل آهن اهي بس پنھنجي ڪُرسي ۽ بجيٽ سان ٻڌل آھن!
ڪير ٿو ڪاڙهن ۾ تڙپي، ڪير تعليم کان محروم آهي ۽
ڪير غربت ۾ متاثر آهن، انھن تي ڪو به فرق ڪونه
پوندو. اهڙي برباديءَ جو خاتمو ڪرڻ لاءِ رات جي
اونداهين ۾ ڪتابن سان ياري رکڻي پوندي، ڪنھن
اونداھه ۾ جيئندڙ ڇڙواگ نگري لاءِ ديپ جلائڻو
پوندو. رشتن ناتن کان وٺي هر قوت کي سمجھڻو ۽
اھميت لائق بڻائڻو پوندو. جيئڻ لاءِ ھڪڙو قدم
وڌائڻ به ڪاميابيءَ جي شروعات هوندي آهي. ائين ئي
انھن سڀني شين کي اپنائڻ ۽ پتوڙڻ ڪنھن انڌير
نگريءَ کي اجالو ۽ روشن ڪرڻ جو باعث بڻبيون آھن.

پيارا ٻارؤ! اڄ مان اوهان کي هڪ قصو ٻُڌائڻ چاهيان
ٿو، جيڪو مون سان ڪنھن دؤر ۾ ٿيو ھو. توھان به هن
قصي مان هڪ سبق پرائجؤ.
سفر دوران بس مان هيٺ لھي، پنھنجي کيسي ۾ هٿ وڌم
ته مان ڏڪي ويس. منھنجو کيسو ڪٽجي چڪو هو.
ٻيو کيسي ۾ هو به ڇا! ٽوٽل نوَ رپيا ۽ هڪڙو
خط. جيڪو مان پنھنجي ماءُ کي لکيو ھوم، ته
”امان!
مون کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي. مان ٻي ڪا نوڪري
ڳولي رهيو آهيان. جنھن جي ڪري پئسا وقت سر موڪلڻ ۾
دير ٿي سگھي ٿي.“
ٽن ڏينھن کان وٺي اھو پوسٽ ڪارڊ منھنجي کيسي ۾ پيل
هو. پوسٽ ڪرڻ تي دل نه پئي ڪيو. پر هاڻي نوَ
رپيا وڃي چڪا هئا. اهي نوَ رپيا ڪا وڏي
رقم ته نه هئي. پر جنھن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو
هجي، ته ان جي لاءِ ته اهي نوَ رپيا به نو
سؤ کان ته ڪڏهن گھٽ نه ٿيندا نه. ڪجھه ڏينھن
گذريا.
مون کي ماءُ جو خط مليو. پڙهڻ کان پھرين ئي
(گھٻرائجي) ويس. ضرور پئسن موڪلڻ جو چيو هوندو
امان.... پر! هي ڇا! مان ته خط پڙهي حيران رهجي
ويس! امان لکيو هو، ته
”منھنجا
ٻچڙا تون ڪيڏو نه منھنجو خيال رکندڙ آهين، پئسا
موڪلڻ ۾ ٿوري به دير ناهين ڪندو. پُٽ! تنھنجو
موڪليل
50
رپين جو مني آرڊر مليو.“
مان ڪافي ڏينھن تائين پريشان رهيس ۽ سوچيندو رهيس،
ته منھنجو ته گاڏيءَ ۾ سفر دوران کيسو ڪٽجي چڪو
هو، پوءِ منھنجي ماءُ کي هي پئسه ڪنھن موڪليا.
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ وري مون کي هڪ ٻيو خط مليو.
ان ۾ لکيل هو، ته
”ادا
نوَ رپيا تنھنجا ۽ ايڪيتاليھه روپيه منھنجا
ملائي ڪري مان تنھنجي ماءُ کي پئسا مني آرڊر ڪري
ڇڏيا آهن. فڪر نه ڪر ادا! ماءُ ته سڀنين جي هڪ
جھڙي هوندي آهي. پوءِ اها ڇو بُک تي رهي. ان ڪري
مان ان ڏانھن پئسا مني آرڊر ڪري رهيو آهيان.“
فقط تنھنجو کيسو ڪتريندڙ
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ڪراچي
اخلاق جي دولت
منھنجو نالو ڊاڪٽر امجد حسين آھي. جڏھن مان چئن
سالن جو ھئس ۽ پنھنجي ٻاتڙي زبان سان
’بابا‘
چوڻ به مشڪل سان شروع ڪيو هو، ته بابا هڪ بس
حادثي ۾ مون کي ۽ امان کي اڪيلو ڇڏي وڃي پنهنجي
مالڪ حقيقي سان مليو.
بابا جي باري ۾ مون کي امان ٻُڌايو هو، ته هو هڪ
آفيس ۾ ڪلارڪ هيو. بابا اسان جي لاءِ ڪا ملڪيت ته
ڪونه ڇڏي هئي جو ويھي کائون ھا! منھنجو ڏاڏو ۽
ڏاڏي به فوت ٿي چڪا هئا. تنھنڪري گھر جو گاڏو
ھلائڻ، مون کي پالڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ امان کي سخت
محنت ڪرڻي پئي. امان مون کي ڊاڪٽر ڏسڻ ٿي چاهيو.
جڏهن مان پنجن سالن جو ٿيس، ته امان مون کي هڪ
اسڪول ۾ داخل ڪرايو. مون کي پڙهڻ لکڻ سان ڏاڍو
شوق هو. امان ٻين گھرن ۾ ڪپڙا ۽ ٿانوَ ڌوئي ڪري،
منھنجي پرورش ڪندي رھي. ماءُ ڪيتري نه عظيم آهي جو
پنھجي اولاد جي سُکَ لاءِ پاڻ ڏُک برداشت ڪندي به
خوش رهندي آهي. پھرئين درجي کان وٺي پنجين درجي
تائين مان ھميشه ڪلاس ۾ پھريون نمبر ايندو ھوس.
مان جڏھن ڇھين درجي ۾ داخل ٿيس، ته اسڪول جا سڀئي
شاگرد ۽ اُستاد مون کي ڏاڍو ڀانئڻ لڳا. اهي سڀئي
منھنجي ڏاڍي واکاڻ ڪندا ھئا. منھنجي اخلاق ۽
منھنجي ذھانت هنن کي تمام گھڻو متاثر
ڪيو هو.

هي انھن ڏينھن جي ڳالھه آهي، جڏهن مان نائين درجي
۾ پڙهندو هئس. مان منجھند جو اسڪول کان گھر واپس
آيس. امان پاڙي ۾ ڪٿي ويل ھئي. مان صبح جو نيرن
ڪونه ڪئي هئي، ان ڪري مون کي ڏاڍي بُک لڳي رهي
هئي. مان امان جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي ٻوڙ جي
ديڳڙيءَ کي گئس جي چُلھي تي رکي ٻوڙ گرم ڪرڻ لڳس.
مان چُلھي جي ڀرسان ئي بيٺل ھوس، ته اوچتو هڪ
ڌماڪو ٿيو. مون کي پنھنجي اکين جي اڳيان تارا
گھمندي نظر آيا ۽ پوءِ مون کي ڪو هوش نه رهيو.
هوش آيو ته اسپتال ۾ هئس. امان جو ٻاجھارو چھرو
منھنجي مٿان جھڪيل ھو. مان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر سُور جي شدت جي ڪري ڪجھه به ڳالھائي نه سگھيس.
امان مون کي اشاري سان خاموش رھڻ جو چيو ۽ پاڻ ئي
ٻُڌايائين، ته
”پُٽ!
جڏهن تون ٻوڙ گرم ڪري رهيو هئين ته چُلھو ڦاٽي پيو
ھو ۽ تون زخمي ٿي پيو ھئين.“
اھو چوندي ضبط جي باوجود به امان جي معصوم اکين
مان ڳوڙها وهي نڪتا. مان ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيو،
ته
”امان........
منھنجي...... چھري..... تي...... ايتري....
تڪليف.... ڇو آهي.....؟“
۽ شفيق ماءُ ان سوال جي جواب ۾ سُڏڪا ڀري روئڻ
لڳي.
چُلھي جو حادثو ته گذري ويو، پر اهو منھنجي چھري
تي ڏاڍا خراب نشان ڇڏي ويو ھو. ھڪ اک جو ھيٺاهون
حصو به سڙي پيو هو. منھنجي شڪل صفا بدلجي چڪي ھئي.
پنھنجي چھري مان مون کي پاڻ ئي خوف ٿيندو ھو. ڪوبه
مون کي ڏسي يقين نه ڪندو هو ته هي ڪو امجد آهي.
جيڪو ڪالھه تائين سُھڻو سيبتو ۽ ڏسڻو وائسڻو هو.
خوبصورت اکين ۽ چھري جي جاءِ تي بدصورت چھري ۽
ڀوائتين اکين والاري ورتي ھئي. اسپتال کان موڪل
ملڻ کان پوءِ جڏھن مان پھرئين ڏينھن اسڪول ويس، ته
ڇوڪرن مون کي چيڙائي چيڙائي تنگ ڪري ڇڏيو هو. هو
مون کي سڙيل واڱڻ چئي ڪري چيڙائيندا هئا. پاڙي جا
ٻار به مون کي انھيءَ نالي سان سڏيندا ھئا. مان
اڪثر ڪري لڪي لڪي روئيندو ھئس ۽ ربّ سائينءَ سان
اھا شڪايت ڪندو ھئس، ته
”تو
مون کي ايترو بدصورت ڇو ڪري ڇڏيو آهي؟“
امان به مون کي سمجھي ورتو ھو ۽ پوءِ هڪ ڏينھن
امان مون کي روئيندي ڏسي ورتو. امان مون کي پاڻ وٽ
ويھاريو ۽ چوڻ لڳي ته
”پٽ
انسان جا ٻه روپ ٿيندا آهن هڪ ظاهري روپ جيڪو
سڀنين کي نظر ايندو آهي ۽ ٻيو وري باطني روپ جنھن
کي ڪو به ناهي ڏسي سگھندو. تون پنھنجي شڪل ۽ صورت
تي ڪوبه ڏک ۽ رنج نه ڪر. پنھنجي سيرت ۽ اخلاق کي
سنوار ۽ ان سان ماڻھن جي دلين ۽ ذهنن کي فتح ڪر.“
امان جي اها ڳالھه منھنجي دل ۾ اثر ڪري ويئي. مان
سڀنين سان سھڻو ورتاءُ ڪرڻ لڳس ۽ ھر ھڪ سان خوش
اخلاقيءَ سان پيش ايندو هوس. اهڙي سُٺي هلت ڏسي
اسڪول ۽ پاڙي جي ٻارن مون کي چيڙائڻ بند ڪري
ڇڏيو، مان پنھنجي اخلاق سان سندن دلين کي فتح ڪري
ورتو ھو.
پيارا ٻارؤ! جيڪو به انسان محنت ڪندو آهي، تنھن کي
ربّ پاڪ محنت جو ڦل ضرور ڏيندو آهي. مان سخت محنت
ڪئي ۽ اڄ مان ڊاڪٽر آهيان. ماڻھو مون کي ڊاڪٽر
امجد حسين چوندا آھن. اھي منھنجي صورت نه پر سيرت
ڏسندا آهن. مان اڄ جيڪي به آهيان پنھنجي ماءُ جي
دعائن ۽ ربّ سائينءَ جي ٻاجھه جي ڪري آهيان. توهان
کي پنھنجي ڪھاڻي ٻُڌائڻ جو مقصد رڳو ايترو هيو ته
انسان جي صورت نه پر سيرت ڏسڻ گھرجي. پنھنجي اخلاق
جي ڪري سڀنين جي دلين کي فتح ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي
صورت جي بدران پنھنجي سيرت کي سنوارڻ گھرجي.

نويد ناز ڀٽي
لاڙڪاڻو
سچل جا سپنا
سچل ڪلھه اسڪول نه آيو ھئين خير ته هو؟ سائين پڇي
پيو، ڪلاس جي ڇوڪرن کان ته سچل پنھنجي بينچ تي
ڪونھي مان به حيران ھيس. ڇوڪرن سميت مون به چيو
سائين سچل جي خبر ناھي ھو بنا ٻُڌائڻ جي اسڪول کان
غير حاضر نه رھندو آھي، ته سائين عبدالماجد چيو ته
سچل انتھائي ھوشيار ۽ محنتي ڇوڪرو آھي. سندس
پڙھائي سان لڳاءُ ساراهڻ جوڳو آھي. معمول موجب
ڪلاس ھلندو رھيو. مون کي پاڻ سچل جي ڳڻتي ٿي
پئي. موڪل کان پوءِ مان گھر آيس ماني کائي بابا جي
ماني کڻي سندس ڪرياني واري دڪان تي ويس. ان ۾
مزدورن جي به ماني ھئي. دڪان تي پھچڻ کان پوءِ
بابا وارن گراهڪن کان فارغ ٿي ڪري، ماني کاڌي.
تيسيتائين مان بابا جي موبائل تي ڪارٽون پئي ڏٺا.
پوءِ خالي ٿانوَ کڻي گھر آيس ۽ ٽيوشن تي ھليو ويس.
اُتان فارغ ٿي گهر آيس ته سليم جو نياپو مليو.
سليم وارن جي گھر ويس جتي سليم ڪبوترن جي نئين
جوڙي وٺي آيو ھو ۽ ڪبوترن کي اَن پئي ڏنائين. مون
کي ڏسي خوش ٿيو، چيائين فھيم بازار مان ھاڻي ھاڻي
ڪبوترن جي جوڙي آندي اٿم. بابا پيسا ڏنا هيا. مون
چيو سليم تنھنجو پيءُ توکي تڪڙا پيسا ڪيئن ڏنا؟ ھو
ته توکي ڪتابن جا به پيسا ناھي ڏيندو. پوءِ ھي نوٽ
ڪٿان آندئي. چيائين فھيم
چريو آھين صفا. اڄ بابا
ڪڪڙن جي ميل تي صبح کان ويل ھو. اُتان ٻھڪندو
موٽيو. سڀني گھر ڀاتين کي گنج پيسا ڏنا اٿئين. مون
کي به پنج سؤ ڏنئين ته مان به تڪڙو وڃي ڪبوترن جي
لش پش جوڙي وٺي آيس. ائين ئي ڪبوترن کي ڏسندي
ڏسندي سج لٿو. سليم کان موڪلائي گھر آيس رات جي
ماني کائي سمھي پيس. صبح جو اسڪول آيس توکي
اسيمبليءَ ۾ ڏسي خوش ٿيس ھاڻي ڪر احوال مان ھڪ
ساھيءَ ۾ سچل کي گذريل ڏينهن جو سمورو قصو کڻي
ٻُڌائي ڇڏيو.
سچل ڪلاس جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي سڄي قصي کي غور سان پئي
ٻُڌو. ان ڏينھن اسڪول جي ھيڊماستر وٽ اسڪول جي ڪا
ميٽنگ رکيل ھئي. سڀ اُستاد هيڊ ماستر جي آفيس ۾
ھئا. مون کي ۽ سچل کي ڳالھائڻ جو موقعو ملي ويو.
سچل ٿڌو ساھه ڀري چوڻ لڳو، فھيم غريب جو ربّ کان
سواءِ ڪنھن جو سھارو ڪونھي. بابا حبيب الله ھن
ڀلاري رمضان ۾ ڏاڍو پريشان آھي. روزن جي ڪري
(دليم) چانور جي ريڙھي به بند آھي. ھن مھيني بابا
امان باجيءَ وارن روزا پئي رکيا. پر افطار وقت
کائڻ لاءِ اسان وٽ ڪجھه ڪو نه ھو. گھر جو راشن
رمضان کان اڳ ئي ختم ٿي ويو ھو. امان ماما وارن
ڏانھن نياپو به ڪيو، پر ڪو خاطر خواهه جواب نه
آيو. پوءِ بابا ڪلھه ھڪ ڄاڻ واري دوست ڏانھن وٺي
ھليو. ان ڪري اسڪول نه آيس. بابا به روزي سان ھو.
ان ڪري اوڏانھن مون کي وٺي ويو. (جنھن مٿئين سال
راشن جو ٻورو ڏنو ھيس.) ان دوست وري اڄ جو چيو
اٿس، ته حبيب الله سڀاڻي توکي راشن ضرور وٺي
ڏيندس. بابا چيو پٽ سچل تون اسڪول وڃ مان پنھنجي
دوست وٽان راشن کڻي ٿو اچان! ڪنھن چنگچي رڪشا واري
کي چوندس، در تائين ڇڏي ويندو.
سچل اھي ڳالھيون ڪري رھيو ھو، ته سندس پاڙي جو
ڇوڪرو ڀڄندو آيو. ڪلاس ۾ گھڙندي ئي چوڻ لڳو، ته
سچل تنھنجي پيءُ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آھي. تڪڙو ھل
اسپتال، چاچي جي حالت تمام خراب آھي. ننڍڙو سچل
ڇھين جماعت جو شاگرد پيءُ جي اوچتي حادثي جو ٻُڌي
سڪتي ۾ اچي ويو! او ابا! او ابا! ڪندو گھر ڀڳو.
مٿان ايمبولينس جي آوازن سچل کي ھميشه جي لاءِ
چريو ڪري ڇڏيو. سچل جو گھر اُجڙي ويو.
ويھه سالن کان سچل کي پنھنجي ئي محلي ۾ ائين چريو
گُھمندي ڏسي، سچ ته وقت جي بيحسيءَ تي تمام گھڻو
افسوس ٿيندو آهي. سندن بُک بدحاليءَ سندس وسندڙ
گھر کي ھميشه لاءِ ويران ڪري ڇڏيو هو. هن اُجڙيل
چمن جي ڀيانڪ تصوير ڏسي هڪ حساس دل ماڻھو جيئري ئي
موت جي آغوش ۾ هليو ويندو آهي. ائين ئي سچل جا
سپنا ساڀيان جو روپ ماڻي نه سگھيا.
عبدالوهاب دستي (ڪلاس اٺون)
ٺري ميرواهه
اسان جو ڳوٺ
اسان جي ڳوٺ جو نالو حاجي خدا بخش دستي آهي. اسان
جي ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول آهي جتي ڳوٺ جا ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون تعليم حاصل ڪن ٿا. اڪثر ڳوٺاڻا ٻني ٻاري
جو ڪم ڪار ڪن ٿا ۽ ڪجھه سرڪاري ملازمت ۽ ڪجھه ٻيا
محنت مزدوري ڪري روزگار ڪن ٿا. ڳوٺ جي ٻنين ۾
ڪيترائي فصل ٿين ٿا. جيئن ڪڻڪ، ووئنڻ، مڪئي،
ڪمند، جوئر ۽ ٻيا گاهه پڻ شامل آهن.
ڳوٺ ۾ هڪ مسجد پڻ آهي. جتي باجماعت نماز ٿيندي آهي
۽ ٻارن کي روزانو قرآن مجيد جو سبق پڻ ڏنو ويندو
آهي. اسان روزانو اسڪول ويندا آهيون. گڏوگڏ گھر ۽
ٻنيءَ جي ڪم ۾ مائٽن جي مدد پڻ ڪندا آھيون. اسان
واندڪائيءَ يا موڪل واري ڏينھن شاگرد پاڻ ۾ مختلف
رانديون پڻ کيڏندا آھيون. جھڙوڪ ڪرڪيٽ ۽ والي بال
وغيره.
دعا آهي، ته شال اسان جو پيارو ڳوٺ سدائين شاد ۽
آباد هجي ۽ ترقي ڪندو رهي.

منير حيدر لغاري
شھدادپور/سانگھڙ
عارف ۽ ڏاهو بزرگ
شھر کان پري هڪڙي ڳوٺ ۾ عارف نالي هڪ ڇوڪرو
رهندو هو. عارف جو ڳوٺ تمام گھڻو پيارو ھو، جتي وڻ
ٽڻ، پکي پکڻ تمام گھڻا ھئا. گھرن جي پڌر تي مور
پکي بي خوف ٿي نچندا ھئا. عارف تمام سٺو ڇوڪرو ھو،
ھو صبح جو سوير اُٿي اُڃايل بُکايل پکين جي لاءِ
داڻو پاڻي رکندو ھو، گھر جي وڏن جي عزت ڪندو ھو.
پاڙي وارن جو خيال رکندو ھو ۽ پنھنجي دوستن سان
کيڏڻ ۽ پنھنجي چوڌاري فطرت جي خوبصورت نظارن کي
پسند ڪندو ھو ۽ ان مان لطف اندوز ٿيندو ھو. عارف
سڀني ڳالھين ۾ ڀَڙُ ھو. پر پڙھڻ جو شوق مڙئي ڪجھه
گھٽ ھوندو ھئس. اڪثر گھمڻ ڦرڻ لاءِ ھُو اسڪول کان
گُسائيندو هو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اسڪول جي ڀِتَ به ٽُپي
ويندو ھو!
هڪ ڏينھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڏاهو بزرگ آيو ۽ تعليم جي
اهميت بابت ڪچھري ڪيائين پئي ته عارف به اتي اچي
پھتو. ان شاگردن سان وٺي ڳالھه ڪئي ته، تعليم قسمت
جا دروازا کولي ٿي ۽ نوان موقعا پيدا ڪري ٿي.
تعليم ماڻھن کي دنيا کي سمجھڻ ۾ به مدد ڪري ٿي ۽
تعليم غربت کي به ختم ڪري ٿي. عارف علي، پوڙھي
ماڻھوءَ جي ڳالھين تي حيران ٿي ويو. پر کيس پڪ نه
ھئي ته اُھي ڳالھيون مون لاءِ آھن. هن هميشه سوچيو
هو ته تعليم ٻين ماڻھن لاءِ آهي. جنھن ڏي تمام
گھڻو پئسو ھجي. جيڪي وڏن گھرن ۾ رھندا ھجن. عارف
جي اھڙي سوچ جو به ھڪ سبب ھو ڇاڪاڻ ته هن جي ڪٽنب
منجھان اڃان ڪو پڙھائي ۾ اڳتي نه وڌي سگھيو ھو!
پر جيئن ئي هن پوڙهي ماڻھوءَ جي ڳالھه ٻُڌي، عارف
اهو سمجھڻ لڳو، ته تعليم هر ڪنھن لاءِ آھي. چاهي
اُهي غريب ھجن يا امير يا اُھي ڇا به ڪندا ھجن.
عارف شام جو ڳوٺ کان ٻاھر ڍنڍ جي ڀرسان وڏي بَڙ جي
وڻ ھيٺان سج کي لھندي ڏسي اھو سوچي رھيو ھو، ته
تعليم ڪيئن ان جي قسمت تبديل ڪري سگھي ٿي! تعليم
ڪيئن ھن جي خوابن کي سچو ڪري سگھي ٿي! تعليم ڪيئن
ان جي خاندان جي غربت مان جان ڇڏائي سگھي ٿي؟ نيٺ
عارف فيصلو ڪيو ته ھاڻ ھو تمام گھڻي محنت ڪندو ۽
پنھنجي مائٽن جي تڪليفن کي دور ڪندو.
هن پنھنجي اسڪول جي ڪلاس ۾ باقاعدگيءَ سان وڃڻ
شروع ڪيو ۽ اسڪول توڙي گھر ۾ شوق سان پڙهڻ لڳو. ھن
نوان ڪتاب پڙھيا. نوان مضمون پڙھيا ۽ تعليم منجھان
ھِن نيون صلاحيتون سکيون. جيئن جيئن هن پنهنجي
محنت جاري رکي ته عارف هڪ مختلف انداز ۾ دنيا کي
ڏسڻ لڳو. عارف محسوس ڪيو، ته تعليم ڪيئن هن کي
تبديل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻ ھي آسپاس جي ماحول کي
الڳ انداز سان ڏسڻ لڳو آھي.
گھر وارن کي صفائي متعلق ھدايتون ڏيندو آھي. گھر ۽
ڳوٺ جي صفائي لاءِ ڪوششون وٺندو آھي. عارف ھاڻ اڳي
کان گھڻو تبديل ٿي چڪو آھي. ھو ڳوٺ جي عورتن کي
بيمارين جو سبب بڻجندڙ جراثيم ۽ ٻين ننڍن ننڍن
جاندارن متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۽ انھن منجھان ٿيندڙ
بيمارين جي پڻ آگاھي ڏيڻ لڳو.
عارف جي اھڙي تبديليءَ کي ڏسندي ڳوٺ وارا تمام
گھڻو حيران ۽ خوش ھئا. انھن ڏٺو، ته واقعي تعليم
ڪيئن ٿي اسان جا مسئلا حل ڪري. ڳوٺ وارن جي سُٺي
موٽ ۽ محبت ڏسي عارف جو پڙھائيءَ تي اڃان به گھڻو
شوق وڌي ويو ۽ ھو ھاڻ پڙھائي ۾ اڳي کان اڳڀرو ٿي
ويو. ڳوٺ وارا ۽ اُستاد اُن کي تمام گھڻو ڀائيندا
ھئا. آخر ۾ عارف ان پوڙهي ماڻهوءَ جو شڪريو ادا
ڪيو، جنھن ھن کي تعليم جو رستو ڏيکاريو.
عارف پنھنجي پاڻ سان اھو واعدو ڪيو، ته هو پنھنجي
تعليم کي دنيا منجھه سُٺي تبديلي آڻڻ لاءِ استعمال
ڪندو.
منصور علي شر (ڪلاس اٺون)
خيرپورميرس
اسان جي سونهاري سنڌ
ٻارؤ! سنڌ دنيا جو اهو علائقو آهي جتي ٿر،
ڪوهستان، ڪچو، ڪاڇو، سنڌو درياءُ، جبل، سمنڊ،
جھرڻا، نديون، مٺي پاڻيءَ جا چشما ۽ آبشار موجود
آھن. سنڌ جي سرزمين نھايت زرخيز رهي آهي. هتي سونا
سنگ اُپائيندڙ ڌرتيءَ ۾ ڪڻڪ، لڱ ڍڪائيندڙ وونئڻ
(ڪپھه) به ٿين ته انھن فصلن سان گڏ مٺا انب جن کي
ميون جو بادشاھه سڏجي ٿو پڻ ٿين ٿا.کجيون ۽ ٻيا
قسمين قسمين اونھاري ۽ سياري جا ميوا به ٿين ٿا.
دنيا جي قديم تھذيب موئن جو دڙو، ڪوٽڏجي جو قلعو
پڻ سنڌ جو مانُ ۽ مرتبو ظاهر ڪن ٿا. ريگستاني
علائقو ٿر برساتن کان پوءِ جنھن ڏٺو ھوندو ته
سمجھيو هوندو ته ان ڄڻ سوئٽزرلينڊ گُھميو! شاهه
عبداللطيف ڀٽائيرحه جنھن کي دنيا جو
عظيم شاعر سڏيو وڃي ٿو. اسان جي سنڌ ۾ آهي. سندس
شاعريءَ ۾ پنھنجي وطن سان حب، پنھنجي ٻوليءَ سان
محبت ۽ انسانيت سان الفت جو پيغام سمايل آھي. سنڌي
ٻولي پڻ دنيا جي قديم ٻولين منجھان هڪ آهي. اسان
خوشنصيب آهيون، جو ربّ سائينءَ اسان کي سنڌ ڌرتيءَ
تي جنم عطا ڪيو. دعا آهي ته شال هي ڌرتي شاد ۽
آباد هجي ۽ دنيا ۾ سدائين سندس نالو مٿانھون رهي.
(آمين)
حسيب ناياب منگي
شرجيل جي همت
شرجيل ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار هو، جيڪو پنھنجي شھر جي
رونقن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. وڏيون عمارتون،
روشنيون، سٺا روڊ رستا ۽ باغ هن کي تمام گھڻا
وڻندا هئا. پر هن کي شھر ۾ وڌندڙ ڪچري، دونھي ۽
گندگي جي ڍيرن تي ڏاڍي ڳڻتي هوندي هئي
هڪ ڏينھن، شرجيل جي اسڪول ۾ هڪ محنتي استاد
ماحوليات بابت سبق ڏيندي چيو:
”جيڪڏهن
اسان پنھنجي شھر کي صاف ۽ سائو نه رکنداسين، ته هي
شھر ڪيترين ئي بيمارين ۽ آلودگيءَ جو گھر بڻجي
ويندو“.
استاد جا اھي لفظ ٻڌي ڪري، شرجيل سوچ ۾ پئجي ويو.
سندس دماغ ۾ ھڪ ئي ڳالھه هلي رهي هئي ته
”مان
پنھنجي شھر کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري سگھان ٿو؟“
شرجيل اسڪول ۾ بريڪ ٽائيم تي پنھنجي ڪلاس جي ساٿين
رافع، راحيل ۽ سعيد کي پاڻ سان گڏ کنيو ۽ پاڻ ۾
صلاح ڪئي. ڳالھائيندي ڳالھائيندي ھنن فيصلو ڪيو،
ته پنھنجي علائقي ۾ صفائي مھم هلائينداسين. گھر
موٽي اچڻ کانپوءِ هنن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي
اعتماد ۾ ورتو ۽ سڀ کان پھرين، سڀني گڏجي ڪري رستن
تان پلاسٽڪ جون بوتلون ۽ ڪاغذ کڻڻ شروع ڪيا ۽ انھن
کي گند جي پيٽيءَ ۾ ڦٽو ڪري آيا. صفائيءَ لاءِ هر
هڪ ٻار پنھنجي گھران ٻھارا کڻي آيو ۽ ڇڻڪار ڪري
ٻُھاري ڏنائون.

شرجيل جي امڙ، جيڪا هنن سڀني کي دلچسپيءَ سان ڪم
ڪندي ڏسي رهي هئي، چوڻ لڳي ته:
”جيڪڏهن
هر ماڻھو پنھنجي حصي جو ڪم ڪري، ته اسان جو شھر
بھتر ٿي سگھي ٿو، آئون اوهان سڀني ٻارن سان گڏجي
پاڙي وارين عورتن ڏانھن هلان ٿي ۽ کين گذارش ڪريان
ٿي ته ڪچرو روڊن تي نه اُڇلائين، پر پنھنجي گھرن ۽
روڊن تي رکيل دٻي ۾ ڦٽي ڪن“.
ٻئي ڏينھن، شرجيل ۽ سندس دوستن اسڪول ۾ اها ڳالھه
ٻڌائي ته اسان سڀني پنھنجي پاڙي کي صاف ڪرڻ جي
لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي، اسان جي ان عمل کي سڀني وڏن
ڏاڍو ساراهيو. اڄ اسان جو هڪ ٻيو قدم کڻڻ جو ارادو
آهي، جيڪو پڻ سڀني کي پسند ايندو.
اسڪول کان واپس موٽي اچڻ کانپوءِ ماني کائي، ٽيوشن
تان موٽي اچي ڪري، شرجيل ۽ سندس دوست گڏجي پاڙي
واري پارڪ ۾ ويا، جتي ننڍا ٻار کيڏڻ ۾ مصروف هئا ۽
وڏا اتي احوال ڪري رهيا هئا. مگر پارڪ جي حالت
ڏاڍي خراب هئي. شرجيل ۽ سندس دوستن جڏهن ان کي صاف
ڪرڻ شروع ڪيو ته سڀ ننڍا ۽ وڏا ان صفائي مھم ۾
شامل ٿي ويا، نوان ٻوٽا پوکي انھن کي پاڻي ڏئي
هرڪو پنھنجي گھر ھليو آيو، واپسي تي شرجيل جي والد
شھر جي آفيسرن کي درخواست ڪئي ته
”پارڪ
کي سنوارڻ جي لاءِ مدد ڪئي وڃي ۽ انتظاميا کي
گھرجي ته پارڪ جي مرمت ڪرائڻ جو بار پنھنجي سر تي
کڻي“.
اهو هاڻي هڪ ٻن ڏينھن جو نه پر هر روز جو عمل بڻجي
چڪو هو. شرجيل ۽ سندس ساٿين سان گڏجي شھر جا
ڪيترائي ٻار هر روز ڪنھن نه ڪنھن پاڙي ۾ وڃي اتان
جي ٻارن سان گڏجي صفائي ڪندا رهندا هئا. ڪجھه
مھينن ۾ شھر جا ماڻھو شرجيل ۽ سندس دوستن جي ڪوششن
کي ساراهڻ لڳا. سڀني ٻارن گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته
هڪ ڏينھن ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪري کيس گذارش
ڪنداسين ته شھر ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلھين بدران ڪاغذ جي
لفافي ۾ شيون وڪرو ڪري ڏيڻ جي لاءِ دوڪاندارن ۽
واپارين کي پابند ڪيو وڃي. اهڙي ريت اسان کي گڏجي
در در وڃي اهو به پيغام ڏيڻ گھرجي ته شھري پنھنجي
ڪار بدران سائيڪل هلائن، جنھن سان شھر ۾ دونھون
گھٽ ٿيڻ لڳندو.
شرجيل کي ڏسي سڀني ٻارن ۾ به شعور جاڳيو. هاڻي شھر
۾ ڪيترائي وڻ لڳي ويا ۽ ماحول کي بھتر توڙي صاف
رکڻ جي لاءِ هر ڪو اُپاءَ وٺڻ لڳو. جيڪڏهن اسان سڀ
پنھنجي شھر ۽ پاڙي ۾ صفائيءَ جو خيال رکڻ جي لاءِ
شرجيل وانگر ڪم ڪرڻ لڳنداسين ته اسان جو پاڙو ۽
شھر به خوبصورت، صحتمند ۽ رهڻ لائق ٿي سگھي ٿو! |