پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو هائو تارو شاهه عبدالڪريم
بلڙي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو تڙ
ڏاڏو سندس شمار سنڌي چار وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو.
جھڙوڪ شاھه ڀٽائيرح، شاهه عبدالڪريمرح
سچل سرمسترح ۽ سيد ثابت علي شاههرح.
شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو ارغونن ۽ ترخانن جي دور
جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. سندن ولادت باسعادت
20
شعبان
944
هجري بمطابق
30
جنوري
1538ع
تي مٽيارين، موجوده ضلعي مٽياريءَ ۾ سيد لعل محمد
شاهه جي گھر ۾ ٿي. سندس والد پنھنجي وقت جو مشھور
اھل الله بزرگ ٿي گذريو آهي. شاهه عبدالڪريمرح
بلڙيءَ واري جو تعلق متعلوي (مٽيارين) جي ساداتن
جي خاندانن مان هو، سندس وڏا اصل ۾ هرات جا ويٺل
هئا. سندن جو حسب نسب امام موسيٰ ڪاظمعه
سان وڃي ملي ٿو. ان ڪري ان نسب وارا ڪاظمي سيد
سڏجن ٿا.
شاهه عبدالڪريمرح اڃان ننڍو ئي هو ته
سندس والد وفات ڪري ويو. سندن تربيت سندس والده
ماجده ۽ سندن ڀاءُ جلال شاهه جي نظرداري هيٺ ٿي.
ڪتاب
”بيان
العارفين“
جي مؤلف ۽ مصنف محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽويءَ
شاهه ڪريمرح جي پنھنجي زباني ٻڌائيندي
لکيو آھي، ته
”ننڍپڻ
جي زماني ۾ آخوند ٻين کُٿابين سان گڏ ڪاٺين ڪرڻ
لاءِ موڪليندو هو، حرف ڏئي ڇڏيندو هو، ته واٽ تي
ياد ڪندا وڃو. جڏهن به جھنگ ۾ ويندا ھئاسين ته ٻيا
سڀئي ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا پر مان رڳو ربّ کي
ياد ڪندي الله جو نالو ويٺو اوريندو هوس. موٽڻ مھل
ٻيا کُٿابي پنھنجا
پنھنجا سبق سڻائي ھليا ويندا ھئا. پر مون کي اکر
به ياد ڪونه هوندو هو. مون کي آخوند پڙهائڻ لاءِ
گھڻو ئي مٿو ھنيو پر ڪجھه به نه وريو.“
هن بيان مان نه فقط شاهه ڪريمرح جي
تعليم تي روشني پوي ٿي پر ان وقت جي تعليم ڏيڻ جي
طريقي جي به خبر پوي ٿي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته
شاهه ڪريمرح کي پڙهڻ کان وڌيڪ ذڪر فڪر
سان شوق هو. ان سان گڏوگڏ کيس سماع سان به ننڍپڻ
کان وٺي دلي لڳاءُ هو ۽ پڙهڻ ڇڏي وڃي سماع جي
محفلن ۾ ويھندو ھو. ان سلسلي ۾ ڀاءُ جي ھٿان مار
به کاڌائين. ڪتاب
’بيان
العارفين‘
۾ شاهه ڪريم جي ڀاءُ سيد جلال جي زباني آيل آهي،
ته
”جڏهن
سيد عبدالڪريم کي ٿڦ هڻي سماع مان اُٿاري ماءُ وٽ
وٺي آيس. تڏهن والده مون کي ڇنڀيندي نصيحت ڪئي ته
متان هن کي ڪجھه چيو اٿئي. توکي هن جي مرتبي جي
خبر ڪانھي. ان کان پوءِ مون کيس ڪجھه به نه چيو.
جيئن چوندو هو تيئن ڪندو هوس. کيس عيال جي گذر
معاش جي ذري به تڪليف نه ڏنم.“
شاهه ڪريم جي مربي ڀاءُ سيد جلال جي وفات کان پوءِ
گھر جو سمورو بار شاھه ڪريمرح جي ڪلھن
تي پيو. انھيءَ جي ڪري گھر جي گذر سفر لاءِ محنت
مزدوري به ڪندو هو. گھرو ڪم ڪار به ڪندو هو. جھنگ
ڪپي زمين صاف ڪندو ھو ۽ ھارپو به ڪندو هو. هن ربّ
پاڪ جي ٻانھي جا ڪيترائي صبر جا مثال موجود آھن.
ڪيترا لکي ڪيترا لکجن. ھي نه صرف هڪ صوفي طريقي
وارو بزرگ ۽ خدا رسيدو
’ولي
الله‘
هو پر اعليٰ پيماني جو شاعر پڻ هو. پاڻ هميشه
فقيرن جي صحبت جو طالب و سماح ۽ راڳ جو شائق هو.
خود سندس آواز تمام مٺو ۽ بُلند هو. شاهه ڪريم
انھن الھامي شاعرن مان آھي جن کي ننڍپڻ کان الاھي
عشق اندر ۾ سمايل ھوندو آھي. جيتوڻيڪ پاڻ ظاھري
ڪنھن اُستاد وٽ تعليم حاصل نه ڪئي هئائين ته به
عربي، فارسي، سنڌي ۽ هندي ٻولين جو ماهر هو. اُن
کان علاوه قرآن پاڪ، حديث، تفسير، فقه ۽ تصوف جي
تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو، ان ڪري سندس ڪلام ۾ اهي
مڙئي وصفون ۽ خوبيون عيان آهن، جيڪي هڪ اعليٰ
پيماني جي شاعر ۾ هئڻ گھرجن.
الله جو هي نيڪ ٻانھو ۽ شاعر ستين ذوالقعد
1032ھجري
بمطابق
1622ع
آچر جي ڏينھن
88
ورھين جي ڄمار ۾ بلڙيءَ ۾ وفات ڪري ويو ۽ اتي ئي
مدفون آھي. سندس مقبرو سندس تڙپوٽي شاھه
عبداللطيف ڀٽائيرح ٺھرايو، جيڪو سندس
وفات کان
67
ورهيه پوءِ ڄائو هو. جتي هر سال انھيءَ تاريخ تي
وڏو ميلو لڳندو آهي. جتي هند ۽ سنڌ جا هزارين
معتقد اچي حاضري ڀريندا آهن.
***
شاڪر حسين دستي (ڪلاس اٺون)
ٺري ميرواهه/خيرپور
اسان جو اسڪول
اسان جي اسڪول جو نالو گورنمينٽ هاءِ اسڪول
مولابخش شر آهي. اسان روزانو سوير تيار ٿي اسڪول
پھچندا آهيون. اسيمبليءَ جو گھنڊ ٻُڌي سڀئي شاگرد
قطارون ٺاھي بيھندا آھيون. ھر ڪلاس جي قطار الڳ
هوندي آهي. اسيمبليءَ ۾ تلاوت قرآن پاڪ، نعت، دعا،
قومي ترانو ۽ سلامي پيش ڪندا آهيون. اسان جي اسڪول
۾ پنج ڪلاس روم ڇھين ڪلاس کان وٺي ڏھين تائين آهن.
اسڪول ۾ هڪ هيڊ ماستر جي آفيس، ايف. اي. آفيس،
اسٽاف هال ۽ هڪ سائنس ليب پڻ موجود آهي. اسڪول جي
ٻاهران هڪ وڏو بورڊ لڳل آهي ان تي اسڪول جو نالو
لکيل آهي. اسڪول ۾ گُلن ۽ ٻُوٽن جو باغيچو به
موجود آهي. اسڪول جي گرائونڊ ۾ رسيس ملڻ وقت شاگرد
رانديون پڻ کيڏندا آهن. اسان جو هيڊ ماستر ۽
اُستاد محنتي ۽ وڏا مھربان آھن. جيڪي اسان کي دل
لڳائي پڙھائيندا آھن.جڏھن ته ٻيو اسٽاف پڻ اسڪول
جي ڀلائيءَ لاءِ ساڻن گڏ هوندو آهي. اسان سڀئي
شاگرد پنھنجي اسڪول سان تمام گھڻو پيار ڪندا
آھيون.
***
پيارا والدين! توهان جي زبان مان نڪتل هڪ جملو
اوهان جي ٻار جي زندگي بدلي سگھي ٿو. ٻار تمام
گھڻا نازڪ ۽ حساس ٿيندا آھن. والدين جي ڳالھين کي
تمام جلد پنھنجي دل تي کڻي وٺندا آھن. اڪثر والدين
نه چاهيندي به اهڙا لفظ ڳالھائي ويندا آھن، جيڪي
ٻار جي خوداعتمادي، ذھني سڪون ۽ شخصيت تي اثر
انداز ٿيندا آھن.
اھي پنج زھريلا جملا ھي آهن.
1.
توکان ته ڪجھه به نٿو ٿئي.....!
نتيجو:
ٻار ڪوشش ڪرڻ کان پھرئين پنھنجي ھار مڃيو ويھو رھي
ته مون کان ڪونه ٿيندو.
*
بھتر جملو: تون ڪوشش ڪر آءٌ توسان گڏ
آهيان.!
2.
ٻين جا ٻار ته ڏس ڪيڏا نه هوشيار آهن..!
نتيجو:
ٻار ۾ احساس ڪمتري ۽ پنھنجي والدين جي لاءِ بد
گماني پئدا ٿيندي.
* بھتر جملو:
مون ڏٺو آهي تو ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي تون بس
محنت ڪر.
3.
پنھنجي بڪواس بند ڪر!
نتيجو:
ٻار پنھنجي پاڻ کي غير اھم تصور ڪندو آهي ۽ خاموش
ئي رهندو آهي.
* بھتر جملو:
ٻار کي چئجي ته آءٌ اوهان کي ٻڌي رهيو آهيان تون
ٻڌاءِ مون کي.!
4.
تون هميشه غلطي ڪندو آهين!
نتيجو:
ٻار مان پنھنجي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿيندي ۽
پنھنجي پاڻ تي ڀروسو ختم ٿيندس.
* بھتر جملو:
ٻار کي چئجي ته غلطيءَ مان سکيا ورتي ويندي آهي
تون ٻي ڀيري ان شاءَ الله صحيح ڪري ويندين.
5.
تون اسان جي لاءِ بوجھه آهين!
نتيجو: ٻار پنھنجي پاڻ کي غير ضروري سمجھندو. ڪڏھن
ڪڏھن ته اهي لفظ ٻار کي ذهني بيمارين ۾ مبتلا به
ڪري ڇڏيندا آهن.
*
بھتر جملو: ٻار کي چئجي ته اسان تو سان
محبت ڪريون ٿا ۽ تون اسان جي لاءِ تمام گھڻو قيمتي
آھين.
اسلامي نقطه نظر کان:
حضرت محمدﷺ ٻارن سان هميشه نرمي، محبت ۽ رحمت وارو
معاملو فرمائيندا هئا. حديث ۾ آهي ته
”جيڪو
ٻارن تي رحم نٿو ڪري اهو اسان مان ناهي.“
(مسلم)
هاڻي ٿورو غور ڪريون ته ڇا اسان به ڪڏهن جذبات ۾
اچي پنھنجي گُلن جھڙن ٻارڙن کي اھڙا جملا چيا آھن؟
ته اچو ته اڄ ئي پنھنجي گفتگوءَ جو جائزو وٺون ته
متان اسان جا ٻار سڀاڻي اسان (والدين) کي پنھنجي
تڪليفن جو ذميوار نه سمجھن. پنھنجي ٻارن کي لفظن
جي زخمن کان بچايو. نرمي، محبت ۽ حوصله افزائي سان
انھن جو مستقبل روشن بڻايو.



 |