فاطمه
راڻي
ڪنڌڪوٽ
لطيفا
·سپاهي
ڊرائيور کان پڇيو: مون جڏهن توکي بيھڻ جو اشارو
ڪيو ته تون ڇو نه بيٺين؟
ڊرائيور: سائين معاف ڪجو مون سمجھيو ته اوهان مون
کي سلام ڪيو آهي.
·ڊاڪٽر
مريض کي: اڄ ڇا کاڌو اٿئي؟
مريض: گھر ۾ بيضا ۽ اسڪول ۾ ڏنڊا.
·مالڪ
نوڪر کي: مڇي رڌڻ کان پھرين پاڻيءَ سان ڌوئي ڇو نه
آئين؟
سائين مڇي کي ڌوئڻ جي ڪھڙي ضرورت ھيءَ ته سدائين
پاڻيءَ ۾ ئي رهي ٿي
·هڪ
همراهه وار ڪٽرائڻ ويو، حجام پڇيس اوهان وار ڪيئن
ڪٽرائيندؤ؟
همراهه بلڪل خاموشيءَ سان.
·مسافر
ڪنڊيڪٽر کي: اوهان تجربيڪار ماڻھو آھيو اهو ٻڌايو
هلندڙ بس تان ڪيئن لھڻ گھرجي؟
·جڏھن
اسپتال ويجھو ھجي.
·استاد:
اسلم تو دير ڇو ڪئي؟
·اسلم:
سر خواب ۾ لنڊن ويو ھوس.
·استاد:
افضل تو ڇو دير ڪئي؟
·افضل:
سائين آئون ھن کي ايئرپورٽ وٺڻ ويو ھوس.
***

ڀيڻ محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم: اُميد ته
اوهان خيريت سان هونديون ڌڻيءَ در دعا آهي، ته شل
ربّ ڪريم توهان ۽ توهان جي پوري ٽيم کي صحت
سلامتيءَ ۽ پنھنجي حفظ امان ۾ رکڻ فرمائي (آمين.)
ڪافي ڏينھن کان سوچي رھيو هئس، ته پنھنجي پياري
دلچسپ رسالي گُل ڦُل جي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه لکان.
پر هاڻي جيئن ئي ٽائيم مليو، فوراً لکڻ شروع ڪيم.
محترمه پھريان به مان ڪافي مواد لکي، اوهان ڏي
موڪليندو رهيو آهيان. انھن مان ڪافي مواد وقتاً
بوقتاً گُل ڦُل رسالي ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. سُٺي
موٽ ملي. مان اوهان جو نھايت ئي شُڪر گذار آهيان.
پر اڃان ڪجھه مواد آهي، اهو شايع نه ٿيو آهي
اُميد ته شايع ڪري لکڻ پڙهڻ جو حوصلو بخشيندا. عين
نوازش ٿيندي. هاڻي به مواد موڪلي رهيو آهيان.
”انسان
ذات کان نفرت نه ڪجي“.
اُميد ته پنھنجي هن قيمتي رسالي ۾ جڳھه ڏيندا. مون
سان گڏ منھنجو پيارو ڀاءُ عبدالسميع (ثمير) ملاح
به مواد موڪلي رهيو آهي. اُميد ته ان جو اهم مواد
به شايع ڪري شڪر گذاريءَ جو موقعو ڏيندا.
مقبول احمد بن منظور علي
عباسي معرفت عثمانيه لائبريري چنيهاڻي ڪنڊيارو
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم:
عرض ته جنوري
2025
جي گُل ڦُل ۾ اوهان منھنجي ڪھاڻي شامل ڪئي آهي، ان
لاءِ اوهان جا وڏا وڙ. پر گُل ڦُل مليو ناهي.
نويد ناز ڀٽي
سومرا محلا نزد خيراتي اسپتال نيو مراد واهڻ
لاڙڪاڻو
جواب:
ادا نويد ناز صاحب:
اسان وٽ توهان جي پوسٽل ائڊريس
نه
هئي.
توهان پنهنجي
مڪمل ائڊريس گُل ڦُل جي اي ميل (gulphul1959@gmail.com)
تي موڪليو. آئنده توهان جو مواد ڇپجندو، ته اوهان
کي باءِ پوسٽ رسالو اُماڻيو ويندو.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گُل ڦُل رسالو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا
ڪتاب بُڪ سيلرن وٽ موجود آهن. اوهان انھن کان به
ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪري سگھو ٿا. مھرباني.
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم:
اُميد ته خيرو عافيت سان هونديون. گُل ڦُل جو
ايڊيشن تمام پيارو ۽ دلڪش لڳو. ادي ڪجھه عرصو
پھريان هڪ ڪھاڻي باءِ پوسٽ موڪليل آهي، جيڪا ڇپجي
ڪا نه سگھي آهي. اُميد ته ان کي ايندڙ ڇاپي ۾ شايع
ڪري مانُ مٿانھون ڪندا. مھرباني
عزير احمد
’عزير‘
علوي
الفقير اڪيڊمي
شڪارپور سنڌ
جواب:
ادا عزير احمد صاحب: اسان کي توهان جي ڪھاڻي باءِ
پوسٽ نه ملي آهي. اوهان اها ساڳي ڪھاڻي ٻيھر گُل
ڦُل جي اي ميل
(gulphul1959@gmail.com)
ائڊريس تي ڏياري موڪليو. مھرباني
***
لطيفي
لات جو نتيجو
مارچ
2025ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڪلياڻ“
جي داستان پھرئين جو ڏهون نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
جيڪي
’هڪ
الله‘
(لاالھ: هن کان سواءِ ڪو معبود ناهي) ۾ پنهنجي
وجود کي گم ڪن ٿا ۽
’فقط
هڪ الله‘
(وحدت) ۾ پاڻ کي فنا ڪن ٿا ۽ جيڪي
’محمد
رسول الله‘
(صلي الله عليھ وسلم، الله جو موڪليل پيغمبر آهي)
چئي ايمان آڻن ٿا. عبداللطيف چوي ٿو پوءِ اُهي ئي
عاشق ٻانها اُن راهه تي پڪا پختا ٿي هلڻ وارا آهن.
بيشڪ جڏهن الله تعاليٰ انهن کي پاڻ گهري ٿو (هنن
کان راضي ٿئي ٿو) تڏهن کين وحدت واري واٽ نصيب ٿئي
ٿي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*نورالعين
سومرو: ڪلاس پنجون، پروفيسر محمد
هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه.
*ميرب
زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ
*ڪونين
زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول
آراضي سيوهڻ
*عمار
علي: ڪلاس پنجون، ھادي بخش ڇٽو اسڪول آراضي سيوھڻ
*آذان
علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي
سيوھڻ
*محمد
يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ بوائز پرائمري
اسڪول بکر جمالي
*عبدالسميع
جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول
بکر جمالي
*مهراڻ
ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن
دادو
*محمد
ياسين (دوسو) سوڍڙو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ اسڪول
ھالا نوان
*فيروز
علي: ڪلاس نائون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ
اسڪول هالا نوان
*حسنين
علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا
نوان
*انيبا
فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي
حيدرآباد
*ام
حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد
*حيدر
علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
حسنين علي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران
’گُل
ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

 |