ڳالهه ٻولهه: ڊاڪٽڙ پروين موسيٰ ميمڻ
حيدرآباد

ٻالڪ ادب جي ليکڪ ۽ نامور سفر نامانگار
الطاف شيخ سان ڳالهه ٻولهه
الطاف احمد شيخ
14
نومبر
1944ع
تي سنڌ جي تاريخي شھر ھالا ۾ گل محمد شيخ جي گھر ۾
جنم ورتو، ھن نيول انجنيئر کي تعليم ۽ ادب سان
تمام گھڻي دلچسپي رھي، سڄي زندگي قلم ۽ ڪاغذ سان
ناتو نڀايائين،
’پاڪستان
نيول اڪيڊمي‘
جو ھيءُ جھازران، تعليمدان ۽ پروفيسر جي عھدي تي
رٽائر ٿيل ليکڪ، سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ پنھنجي
تحرير نويسيءَ سببان يڪسان مقبول آھي. سنڌي سفر
نامي جي صنف کي الطاف شيخ اوج تي پھچايو، پر شايد
ڪجھه پڙهندڙن کي ڄاڻ نه هجي، ته الطاف شيخ وڏن
لاءِ لکندي به سنڌ جي ٻالڪن کي نه وساريو ۽ سندن
لاءِ ڪھاڻيون ۽ مضمون لکيائين. ٻالڪ ادب ۾ سندن
ڪتاب ڇپيل آھن. اچو ته کانئن هِن ڏس ۾ ڪي سوال
پڇون.
سوال
1:
پنھنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ڏي رغبت بابت ٻڌايو؟
جواب:
منھنجو سڄو ڪٽنب پڙھيل ڳڙھيل ۽ ادب طرف لاڙو رکندڙ
ھو. منھنجو بابا اعليٰ تعليم يافته هو. پاڻ پي سي
ايس جو امتحان ڏئي، مختيار ڪار ٿيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر
جي عھدي تي رٽائر ٿيو. پاڻ ھر وقت اسان جي تعليم ۽
ادب جي ھمٿ افزائي ڪندو ھو. منھنجو نانو حسن سومرو
بزنس ڪندو ھو، پر وٽن وڏي لائبريري ھئي، جنھن مان
ڪتاب ڪڍي اسان ٻارن (ڏوھٽن ۽ پوٽن) کي پڙھڻ لاءِ
ڏيندو ھو. آئون سڀني ٻارن ۾ وڏو هجڻ ڪري نانو مون
تي ڪتاب پڙھڻ لاءِ گھڻو زور ڀريندو ھو. مون
پرائمري تعليم جا چار درجا ھالا جي پرائمري اسڪول
مان پڙھيا، اسان جي دور جا اُستاد نه فقط محنتي ۽
ايماندار هئا، پر شاگردن جي اخلاق ۽ تربيت تي گھڻو
ڌيان ڏيندا ھئا. انھن اُستادن ۾ منھنجي والد جو
مامو ماستر ڄام محمد وريل ھو ۽ ٻيا پڻ تمام گھڻو
ڀائيندڙ ۽ سِکيا ڏيندڙ ھئا. وڌيڪ تعليم ڪئڊٽ ڪاليج
پيٽارو مان حاصل ڪئي. ان ڪاليج جي عمارت شروع ۾
ميرپورخاص ۾ ھئي، پوءِ موجوده پيٽارو (ڄام شورو) ۾
شفٽ ٿي. مئٽرڪ کان ئي ٻارن لاءِ يا وڏن لاءِ ھلڪا
ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيم. پاڪستان نيول اڪيڊميءَ ۾
داخلا وٺڻ کان پوءِ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾
داخلا ٿي. جنھن ڪري چٽگانگ (بنگال جو صوبو)
بنگلاديش ۾ رھڻ ٿيو. جتي جون دلچسپ ڳالھيون ماھوار
ھلال پاڪستان ۾ موڪليندو ھئس. بنگالي زبان پڻ
سکيم
”انا
ميڪا“
بنگالي ڪھاڻين جو ترجمو آھي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾
ڪاليج مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ھئس. انھيءَ
مئگزين ۾ پڻ لکندو ھئس.
سوال
2:
توھان جي پھرين تحرير ڪھڙي ڇپي ۽ ان وقت جا تاثرات
ڄاڻايو.؟
جواب:
پھرين تحرير مئٽرڪ جي دور ۾ مضمون ھو ۽ پوءِ ڪاليج
جي مئگزين سميت گلستان، ڳوٺ سڌار ۽ ھلال پاڪستان ۾
مضمون لکندو رھيس، ۽ پوءِ اھو سلسلو قائم رھيو. پر
وڌيڪ لکڻ جو شوق پھرين ڪتاب جي ڇپجڻ ۽ مشھور ٿيڻ
سان وڌيو.
سوال
3:
ٻارن جي لاءِ لکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ ٻالڪ ادب ۾
پنھنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد بابت ٻڌايو.؟
جواب:
مون چوٿين درجي ۾ پنھنجي والد جي لائبريريءَ مان
پھريون پھاڪن جو ڪتاب
”گل
شڪر“
پڙھيو. ڪي ٻيا به پڙهيا، پر انھيءَ وقت ۾ ٻارن جي
رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ٻارن جي ادبي صفحن کي غور
سان پڙھڻ سبب لکڻ جو به شوق ٿئم. اهي تحريرون ٻارن
جي رسالن ۾ موڪليندو رهيس، ٻارن لاءِ لکيل مواد جا
ڪتاب، ٻارن جون آکاڻيون، ڏاھي جھرڪي ۽ ٻيون
آکاڻيون، جل پريءَ جي اڳڪٿي آھن. جل پريءَ جي
اڳڪٿي ۾ جپاني ڏند ڪٿائون آھن، جو ٻارن ۽ وڏن ٻنھي
لاءِ پڙھڻ ۾ لطف ڏيندڙ آھن، نئون نياپو اڪيڊمي
ڪراچيءَ شايع ڪيو ۽ ھاڻي سنڌ سلامت تي ڊجيٽل
ايڊيشن طور رکيل ھن ڪتاب ۾
129
صفحن تي
35
ڏند ڪٿائون آھن.
”ڏاھي
جھرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“
به موجوده وقت نئين اضافي ڇاپي طور آن لائين موجود
آهي، جنھن ۾
46
آکاڻيون
161
صفحن تي آھن. جن ۾ پکين جو بادشاھه، کيکڙو ۽ ڍڳي،
شينھن ۽ ٻڪري، ھيرن جو صوف، مغرور بادشاھه، جادوءَ
جي ديڳڙي ۽ ٻيون دلچسپ ۽ سبق آموز آکاڻيون آهن.
جنھن وقت ۾ ٻالڪ ادب پڙھڻ شروع ڪيم، انھيءَ دور ۾
لاھور جي ڪن ڪتاب گھرن تان ٻارڻي ادب جا ڪتاب
گھرائي خود پڙھيا ۽ ڪلاس جي دوستن کي به پڙهايم.
جڏهن اُستاد محمد خان کي خبر پئي، تڏهن هن گھڻي
ھمٿ افزائي ڪئي ۽ خاص چيائين، ته
”بابا
اسڪول جا ڪتاب ته پڙهڻ ئي کپن، پر انھن کان علاوه
آکاڻيون ۽ معلومات جا ڪتاب ۽ اخبارون به پڙهو.“
پوءِ اهو شوق وڌندو ويو، پنھنجي انھيءَ محسن
اُستاد کي اھو ڪتاب ارپيو اٿم. باقي ٻارن لاءِ
لکيل منھنجو اڻ ڇپيل مواد ڪو خاص ڪونھي.
ٻارن کانسواءِ منھنجا وڏن لاءِ لکيل ڪتاب سنڌي ۽
اردوءَ ۾ گھڻا آھن، جن ۾ پھريون ڪتاب
”انا
ميڪا“
بنگالي ڪھاڻين جو ترجمو آھي، پھريون سفر نامو
”منھنجو
ساگر منھنجو ساحل“
آھي، جنھن کي انھيءَ وقت پاڪستان رائيٽرز گلڊ
طرفان لاھور مان ايوارڊ مليو. جو ان دور ۾ مون کي
لکڻ لاءِ اُتساھڻ ۾ پيڙھه جو پٿر ثابت ٿيو. پوءِ
ته ڄڻ حياتيءَ جو هڪ ئي ڪم رهجي ويو، ته لکڻو آهي
۽ پنھنجي پڙھندڙن تائين پھچائڻو آھي. سنڌيءَ ۾ سفر
ناما تقريباً ھڪ سؤ تائين ٿي چڪا آھن، جڏهن ته
اردو ڪتاب پڻ تيرهن کن آهن. اردو نصابي طور شروع ۾
ڪونه پڙهي هئي، پر پوءِ اڳيان هلي سکيس ۽ خاص طور
ڪنھن منھنجي تحرير کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري
”اُمت“
اخبار ۾ ڇپايو، جنھن جي زبردست موٽ مون ۾ اردو
ٻوليءَ ۾ لکڻ جو شوق پيدا ڪيو. اُمت جي ايڊيٽر
رفيق افغان جي ھمٿ افزائيءَ سان آئون انھيءَ وقت
جي اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ سفر جا احوال لکندو
رھيس. جن جا ڪتاب،
”میں
چلا ممباسا“،
”چلو
چلیں
ہندستان“،
”ملائیشیا
کے
دن“
۽ ٻيا آھن ته سنڌيءَ ۾ وايون وڻجارن جون، سمونڊ جن
ساڻيھه، سينگاپور ويندي ويندي، ڳالھيون آھن ڳچ،
لنڊن تائين لفٽ، آمريڪا ڙي آمريڪا ۽ ٻيا ڪافي
ڪتاب آھن.
سوال:
4
الطاف صاحب توھان جي خيال ۾ اڄ جو ٻار به مطالعي
جو ايترو شوقين آهي، جيترو اڳ هو؟ اڄ جي ٻارن جي
ادبي لاڙي تي پنھنجا ويچار ڄاڻايو.؟
جواب:
ادي ٻار کي مطالعي ڏي موڙڻ ۾ وڏو ھٿ اسڪول جي
اُستادن، والدين ھڪ جيڏن مطالعي وارن دوستن جي
سنگت ۽ ماحول آھن، اڄ جي ماحول ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل
ميڊيا سبب ٻارن ۾ مطالعي جي لاڙي ۾ ڪمي آئي آھي.
پر ھر جڳھه ساڳي ڳالھه ناهي. اڄ به آئون سمجھان
ٿو، جن ٻارن کي اھڙو ماحول ملي پيو اھي مطالعي کي
اھميت ڏين پيا.
سوال:
5
ڇا سنڌي ٻارن جي لاءِ ٻالڪ ادب جي ڇپيل مواد کي
اطمينان جوڳو چئي سگھون ٿا؟
جواب:
نه اهو ته بلڪل نه ٿا چئي سگھون، انھيءَ تي توجھه
ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سوال:
6
ٻارن جي لاءِ ادب ۾ نظم يا نثر مان ڪھڙو ذريعو
موثر آھي.؟
جواب:
منھنجي خيال ۾ ٻئي ذريعا موثر آھن، ليکڪ کي ٻنھي ۾
لکڻ گھرجي، پر ھر اديب شاعر نه ٿو هجي. ان ڪري
ليکڪ کي پنھنجي لکڻ لاءِ ۽ پنھنجي موقف کي
اثرائتو پيش ڪرڻ لاءِ اظھار جو فارم خود چونڊڻو
پوندو آھي. جيتري ٻالڪ شاعريءَ جي اھميت آھي، آئون
سمجھان ٿو ايتري ئي نثر ۾ لکيل ڪھاڻين، ناولن،
مضمونن، حڪايتن ۽ معلوماتي احوالن جي اھميت آھي.
ٻار پنھنجي عمر ۽ سمجھه مطابق انھيءَ مان مطلب جا
موتي حاصل ڪري ٿو.
سوال:
7
سنڌ جي ٻالڪن لاءِ پنھنجو پيغام ڏيو.
جواب:
ٻار نه فقط قوم جو پر انفرادي طور ھر گھر جو وڏو
سرمايو ۽ مستقبل آھن. منھنجو سندن لاءِ اھو پيغام
آھي، ته
”پنھنجي
تعليم سان گڏ ادب ڏي به توجھه ڏين ۽ پڙهي پاڻ لکڻ
جي به شروعات ڪن. جنھن سان منجھن خود اعتمادي
وڌندي“
ادي پروين، توھان جي وڏي مھرباني جو ھن انٽرويو
سلسلي ذريعي مون کي سنڌ جي ٻارن سان مخاطب ٿيڻ جو
موقعو ڏنو.
ڊاڪٽر رشيده ڀٽي (ڄام شورو)
عالمي ڏهاڙا
جنوري:
·01
جنوري گلوبل ڊي آف فيملي.
·24
جنوري انٽرنيشنل ڊي آف ايجوڪيشن.
فيبروري:
·02
فيبروري ورلڊ ويٽ ارٿ ڊي. عالمي آلِي ڌرتيءَ جو
ڏينھن.
·04
فيبروري ڪينسر ڊي.
·05
فيبروري ڪشمير نيشنل ڊي.
·21
فيبروري مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن.
مارچ:
·03
مارچ ورلڊ وائيلڊ لائيف (جنگلي جيوت) ڊي
·08
مارچ انٽرنيشنل وومينس ڊي
·22
مارچ ورلڊ واٽر (پاڻي) ڊي
·24
مارچ ورلڊ ٽيوبرڪلوسس (ٽِي.بِي) ڊي
اپريل:
·02
اپريل ورلڊ آٽزم اويئرنيس ڊي
·07
اپريل ورلڊ ھيلٿ (صحت) ڊي
·12
اپريل انٽرنيشنل ڊي آف ھيومن اسپيس فلائٽ
·22
اپريل ارٿ (زمين جو عالمي ڏينھن)
مئي:
·01
مئي انٽرنيشنل ليبر (مزدورن) ڊي.
·02
مئي ورلڊ لافٽر ڊي (کل ڀوڳ) ۽ ورلڊ اسٿما (دم جي
بيماري) ڊي
·04
مئي ڪول مائينرس (ڪوئلي جي کاڻ وارا) ڊي
جون:
·01
جون ملڪ (کير) ڊي.
·03
جون ورلڊ بائيسڪل (سائيڪل) ڊي.
·05
جون ورلڊ اينوائرمينٽ (ماحوليات) ڊي.
·07
جون ورلڊ فوڊ (کاڌو) سيفٽي ڊي.
جولاءِ:
·07
جولاءِ آباديءَ جو عالمي ڏينھن.
·07
جولاءِ سچ جو عالمي ڏينھن.
·28
جولاءِ ھيپاٽائيٽس (سائِي) جو عالمي ڏينھن.
آگسٽ:
·14
آگسٽ پاڪستان جي آزادي جو ڏينھن
سيپٽمبر:
·01
سيپٽمبر
1939ع
تي ٻي عالمي جنگ لڳي.
·06
سيپٽمبر
1965ع
پاڪ ۽ ھند جي جنگ لڳي.
·08
سيپٽمبر تعليم خواندگي (مرد، عورت) سڀني جي لاءِ
تعليم جو عالمي ڏينھن.
·26
سيپٽمبر بزرگ ماڻھن جو عالمي ڏينھن.
·27
سيپٽمبر سياحت جو عالمي ڏينھن.
آڪٽوبر:
·01
آڪٽوبر يعني ته پيرسن ماڻھن جو عالمي ڏينھن.
·10
آڪٽوبر مينٽل ھيلٿ ڊي
·16
آڪٽوبر خواندگيءَ جو عالمي ڏھاڙو
·29
آڪٽوبر ورلڊ اسٽروڪ ڊي.
·آڪٽوبر
سڄو مھينو عالمي ليول تي بريسٽ ڪينسر بيماريءَ جي
ڄاڻ ڏيڻ جو مھينو آھي.
نومبر:
·14
نومبر بلڊ شگر (رت ۾ مِٺاڻ) جو عالمي ڏينھن.
·19
نومبر ورلڊ ٽوائليٽ ڊي.
·21
نومبر ورلڊ فشريز ڊي.
ڊسمبر:
·05
ڊسمبر رضاڪارن جو عالمي ڏينھن.
·16
ڊسمبر لوڪ ادب جو عاملي ڏينھن.
·16
ڊسمبر، مشرقي پاڪستان (بنگلاديش) جي ٺھڻ جو ڏينھن.
·22
ڊسمبرورڪنگ وومين ڊي.

پرمانند
راءِ کيماڻي
اسلام ڪوٽ
پنهنجو ارادو مضبوط رکو
زندگي هڪڙي چانھه جي ڪپ وانگر آهي. جنھن مان
گذرندي
Disturb
ڪندڙ ملائِي کي ڪڍي، پي وٺڻ کپي. اگر انھيءَ
ملائِي جي خوف کان چانھه ئي ڇڏي ڏني، ته اها چانھه
بس چانھه ئي رهجي ويندي.
زندگيءَ کي چانھه سان انھيءَ ڪري ڀيٽ ڪيو، ته
ماڻھو انھيءَ شيءِ کي پسند ڪندا آهن. ته اهڙا
ماڻھو آهن، جيڪي
A
آپشن سان گڏ آپشن
B
به رکندا آهن. پوءِ ٿيندو ائين آهي، جو نه اي جا
رهندا آهن نه بي جا رهندا آهن.
مطلب ته يا چانھه ڇڏڻي پوندي يا، ته انھيءَ
ملائيءَ کي پاسي ڪري پيئڻي پوندي. ائين ايندڙ هر
رڪاوٽ کي هڪ پاسي ڪري، پنھنجي سفر کي جاري رکڻ
کپي. سفر کي جاري رکڻ لاءِ ۽ ڊوڙڻ لاءِ خواب ڏسڻ
ضروري ھوندو آھي. ڇو جو جيڪڏھن ڪا شيءِ نظر ئي نه
ايندي، ته ڳولا ڪنھن جي ڪبي؟ تنھنڪري خواب ڏسڻ
ضروري آهي. وقت لڳندو، ماڻھو ايندا ۽ چوندا، ته
منھنجو ڪم ٿي ويو. تنھنجو ڇا ٿيو، ائين ماڻھو
Regrate
ڪندا، پر اوهان کي
B
آپشن ڏانھن جمپ ناهي ڏيڻو. اگر اهو خيال ٿو اچي،
ته اهو ڪم منھنجي لاءِ آسان ناهي، ٻيو ڪو ٿو شروع
ڪريان. ته، پھرئين شروعات ڇو ڪيو، ۽ پنھنجي فيلڊ ۾
گھڙي وڃڻ وارا ڪڏهن ان کان محروم رهجي وڃن، ائين
ٿي ئي نٿو سگھي، ٿورو وقت لڳندو، پر اوهان جي ڏٺل
خواب کي زنگ نه لڳندو. اهو پوري يقين سان ٿو لکان
۽ انھن بار بار پڇڻ وارن کي چئو، ته وڃو اسان ۾
ٿوري دير لڳندي پر جيڪو به ڪجھه ٿيندو، اهو اوهان
کان بھتر ٿيندو.
ائين هڪڙي
’ڪھاڻي‘
آهي، ته
”هڪ
هاٿڻ ۽ ڪُتِي پاڻ ۾ دوست هيون. دوستيءَ کان پوءِ
ٻارهن مھينن اندر ڪُتِي
6
گُلرن کي جنم ڏئي ورتو ته ائين ٻيو سال ختم ٿيو،
ته
12
کي جنم ڏنو. ته هڪڙي دفعي ڪُتِيءَ هاٿڻ کان پڇيو،
ته آئون ٻارهن گُلر پيدا ڪري چڪي آهيان، پر تو
اڃان پيٽ ۾ ئي سانڍي رکيو آهي. انھيءَ کي به پيدا
ٿيڻ ۾ وقت لڳندو؟ تڏهن خبر آهي، ته هاٿڻ ڪھڙو جواب
ڏنو؟ هاٿڻ چيو، ته تو ٻارهن گُلر پيدا ڪيا آهن. پر
آئون گُلر نه پر هڪڙي هاٿيءَ کي جنم ڏينديس. جڏهن
ڌرتيءَ تي ڪِرندو، ته هي زمين ڪِرڻ جو آواز محسوس
ڪندي؟ جڏهن اهو ڪنھن روڊ تان لگھندو، ته ايندڙ
گاڏيون ۽ ماڻھو هن جي گذري وڃڻ جو انتظار ڪندا ۽
تصويرون وٺندا.“
پيارا ٻارؤ! هاڻي هڪ ننڍڙي ڪھاڻيءَ جو جيڪو مطلب
آهي، مفھوم آھي، اُھو اِھو آھي، ته
”وقت
ڪيترو به ڇو نه لڳي وڃي، پر جڏهن اُڀرو ته ڪامياب
ٿي اُڀرو، ڪنھن جھالت جي دنيا کي هڪ امن جي داستان
سان بدلائي ڇڏيو. حڪمراني ڪيو دنيا تي، نه دلين
تي. جنھن جي لاءِ پاڻ کي بدلائڻو پوندو. انھيءَ
کان پھرين ته ماڻھو ۽ وقت ئي توهان کي بدلائي ڇڏي
۽ ماڻھن ۽ وقت جو مٽايل ڪڏهن وري اُڀري نٿو سگھي.
چوڻ وارن کي چوڻ ڏيو، توهان جيڪو آهيو اهو ته
آهيو. مشڪل ٽارگيٽ کي ڏسي ارادو نه بدلايو. بس
انھي تائين پھچڻ جو طريقو بدلايو. هر ڪم شروع ڪرڻ
کان پھرين مشڪل ۽ ڪشادو هوندو آهي، پر ڪڏهن ناممڪن
هوندو ئي ناهي. جيتري قدر مون محسوس ڪيو آهي. پر
ممڪن نه بڻايان، ته اهو منھنجو پنھنجو فالٽ آهي.
توهان جي ناڪامي جي پويان ڪنھن جو به هٿ ناهي
هوندو. توهان کان سواءِ، ڇو جو توهان ته توهان ئي
آهيو نه.
پيارا ٻارؤ! اهڙي سوچ رکڻ وارن کي ڪير به ڪاميابي
کان نٿو روڪي سگھي. منھنجو مقصد بس پاڻ کي اڳتي
ڪرڻ ناهي. مون سان سوين ٻيا به اڳتي ٿين، اها ئي
منھنجي لاءِ هڪڙي خوشيءَ جي ڳالھه هوندي. ڪير ٿو
جيئي ٻين جي لاءِ؟ اڄلڪھه هر ماڻھوءَ کي پنھنجي
مفاد تائين گڏ ڏٺوسين ته انھن کي ڏسي ڪنھن تي به
ڀروسو ناهي رهيو. ڪنھن ۾ به اُميد ناهي رکڻي. بس
پنھنجو پاڻ کي پاڻ سان ساٿ نڀائڻو پوندو.
عائشه صديقه عباسي ڪلاس ڇھون
دي ناليج پبلڪ اسڪول چنيھاڻي/ڪمالديرو
پير ۽ فقير مان ڪهڙو سچو آهي؟
پير ۽ فقير اهو سچو آهي، جيڪو قرآن ۽ سنت جو
تابعدار هجي. ڪنھن به پير ۽ فقير کي دين جي معاملن
۾ ڪنھن به نئين ڳالھه کي ايجاد ڪرڻ جي ڪابه اجازت
ڪونھي. دين ۾ ڪابه نئين شيءِ ايجاد ڪرڻ کي ئي بدعت
چئبو آهي. حضور پاڪ حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم
جن فرمايو آهي، ته منھنجي دين ۾ هر نئين گھڙيل
شيءَ بدعت آهي ۽ هر بدعت گمراهي آهي ۽ هر گمراهي
جھنم وٺي ويندي.
(خطبات محمود)
پُٽن کي اهم نصيحت
حضرت حڪيم بن قيسرح فرمايو، ته
”ان
جي پيءُ مرڻ وقت پنھنجي پُٽن کي ھيءَ نصيحت ڪئي،
ته الله تعالى کان ڊڄو ۽ ۽ پنھنجي وڏن کي سردار
بڻائجو. جڏھن قوم پنھنجي وڏن کي سردار بڻائيندي
آھي، ته پنھنجي پيئرن ۽ ڏاڏن کان به اڳتي نڪري
ويندي آهي. (عزت، احترام ۽ نالي ۾) ۽ جيڪا قوم
پنھنجي ننڍن کي سردار بڻائيندي آھي، ته پوءِ اها
قوم پنھنجي برابر وارن ۾ به ذليل ۽ خوار ٿيندي
آهي.“
حوالو: (صحيح الادب المفرد)
اقرار جوڻيجو
مٺي/ٿرپارڪر
اولاد کي نصيحت
هراسان رهندڙ حياتي سڄي،
پيو جھور پوڙھو پُٽن کي چوي.
اسان زندگيءَ ۾ ڪمايو گھڻو،
ڪُلھي تي کڻي پئي سدا ڪوڏرون.
ايالن کي آھي نپايو گھڻو،
اڪيلو ھئس مان اوھين پنج ڄڻا.
اوھان کي به پالي پڙھائي ويس،
وڏن مرتبن تي رسائي ويس.
مگر پُٽ هڪڙي صديءَ ۾ اوهان،
ٿي، عمران جڏھن انٽر پڙھيو.
تڏھن منھنجو جوڀن لُڪن ۾ سڙيو،
وڏي رئيس ٻڪريون بُئي تي ڏنيون.
ڪئي خوب خدمت انھن جي پئي.
اڳي ليکو ٿيندو ھيو ڇھين مھيني،
وري رئيس مون کي گھرايو هيو،
ابا تون ڪانڊيرا هتان رهو ويھي.
توکي ليکو مُنڇي ٿو سڻائي سڄو،
ڪري منھن مون ڏي چيو مئنيجر،
توکي ڌڻ جيڪو اسان ھو ڏنو،
انھي جي چارائي چُڪايل اٿئي.
مھيني مھيني
’ورو‘
ٿي کنيئي،
ٿي ويو لال ليکو، ويو سارو لھي،
اڃان تو تي اٺ سئو اسي ٿا ٽٽن،
ڀري ڏي اسان کي جتان ڀي ڪرين!
ڪُڇڻ جي گھٽي ڪانه ماڳھين رهي،
حسيبن سان هونئن به حياتي اندر.
وڏا يار ويڌن ٿا ٿيندا رهن،
ڦاٽل ٽوال اوڍي مَلَي آڱريون.
اچي گھر کٽ تي جسم کي ڇڏيم،
مڙي ماءُ تنھنجي اچي ھت پُڳي،
چيائين خبر ڏي ڪو ليکو ٿيو،
چيم ھا اندر مان آھه ٿي نڪتي
مرين شال مُنڇي تون قھر پيو ڪرين،
وڏي رئيس کان به تون اُتر ٿو گھرين.
مٿان رڙ ڪري پئي پُڇي ماجرا،
لٿي ماٺ ڇالئه اندر ۾ اٿئي.
چيم ليکو ٿيو پيا نو سئو ٽٽي!
اڙي تون ٻُڌائي کنيو ڇا اسان،
وڏو رئيس هاڻي ظلم پيو ڪري!
الله آھي مالڪ ڏيون ٿا ڀري.
ٻئي ڏينھن پئسا اُڌارا کڻي،
وڃي رئيس جي مان حويلي پُڳس،
اچي آجيان مان مون سان مليو،
ڏيئي وياج سارو اُٿڻ جي ڪيم،
جھلي ٻانھن منھنجي وڏيري چيو،
ڪانڊيرا تون آھين اسان جو ٻچو،
وري ھاڻ ھڪڙي ڀلائي ڪجان،
مِلي ئي نٿو ڪو سُٺو ھت ڌراڙ.
چيم دل ۾ ڪنھن جي ڦِٽِي آ ڀلا!
وري ڏيئي ڳراٺي پيو مون کي چوي،
تنھنجا ڇوڪرا ڇڏ اسان کي ڏيئي،
چيم پُٽ منھنجا پڙهن پيا سڀئي.
کِلي پيو! چوي ٿو، چريائي ڪرين،
پَڙھڻ مان ڇا ملندو ٿو کاري ڇڏين.
چيم علم دولت آ توکان به گھڻي،
تو ماضي ۾ آهي اسان کي ڪُٺو،
مگر مستقبل ۾ جي رهياسين ٻئي،
پوءِ رنگ ڏسجان قدرت سندا.
علم آ خزانو کُٽي ئي نه ٿو،
ٻئي ڏينھن لڏي ڳوٺ آيس ڇڏي.
شھر منجھه پورهيو ڪري شام جو،
ڏھاڙي چڱي ٿي مِلي پَئي ھِتي.
اھو
”آڻيون
چاڙھيون“
ٿيو پئي سُٺو،
بيماريون سيماريون به ٿينديون هيون.
برادر ۽ سنگت ڏي به ويندو هئس،
ڪرم آ خدا جو وڏو مون مٿان.
نه ڪنھن جو به محتاج آئون ٿيس،
ڪفايت سان پنھنجو ڪڍيو وقت مون.
انھي وقت نه آبادي ايڏي ھئي،
چڱو خاصو والاري ڇڏيم پلاٽ.
مڙئي حال سارُو ڪَٽِي زندگي،
اوهان جي ھي محنت جڏھن ٿي سڦل.
تڏھن لُڙھه سارا ويا هن لھي،
خدا جو شُڪر مان ادا ٿو ڪريان.
نمازون پڙھي پيو دُعائون گھران،
خدا پاڪ توھان کي سلامت رکي.
خدا پاڪ توھان کي سلامت رکي.
فقير شان سيوھاڻي(سيوھڻ)
سچ ۽ ڪوڙ

چوڻي
آھي، ته
”سچ
ته بيٺو نچ، ڪُوڙ جي مُنھن ۾ ڌوڙ.“
پيارا ٻارؤ! ڪُوڙ ڳالھائڻ يعني، حقيقت کي لڪائڻ!
ڪوڙ ڳالھائڻ وارو شخص پنھنجين غلطين کي لڪائڻ جي
لاءِ ڪُوڙ هڻي ٿو، ته مون ته اها غلطي يا نقصان
ڪيو ئي نه آهي. ڪُوڙ ڳالھائڻ وارو انسان ڪمزور به
هوندو آهي. اُن ۾ اهو ڊپ ويٺل هوندو آهي، ته
منھنجو ڪوڙ ظاهر نه ٿي پئي ۽ اهو ڊپُ يا خوف اُن
کي اندر ۾ کوکلو ڪندو رهندو آهي. ان مان اهو ثابت
ٿيو، ته ڪُوڙ انسان کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ ڪُوڙو ماڻھو
منافق هوندو آهي. ڪُوڙ هڻڻ سان فساد ٿين ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي، ته سچي ڳالھه ڪرڻ
سان يعني غلطيءَ جي اعتراف ڪرڻ سان هن جي اندر مان
خوف نڪري ويندو آهي ۽ ان جو
’تحت
شعور‘
ان خيال يا ڊپ کي خارج ڪري ڇڏيندو آهي. ڪُوڙ انا
پرستي آهي. يعني ڪا ڳالھه ڪُوڙ هڻي يا ٻٽاڪ هڻي
پاڻ کي سرخرو ڪرڻ، ڪُوڙ هڻي حق به کاڌا وڃن ٿا.
ڪُوڙ جي شروعات ڪٿان ٿي ٿئي؟ اُن لاءِ هڪ مثال پيش
ڪجي ٿو.
”جيئن
ڪو ننڍو ٻار گھر ۾ ڪو زيان ڪري ٿو، يعني ڪا شيءِ
ڀڃي ٿو يا والدين کان لڪِي انھن جي ڪا شيءِ چوري
ڪري ٿو. ان ۾ پئسا به اچي وڃن ٿا. لڪِي کپائي ٿو
۽ پُڇڻ جي ڊپ کان ڪُوڙ هڻي ٿو، ته مون ته چوري نه
ڪئي آهي“.
پر جيڪڏهن ان ٻار مان مار جو ڊپ ڪڍي پڇجي، ته
”پٽ!
توکي ڪجھه ڪونه چيو ويندو، سچي ڳالھه ڪري ٻُڌاءِ.“
ته پوءِ اهو ٻار سچي ڳالھه ٻُڌائي ٿو. جيڪڏهن ان
کي شروعات ۾ ئي مار ڪُٽ ڪبي، ته هُو بلڪل به نه
ٻُڌائيندو. بلڪ چوري ٻُڌائڻ جي بجاءِ هڪ ٻيو ڪُوڙ
هڻندو ۽ پوءِ ٽيو.... يعني ڪُوڙ مٿان ڪُوڙ هڻندو
ويندو. يعني هڪ ڪُوڙ کي لِڪائڻ جي لاءِ سوين ڪُوڙ
هڻندو ويندو. اسڪول ۾ به ٻارن کي سچ ڳالھائڻ جي
تلقين ڪئي ويندي آهي. سچ ڳالھائڻ يعني قصو ختم ڪرڻ
۽ سچ ڳالھائڻ سان پريشاني ۽ ڊيگھه ختم ٿي ويندي
آهي.
هيءَ ته ٿي ٻارن جي ڳالھه پر وڏي عمر وارا ماڻھو
به ڪُوڙ هڻي، جھيڙا ڪرائي خوش ٿين ٿا. پر ربّ
تعاليٰ ناراض ٿئي ٿو، ته تو انسانن ۾ فساد پئدا
ڪيو ۽ دليون رنجايون. جيئن هڪ ماڻھوءَ مون کي چيو،
ته فلاڻو ماڻھو توکي گھٽ وڌ پيو ڳالھائي. آءٌ سوچڻ
لڳس ته ان ماڻھوءَ سان، ته مون ڪا بيواجبي نه ڪئي
آهي ۽ نه وري ان سان ڪو منھنجو ميل جول آهي.! اُتي
آهي عقل کان ڪم وٺڻو..... مون ان کي جواب ڏنو، ته
”ادا!
جيڪڏهن اهو ماڻھو مون کي گھٽ وڌ پيو ڳالھائي، ته
آءٌ اُن کان معافي وٺندس. اهو ڪُوڙ هڻڻ وارو ماڻھو
جواب ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويو. وراڻيائين ته هُو توکي
گاريون پيو ڏئي ۽ معافي به اُن کان وٺندين!؟ مون
جواب ڏنو،
”ته
ادا مون ڪا غلطي ڪئي هوندي شايد تڏهن ته هو مون کي
گھٽ وڌ ڳالھائي پيو. اهو ٻُڌي اهو ماڻھو شرمندو ٿي
ويو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو. اهڙا به ماڻھو هوندا
آهن. ان ماڻھوءَ جي مرضي هئي، ته اُن جي ڳالھه ۾
اچي آءٌ به گارگند ڪيان ۽ اها ڳالھه وڃي هُنَ
ماڻھوءَ سان ڪري ۽ جھيڙو ٿئي.
ڪي ماڻھو خواهه مخواهه ڪنھن مان غلط راءِ ڪڍي ٻئي
سان ڳالھه ڪندا آهن، ته فلاڻو ماڻھو رڳو پيو
پرايون گِلائون ڪري. حالانڪه اهو به ڪُوڙ آهي.
ڪنھن لاءِ غلط نظريو قائم ڪرڻ يعني پاڻ سان ڪُوڙ
هڻڻ. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن جھيڙي ۾ اکين ڏٺي احوال کي
فيصلي ۾ ڪُوڙ هڻي چئبو آهي، ته اڳرائي ته فلاڻي جي
هئي. حالانڪ اڳرائي ٻئي جي هوندي آهي. ڪڏهن چوري
ڪندي ڏسبو آهي، ته سچ کي لِڪايو ويندو آهي ۽ پُڇڻ
تي اکين ڏٺي احوال کي لِڪائي ڪُوڙ هڻبو آهي، ته
”مون
ته چوري ڪندي ڪونه ڏٺو“
اهو به ڪُوڙ آهي. ڪُوڙ حق کسڻ لاءِ هنيو ويندو
آهي. ثابت ٿيو، ته ڪوڙي ماڻھوءَ وٽ هر بُرائي
هوندي آهي. جنھن گھر، سنگت يا ماحول ۾ ڪُوڙ هجي،
ته سمجھجي، ته هر بُرائي اتي موجود آهي. اردو ۾
چيو ويندو آهي، ته
”سچ
کا بول بالا“
پيارا ٻارؤ! اچو ته دل مان ڪُوڙ، ڪِينُو ۽ قدُورت
ڪڍي سچ جي راهه وٺون ۽ سچ ئي حق آهي. دنيا ۾ فساد،
جھيڙا، حق تلفيون صرف ڪُوڙ سان ئي وجود ۾ اچن
ٿيون. ربّ تعاليٰ اسان کي سچ ڳالھائڻ جي توفيق
عطا فرمائي ۽ سچن ماڻھن جي صحبت عطا فرمائي. (آمين
ثم آمين.)

حسنين
شعبان ڪولاچي
باڊهه
تعليم سان سماجي
سڌارا ممڪن آھن
سماج ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ هر ماڻھوءَ کي پنھنجو ڪردار
ادا ڪرڻو پوندو. جھڙي طريقي سان ھينئر اسان جو
سماج مختلف پاسن کان ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندو پيو
وڃي. اسان کي انھن شين جي مدد وٺڻ گھرجي، جن جي
ذريعي اسان جي سماج ۾ سُڌارو اچي سگھي، موجوده دور
۾ اسان جو سماج تعليم جي گھٽتائي هجڻ ڪري خرابيءَ
طرف وڌي رھيو آھي، اسان وٽ تعليم ته آھي پر ان
تعليم جو معيار تمام گھٽ آھي، اھو ئي سبب آھي جو
ڪيترا ئي ٻار پنجون پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ
بجاءِ مزدوري ڪن ٿا! ڪيترائي ٻار مختلف سببن ڪري
تعليم ۾ دلچسپي نٿا وٺن، جنھنڪري ھو حال توڙي
مستقبل ۾ معاشري جي چڱائي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا
ڪرڻ کان قاصر آھن تعليم ۾ دلچسپي نه وٺندڙ ۽ تعليم
کان محرومي جا مختلف سبب آھن. ڪن وٽ تعليم جي ڪا
به اهميت نه آهي يا وري ھو تعليم جي اھميت کان اڻ
ڄاڻ آھن.
گھڻا ٻار وري غربت جي ڪري تعليم کان پري پئجي وڃن
ٿا! وري خراب صحبت ۽ ماحول جي اثر ھيٺ اچي وڃن ٿا
، اُهي ان ماحول ۾ رهن ٿا جتي تعليم جا دشمن موجود
آھن، ائين ھو علم دشمنن جي ور چڙهي وڃن ٿا. اھڙي
صورت ۾ اسان جو سماج بگاڙ طرف وڌي رھيو آھي. ھن
صورتحال کي مُنھن ڏيڻ لاءِ سڀ کان پھريان اسان کي
تعليم جي مدد وٺڻي پوندي. تعليم کي سمجھڻو پوندو،
تعليم جي مدد سان ئي سُڌارا ممڪن آھن، تعليم ئي
طاقتور ھٿيار آھي تنھن ڪري علمي شعور وسيلي اسان
سماج ۾ سُڌارو آڻي سگھون ٿا ان ڪري اسان کي تعليم
طرف دلچسپي وڌائڻ گھرجي ان کي سمجھڻ گھرجي محنت
ڪرڻ گھرجي، بھترين تعليم حاصل ڪرڻ سان علمي شعور
ايندو. سمجھڻ گھرجي ته دنيا ۾ جيتري به ترقي ٿي
آهي اها تعليم سان ئي ممڪن ٿي آهي. اسان جي والدين
کي به ان معاملي تي توجھه ڏيڻ گھرجي، پنھنجي يا
معاشري جي ٻين ٻارن تي نظر رکي انھن لاءِ آسانيون
پيدا ڪري پيار ۽ محبت سان تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪن ته
جيئن ھو ڪَنھن منزل تي پھچي سگھن. جيڪڏھن ڪي
والدين غريب آھن ته انھن کي ڪجھه تڪليفن سان منھن
ڏيڻو پوندو.
اھڙن مثالن سان دنيا ڀري پئي آھي ڏکن پٺيان سُک
آھن، ڪاميابي ملڻ بعد رڳو ھڪ فرد نه پر اجتماعي
آساني پيدا ٿي ويندي آھي. بھترين تعليم سان ئي
سماج ۾ سڌارو ايندو تنھنڪري علم حاصل ڪندڙ شاگردن
کي گھرجي ته هو به وڏي شوق ۽ چاھه سان پڙهن، محنت
ڪن. ڇو ته محنت ۾ ئي عظمت آھي ڪاميابي به
محنت ڪرڻ سان ئي ملندي آهي اسان کي تمام وڌيڪ محنت
ڪرڻي پوندي، شاگرد ساٿين ۽ شاگردياڻين کي گھرجي ته
هو تعليم پرائڻ دوران ھمٿ نه هارين. زندگي ۾
ناڪاميون به ملنديون آھن، پر هڪ ڏينھن ضرور
ڪاميابي توھان جا قدم چُمندي، ڪرڻ کان انسان ڪجھه
به ڪري سگھي ٿو ھر شيءِ آسان آھي.
”پاڻ
کي ڪَنھن کان گھٽ نه سمجھو“
جيئن انگريزيءَ ۾ چوندا آھن،
”Don’t
Underestimate yourself“
ته اهڙي طرح ڪا به شيءِ مشڪل نه آهي مشڪل کي آسان
بڻائي سگھجي ٿو ، محنت ۽ حوصلي جي اڳيان ڪا به
شيءِ ڏکي نه آهي.
شاگردن کي گھرجي ته هو بنا ججڪ جي پنھنجي استادن
کان مدد وٺن انھن سڀني شين ۾ استاد جو ھڪ وڏو
ڪردار آھي اڄ يا سڀاڻي جيڪڏھن توھان ڪَنھن به
منزل تي آهيو يا ھوندا ته اھو به پنھنجي استادن جي
ڪري آھيو يا ھوندا، مون ھڪ ڀت تي پڙھيو اُن تي
لکيل ھيو ته
”استاد
بادشاھه ناھي ھوندو، پر بادشاھه بڻائي ڇڏيندو آھي.“
واقعي اُستاد خود بادشاهه ناهي هوندو پر بادشاهه
بڻائي ڇڏيندو آهي، آئون پنھنجي شاگردن ۽ دوستن کي
صلاح ڏيڻ چاھيان ٿو ته هو علم جي حاصلات لاءِ رات
ڏينھن محنت ڪن ۽ پنھنجي قابليت کي ظاھر ڪن، پنھنجو
ٽيلينٽ (Talent)
ڏيکارين، پنھنجي سماج جي سُڌاري لاءِ ڪردار ادا
ڪن، جن شين سان اسان جو سماج خراب ٿيئي ٿو انھن
شين کان پاڻ بچائين اھڙي طريقي سان تعليم ۾ بھتري
ايندي ۽ اسان جي سماج ۾ به سڌارو ايندو.
زين العابدين
سيدو باغ/ ڪنڊيارو
سهڻا اخلاق
·علم
جي تمام گھڻي عزت ڪرڻ گھرجي.
·ماڻھن
کي جواب ۽ ورندي سھڻي ڏيڻ گھرجي.
·عالمن
۽ نيڪ ماڻھن سان محبت رکڻ گھرجي ۽ سندن عزت ڪرڻ
گھرجي.
·دشمن
کان ھميشه ڀؤ (ڊپ) ڪرڻ گھرجي.
·ماڻھن
سان پيار محبت سان ڳالھائڻ گھرجي.
·رُکي
ڳالھائڻ ۽ خراب منھن ڪرڻ سببان دوست به منھن ڦيري
ويندا آهن!
·دشمن
کان خيال نه رکندڙ کي هڪ ڏينھن ڏک ۽ تڪليف سھڻي
پوندي آھي.
·سُٺن
دوستن ۾ ھئڻ ڪري خوش ھئڻ ۽ شڪر ڪرڻ گھرجي.
·داناءُ
آھين ته دشمن کان پري ڀَڄُ
·دوستن
سان گڏ اُٿ ۽ ويھهُ۽ انھن جي صحبت اختيار ڪر.
·پھرين
ھر ڪم ڪار جو طريقو سوچي پوءِ ان ۾ ھٿ وجھه.
(حوالو: ڪتاب شيخ فريدالدين عطاررح جي
پندنامي تان ورتل) |