ھن سک جو ساھه کنيو ۽ سڌو اٿي بيٺي. سلمه فيصلو
ڪيو، ته اھو ھن لاءِ بھتر ٿيندو، ته ٻاھر پنھنجي
والدين تي نظر رکڻ ۽ ھر آواز تي خوفزده ٿيڻ بجاءِ
آرام ڪرڻ وڃي. ھوءَ پنھنجي بستري تي وڃي ليٽي پئي،
جيڪو خواب لڌو ھئائين، ان جي باري ۾ سوچيائين ۽
ائين سوچيندي سوچيندي ٻيھر نيڻ ننڊ جي حوالي ٿي ويس.
***
اشتياق احمد
(قسط: ڏهين)
مترجم: مير سردار چنڙ
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول
{
پنج ٿي رھيا آھن. ڇا ھن وقت سينيمائن ۾ فلم شروع
ٿي وئي ھوندي؟ ھا! ته ٻڌايو اوھان ڪھڙي فلم ڏسڻ
چاھيندو ؟ ھن شھر ۾ دليپ ڪمار جي فلم آرزو جو
اشتھار لڳل آ اھا ڏيکار.
اڇا .....! ٽي وي جو بٽڻ دٻايو. مان اڳيان وڌي بٽڻ
کي دٻايو. ٽي وي آن ٿي وئي..ھاڻ ان جو وڏو گول بٽن
ڦيرائيندو رهه، ان سان پوري شھر جي سينيمائن ۾
ھلندڙ فلمن جا اشتھار اسڪرين تي ايندا ويندا. جيڪا
فلم چاھيو ڏسي سگھو ٿا. جڏھن اوھان جي پسند جي فلم
ھلڻ شروع ڪري، ته بٽڻ ڦيرائڻ بس ڪري ڇڏجو.
ڏاڍو سٺو. مان ايئن ئي ڪيو! ٻئي پل سڪرين تي دليپ
ڪمار جي تصوير نظر آئي جيڪو ڳائي رھيو ھو.
”اي
دل مجهي ايسي جگا لي چل جهان ڪوئي نه ھو“
اڌ بوتل گاسليٽ
محل جي سير تان واپس موٽي اچي، اسان گھر جي مالڪ
کي ٻڌايو، ته اسان ان جو گھر خالي ڪري رھيا آھيون.
پوءِ جن کي حڪم ڏنو ته اسان جو سڄو سامان محل
تائين پھچائي ڏي. پر ان کان پھريان جو جن حڪم جي
تعميل ڪري، ھن چيو ته
”منھنجا
آقا! ھي ڦاٽل ساٽل، پراڻو سامان محل ۾ ڇا ٺھندو ۽
اتي ته پھريان ئي ھر شيءِ موجود آھي.“
اھو به درست آ. بابا چيو. ته پوءِ ھتي اسان ھرڀرو
آياسين. ته پوءِ ھلو! سامان اتي ئي پيو ھجي.اسان
گھر سامان سميت مالڪ جي حوالي ڪيو. اھو خوشيءَ ۾
نه پيو ماپي. ان کان پوءِ اسان ھڪ ڀيرو ٻيهر جن
جي ھٿ تي چڙھي بيٺاسين. جڏھن اسان ان جا وارَ
پڪڙيا ته ان اُڏرڻ شروع ڪيو. اوچتو بابا کي خيال
آيو. مسٽر جن مونکي ڪارين جي ايجنسيءَ وٽ ڊراپ ڪري
ڇڏجان. جن ان جو جملو ڪونه ٻُڌو. ڇاڪاڻ ته ان جو
ھڪ ڪن هميشه هميشه لاءِ ٻُڌڻ ڇڏي ڏنو ھو. ان لاءِ
مان بابا جو جملو ورجايو. بابا کي ڪارين جي
ايجنسيءَ جي سامھون ڊراپ ڪري ڇڏجان.
جي منھنجا آقا جڏھن تون ڊراپ ڪرڻ لڳندين، ته ڇا
شھر ۾ موجود ماڻھو اسان کي ڏسي سگھندا؟ مان پڇيو.
نه! جيسيتائين اوھان منھنجي ھٿ تي موجود آھيو،
اوھان ڪنھن کي به نظر نه ٿا اچي سگھو. ڏاڍو سٺو.
جن بابا کي ڪارين جي ايجنسيءَ جي ويجھو لاٿو ۽
اسان کي محل ۾ وٺي آيو. ان کان پوءِ مان جن کي
موڪل ڏئي ڇڏي. بابا ڪار وٺي آيو، ته اسان سڀئي دل
سان ڪار ۾ ڏاڍو گُھمياسين. پوءِ رات جي وقت شھر جي
سينيمائن ۾ ھلندڙ مختلف فلمون ڏسندا رھياسين. ڪڏھن
ڪھڙي فلم ڏٺي، ته ڪڏھن ڪھڙي! ھڪ دفعي بٽڻ گھمايو
تي ماما لالو ھلڻ لڳو اسان ڊڄي وياسين. جلدي بٽڻ
گھمايو ھن دفعي فھد مصطفيٰ ھڪ عدالت جي ڪٽھڙي ۾
وڏي آواز سان ڊائلاگ ھڻي رھيو ھو. مطلب ته رات جي
پوئين پھر تائين اسان اھو ڪندا رھياسين.
ٻئي ڏينھن جي اخبار پڙھندي خبر پئي ته ان ۾ ٻين
شھرن جي سرن جي ڪيترن ئي بٺن مان سرون چوري ٿيڻ جي
خبر شايع ٿيل ھئي. اخبار ۾ ان ڳالھه تي حيرت جو
اظھار ڪيو ويو ھو، ته بٺن تي سخت چوڪيداري ھجڻ
باوجود لکن جي تعداد ۾ سرون ڪيئن غائب ٿي ويون. ھڪ
اخبار ۾ خيالن جو اظھار ڪيل ھو، ته شايد رات جي
پھر ۾ شھر اندر ڪو زلزلو آيو ھوندو ۽ زمين ڦاٽي
پئي ھوندي! ان جي ڪري سرون زمين ۾ غرق ٿي ويون
ھونديون. ھڪ اخبار وارن جو خيال ھو، ته ٿي سگھي ٿو
چوڪيدارن جي نيت خراب ٿي وئي ھجي ۽ انھن رات جي
پوئين پھر ۾ سرون کپائي ڇڏيون ھجن. جڏھن ماڻھن اھي
خبرون پڙھيون ته ھر طرف ان ڳالهه تي بحث ٿيڻ لڳا.
جيترا وات اوتريون ڳالهيون. اسان جن جي ھٿ تي ويھي
سڄي شھر جو سير ڪيو. ھر طرف سرن جي. چوري تي بحث
ٿي رھيو ھو.
مسٽر جن! ھي تو اسان کي ڪھڙي مصيبت ۾ ڦاسائي ڇڏيو.
توھان مونکي وري مسٽر چيو. تو منھنجي ڳالهه جو
جواب نه ڏنو،
”مان
ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏيندي چيو، توھان محل ٺاھڻ
جو. حڪم ڏنو ھو، مان ٺاھيم ان لاءِ سامان ڪٿان نه
ڪٿان ته آڻڻو ئي ھو. ھمممم...! جيڪڏھن توکي سرون
چورائڻيون ئي ھيون، ته پري وارن شھرن مان چورائين
ھا! ھُن شھر جي پوليس کي ھتي پھچڻ ۾ ڪھڙي دير
لڳندي.
”توھان
پوليس کان ايترو ڇو ٿا ڊڄو.“
جن ڪاوڙ مان چيو. ته ڇا نه ڊڄون! نه ڪا ضرورت
ناھي. جيڪڏھن انھن اسان کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو
ته ڇا ٿيندو؟ منھنجي ھوندي اھي ڪجھه نه ٿا ڪري
سگھن. بھرحال....! جيڪڏھن ھاڻ ڪنھن شيءِ جي ضرورت
پوي، ته ڪنهن پري واري شھر مان کڻي اچجان. توکي
پري وڃڻ ۾ ڪھڙو وقت لڳندو، اُڏي پھچي ويندو آھين.
جي ٺيڪ اڳتي ايئن ئي ٿيندو.
خبر ٿئي! ڪالھه واري اخبار ۾ ايشيا بينڪ مان لکين
روپيا چوري ٿيڻ جي خبر شايع ٿي آھي. ڇپي ھوندي. ان
سان پنھنجو ڇا وڃي. مون کي ڊپ ٿئي ٿو، پوليس اسان
تائين نه پھچي وڃي. وري ساڳي پوليس... مان ڏسي
وٺندس انھن کي به. جن ڪاوڙ مان چيو. اڇا خير! ڏٺو
ويندو.
ببلو پٽ... پنھنجي جن کان گاسليٽ جي ھڪ بوتل ته
گھرائي ڏي. اڄڪلھه ملي ئي نٿو. امان چيو.
امان! ڇا جن اھڙا به ڪم ڪندو. مان دل ۾ چيو. نادر
صبح جو سوير وڃي ٿو، ته منجھد جو گاسليٽ وٺي اچي
ٿو، جن منٽن ۾ وٺي ويندو. ھا ادا، وڏي ڊگھي قطار
لڳل ھوندي آھي، جيئن سينيمائن ۾ لڳل ھوندي آھي.
نادر چيو. الا! مان چوانس ٿو، پر خوف ٿئي ٿو متان!
ناراض نه ٿئي.
تون ھروڀرو ڊڄندو آھين، اھو ته تنھنجو غلام آھي.
بابا چيو. مسٽر.....اوووو. ادا جن صاحب.
(هلندڙ......)
ڪتي جو لاش پاڻيءَ جي سطح تي ترڻ لڳو. ٻن چئن
ڏينھن کانپوءِ لاش سڙي ويو ۽ پيٽ ڦاٽي ويو ۽ پاڻي
بدبودار ٿي ويو. انھي بدبودار پاڻي ۾ ڊڊو ۽ لڊو جو
ساھه ٻُوساٽجڻ لڳو.
ھو مٿي ھٿ کڻي دعا ڪرڻ لڳا ته يا الله ڪيئن به ڪري
ڪنھن کي موڪل ته ھن ڪُتي کي ٻاھر ڪڍن. سندن دعا
قبول ٿي. ھڪ ڏينھن اتان ھڪ قافلو گذريو، کين
پاڻيءَ جي تلاش ھئي، کوھ ڏسي خوش ٿيا. کوھه جي
ويجھو اچي جھاتي پاتائون، ته پاڻي ڏسي خوشيءَ مان
نچڻ لڳا. کوھه ۾ ڏول وڌائون، ڌپ وارو پاڻي ڏسي،
کين مايوسي وڪوڙي وئي. پوءِ به پاڻي ڪڍندا رھيا.
پر ڪُتي ڪڍڻ جو ڪنھن کي به خيال ڪونه آيو.
جڏھن بدبوءِ ناقابل برداشت ٿيڻ لڳي، ھڪ ڀيري ڊڊو ۽
لڊو ڏول ۾ ويھي کوھه مان ٻاھر نڪتا. جڏھن ٻاھر جي
دنيا ڏٺائون، ته حيران ٿي ويا. ڊڊو جي ماءُ جڏھن
جيئري ھئي ۽ لڊو نه ڄائو هو، تڏھن ھڪ دفعي زوردار
برسات وسي ھئي. ان وقت ڊڊو کي سندس ماءُ ٻڌايو ھو
ته جڏھن گھڻو مينھن پوندو آهي ته گھڻو پاڻي ايندو
آهي. مينھن تمام گھڻو پيو ھو ۽ ھر طرف پاڻي ئي
پاڻي ھو. کوھه پاڻي سان ڀرجي ويو ھو ۽ ڊڊو جي ماءُ
کيس ھنج ۾ کڻي کوھه کان ٻاھر آئي ھئي، کوھه جي ڀت
به پاڻي ۾ ٻڏي وئي هئي. وڏا وڏا وڻ به اڌ ٻڏي ويا
ھئا. ڪٿي به خشڪي نظر نه پئي آئي، بس پري پري کان
جبل نظر اچي رھيا ھئا. ڊڊو پنھنجي ماءُ کان ڀڇيو
ھو، امان ھر طرف پاڻي ڇو آھي؟ تڏھن ماڻس ٻڌايو
ھئس، ته پٽ سونامي
(طوفان) آيو آهي. ان وقت ڊڊو کي سونامي
کان ڊپ ٿيو ھو.
لڊو ۽ ڊڊو کوھه کان ٻاھر اچي ويا هئا. پر ھتي وڏا
وڏا جانور ھئا، جڏھن ته ھي ٻئي تمام ننڍڙا ھئا.
ڊڊو کي ياد آيو، جڏهن سونامي آيو ھو تڏھن ماڻس
بابا
’ڪڇون
ڪوما‘
جي گھر ۾ پناھه ورتي هئي. بابا ڪڇون ڪوما وڏي عمر
جو ڪڇون ھو، جنھن جي ڄمار ڪيترائي سؤ سال ھئي.
بابا ڪڇون ڪوما علم جو سمنڊ ھو. جھنگ جي چپي چپي
کان واقف ھو. کيس ھڪ ھڪ وڻ ھڪ ھڪ ٻوٽي جي خبر ھئي
۽ اھا به خبر ھئس، ته ڪھڙي ٻوٽي مان ڪھڙي دوا
ٺھندي آھي. بابا ڪڇون ڪوما جانورن جو ڊاڪٽر ۽ حڪيم
به ھو. ڪو ڊاڪٽر ته ڪو وري کيس حڪيم سڏيندو ھئس.
کيس جھنگ جي پوري تاريخ ياد ھئي. ڊڊو کي ياد آيو،
ته کوھه جي ويجھو ئي سندس گھر ھو.
ھوڏانھن لڊو خوشي ۾ ئي نه پئي ماپيو. ھن پھرين
دفعي جھنگ ڏٺو ھو. جھنگ جي دنيا ھن جي سوچ کان
ڪافي وڏي ھئي، آسمان سندس اندازي کان وڏو ھو.
ويجھو ئي ھڪ خوبصورت پکي اُڏامندي نظر آيس. لڊو
پکي کي جھلڻ لاءِ سندس پٺيان وڃڻ لڳو، ته ڊڊو کيس
جھليو. اڙي ادا ڪيڏانھن ٿو وڃين، ڪنھن جانور جي
پيرن ھيٺيان اچي وئين، ته ڪچومر ٿي ويندين. لڊو
جھنگ گھمڻ لاءِ ڏاڍو اُتاولو ھو، پر ڊڊو پنھنجي
ننڍي ڀاءُ لاءِ فڪرمند ھو. ڊڊو لڊو کي چيو، اسان
کي پھرين بابا ڪڇون ڪوما کي ڳولڻو آھي، ھو ملي
ويو، ته اسان کي رھڻ لاءِ جڳھه به ملي ويندي ۽
پوءِ ھو اسان کي جھنگ جي ھر جانور سان به ملائيندو
۽ جھنگ به گھمائيندو. اڙي ادا بابا ڪڇون ڪوما ڪڏھن
ملندو ۽ ڪٿي ملندو. لڊو تجسس مان پڇيو. جڏھن اسان
کيس ڳولينداسين، امان چوندي ھئي ڳولڻ سان خدا به
ملي ويندو آهي. ڊڊو چيو. ھو ٻئي سڄو ڏينھن بابا
ڪڇون ڪوما کي ڳوليندا رھيا، پر نه مليو. ھو ٿڪجي
کوھ وٽ ويھي رھيا ۽ پري کان جھنگ جي جانورن جون
حرڪتون ڏسڻ لڳا. جڏھن ڪو جانور سندن ويجھو ايندو
هو، ته لڪي ويندا ھئا. لڊو جانورن کي غور سان
ڏسندو هو ۽ پوءِ ٻئي گيت ڳائڻ لڳا. ڊڊو چيو، ھن
جھنگ ۾ شينھن ۽ شينھڻ گڏجي پاڻي پيئندا ھئا. لڊو
چيو، ڇيلا ڊڄندي شينھن کي ڏسندا ھئا. لڊو جو آواز
سُريلو ھو، ڊڊو ڳل تي ھٿ رکي سُر وٺرائڻ لڳو، لومڙ
۽ لومڙي سڄو ڏينھن سُمھندا ھئا. ھاڻي لڊو جو وارو
ھو پر ھو ڪوبه جواب نه ڏيئي سگھيو. اچانڪ سندس ڪنن
تي ڪوئل جو آواز پيو. چيائين ڪوئل ٽاري تي ويھي
ٻوليندي ھئي. ڊڊو وجداني ڪيفيت ۾ ڪُتي جي آواز ۾
چوڻ لڳو، ڪُتا جھنگ جا محافظ ڀوڪندا رھندا ھئا.
لڊو جو وارو ھو، ڊڊو جي ٻُڌايل ڪھاڻي ياد اچي ويس،
چوڻ لڳو، ھاٿي ۽ گينڊو سڄو ڏينھن گڏ گھمندا رھندا
ھئا. ڊڊو چوڻ لڳو، زرافي جي ڊگھي ڳچي تي ڪوئا راند
کيڏندا ھئا. لڊو ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، کيس
ڀولڙا وڻن تي ٽُپ ڏيندي نظر آيا، چيائين، ڀولڙا
وڻن تي ٽپ ڏيندا رھندا ھئا. ڊڊو لڊو سان تاڙي
ملائيندي چيو، جانورن جي ڪرڪيٽ ٽيم به ھئي. لڊو
چيو طوطي مينا جي جوڙي مشھور ھوندي ھئي. ڊڊو لڊو
جي پُٺي تي شاباس ڏيندي چيو، ھن جھنگ ۾ ھر ھڪ سڪون
سان رھندو ھو، لڊو امن جو جھنڊو لھرائيندو هو. ڊڊو
آڏي اک سان ڏٺو، ته لڊو کي ننڊ اچي رھي ھئي. تڏھن
چيائين، لڊو ويچارو قسمت جو ماريل سُمھندو رھندو
ھو ۽ ان ڏينھن لڊو گيت چوندي چوندي سُمھي رھيو ھو.
ننڍو ڀاءُ جڏھن سُمھي رھندو آھي، تڏھن وڏي ڀاءُ وٽ
ڪرڻ لاءِ ڪجھه نه ھوندو آھي ۽ ھو بور ٿيڻ لڳندو
آهي. ڊڊو به بور ٿيڻ لڳو. کوھه جي ڀت وٽ کيس ھڪ
ٿھيلو نظر آيس، پھرين ته ڊڄي ويو ۽ سوچڻ لڳو، ته
ھي ڪھڙي بلا آھي، پوءِ پاڻھي جواب ڏنائين ھي ته
ٿھيلو آھي. سندس ماءُ ٻڌايو ھئس، ته جيڪا شيءِ
حرڪت نٿي ڪري اھا بي جان ھوندي آھي ۽ انھي کان ڊڄڻ
نه گھرجي. اھا ڳالھه ياد آيس، ته چيائين ھلو ٺيڪ
آهي ڏسون ٿا ٿيلھي ۾ ڇا آھي. ٻارن کي نئين شيءِ
ڏسڻ جو تجسس هوندو آهي، ڊڊو به اڃا ٻار ھو، ھو
ٿيلھي جي ويجھو ويو، پھرين چئني پاسن کان ٿيلھي جو
جائزو ورتائين، جڏھن يقين ٿيس، ته ھن ۾ ڪا جاندار
شيءِ ناھي،.......
(هلندڙ.....)
علي محمد پلھه
(قسط: پھرين)
ڳوٺ پلھه/سانگھڙ
مهاڻو ۽ جن!
گھڻي وقت جي ڳالھه آهي، ته بصره جي ويجھو ھڪ غريب
ماڻھو رھندو ھو. ھو جو روز بندر وٽان مڇيون ماري
پنھنجو ۽ پنھنجي ٻارن جو گذر پيو ڪندو ھو.
ھڪ ڏينھن عادت موجب جيئن ڄار وجھيو ويٺو ھو ته
اوچتو ڄار ڳرو ٿي ويو. ھن سمجھيو ته ڪا وڏي مڇي
ڦاٿي آهي. سو خوشيءَ مان ڄار ڇڪڻ لڳو، پرڄار ڇڪجيس
ئي نه پيو. نيٺ جيئن تيئن ڪري هن ڄار کي ٻاهر
ڪڍيو. پر سندس عجب جي حد ئي نه رهي ته ڏٺائين ته
ڄار ۾ مڇيءَ بدران هڪ ٽامي جو شاهي دِلو پيو آهي.
جنھن جو منھن شيھي جھڙي ڌاتوءَ سان بند ٿي پيو آھي
۽ ان تي ڪنھن مُنڊيءَ جو نشان لڳل آھي.
مُھاڻي پھريائين خيال ڪيو ته هن دلي کي بازار ۾
وڪڻي ٽامي جي تور جيترا پئسا ملن سي وٺڻ گھرجن.
پر وري دل ۾ خيال آيس ته پھريائين ان کي کولي ڏسجي
ته اندر ڇا اٿس، سو کڻندي پٿر ان کي ڌڪ هڻي کولي
وڌائين، پر اندر ته ڪجھه به ڪونه هو، دلو خالي هو.
ويچاري جون اُميدون پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويون، سو خار
مان دلي کي کڻي پري اُڇلايائين. اڃان دلو پٽ تي
ڪريو ئي مس ته ان مان ڪاري دونھين مان ھڪ جن جي
صورت ٺھڻ لڳي جنھن جا پير پٽ تي ۽ مٿو آسمان سان
لڳي رھيو ھو. مھاڻي جي اھا حالت ھئي جو ھٿن پيرن
۾ ڳٺڙيون پئجي ويس. ڳالھائڻ بند ٿي ويس. ويچارو نه
ڀڄي سگھي ۽ نه ويھي سگھي!
اتي جن رڙ ڪري چيس، ته مھاڻا خوش ٿي وٺ جيترو ٿيڻو
ھجنئي. ڇاڪاڻ ته ٿورڙي وقت اندر آءٌ توکي ماري
ڇڏيندس. جنھن کان پوءِ تنھنجي ڪابه خواهش باقي نه
رهندي. ائين چئي دلي کي اهڙي ته لت هنيائين جو
فٽبال وانگر اُڏامڻ لڳو. جن جي آواز ۾ اهڙي ته
هيبت هئي جو هن جي ڳالھائڻ وقت زمين لُڏي رھي ھئي!
مھاڻي دل ٻَڌي پر ڊڄندي جن کي چيو، ته اي بي رحم
راڪاس آخر مون کان ڪھڙي خطا ٿي آھي؟ جنھن جي اھا
سزا ملي رھي آھي؟ ڇا توکي آزادي ڏيڻ جو اھو بدلو
ملندو؟ جن جواب ڏنس ته بدقسمت مھاڻا! توکي شايد
خبر نه آهي، آءٌ اهو مغرور جن آهيان جنھن روءَ
زمين جي بادشاھه حضرت سليمان عليھ السلام جي
نافرماني ڪئي هئي ۽ هن ان جي سزا ڏيڻ لاءِ مون کي
پنھنجي ھٿن سان ھن دلي ۾ بند ڪري ۽ مھر لڳائي
درياءَ داخل ڪرائي ڇڏيائين. قيد ٿيڻ کان پوءِ مون
پنھنجي دل ۾ اھو فيصلو ڪيو، ته جيڪو به پھرئين سؤ
سالن ۾ مون کي آزاد ڪندو، ان کي آءٌ مالا مال ڪري
ڇڏيندس. پر ڪنھن به خوشنصيب منھنجي مدد نه ڪئي،
وري به مون ارادو ڪيو ته هاڻي جيڪو مون کي آزاد
ڪندو ان کي سڄي جھان جي غيبي خزانن جو راز
ٻُڌائيندس، پر افسوس ان ڀيري به ڪو ڪونه آيو.
اهڙيءَ طرح ڪئين صديون گذري ويون. آخر مون به ڪڪ
ٿي اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ کان پوءِ جيڪو به مون کي
هن جنجل مان ڇڏائيندو تنھن کي جيئرو نه ڇڏيندس.
ھاڻي توکي تنھنجي موت جو سبب به معلوم ٿي ويو
هوندو.
اُتي مھاڻي ايلاز ڪري چيو، ته او جن خدا جي واسطي
مون تي رحم ڪر!، پر جن پنھنجي ھوڏ تي قائم رھيو ۽
ھن جي ھڪ به نه ٻُڌائين. اُتي مھاڻي دل ۾ خيال ڪيو
ته هونئن ته هن مصيبت مان جان ڪانه ڇُٽندي،
تنھنڪري ڪنھن اٽڪل کان ڪم وٺجي. نيٺ ھڪ رٿ رٿيائين
اها ته کيس اڳ ۾ ئي خبر هئي ته جنن ۾ عقل گھٽ
ھوندو آھي. سو جن کي ڏاڍي عاجزيءَ سان چوڻ لڳو، ته
سائين آءٌ مرڻ لاءِ تيار آهيان. ڇو ته توکي ناراض
ڪرڻ نٿو چاهيان، پر هڪ ڳالھه آهي جيڪا منھنجي
سمجھه ۾ نٿي اچي، اها جي مرڻ کان اڳ مون کي
سمجھائي ڇڏين ته تنھنجي وڏي مھرباني ٿيندي
اھا ڳالھه ڪھڙي آھي؟ جن رڙ ڪري پُڇيس. مھاڻي چيس
ته اها ڳالھه هيءَ آهي، ته تو جھڙو جبل جيڏو مڙس
هن ننڍڙي دلي ۾ ڪيئن پورو ٿي سگھيو!؟ مون کي ته سچ
پچ اعتبار ڪونه ٿو اچي!
ڇا چيئه توکي اعتبار ڪونه ٿو اچي. جن رڙ ڪري چيس.
ڏس توکي ڪري ٿو ڏيکاريان. ائين چئي ڪاوڙ مان پاڻ
کي مٽائي دونھين جي شڪل ۾ ڪيائين ۽ آھستي آھستي ٿي
سمورو اُن دلي ۾ اندر ھليو ويو. مھاڻي اھو وجھه
ڏسي ڊوڙي دلي ۾ هٿ وڌا ۽ حضرت سليمان عليھ السلام
جي مھر وارو ٻُوچ کڻي دلي کي ڏنائين. ان مھر جي
ڪرامت سان جن کي دلي مان ٻاھر نڪرڻ جي طاقت ئي نه
رهي. هاڻي تون مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ. آءٌ توکي
درياءَ جي اهڙي ڪُنڊ ۾ اُڇلائيندس جتي توکي ڪنھن
به بني بشر جو هٿ پھچي نه سگھندو ۽ تون قيامت
تائين انھيءَ دلي ۾ ڳري سڙي مري ويندين.
جن پاڻ کي وري دلي ۾ ڦاٿل ڏسي وڏو شرمسار ٿيو ۽
نماڻائيءَ سان مھاڻي کي آزاديءَ لاءِ منٿون ڪرڻ
لڳو. پر مھاڻي کي هن مٿان رحم نه آيو. جن اهو به
انجام ڪيو ته تون مون کي هن بند مان ڪڍندين، ته
آءٌ توکي مالامال ڪري ڇڏيندس. پر مھاڻي اھو جواب
ڏئي ٽاري ڇڏيس، ته جيڪڏهن آءٌ توکي هتان ڪڍندس، ته
تون وري مون سان اهڙو ڪم ڪندين جھڙو يونان جي
بادشاھه
”دوبان“
جادوگر سان ڪيو. تنھن تي جن پڇيس، ته اهو وري
ڪيئن؟ مھاڻي چيس نه. اها ڪھاڻي ڪانه ٻُڌي اٿئي ته
ٻُڌ.
هزارين سال اڳ يونان جي ملڪ جي بادشاهه کي اچي
ڪوڙهه جي مرض وڪوڙيو. جيتوڻيڪ هن وٽ دنيا جون سڀ
نعمتون ۽ عيش آرام هئا. پر بيماريءَ ھن جو اھڙو ته
بُرو حال ڪيو، جو پنھنجي حياتيءَ مان بيزار ٿي
پيو. ڊاڪٽر، حڪيم آيا ڪيترائي پئسا پاڻيءَ وانگر
وھايا پر ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو. آخر هڪ ڏينھن دوبان
نالي ھڪ جادوگر سندس ملڪ ۾ آيو ۽ بادشاهه جي
بيماريءَ جي خبر ٻڌي سندس درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو.
بادشاهه جي نبض ڏسي چوڻ لڳو، ته آءٌ توهان کي بنا
ڪنھن دوا لڳائڻ جي ھڪ ڏينھن جي اندر چاق ڪري
سگھندس. بادشاھه کي ٻيو ڇا کپندو هو تنھنڪري ھن
جادوگر سان انجام ڪيو ته جيڪڏهن سچ پچ تو ائين ڪيو
ته آءٌ توکي انعامن اڪرامن سان مالامال ڪري
ڇڏيندس.
(هلندڙ......)
سگھڙ فقير محمد قاسم ڪلوڙ جو ٻارن لاءِ ڪيل
شاعريءَ جو ڪتاب
”ٻارن
سان آ پيار“
سيپٽمبر
2024ع
۾
”مھراڻ
ادبي سنگت شڪارپور“
پاران شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھي. ڪتاب جو مھاڳ
ڊاڪٽر محمد شريف شاد سومرو جو لکيل آھي. جڏھن ته
”اداري
پاران“
جي عنوان ۾ سگھڙ فقير محمد قاسم ڪلوڙ جي لکڻي آھي
۽ راقم الحروف (عبدالجبار
”عبد“)
عبدلواسع عبد سھندڙو ۽ شيخ شاھه محمد شاهين جا
رايا پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن، ان کان پوءِ حمّد باري
تعاليٰ سان شاعري شروع ٿئي ٿي. ڪتاب ۾ جملي پنجاھه
شاعريءَ جا اسم آهن، جن ۾ حمّد ۽ نعت کان علاوه
ٻارن جي دلچسپيءَ، تفريح ۽ وندر وارا نصيحت ڀريا ۽
سبق آموز عنوان آهن.
شاعر ڌڻيءَ جي ساراھه ڪندي چوي ٿو، ته
”اسان
کي گھرجي ته الله پاڪ کي ساراهيون ۽ ان جي حڪمن کي
مڃون.
ساراهيون سبحان کي،
مڃيون سندس فرمان کي.
شاعر چوي ٿو، ته
”نبي
ڪريم صلي الله عليھ وسلم سردار ۽ دلدار آهي ۽ بيشڪ
سچو رسولﷺ سڀني جو اڳواڻ آهي.“
ســـــــــردار مــــــحمدﷺ،
دلــــــــــــدار مــــــحمدﷺ،
تــــحقيق سڀــــــنين جــــــو،
ســـــــــــالار مــــــحمدﷺ.
شاعر نماز جي اهميت بيان ڪندي چوي ٿو ته:
”اي
ٻارؤ! نماز اهڙو عمل آهي، جو اها اوهان کي گناهن
کان بچائي ٿي ۽ سڀني کي ربّ پاڪ سان ملائي ٿي.
نماز مؤمن جو معراج آهي ۽ اها سِڌي واٽ تي هلائي
ٿي.“
گناهن کان ٻارو بچائي نماز،
مٺي رب سان سڀ کي ملائي نماز،
نماز آهه، معراج مؤمن سندو،
سڌي واٽ تي ٿِي هلائي نماز.
ماءُ اها هستي آهي، جنھن جي پيرن ھيٺان جنت آھي،
ان ڪري شاعر به چوي ٿو ته:
”ماءُ
جي لولي رحمت ۽ سندس قدمن ۾ جنت آهي.“
”ماءُ
جي لولي رحمت ٻارو، ماءُ جي قدمن جنت ٻارو.“
علم جي اهميت بيان ڪندي فقير محمد قاسم ڪلوڙ چوي
ٿو ته:
”اي
ٻارو! علم هڪ اهڙو وکر آهي، جنھن جي ھر ڪنھن کي
سخت ضرورت آهي، علم ئي انسان کي جرئت ۽ طاقت ڏئي
ٿو علم وارو ئي عالم سڏجي ٿو ۽ جيڪو علم حاصل نه
ٿو ڪري، اهو جاهل (ڄَٽُ) ٿو سڏجي.
علم جي آهي زور ضرورت،
علم ڏئي ٿو جرئت طاقت.
علم وارو ٿو عالم سڏجي،
علم بنا ٿو جاهل سڏجي.
هُو ٻارن کي وقت جو قدر ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ کين
چوي ٿو، ته
”اي
ٻارو! پنھنجو وقت اجايو نه وڃايو، منھنجي انھيءَ
نصيحت تي ڌيان ڏيو، ڇاڪاڻ ته، جيڪو وقت گذري
ويندو، اُهو واپس ڪين ايندو.“
وقت نه ڪريو ذيان اي ٻارو!
هن تي ڌريو ڌيان اي ٻارو!
وقت جو گُذري ويندو ٻارو،
واپس ناهي ايندو ٻارو!
ڪتاب ۾ ٻارن جي نصيحت ۽ تربيت کان علاوه ٻارن جي
وندر ۽ تفريح وارا کوڙ سارا عنوان جھڙوڪ: ڀاڄيون،
چنڊ، ککر، ڪڪڙ، ڪنڀار، پينگھه، ڪانءُ، چوڙين وارا،
ٻڪري، رانديڪا، هاري ۽ سير وغيره شامل آهن. عنوان
جي مناسبت سان ڪتاب ۾ اسڪيچ پڻ ڏنل آهن. جن ڪتاب
جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪيو آهي. اُميد ته هي ڪتاب
ٻارن کي پسند ايندو ۽ ٻار اُن مان سُٺو لاڀ حاصل
ڪندا.
64
صفحن تي مشتمل، رنگين ٽائيٽل واري ڊيمي سائيز جي
هن ڪتاب جي قيمت
100
رپيا آهي. |