



آخوند نور احمد ڏهوٽ (ڦلجي اسٽيشن دادو)
ڏاهو فلسفي ارسطو
پيارا ٻارؤ! اڪيڊمي قديم يوناني زبان جو لفظ آهي.
يوناني فلسفي افلاطون هڪ درسگاهه ٺاهي جنھن جو
نالو
”اڪيڊمي“
رکيو هو. اڪيڊمي ۾ صرف وزيرن ۽ مشيرن جا ٻار ئي
تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري سگھندا هئا. افلاطون
پڙهائڻ لاءِ وڏو معاوضو وٺندو رهندو هو. پڙهائڻ
لاءِ ٻارڙن لاءِ قالين وڇايل هوندا هئا ۽ شاگردن
جي خدمت لاءِ خادم رکيا ويا هئا. افلاطون جڏهن
ليڪچر ڏيڻ شروع ڪندو هو، ته اڪيڊميءَ جا سڀ دروازا
بند ڪيا ويندا هئا. وڏن ماڻھن جي ٻارن کانسواءِ
ڪنھن به عام ٻار يا ماڻھوءَ کي افلاطون جي ڪا به
ڳالھه ٻُڌڻ جي بلڪل به اجازت نه هوندي هئي. هر سال
اڪيڊمي ۾ جلسي ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. جلسي
۾ ٻارڙن جا والدين، بادشاهه، مشير ۽ وزير پڻ شرڪت
ڪندا هئا. جھڙي طرح هاڻي به اسڪولن ۾ فنڪشن ۾
تقريرون ٿين ٿيون، بلڪل ائين ٿيندو هو. جيڪو به
شاگرد سُٺي تقرير ڪندو هو، ان لاءِ بادشاهه ۽
وزيرن طرفان انعام ۽ اڪرام رکندو هو ۽ افلاطون جي
پڙهائي جي خبر به پئجي ويندي هئي. هڪ سال اهڙو
آيو، جو افلاطون جي ڪلاسن جا سڀئي شاگرد نالائق
نڪتا. هن ٻارن تي وڌيڪ سختي ڪئي هئي پر ان جو ٻارن
تي ڪو به اثر نه پيو. افلاطون تمام گھڻو پريشان
هو.
هڪ سال جڏهن هن جي شاگردن جو جائزو ورتو ويندو، ته
جلسي ۾ وڏا ماڻھو هنن تي تنقيد ڪندا. جلسو منعقد
ڪيو ويو ٻارن مان ڪنھن به سُٺي نموني تقرير نه
ڪئي، آخر ۾ هڪ وزير جو پٽ هو، جنھن اٽڪي اٽڪي
ڳالھايو پر مزو نه ٿيو. ماڻھو هڪ ٻئي سان سُس پُس
ڪري رهيا هئا ۽ هي ڏاڍو پريشان ۽ شرمسار هو.
اوچتو هڪ شاگرد جيڪو پراڻن ۽ ڦاٽل ڪپڙن سان اسٽيج
تي چڙهي آيو ۽ افلاطون کي چيائين، جيڪڏهن توهان
مون کي اجازت ڏيو، ته مان ئي تقرير ڪري سگھان ٿو.
اهو ٻار اڪيڊميءَ ۾ پاڻي پياريندو هو. افلاطون ان
غريب ٻار کي چيو، ته
”تو
منھنجو هڪ به ليڪچر نه ٻُڌو آهي، ته تقرير ڪيئن
ڪري سگھندين؟“
ٻارڙي چيو،
”جڏهن
خادم کي ڪڍي دروازا بند ڪيا ويندا هئا، ته مان
دروازي جي وٿِين سان ڪَنُ لڳائي ويھي ليڪچر ٻُڌندو
هئس. توهان جو آواز ڪڏهن هوريان ڪڏهن ڏاڍيان مون
کي ڏکيائي ضرور ٿيندي هئي، پر مان اهو پوري طرح
ياد ڪري وٺندو هئس.“
افلاطون ان ٻار کي تقرير ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
اُن ٻارڙي روانيءَ سان ايڏي ته سُٺي تقرير ڪئي جو
مھمانن سان گڏ افلاطون به حيران ٿي ويو! آخر ۾ ان
ٻار کي انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيو ويو. هن ثابت
ڪري ڏيکاريو. ته افلاطون جي پڙهائي يا ليڪچر ۾ ڪا
به گھٽتائي نه آئي آهي ۽ سڄو ڏوهه شاگردن جو
پنھنجو آهي.
افلاطون ان ٻار کي پنھنجو پيارو شاگرد بڻايو. دنيا
جي تاريخ ۾ اهو ٻار عظيم فلسفي ارسطو جي نالي سان
مشھور ٿيو.
پيارا ٻارؤ! هميشه اسڪول ۾ ڪٿي به پڙهو پر دل سان
پڙهو. وقت جو قدر ڪريو.
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پنھون وسير جي چوٿين
۽ پنجين ڪلاس جي ميگا ٽيسٽ جي امتحان ۾ پوزيشنون
حاصل ڪندڙ ٻارن ۾ انعام تقسيم ڪرڻ واري ھڪ تقريب،
گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪينڊري اسڪول ماٿيلو مومل
جي ماڙي جي (ايف.اي) غلام مرتضى شيخ جي صدارت ۾
ڪوٺائي ويئي. جنھن جو مھمان خاص اسڪول جو ھيڊ
ماستر عبدالحئي ڀٽو ھو. جڏھن ته چوٿين ۽ پنجين
ڪلاس جي ميگا ٽيسٽ جي امتحان ۾ پوزيشنون حاصل ڪندڙ
ٻارن مقدس، خان محمد وسير، ندا، جيئا، فھد علي
وسير، تصور حسين وسير، فرحان علي وسير، عليزه
وسير، شير علي وسير، مھناز، رافعه، ميمونه، مديه،
تھرين، عمران علي ڇڄڻ، اسد علي ڇڄڻ، مظفر علي
وسير، احسان علي ڇڄڻ، طوبه، سڌير احمد ڇڄڻ، ۽
تعليمي ماهر اُستاد غلام مرتضيٰ شيخ، اُستاد
عبدالحئي ڀٽو، محمد عارف گھوٽو، نصرالله ڀٽو،
امانت علي لغاري، عزيزالله لٻاڻو، اُستاد غلام
مرتضيٰ چوهاڻ، ونيش ڪمار، وقار علي ميراڻي، راجيش
ڪمار، پرويش ڪمار ۽ ٻين ڪپ، تغمه، بُڪ، پينسلون
وغيره تقسيم ڪيون. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ شيخ،

عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو، ته تعليم جو
بنياد پرائمري آهي، انھي ڪري پرائمريءَ جي تعليم
تي گھڻي توجھه ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرائمري اسڪولن
کي مڪمل بنيادي سھولتون ڏيڻ سان گڏ اُستادن جي کوٽ
به پوري ڪئي وڃي، جيئن گُلن جھڙا ٻار آسانيءَ سان
پنھنجي تعليم حاصل ڪري سگھن. ڇو ته تعليم هر ٻار
جو بنيادي حق آهي. هنن وڌيڪ چيو، ته سنڌ جو ٻار
وڏو ذهين ۽ هوشيار آهي. انھن جي وارثي ڪرڻ اسان جو
فرض آهي. ٻارن جي والدين کي گھرجي ته اُستادن سان
مڪمل سھڪار ڪرڻ سان گڏ، پنھنجن ٻارن کي اسڪول
پابنديءَ سان موڪلين

۽ پنھنجي ديس جي اسڪولن کي آباد ڪرڻ جي
لاءِ سماج جي ھر فرد کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ
گھرجي. ھن اسڪول جا اُستاد محنتي ۽ ايماندار آھن.
جيڪي ھميشه ٻِارن کي سچائي ۽ مخلصيءَ سان تعليم
ڏين ٿا. اسان جو انھن سان ساٿ ۽ تعاون رھندو.
’ميگا
ٽيسٽ‘
وٺڻ سان ٻارڙن ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ جو جذبو وڌيو آھي.
ھوشيار ۽ محنتي ٻالڪن کي انعام به ڏيڻ گھرجن.
سعديه گل عباسي ڪلاس چوٿون
دي ناليج پبلڪ اسڪول چنيھاڻي
شڪر جي حقيقت
حضرت جنيد بغداديرح کان شڪر جي حقيقت
جي باري ۾ پڇيو ويو، ته پاڻ فرمايائون،
”شڪر
جي حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ جي عطا ڪيل
نعمتن مان ڪنھن به نعمت کي گناهه ۾ استعمال نه ڪيو
وڃي.“
حوالو: (حلية الاولياء)
مجلس ۾ ٽن ماڻهن جو احترام ڪرڻ گهرجي.
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو،
”مجلس
۾ ٽن ماڻھن لاءِ خاص طور تي ڪشادگي پئدا ڪريو.
·وڏي
جي لاءِ، ان جي عمر ۾ وڏي ھجڻ جي ڪري.
·عالم
دين جي لاءِ ان جي علم جي ڪري.
·سردار
جي لاءِ ان جي سرداري جي ڪري.
(شعب الايمان)“
ٽن قسمن جو احسان ته هر ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي.
·ڪنھن
کي فائدو نه ڏئي سگھجي ته نقصان به نه ڏجي.
·ڪنھن
کي خوش نه ڪري سگھجي ته ان کي ڏکائجي به نه.
·ڪنھن
جي سُٺائي بيان نه ڪجي ته ان جي بُرائي به نه ڪجي.
(سميح ابن حبان)
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ڪراچي
خوش رهڻ
چاچي اڪبر جو سوئيڊن کان آيل دوست ڏاڍو ڀلو ۽
دلچسپ ماڻھو هيو. چاچو اڪبر سوئيڊن ۾ پاڪستان جي
سفارتخاني ۾ نوڪري ڪندو آهي. اُن ڪري پنھنجي دوست
کي به سنڌي سيکاري هئائين ٻي ڳالھه اها، ته هتان
جي گرم موسم کي مھمان دل سان قبول ڪري ڇڏيو هو.
هڪ ڏينھن هن ٻارن سان ويٺي ڪچھري پئي ڪئي. انهن
مان هڪ ٻارنهن سالن جي چمپا مھمان کان سوال ڪيو،
ته توهان کي اسان جو ڳوٺ وڻيو؟
”تمام
گھڻو ڀلو“
مان هتي اچي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان ۽ مون کي ڳوٺ ڏاڍا
وڻندا آهن. تنھنڪري ايڏو پري کان اوهان جو ڳوٺ
گھمڻ آيو آهيان. مهمان جواب ڏنو.
پر هتي ته ڏاڍي گرمي آهي ۽ مڇر به تمام گھڻا آهن.
توهان جي ملڪ ۾ ڏاڍي ٿَڌِ هوندي آهي؟ نيلم چيو.
”ها
ڌيءَ!“
مون کي هتي ڏاڍو مزو اچي رهيو آهي. ان ڪري گرميءَ
۽ مڇرن جي ڪا پرواهه ئي ناهي. ٻيو ته هر آبھوا ۾
ڪجھه سُٺيون ڳالھيون به هونديون آهن، ته ڪجھه خراب
به. چوندا آهن، ته
”جھڙو
ديس تھڙو ويس.“
ته مان به هتي ائين ئي رهان پيو، جيئن اوهان رهو
پيا. مھمان چيو.
”پر
انڪل!“
توهان اهو ضرور سوچيندا هوندا، ته اسان ڪيترو نه
پُٺتي پيل آهيون. اعظم چيو هُو سڀني ڇوڪرن مان وڏو
ڇوڪرو هو.
”اعظم!“
توکي اهو خيال وري ڪيئن آيو؟ مھمان حيران ٿيندي
پڇيو.
”اسان
ترقي يافته ناهيون، پر اوهان ته آهيو نه انڪل!“
اعظم وراڻيو.

سوئيڊن کان آيل مھمان ڪجھه دير لاءِ سوچيو ۽ پوءِ
چيائين، ته
”اچو
ته هڪ راند کيڏون. هُو سامھون گدامڙيءَ جو وڻ آهي
نه! اوهان سڀ ٻار اوڏانھن هليا وڃو. اُتي هڪ قطار
ٺاهي سِڌا ٿي بيھي رهو ۽ جڏهن مان سيٽِي وڄايان،
ته اوهان مون ڏانھن ڊوڙڻ شروع ڪجؤ. جيترو تيز ڊوڙي
سگھو ڊوڙجؤ ۽ هتي اچي منھنجي هٿ تي پنھنجو هٿ
لايو. بس، مون تائين ئي اوهان کي ڊوڙڻو آهي.“
ٻارن ائين ئي ڪيو سڀ تيز ڊوڙيا پر ڊوڙ ۾ پھريون
نمبر ايندڙ وڏو ڇوڪرو اعظم نه هو. ڏهن سالن جي
ذيشان سڀ کان پھرين مھمان جي هٿ تي اچي پنھنجو هٿ
رکيو.
مھمان چيو،
”ٻارؤ!
توهان ڪجھه سوچيو، ته مان توهان کي ڇا سمجھائڻ پئي
چاهيو. اصل ۾ هيءَ دنيا ڊوڙ جو ميدان آهي ۽ اسان
سڀ هڪ سؤ ميٽرن جي ڊوڙ ۾ حصو وٺندا آهيون. اسان
مان ڪجھه ماڻھو تيز ڊوڙندا آهن، ته ڪجھه وري
هوريان هوريان ڊوڙندڙ به نيٺ منزل تي پھچي ئي
ويندا
آهن. تنھن ڪري اها ڳالھه هرگز به نه سوچيو ته ڪو
پُٺتي پيل آهي، ته ڪو ترقي يافته يا سُڌريل آهي.
اسان سڀ انسان آهيون. اسان سڀ هڪ ٻئي کان سِکندا
آهيون. پاڻ ۾ ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري جي ذريعي اسان
هڪ ٻئي کان سکِي سگھون ٿا. ڪجھه ڳالھيون اهڙيون
هونديون آهن، جيڪي توهان ڄاڻو ٿا ۽ اسان نه ٿا
ڄاڻون. تنھنڪري هڪ ٻئي جي علم ۽ تجربي مان فائدو
وٺي اسان سڀ سٺي ۽ سُکي زندگي گذاري سگھون ٿا.“

پوءِ مھمان اعظم کي مخاطب ٿيندي چيو، ته
”ياد
رک اعظم! خوش رهڻ ئي سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالھه آهي،
اهو ائين آهي جيئن هڪ گھر يا خاندان جا ڀاتي هوندا
آهن. خاندان ۾ ڪو دولتمند هوندو آهي، ته ڪو وري
غريب ۽ گھٽ پئسي وارو هوندو آهي. ڇا گهر ۽ خاندان
۾ رهي ڪري توهان پاڻ ۾ ڪو فرق ڪندا آهيو؟
اعظم چُپ ٿي ويو ۽ پنھنجي خاندان جي باري ۾ سوچڻ
لڳو. سندس پيءُ امير ماڻھو آهي ۽ چاچو وري گھٽ
شاهوڪار آهي. پر پوءِ به سڀ گڏجي خوش رهندا آهن.
***
چونڊ: اريج شوڪت علي جوڻيجو
ڪلاس (K.G)
ون شاهين پبلڪ اسڪول ٽائڙي/لاڙڪاڻو
سُهڻا سخن
·ذلت
جي زندگيءَ کان عزت جو موت بھتر آهي.
(امام حسن رضه)
·مغرور
۽ دلتمند ماڻھن سان گڏ ويھڻ کان تنھائي بھتر آهي ۽
تنھائي کان بھتر آھي ته نيڪ ماڻھن جي صحبت ۾
ويھجي.
(حضرت ابوبڪر صديق رضه)
·ڪنھن
جي شھرت ٻُڌي ڌوکي ۾ نه اچو.
(حضرت عمر فاروق رضه)
·ماءُ
جي پنھنجي ٻچڙن مٿان ڪاوڙ وقتي ھوندي آهي.
(ورڊزورٿ)
·اگر
آسمان ۾ مشھور ٿيڻ چاھيو ٿا ته پنھنجي واعدي کي
پاڙيو. (شاھه ولي الله رح)
·جيڪو
ڪنھن ڳالھه ڪرڻ جي همٿ نه ٿو رکي ان کي ڪنھن به
شيءِ جي اُميد نه ڪرڻ گھرجي. (نشلر)
·ھيٺاهين
سُٺي شيءِ نه آهي. ڇو ته هيٺ رُخ ڪرڻ واريون
ٽاريون (شاخون) اڪثر وڍيون وينديون آهن.
(آسڪروائيلڊ)
منير حيدر لغاري
شھدادپور
خزانو
سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ
”سن“
۾ فاطمه، موحبه، ۽ مقدس نالي ٽي ذهين ڇوڪريون
رهنديون هيون. فاطمه، موحبه ۽ مقدس پاڻ ۾ بھترين
دوستون هيون. اهي جوڙي بجائي ٽجوڙي سڏجڻ تي خوش
ٿينديون هيون. اها ٽجوڙي هر وقت ڪنھن نه ڪنھن نئين
شيءِ ڄاڻڻ ۾ رڌل ھوندي ھئي. انھن جي زندگي تجسس
سان ڀريل رهندي هئي.
هڪ ڏينھن موحبه ۽ مقدس فاطمه کي پنھنجي ڏاڏَي جي
پُراڻي گھر وٺي ويون ۽ اُتي هُو ٽئي ٽڙيل پکڙيل
شين مان پنھنجي مطلب جون شيون ڳولڻ لڳيون. موحبه
کي پنھنجي ڏاڏَي جِي پُراڻي صندوق مان هڪ نقشو هٿ
آيو. موحبه نقشو کڻي آئي ۽ فاطمه کي چيائين،
”فاطمه!
ڏس، هيءَ ڏس، هي ڏاڏَي جي خزاني جو نقشو آهي!“
موحبه رازداري واري انداز ۾ چيو.
مقدس: نڪو! مون کي ته لڳي ٿو، اهو پراڻي انڌي
کوھه جو نقشو کڻي آئي آهي.
فاطمه: انڌو کوھه! ڇا کوھه کي به اکيون هونديون
آهن؟
مقدس: هائو امان ٻُڌائيندي آهي، پنھنجي ڳوٺ ۾ به
هڪ انڌو کوھه هوندو هو. جيڪو ٻار رات جو روئيندو
يا ضد ڪندو هو، ته کوھه ان کي ڇڪي وٺندو هو.

موحبه: نه ادي ڪو انڌو کوهه ناهي هوندو. کوھه
به
ڪي انڌا ۽ سڄا ٿيندا آهن؟ هون به هاڻ پنھنجي ڳوٺ ۾
ڪو به کوھه ناهي. هي سچِي ۾ خزاني جو نقشو آهي.
فاطمه نقشي کي غور سان ڏسڻ لڳي ۽ ڪجھه دير کان
پوءِ چيائين،
”اهو
ڪو معمولي نقشو ناهي. مون کي لڳي ٿو، ته هي ڪو
قَارُونَ جي خَزاني جو نقشو آهي!“
هنن ٽنھي فيصلو ڪيو، ته اسڪول کان موڪل واري ڏينھن
تي ان خزاني جي ڳولا لاءِ ڳوٺ جي ڀرسان جھنگ ڏانھن
وينديون. موڪل واري ڏينھن اُهي پنھنجي ڳوٺ جي
ڀرسان جھنگ ۾ پھتيون، جتي نقشي جي مدد سان خزاني
کي ڳولي رهيون هيون. هنن ڏٺو، ته هڪ پراڻي وڻ جي
هيٺان هڪ پٿر تي ڪجھه لکيل هو:
”جنھن
کي خزاني جي خواهش آهي، ان کي صبر ۽ عقل کان ڪم
وٺڻو پوندو.“
مقدس کلندي چيو،
”صبر
۽ مان، اهو ته ٿي نٿو سگھي. صبر لاءِ موحبه ويٺي
آهي نه ۽ عقل لاءِ فاطمه باقي دليري ۾ منھنجو ڪو
مَٽ ناهي.
موحبه : اڇا اهڙي ڳالھه آھي ته ٿِي اڳيان.
ها! ڇو نه؟ مقدس چيو. هُو بي خوف گھاٽي جھنگ ۾
داخل ٿي رهيون هيون، جھنگ تمام گھڻو خطرناڪ هو،
عجيب قسم جا ڀوائتا آواز ٻُڌڻ ۾ آيا پئي. مون کي
لڳي ٿو پاڻ کي ھاڻ پوئتي هلڻ گھرجي موحبه وراڻيو.
فاطمه: پر مون کي لڳي ٿو پاڻ کي اڳتي وڌڻ گھرجي.
هائو بلڪل پاڻ کي اڳتي وڌڻ گھرجي مقدس وراڻيو.
موحبه: پوءِ جيڪا گھڻن جي صلاح.
هو بي خوف اڳيان وڌنديون رهيون. اچانڪ جھنگ مان
شينھن جي گجگوڙ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. موحبه فاطمه ۽
مقدس بنا ڪجھه سوچڻ جي کُڙين تي زور رکيو. هو
ڀڄنديون رهيون ڀڄنديون رهيون ۽ اچي چوواٽي تي
ساهِي پٽيائون. شڪر آ خدا جو جان ته بچي. مقدس
سھڪندي سھڪندي وراڻيو.
فاطمه: هائو ادي! خزاني جي پويان جان پئي وئي. جان
ته اڃان به اٽڪيل آهي! موحبه چؤطرف ڏسندي چيو. هُو
هاڻ هڪ اهڙي جڳھه تي پھتيون هيون، جتي تمام وڏو وڻ
هو ۽ ان جي چئني طرفن کان رستا ٿي نڪتا. هاڻ هُو
پريشان توڙي حيران هيون، ته ڪھڙي راهه وٺجي، ڪھڙو
گسُ وٺجي، ڪھڙي واٽ وٺجي جيڪا ڳوٺ پھچائي.
ادي ھيڏانھن ڏسو هن تختيءَ تي ڪجھه نه ڪجھه لکيل
آهي. فاطمه چيو. اوهان جنھن خزاني جي تلاش ۾ آهيو،
ان خزاني جو ڏس اوهان کي انھن پيچرن تان ئي ملندو.
موحبه: مون کي لڳي ٿو، ته هاڻ دير ناهي. اچو ته
قيمتي خزانو هٿ ڪيون.
مقدس: وڃ پنڌ ته کُٽن ئي نٿا، مان ته ٿڪجي پئي
آهيان. اوهان ڀلي خزانو ڳوليو، ٻيلي هٿ اچي ته کڻي
ٿوري ونڊ ڪرائجو.
فاطمه ۽ موحبه جڏهن هڪڙي پيچري تي پھتيون ته لکيل
هو،
”وقت
تمام گھڻي قيمتي شيءَ آهي.“
ٻي پيچري تي لکيل هو، ته
”علم
جو خزانو کُٽڻ جو ناهي.“
ٽين رستي تي لکيل هو، سچي دوستي ڪنھن خزاني کان
گھٽ ناهي ۽ چوٿين رستي تي لکيل هو، ته محبت کان
سواءِ زندگي بيڪار آهي.
موحبه چيو: هي ڇا آهي؟ انھن رستن تي خزاني جو ڪو
ڏس ئي ناهي.
فاطمه چيو،
”ادي
هي اسان لاءِ سبق آهي. وقت، علم، دوستي ۽ محنت ئي
اصل خزانو آهي.“
”حقيقي
خزانو اهو آهي، جيڪو توهان کي زندگيءَ کي، سوچڻ ۽
سمجھڻ لاءِ مدد ڪري. جيڪڏهن توهان هن خزاني جو قدر
ڪندا، ته توهان جي زندگي تمام بھترين گذرندي.“
مقدس کِلندي چيو،
”اهو
ته وڏو خزانو آهي!“
موحبه: جي ها اهو وڏو خزانو آهي، بلڪ قارون جو
خزانو آهي.....
فاطمه: بلڪل موحبه اسان کي گھرجي، ته اسان وقت جو
قدر ڪيون، علم پرايون، دوستن کي مانُ ڏيون ۽ نفرتن
کي ڌِڪاري محبتون ورهائيون.
***
سرمد
عباسي
(قسط: چوٿين)
خانواهڻ/نوشھروفيروز
سپِي، سارنگ ۽ مَتارو
}ٻاراڻو ناول{
ڪجهه دير کان پوءِ ھُو چانھن پِي ٽرڪ ۾ اچي ويٺا.
فواد ٽرڪ ھلائڻ لڳو. جڏھن ته ٻيا سڀُ به ساڻس گڏ،
اڳيان ئي ويھي رھيا. اُڀَ تي ڪارن ڪڪرن جو راڄ ھو.
ڪنھن مھل تِکو ته ڪنھن مھل جَھڪو مينھن ھلندڙ ھو.
متاري تي نِھارَ پوندي ئي سارنگ ويتر ھِيسجي ويو.
ھنَ کي پڪَ ٿِي وئي ته ھاڻي ھُو ڪو نه بچندو. سپي
به ڪجهه وِکُون پوئتي ٿِي وئي ۽ سندس اکين ۾ ڀَئو
ھليو آيو. متارو پنھنجي نالي وانگر ايترو ته ٿُلھو
مَتارو ھو، جو ھنَ جي اچڻَ سان ڄَڻُ گھرَ جو ھالُ
ئي ڀَريل ڀَريل پئي لڳو.
”واهه
سپي تون ته ڏاڍي سُٺي ڇوڪري آھين. مان ته جھنگ ۾
سارنگ کي ڳولي رھيو ھئس، پرَ تو ته منھنجي کاڌي کي
پاڻَ وٽ سنڀاري رکيو آھي.“
متاري، سپيءَ کي پنھنجا وڏا ۽ تِکا ڏندَ ڏيکاريندي
چيو. پوءِ ھنَ پنھنجو وڏو ۽ ڀوائتو مُنھن ھيٺ ڪيو
۽ ميز ھيٺان لڪيل سارنگ ڏانھن ڏسندي ڏاڍي
پنھنجائپَ سان چوڻَ لڳو،
”او
منھنجا پيارا کاڌا. تو مون کي ڏاڍو ڊُڪايو آھي.
منھنجي بکَ وڌِي وئي آھي. مون تي مھرباني ڪر ۽
جلدي ميز ھيٺان نڪر. ته جيئن مان تو کي کائي
سگھان.“
س... س... سپي مون کي بچاءِ. سويرَ تو پاڻَ چيو ھو
ته تون مون کي بچائيندينءَ.“
ميز ھيٺان سارنگ جو ڪَنبندڙ آواز ۾ آيو. سپي. ھيءَ
سٺي ڇوڪري ڀلا ڇا ڪندي؟ ٿِي سگھي ٿو، ته تو کي
کائڻَ کان پوءِ مان ھنَ کي به کائي ڇڏيان. مھرباني
ڪري مون ڏانھن اچ سارنگ. متاري ھيبتناڪ انداز ۾
چيو.
”نه...
نه...“
سارنگ ڪنڌ لوڏي نھڪار ڪندي چيو.
”ايئن
نه ڪر سارنگ. مون کي واپس جھنگ به وڃڻو آھي. ھتي
ته بجلي ڪونھي پر ٻِين ھنڌن تي ٻارَ اُتاوِلائپَ
(بيچينيءَ) وچان منھنجو اوسيئڙو ڪندا ھوندا.“
متاري، پنھنجو ٿُلھو ڪنڌُ ٽي ويءَ ڏانھن ورائيندي
چيو.
سپيءَ پھرين سارنگ ڏانھن ۽ پوءِ ڏاڪڻ ڏانھن
نھاريو. متاري کان بچڻَ جو ھڪ ئي طريقو ھو.
”ڀَڄُ
سارنگَ.“
اُمالڪ (اوچتو) سپيءَ، ڏاڍيان چيو ۽ ڏاڪڻ ڏانھن
ڊوڙَ پاتائين. سپيءَ کي ڏاڪڻ ڏانھن ڊوڙندو
ڏسي،سارنگ به ھمت ڪري ميزَ ھيٺان نڪري، سپيءَ جي
پويان ڊڪڻَ لڳو. ٻِنھي کي ڏاڪڻ ڏانھن ويندو ڏسي،
متارو ڪاوڙجي پَيو ۽ ھنن ڏانھن وڌڻ لڳو. سپي ۽
سارنگ ٻه ٻه ڏاڪا چڙھندا، مٿي درَ وٽ پھچي
ويا.سپيءَ تڪڙ ۾ ڪَڙو لاھي درُ کوليو ۽ ھُو ٻئي
ٽِڪنڊي ڇِت واري صفحي ۾ پھچي ويا. اھو ڪو گھڻو وڏو
صفحو نه ھو. سپيءَ وارا ان ۾ گھرَ جو واڌُو سامان
رکندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن اتي سپي پنھنجي مُنھن کيڏڻَ
لاءِ به ايندي ھئي. صفحي جي کاٻي پاسي، ٻاھر
گھٽيءَ ڏانھن
کُلندڙ
دري ھئي.
”سارنگ
ھيڏانھن اچ. تڪڙ ڪر.“
سپيءَ دريءَ جا تاڪَ کوليندي چيو. دريءَ وٽ ئي
گھٽيءَ ۾ زيتون جو وڻ ھو. جنھن جو گھاٽين ٽارين
سان سَٿيل ھڪ ڏارُ دريءَ کي صفا ويجھو ھو. ڏاڪڻ
ڏانھن کُڙڪن جو آواز اچڻ لڳو. متارو به ڇتِ واري
صفحي ۾ بس پھچڻ وارو ئي ھو.
”اسان
اُنَ ڏارَ وسيلي ھيٺ لھنداسين.“
سپيءَ ھيٺ ويھندي چيو ۽ سارنگ کي پنھنجي پٺيءَ تي
چڙھڻَ جو اشارو ڪيو. ٽارچ، سپيءَ واتَ ۾ جھلي ھئي.
ننڍڙو سارنگ تڪڙ ۾ اڳتي وڌيو ۽ پنھنجون اڳيون
ڄنگھون سپيءَ جي ڳچيءَ جي چؤڦير ڪري لڙڪي پيو.
سارنگ جي ھٿيڪو ٿيندي ئي سپي تڪڙ ۾ اُٿي بيٺي.
ٻِنھي ھٿن سان دريءَ جا تاڪَ سُڪَ ڪري ھوءَ دريءَ
تي چڙھي ۽ ڏاڍي ڌيان سان ڏارَ تي لھي آئي. ڏارَ تي
ايندي ئي سپيءَ، تاڪن مان ھٿ ڪڍي ٽارين کي سُڪَ
ڪري پڪڙيو ۽ پُٺتي نھاريائين. متارو درَ وٽ پھچي
چڪو ھو ۽ ڪاوڙ ۾ ھنن ڏانھن تَڪي رھيو ھو. جلدي ھَل
سپي. متارو اچي ويو. سارنگ، ڊِنل اندازَ ۾ چيو.
سپيءَ، مينھن ڪَڻين ۾ پُسيل ڏارَ تي ڏاڍي ڌيان سان
ھلندي گھاٽين ٽارين ۾ گم ٿي وئي. وڻ جي گھاٽي حصي
۾ ٽاريون سُڪل ھيون. ھوءَ ھمتَ سان ھلندي وڻَ جي
ٿڙَ تائين پھچي وئي. انھيءَ مھلَ ئي کِنوڻ جو
چمڪاٽ ٿيو ۽ گڏ ئي بجلي به اچي وئي. ٿُڙَ واري
ڀاڱي وٽ پھچي،سپي ڏارَ تي ويھي رھي ۽ ٽارچ جي
سُھائيءَ (روشنيءَ) ۾ ھيٺ نھاريائين. پَٽُ گھڻو
ھيٺ ڪو نه ھو.
”سارنگ
ڌيانُ رکجانءِ. مان ھيٺ ٽپُ پئي ڏيان.“
سپيءَ ٽارچ وات مان ڪڍي جُبي جي کيسي ۾ رکندي چيو.
”ھا
سپي.“
سارنگ جو ھِيسيل آواز آيو. سپيءَ دل ۾ الله
سائينءَ کي ياد ڪيو ۽ ھيٺ ٽپو ڏئي ڇڏيو. پٽَ تي
پيرَ لڳندي ئي سپي، مُنھن ڀَر ڪرڻَ لڳي، پر ھنَ
تڪڙ ۾ ٻانھون ڊگھيون ڪيون ۽ ھٿَ، ڌرتيءَ تي ڄمائي
پاڻ کي ڪِرڻَ کان بچائي ورتو. ٽارين جي وچان گذرڻَ
جي ڪري ھن کي ھٿن تي ڪجھه رَھنڊون اچي ويون، پر
انھن ۾ ڪو گھڻو سُور ڪونه پئي ٿيس. سارنگ به ھنَ
جي پُٺيءَ تان لھي آيو. سپي وڻَ کان پاسيرو ٿيندي،
کيسي مان ٽارچ ڪڍي دريءَ واري پاسي ڪئي. سُھائيءَ
۾ ھنَ جي نھارَ متاري تي پئي.ٽارين جي وِٿيءَ مان
سپيءَ ڏٺو، ته متارو دريءَ مان وڻَ تي لھڻَ جي ڪري
رھيو ھو.
”مون
کان بچي ڪونه سگهندؤ.“
متاري،سپيءَ کي ڏندَ ڏيکاريندي چيو.
”پھريان
اتان لھي ته ڏيکار ٿُلھا.“
سپيءَ ٺٺول ڪندي چيو.
”ضرور
سپي. توھان ٻنھي کي جَھٽڻَ لاءِ ٽَپو به ڏيندس.“
متاري چِڙندي چيو ۽ ٻِي گھڙي ھو به ڏارَ تي لھي
آيو. جيئن ته ھُو چِڙيل ھو، سو ٻيو ڪجھه سوچڻَ کان
سواءِ ئي ھن ھيٺ ٽپ ڏئي ڇڏيو. ھُو وڻَ جي ڏارَ ۾
لڳي اُونڌو ٿي ويو ۽ ٽارين ۾ ڦاسندو، اُبتو ئي
ھيٺ اچي ڪريو. ھن جو مٿو سِڌو اچي پٽَ سان
لڳو
۽ پوءِ ھُو پاسيرو ٿِي، اُتي ئِي پيو رھيو.
سپيءَ ھنَ ڏانھن ٽارچ ڪئي ته کيس متاري جي مٿي مان
رت وھندو ڏسڻَ ۾ آيو. جيڪو تيزيءَ سان ڌرتيءَ تي
پکڙجي رھيو ھو. متاري جو مٿو ڦاٽي پيو ھو ۽ ڏاڍو
رت وھي رھيو ھئس. ڀَڄُ سپي. سارنگ رڙ ڪئي.
”ڪيڏانھن
ڀڄون سارنگ ؟ھيءُ ته لڳي ٿو ڪم کان ئي ويو. رت ته
ڏسُ... توبهه“
سپيءَ سارنگ ڏانھن نھاريندي وراڻيو.
”سپي،
تون اسان جو ڪارٽون ڌيانَ سان ناھين ڏسندي ڇا؟
سارنگ، متاري ڏانھن نھاريندي پڇيو.
”اڙي
اھو ڇا پيو چئين؟
”سارنگ
۽ متارو ڪارٽون“
ته مون کي ڏاڍو وڻندو آھي. مان ته ڏاڍي چاھه سان
ڏسندي آھيان. منھنجي بابا جو ٺاھيو آھي.“
سپيءَ ٿوري اچرج مان چيو.
”پوءِ
ته تون کوڙَ ڀيرا متاري کي جبلن جي چوٽين ۽ وڻن
تان ڪِرَندي ڏٺو ھوندو.“
سارنگ چيو.
”ھا،کوڙ
ڀيرا ڏٺو آھي. ھن جا ھڏَ ڪڏَ ٽُٽندي، ڳَڀا ڳَڀا
ٿيندي به ڏٺو آھي.“
سپيءَ وراڻيو. پوءِ؟ سارنگ وري پڇيو.
پوءِ... پوءِ ڇا؟ سپيءَ لاپرواهيءَ سان پڇيو. ھُو
ڏسُ سپي. پوءِ اھو ئي ٿيندو آھي نه؟ سارنگ، متاري
ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
سپيءَ تڪڙ ۾ متاري ڏانھن ڏٺو ۽ ٻِي گھڙي ھن جو وات
پَٽجي ويو ۽ ھوءَ ڪيتريون ئي وکُون پوئتي ٿي وئي.
متاري پنھنجو مُنھن ھنن ڏانھن ڪيو ۽ تڪڙ ۾ بُلُ
ڏيندي اُٿي بيھي رھيو. ھُو پھرين وانگر چُست ٿي
ويو ھو.جيئن ڪارٽون سيريز ۾ جبلن ۽ وڻن تان ڪِرڻَ
کان پوءِ ٿيندو ھو ۽ ھُو وري سارنگ جي ڪڍَ پئجي
ويندو ھو. ھتي به ايڏو ڌَڪُ لڳڻ کان پوءِ، متارو
ٻيھر چاقُ چڱو ڀلو ٿي ويو ھو. متاري جي مُنھن تي
تاءُ پکڙيل ھو ۽ ھُو ڪاوڙ وچان ھنن ٻِنھي ڏانھن
نھارڻ لڳو.
”ھاڻي
ڀَڄون سِپي؟“سارنگ
به پوئتي ٿيندي پڇيو. سپيءَ وائڙن وانگر مُنھن
ھائوڪار ۾ لوڏيو ۽ گھٽيءَ جي مُھڙ واري پاسي ڊُڪڻَ
لڳي.سارنگ به ايئن ئي ڪيو. ھنن کي ڊُڪندو ڏسي،
متاري گجگوڙ جو ھڪ وڏو آواز ڪڍيو ۽ ھنن جي ڪڍَ
ڊُڪڻَ لڳو.
ٽرڪ، وچولي رفتار سان اڳتي وڌي رھي ھئي، روڊَ جي
ساڄي پاسي ڪنھن مھل جبل پئي آيو ته ڪنھن مھلَ گھرن
۽ دڪانن جو سلسلو پئي شروع ٿي ويو. جڏھن ته کاٻي
پاسي گُھگھه اوندھه ۾ ٻُڏل اُونھي کاھي ھئي. ان
پاسي چار فوٽَ مٿانھين پَڪي ڀت به ٺھيل ھئي. جڏھن
صفا ماٺ ھوندي ھئي، ته ھزارين ميٽر ھيٺ وھندڙ
’مھراڻ
نديءَ‘
جي وھڪري جو آواز به ٻُڌڻَ ۾ ايندو
ھو.............
(هلندڙ.....)
مترجم: اظھر آزاد مغل
شڪارپور
ڀيانڪ خواب يا حقيقت
ٿڌي ۽ اونداھي رات ھئي. سلمه دريءَ مان سرسري نظر
وجھي رھي ھئي. ھوءَ ۽ ھن جو ڀاءُ گھر ۾ اڪيلا ھئا.
ڇاڪاڻ جو انھن جا والدين ھڪ پارٽي ۾ ويل ھئا. سلمه
دري جي ھيٺان اوڪڙو ويٺي ھئي ۽ پشم وارو ڪمبل ھن
جي مٿان ڍڪيل ھو. ھن جي ڀاءُ کي ڪافي اڳ ۾ ننڊ اچي
وئي ھئي ۽ ھوءَ لاپرواھه ۽ اڪيلي ويٺي ھئي. ھن
مجبوري وچان پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ سان جاڳڻ
لاءِ چيو، پر ھن کي قائل ۽ آماده ڪرڻ ۾ ناڪامي
نصيب ٿيس. اڪيلي ۽ وسيع چوڪسي سان، ھن پنھنجي
ڪمري ۾ دري جي ٽڪري ويجھو ويھڻ ۽ پنھنجي والدين جي
سخت نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. ھڪ گھڙي لاءِ، ھن
جي ذھن ۾ خيال آيو، ته ھن سڪل سرءُ واري موسم جي
پتن تي پيرن جي قدمن جا آواز ٻڌا ۽ ان نتيجي تي
پھتي، ته اھي ھن جا والدين ھوندا. ھن ٻاھرجي طرف
نھارڻ تي ڌيان ڏنو. ھن پراڻي صحن واري مکيه دروازي
جو گجگوڙ ڪندڙ آواز ٻڌو. ھوءَ گھڙي کن ۾ پنھنجي
والدين سان ويھندي، ھن اھڙي خيال تي ڏند ڪڍي
مُسڪرايو.
پوءِ اوچتو ھن چادر ۾ ويڙھيل ماڻھو ڏٺو، يا ھن ان
کي ماَڻھو سمجھيو! بلڪل اھو ھن جي والدين مان ڪوئي
نه ھيو! اھو ھڪ قسم جو چور ھيو. ھن جي دل تيزي سان
ڌڙڪي رھي ھئي. اھو شخص
اڳين
دروازي طرف وڌي رھيو ھو. ھوءَ خوف وچان ھڪي ٻڪي ٿي
وئي ۽ ھن جو جسم سُن ٿي ويو. ھوءَ اُتان چري پري
نه سگھي ۽ مڪمل طور تي ھيسجي ۽ ڏڪي وئي. اوچتو سڀ
ڪجھه اونداھو ٿي ويو. سلمه تي خوف ۽ دھشت طاري ٿي
وئي. ان کي ڪيترائي منٽ ٿي چڪا ھا جڏھن کان ھن ان
ماڻھوءَ کي ڏٺو ھو. ھن ھُن جي عقل ۽ ھوش حواس کي
کسي ڇڏيو.
سلمه پنھنجو ڪمبل لاھي ڇڏيو. روشنيون واپس اچي
ويون ۽ ھاڻي ھر شيءِ ٻيھر نظر اچي رھي ھئي. ھن جو
مٿو سور سبب ڦاٽي رھيو ھو. ھوءَ مٿي ويٺي ۽ ھن
پنھنجو نڪ دري سان ھنيو، ھيٺ جھاتي پائي ڏٺائين ۽
ھن کي ڪو به نظر نه آيو. مکيه دروازو بند ھيو ۽
پيرن جي قدمن جا ڪي به آواز ٻُڌڻ ۾ نه آيا. ھن جي
ذھن ۾ ڪجھه اچڻ کان اڳ ۾ ھي اھو وقت ھو جڏھن
پنھنجي والدين کي تلاش ڪندي ھن کي ننڊ اچي وئي
ھئي. |